جرمنيءَ جو دورو
ڪجهه يادون
ڊاڪٽر رميش ڪمار
پنهنجي
هڪ جرمني جي دوري دوران فرينڪفرٽ ايئرپورٽ تي پهريون نظارو جيڪو ڏسڻ وٽان مليو هو
اهو اڄ به منهنجي دل ۽ دماغ ۾ تازو آهي. ان جو سبب اُتي ڪجهه ستر جي لڳ ڀڳ هوائي
جهاز هئا، جيڪي انتهائي منظم انداز ۾ فضائي آپريشن ۾ مصروفِ عمل هئا. مون مختلف ملڪن
جي قومي ۽ خانگي ايئرلائينز جي مختلف رنگن جي جهازن جي موجودگي ۾ جيڪا شديد کوٽ
محسوس ڪئي، اها هئي پاڪستان جي قومي ايئرلائن جي جهازن جو اُتي نه هجڻ. ڪنهن زماني
۾ پاڪستان جي قومي ايئرلائن سڄي دنيا جي پسنديده ترين ايئرلائن جي حيثيت رکندي هئي
پر اڄ زوال جو شڪار پي آءِ اي دنيا جي رڳو ۲۱ ملڪن ۾ رسائي ڪرڻ تائين مجبور آهي. يورپ جي مصروف ترين ايئرپورٽس مان ان
جرمن ايئرپورٽ کي اهو منفرد اعزاز حاصل آهي ته دنيا جي پهرين ايئرلائن گذريل صدي
جي شروعات ۾ فرينڪفرٽ ايئرپورٽ ۾ ئي قائم ڪئي وئي هئي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري هوٽل
وڃڻ لاءِ ٽيڪسي هائر ڪئي ته ڊرائيور منهن مهانڊي مان پاڪستاني لڳو. ڳالهه ٻولهه ڪرڻ
بعد خبر پئي ته هونئن ته ناروال سان تعلق رکي ٿو پر جرمن قانون موجب پاڪستاني
نيشنلٽي سرينڊر ڪرڻ کانپوءِ هاڻ جرمن شهري آهي. جرمن دنيا جي انهن ملڪن ۾ سڀ کان اڳڀرو
آهي، جتي ٻٽي شهريت رکڻ قانون طور منع آهي ۽ جرمنيءَ جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ
پنهنجي اباڻي ڏيهه جي شهريت کان موڪلائڻو پوندو آهي. مونکي دنيا جي مختلف ملڪن ۾
پنهنجي دورن دوران پرڏيهي پاڪستانين سان ڳالهين جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي
پر جيڪو ڏک مون ناروال جي هن ڊرائيور جي ڳالهين ۾ ڏٺو، اهو وسارڻ جوڳو ناهي. پاڪستان
جي ناسازگار حالتن کيس هجرت جو ڏک برداشت ڪرڻ تي مجبور ته ڪيو پر پاڪستاني شهريت وڃائي
هاڻ هو نفسياتي طور پاڻ کي ٻين پاڪستانين جي نظر ۾ غير ملڪي سمجهڻ لڳو هو.