ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا
Notes from Europe
عبدالله مورائي
هتي اسٽاڪهوم (Stockholm) ۾ منهنجو
هڪ جاپان جو دوست آهي، قد ننڍو اٿس پر حوصلا وڏا. هڪ ڏينهن ملاقات ۾ چيائين؛ ”آءٌ
ٻن ٽن هفتن لاءِ نائيجيريا ٿو وڃان.“ مون پڇيومانس؛ ”ڏي خبر! گهمڻ ٿو وڃين ڇا؟“
چيائين؛ ”نه! ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٿو وڃان.“ وڌيڪ چيائين ته؛ ”نائيجيريا ۾ کاڌي
پيتي جي شين جي وڏي گهرج آهي ۽ سيڙپ به گهٽ. سو مون سوچيو آهي ته ڪم اتان کان شروع
ڪيان.“ سندس خيال هو ته اتي وڃي ڪو زمين جو ٽڪرو وٺندس، جتي پالتو ڍورن ۽ جانورن
جو ڪو فارم شروع ڪندس ۽ ٿي سگهي ٿو ڪي نيون شيون اتي متعارف ڪرايان ته جيئن اتي ان
شيءِ جي منڊي شروع ٿي سگهي. مون چيومانس؛ ”واهه! جپاني گڏا تنهنجي لئي. ڪٿي سئيڊن،
ڪٿي جپان، ڪٿي نائيجيريا.“ چيائين؛ ”اهو ڇا چيئي؟“ مون کلندي وراڻيومانس ته؛ ”اهو
معنيٰ اسان جي سنڌي ٻولي! ۾ تو کي گڊ لڪ چيم.“ پاڻ به کلندي رمندو رهيو.