Wednesday, April 13, 2011

ڪئالالمپور ۾ ضرور ڏسو - الطاف شيخ


ڪئالالمپور ۾ ضرور ڏسو
الطاف شيخ
هتي ڪئالالمپور شهر جون ڪجهه وڌيڪ ڏسڻ وٽان شين جو مختصر احوال لکندس، جيئن گهر ويٺي توهان کي هن پاسي جي اهم شين جي ڄاڻ ٿي سگهي ۽ ساڳي وقت ڪو ٽوئرسٽ جي حيثيت سان يا ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪئالالمپور اچي، ته هو وقت مطابق هن مان ڪجهه شيون ڏسي سگهي. دراصل سڀ کان بهتر ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به ڌارئين شهر ۾ وڃجي ته ان بابت اڳهين معلومات رکي پوءِ وڃجي، جيئن اتي پهچي اهي شيون معلوم ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪرڻو نه پوي. ڪئالالمپور يا ٻين شهرن ۾ مون گهمڻ لاءِ آيل اهڙا خفتي ڏٺا هوندا، جيڪي اڌ ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن پيا ڀٽڪندا ۽ ماڻهن کان پيا پڇندا ته هن شهر ۾ ڇا گهمجي. هڪ ڏينهن، ڪئالالمپور جي جالان پيراڪ (روڊ) تي، مون کي هڪ پاڪستاني ڪامورو نظر آيو. سلام دعا کان پوءِ پڇڻ لڳو ”سائين هتي جي ڪا اهڙي هوٽل ٻڌايو، جتي حلال کاڌو ملندو هجي.“ هو ٻن ڏينهن لاءِ ڪئالالمپور آيو هو. منهنجي نظرن ۾ هو عجيب ”درويش“ چئبو. هڪ ته ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي هر هنڌ حلال شيءِ ملي ٿي. ويندي ڪيترن چينين ۽ هندن به پنهنجين هوٽلن ۾ مسلمان ملئي بورچي رکي حلال کاڌو شروع ڪيو آهي جو ملڪ جي اڌ آدمشماري مسلمان آهي ۽ ايندڙ ٽوئرسٽن مان گهڻي ڪمائي عربن ۽ ايرانين مان آهي، جيڪي پڻ حلال کاڌو کائين ٿا. سو ههڙي ملڪ ۾ حلال کاڌي لاءِ پريشان ٿيڻ اجايو آهي. پر جي ٽوڪيو، هانگ ڪانگ يا بئنڪاڪ جهڙو شهر آهي، جتي توهان ٻن ڏينهن لاءِ آيا آهيو ته اجايو حلال کاڌي جي هوٽلن جي ڳولا ۾ توهان اڌ ڏينهن ضايع ڪرڻ بدران بهتر آهي ته پاڻ سان آندل ميري بسڪيٽ يا ڀڳڙا کائي مٿان پاڻيءَ جو گلاس پي ڇڏيو. ماڻهو ته روزا به رکن ٿا، توهان جي ٻه ڏينهن رُکي ڊبل روٽي، بسڪيٽ يا مڪئي جو سنگ يا صوف ۽ ڪيلو کائي پيٽ ڀريو ته ڇا ٿيو. توهان جو اهم مقصد ته ان شهر جون اهم جايون ڏسڻ آهي. سو جي توهان ڌارئين ملڪ ۾ واقعي ڪجهه گهمڻ ٿا چاهيو ته صبح جو سوير ئي نڪري پئو ۽ هار سينگار ڪرڻ يا اوچا ڪپڙا پهرڻ تي وقت وڃائڻ بدران ڪا گهڻن کيسن واري پينٽ پائي، جنهن ۾ توهان جو پاسپورٽ، ٻٽون، نقشو ۽ پاڻي جي ننڍي بوتل سمائجي سگهي-- ملڪ جو نظارو ڏسڻ لاءِ نڪري پئو.
ڪئالالمپور شهر اهڙو آهي، جنهن جي ڀلي توهان ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهو، پر بس يا ٽرين رستي توهان 10-15 منٽن ۾ وچ شهر ۾ اچي سگهو ٿا ۽ توهان کي اها معلومات اڳواٽ هجڻ کپي ته ڪهڙي شيءِ ڪٿي آهي. جيئن هڪ هنڌ جيڪي ويجهيون شيون آهن، اهي ڏسي وٺجن، جنهن سان ٽائيم جو بچاءُ ٿي سگهندو. مثال طور ڪو ڪراچي گهمڻ لاءِ اچي ۽ هو ڪلفٽن ڏسڻ وڃي ۽ اتي ئي عبدالله شاهه غازي جي مزار ڏسڻ بدران هو  ايئرپورٽ ڏسڻ هليو وڃي ۽ پوءِ وري سڄو ڪراچي لتاڙي اچي عبدالله شاهه غازي جي مزار تي پهچي ته اها سراسر بيوقوفي ۽ وقت جو زيان ٿيندو. سو ڪنهن به ڌارئين شهر ۾ وڃڻ کان اڳ يا پهچڻ سان، ان شهر جو نقشو وٺجي يا ڪنهن ڄاڻوءَ کان پَني تي ٺهرائجي ته ڪهڙي تاريخي عمارت يا باغيچو ڪهڙي هنڌ آهي.
ڪئالالمپور ۾ ٻن يا ٽن ڏينهن لاءِ آيل مسافر کي ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ڏسڻ لاءِ ضرورSuggest  ڪندس. لاهور کان علاوه انگريزن جون باقي شهرن ۾ ٺهرايل ريلوي اسٽيشنون اسان وٽ کنڊر ٿي ويون آهن، پر ڪئالالمپور، اپوح، سنگاپور، ڪلڪتي، ممبئي، ينگون، ڪمپالا ۽ ممباسا جهڙن شهرن ۾ هي پراڻي زماني جي آرڪيٽيڪٽ جون انگريزن جون ٺهرايل ريلوي اسٽيشنون ڏسڻ وٽان آهن.
ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ”جالان (شاهراهه) سلطان هشام الدين“ تي آهي، جيڪو روڊ انگريزن جي ڏينهن ۾ ”وِڪٽري ايوينيو“ سڏبو هو. هي روڊ اڳيان وڃي ”دامن سارا روڊ“ سڏجي ٿو. ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن ۽ ان جي ڀرسان ريلوي ائڊمنسٽريشن آفيس جي بلڊنگ مشرق ۽ مغرب جي عمارتسازي جو مڪسچر آهي. عربي اسٽائيل، گوٿڪ اسٽائيل ۽ مغل عمارتسازي جو ڏيک ڏيندڙ هي هڪ ٻئي ڀرسان اتاهيون عمارتون، انگريز حڪومت پنهنجي راڄ ۾ 1910ع ۾ ٺهرايون. هنن عمارتن جو ڊزائينر اهو ساڳيو آرٿر بينيسن هباڪ آهي، جيڪو ان وقت ملايا ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هو ۽ هن 1909ع ۾ ڪئالالمپور واري جامع مسجد ۽ ان کان اڳ  1904ع ۾ سٽي هال ٺاهيو. آرٿر هباڪ ان کان اڳ انڊيا ۾ نوڪري ڪري چڪو هو، ان ڪري آرٿر لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هنNeo. Moorish/ Mughal/ Indo Saracenic اسٽائيل جون عمارتون ڊزائين ڪيون آهن.
جتي اسان وٽ انصاف، پوسٽ، پوليس، روينيو جهڙن ادارن کي سائنسي طرح قائم ڪرڻ لاءِ انگريزن کي ڪريڊٽ ڏنو وڃي ٿو، اتي ريلوي جو ڪم به انگريزن ڪيو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان پٺيان سندن ئي غرض هو. هنن انڊيا جي ڪپهه ۽ ٻيو ڪچو سامان ريل رستي ممبئي ۽ ڪراچيءَ آڻڻ چاهيو ٿي، جتان جهاز رستي سولائي سان انگلينڊ پهچايو ويو ٿي. هنن ڪافي ۽ ڪاٺ ڪمپالا کان ممباسا بندرگاهه تائين آڻڻ چاهيو ٿي، جيئن اهو سامان سمنڊ رستي انگلينڊ جي لنڊن ۽ ليورپول بندرگاهن ۾ پهچي سگهي. اهڙي طرح ائمپنگ جي کاڻين مان کوٽايل ٽِن Tin (قلعي) ۽ ٻئي ڌاتوءَ کي ريل ذريعي پورٽ ڪلانگ بندرگاهه پهچائڻ چاهيو ٿي، جيئن اتان آساني سان بحري جهازن ذريعي برطانيا نِيو وڃي. ان غرض سان انگريزن خرچ ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي بيٺڪي راڄن ۾ ريلوي سسٽم جاري ڪيو. منهنجي خيال ۾ پهرين ريل گاڏي 1853ع ۾ ممبئي کان ٿاني شروع ڪئي وئي. ان بعد ٻئي سال 1854ع ۾ ڪلڪتي واري اسٽيشن ٺهي ۽ پوءِ 1860ع ۾ لاهور ۾ ۽ سترهن سالن بعد 1877ع ۾ ينگون (رنگون) برما ۾ ريلوي شروع ڪئي وئي. ان حساب سان ڪئالالمپور ۽ سنگاپور ۾ ڪافي دير سان اسٽيشنون ٺاهيون ويون. ڪئالالمپور ۾ 1910ع ۾ ته سنگاپور ۾ 1919 ۾. دهلي واري ريلوي اسٽيشن جيڪا ڳاڙهي رنگ جي پٿرن سان ٺاهي وئي، جيئن ان کي دهلي واري جامع مسجد ۽ لال قلعي واري ٽچ اچي 1900 ۾ ٺاهي وئي ۽ ممباسا واري ان کان چار سال اڳ 1896ع ۾ ممباسا کان ڪسُومُو شهر تائين شروع ڪئي وئي، جيڪا پوءِ ڪمپالا (يوگنڊا) تائين وڌائي وئي.
بهرحال هتي اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مطلب اهو آهي ته اوڻهين ۽ ويهين صدي جو اڌ آفريڪا ۽ ايشيا جا تقريباً سڀ ملڪ يورپي ملڪن جي قبضي هيٺ رهيا، پر جن ملڪن تي جرمن، اطالوين، فرينچن، ڊچن، پورچو گالين يا ٻين يورپين جو ڪنٽرول رهيو، انهن قبضي هيٺ آيل ملڪن ۾ ريلوي سسٽم جاري نه ڪيو. انگريزن نه فقط ريل جاري ڪئي، پر خوبصورت عمارتن واريون ريلوي اسٽيشنون به ٺهرايون. ممبئي، دهلي، لاهور ۽ ڪئالالمپور جهڙيون ريلوي اسٽيشنون ان جو زنده مثال آهن.
ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن اندر ريلوي ڊپارٽمينٽ طرفان ٺهرايل خوبصورت ”اسٽيشن هوٽل“ نالي هوٽل به آهي، جنهن جا عجيب قسم جا مٿاهين ڇت وارا ڪمرا ۽ فرنيچر ڏسڻ وٽان آهي. ان قسم جا ڪمرا ۽ فرنيچر ننڍي کنڊ جي روينيو ۽ آبڪاري کاتن جي آفيسن ۽ ڍاڪ بنگلن ۾ به نظر اچي ٿو. ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن جي اها هوٽل، اڄ کان هڪ صدي اڳ جي ياد ڏياري ٿي. ملاڪا ۾ رهڻ دوران مون کي جڏهن به ڪئالالمپور کان ريلوي ذريعي بئنڪاڪ يا سنگاپور وڃڻو هوندو هو ته آئون هن ”اسٽيشن هوٽل“ ۾ ئي رات گذارڻ بهتر سمجهندو هوس، جيئن صبح جو سوير ڇٽندڙ ٽرين تي وقت تي پهچي سگهان. شهر ۾ رهڻ سان اهو نقصان ٿيو ٿي جو هڪ ته اتي جون هوٽلون مهانگيون آهن ۽ ٻيو ته صبح جو ڪلاڪ کن اڳ اٿي ڪير ٽئڪسي جي ڳولا ڪري. اسٽيشن هوٽل تي رهڻ ۾ اهو فائدو هو جو ٽرين ڇٽڻ کان فقط  10 منٽ اڳ بئگ کڻي اچي پنهنجي گاڏي ۾ ويهبو هو، جتي ويهڻ يا سمهڻ لاءِ اڳ واٽ سيٽ رزروڊ هوندي هئي.
 بهرحال ڪئالالمپور ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ هتي جي هيءَ ريلوي اسٽيشن ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جون تصويرون اڪثر رسالن ۾ اينديون رهن ٿيون ۽ انگريزن جي ڏينهن جي هيءَ ”اسٽيشن هوٽل“ اڃا قائم آهي، بلڪ ان کي اڃا به بهتر حالت ۾ بڻايو ويو آهي، پر سندس هاڻ نئون نالو ”هيريٽيج اسٽيشن هوٽل“ رکيو ويو آهي. باقي سنگاپور، ٿائلينڊ يا ملائيشيا جي ٻين شهرن ڏي وڃڻ لاءِ هاڻ هن اسٽيشن (ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن) بدران ”ڪئالالمپور سينٽرل“ اسٽيشن تي وڃڻو پوي ٿو، جيڪا 2001ع ۾ هڪ تمام وڏي ۽ مرڪزي اسٽيشن ٺاهي وئي آهي، جتي سڀ ٽرينون اچن ٿيون، جهڙوڪ مونو ريل، KTM، رئپڊ KL وغيره. بهرحال هيءَ مرڪزي ۽ تمام وڏي ريلوي اسٽيشن ڪا پري ناهي. ميل ڏيڍ هيٺ ڏکڻ اولهه ۾ ميريڊين ۽ هلٽن هوٽل وٽ آهي.
جامع مسجد وٽ ئي جتي ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملن ٿيون، اتي ”سلطان عبدالصمد بلڊنگ“ نالي هيءَ آڳاٽي عمارت آرڪيٽيڪٽ ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان ڏسڻ وٽان آهي. هيءَ عمارت بلڪل اتي آهي، جتان جالان راجا لائوت ۽ جالان تئانڪو عبدالرحمان رستا شروع ٿين ٿا. هن بلڊنگ جي بلڪل سامهون، رستي جي ٻئي پاسي ”آزادي جو ميدان“ جنهن کي ملئي زبان ۾ ”داتاران مرديڪا“ سڏجي ٿو ۽ انگريزن جي ڏينهن جو رايل سلينگور ڪلب آهي.
سلطان عبدالصمد بلڊنگ ۾ هتي جي وزارت انفارميشن، ڪميونيڪيشن ۽ ڪلچر جون آفيسون آهن. اڳ ۾ ته هن بلڊنگ ۾ ملڪ جون اعليٰ ڪورٽون به هيون، پر هاڻ سال 2000 کان اهي پتراجايا شهر ۾ شفٽ ڪيون ويون آهن. سرڪاري آفيسن جو هي نئون شهر (پترا جايا)، جنهن ۾ وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن جون به آفيسون آهن، ڪئالالمپور جي بلڪل ويجهو آهي ۽ کيس اوسي پاسي جي شهرن سان بسن ۽ اليڪٽرڪ ريل گاڏين ذريعي ڳنڍيو ويو آهي.
سلطان عبدالصمد بلڊنگ انگريزن جي ڏينهن ۾ اهم سرڪاري آفيسن لاءِ ٺهرائي وئي. هيءَ بلڊنگ ان وقت جي مشهور انگريز آرڪيٽيڪٽ اي سي نارمن ڊزائين ڪئي ۽ 1894ع کان 1897ع تائين ٺهي راس ٿي. نارمن ان کان اڳ انڊيا ۽ آفريڪا ۾ به عمارتن تي ڪم ڪيو هو، سو هن کي مغل ۽ اتر آفريڪي عربن جي عمارتسازي جي ڄاڻ پڻ دماغ ۾ هئي. ان ڪري هن عمارت ۾ اهي سڀ خوبيون نظر اچن ٿيون. آئون به گذريل چاليهه سالن کان هن علائقي مان لنگهندي جامع مسجد ۽ هن عمارت جون تصويرون ڪڍندو اچان. اهڙيون خوبصورت عمارتون اسان وٽ به آهن، پر انهن جي ڀڃ ڊاهه ۽ انهن جي اڳيان انڪروچمينٽ ڪري اهي عيبدار ۽ چتيون لڳل نظر اچن ٿيون، پر شاباس هجي ملائيشيا جي حڪومت ۽ ماڻهن کي جيڪي تڏهن کان هنن تاريخي شين کي سلامت ۽ سهڻو رکندا اچن ۽ نه فقط اسين ايشيائي پر يورپ ۽ آمريڪا جا گورا به هنن عمارتن اڳيان بيهي تصويرون ڪڍائيندا وتن. ان معاملي ۾ انڊيا به سياڻو آهي. انڊيا جي حڪومت به اهڙين شين جي سونهن برقرار رکندي اچي، جنهن ڪري ڌارين ملڪن جي ٽوئرسٽن ۾ انڊيا لاءِ ڪشش پيدا اٿئي ٿي. اسان وٽ ڪوٽڏيجي، حيدرآباد جي قلعي کان مڪليءَ جي قبرستان جي حالت ڏسي سگهو ٿا. اڳئين دفعي حيدرآباد ويو هوس ته علي پئلسCNG  اسٽيشن واري چوراهي وٽ ٽي وڏا ڪاشيءَ جا خوبصورت گلدستا ڏٺا هئم، جن اڳيان مون پنهنجي ڳوٺائي دوست علي نواز ڀُٽي سان گڏ بيهي فوٽو ڪڍرايا هئا. انهن فوٽن ۾ گلدستن جا رنگ اهڙا ته سهڻا آيا هئا جو جپان ۽ ملائيشيا ۾ جنهن به دوست يا شاگرد ڏي موڪليم ته ان واکاڻ ڪئي ٿي ۽ مون ان هنڌ تي بيهي ٻيا به فوٽا ڪڍڻ جو ارادو رکيو ٿي. سو هن دفعي جڏهن حيدرآباد وري آيس ته زيب سنڌي ۽ سائين عثمان منگيءَ کي ان علي پئلس واري چوڪ تي هلڻ لاءِ چيم، جيئن انهن سان گڏ انهن گلدستن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائجن. اسانکي اتي پهچي سخت افسوس ۽ مايوسي ٿي، جڏهن اسان ڏٺو ته انهن سهڻن رنگن وارن گلدستن جي چوڌاري پوسٽر ئي پوسٽر لڳل هئا. دل ۾ مون چيو ته؛ هيءُ اسان جا ماڻهو ڪيڏا ظالم آهن، جن پنهنجي اشتهار بازي خاطر ههڙي سونهن جي ستياناس ڪري ڇڏي آهي. هونءَ به اها شيءِ حيدرآباد ميونسپالٽي يا ڪنهن خيرخواهه جي رکيل هئي، جنهن تي هنن پئسو خرچ ڪيو هو يعني اها انهن جي پراپرٽي هئي ۽ ان پرائي شيءِ تي ڌارئين ماڻهن يا ادارن جو ائين پنهنجا اشتهار هڻڻ نه فقط اخلاقي ڏوهه آهي، پر اسان مسلمانن لاءِ گناهه به آهي. مزي جي ڳالهه اها ته اهي پوسٽر ۽ ڇپيل نوٽس ڪنهن مذهبي جماعت جا ۽ ڪنهن بزرگ جي عرس جي دعوت جا هئا!
آئون عثمان منگي ۽ زيب سنڌي کي وٺي واڌو واهه روڊ تي آيس، جتي اهو هاءِ وي سان ملي ٿو ۽ جتي هڪ خوبصورت گيٽ ٺاهيو ويو آهي. هاڻ مون ان اڳيان پنهنجن اديب دوستن سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ چاهيا ٿي، پر اتي پهچي اتي به اهو ئي حال ڏٺم. ان دروازي تي پوسٽر ئي پوسٽر چنبڙيا پيا هئا، جن مان ڪجهه پوسٽر سياسي پارٽين جا هئا، جيڪي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي حامي ڀرين ٿيون!
بهرحال پاڻ ڪئالالمپور جي هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻي عمارت سلطان عبدالصمد بلڊنگ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا انگريزن پنهنجي راڄ ۾ ٺهرائي ۽ سيلنگور رياست جي ان وقت جي سلطان سر عبدالصمد ابنِ المرحوم راجا عبدالله جي نالي منسوب ڪئي. سلطان عبدالصمد 1804ع ۾ سلينگور رياست جي بُڪت ميلاوتي ۾ ڄائو هو. هن 41 سال 1857ع کان 1898ع تائين (وفات تائين) هن رياست (سلينگور) تي راڄ ڪيو.
سلطان عبدالصمد کان اڳ سلينگور رياست جو سلطان سندس چاچو سلطان محمد شاهه هو. سلطان محمد شاهه وفات کان اڳ ۾ پنهنجو گادي نشين مقرر ڪري نه ويو هو. ملئي ريتن رواجن موجب اهو ئي سلطان ٿي سگهي ٿو، جيڪو شاهي خاندان جي زال مان هجي. هن جا ٻه وڏا پٽ راجا لائوت ۽ راجا سليمان بيحد قابل هئا، پر اهي سندس ڪنيزائن(Concubines)  مان هئا ۽ ٻه ناٺي راجا جمعت ۽ راجا عبدالله خاندان جيRain  شاخ مان هئا، جيڪي پڻ تخت ۽ تاج جا حقدار ٿي نٿي سگهيا، ان ڪري راجا عبدالصمد ئي رهجي ويو، جيڪو وفات ڪري ويل سلطان جو ناٺي به ٿيو ٿي ته ڀائٽيو به. بهرحال هتي مون هي سڀ نالا ان ڪري به لکيا آهن جو انهن جي نالي ڪئالالمپور جا اهم شاهراهه (جالان) آهن ۽ توهان جالان راجا لائوت يا جالان راجا عبدالله وغيره تان لنگهڻ مهل سمجهي سگهو ته اهي مشهور شخصيتون ڪير آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي مسلمانن ۾ پنهنجي سوٽ يا ماسات سان شادي ڪرڻ هڪTaboo  سمجهيو وڃي ٿو، جيئن هندن ۾ آهي. دراصل ان قسم جون هتي جي مسلمانن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون نظر اينديون، جنهن جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي، پر هن علائقي ۾ اسلام کان اڳ هندو ڌرم هجڻ ڪري ان جي ڪلچر ۽ رسمن سان واسطو رکندڙ ڪيتريون ئي ڳالهيون هلنديون اچن. جيئن اسان وٽ ڪيتريون ئي مرڻي پرڻي جون رسمون آهن جن جو مذهب سان ڪو واسطو نه آهي. پر ائين به ناهي ته ان تي هرهڪ عمل ڪري ٿو، جيئن مٿين سلطان لاءِ لکي چڪو آهيان ته هو پهرين سلطان جو ڀائٽيو به هو ته ناٺي به. يعني هن جي شادي پنهنجي سوٽ سان ٿي. هاڻ ته ملائيشيا جي نوجوان ٽهيءَ ۾ هڪ دفعو وري ڪزن سان شادي ڪرڻ عام ٿيندو وڃي، پر ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسان هن علائقي ۾ نوڪري ڪئي يا جهاز هلاياسين ته ٻهراڙي جي ملئي مسلمانن لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هوندي هئي ته منهنجي زال منهنجي ماسات آهي يا مونسان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ ٻيو پاڪستاني پروفيسر ڪئپٽن سليم جي زال سندس سوٽ آهي.
سلطان عبدالصمد نالي ڪئالالمپور ۾ هن بلڊنگ کان علاوه پيتالنگ جايا ۾ سلطان عبدالصمد سيڪنڊري اسڪول ۽ يونيورسٽي پترا ملائيشيا ۾ سلطان عبدالصمد لئبرري پڻ آهي.
ڪئالالمپور جي هن خوبصورت بلڊنگ جي بلڪل سامهون ميدانِ آزادي (داتاران مرديڪا) هڪ تاريخي 8 هيڪٽرن جو ميدان آهي، جتي 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا کي خود مختياري ملڻ تي ملايا جو جهنڊو چاڙهيو ويو ۽ هن ميدان تي هر سال، هن ڏينهن تي، قومي پريڊ ۽ قومي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ 100 ميٽر ڊگهي ڏنڊي تي جهنڊو چاڙهيو وڃي ٿو، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏنڊو Flag- Pole   آهي. هن داتاران مرديڪا جي هيٺان کاڌي پيتي جي اسٽالن جي پلازه پترا نالي هڪ وڏو ڪامپليڪس آهي. جڏهن به توهان گهمڻ جي خيال کان هتي جي ڪجهه آڳاٽين عمارتن مسجد انڊيا يا جامع مسجد اچو ٿا ته اتي ئي چند وکن تي سلطان عبدالصمد بلڊنگ آهي ۽ ان جي سامهون تاريخي ميدانِ آزادي(Dataran Merdeka)  آهي. ملئي زبان ۾ مرديڪا معنيٰ آزادي.
اهي شيون ڏسڻ سان گڏ توهان هتي جو سلينگور ڪلب به ڏسي سگهو ٿا، پوءِ کڻي ٻاهران ئي صحيح. هي هڪ قسم جو سوشل ڪلب آهي، جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ انگريزن جيمخانو ٺهرايو. منهنجي خيال ۾ حيدرآباد وارو جيمخانو 1897ع ۾ ٺهيو هو، جنهن جي سن واري سِر جيمخاني ۾ گهڙڻ سان سامهون نظر اچي ٿي. هي سلينگور ڪلب 1884ع ۾ ٺهرايو ويو، جڏهن انگريزن جو ملايا تي راڄ هو. هن ڪلب ۾ به اسان جي ننڍي کنڊ جي جيمخانن وانگر مڪاني ماڻهن(Natives)  ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي. فقط اعليٰ تعليم يافته ۽ مٿين سوسائٽي جي انگريزن کي ميمبر بنايو ويو ٿي، جن شام جي وقت هڪ ٻئي سان خبرچار، پتي راند يا شراب پيتو ٿي. موڪلن جي ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ پڻ هڪ عام مشغلو هو.
سلينگور ڪلب کي اڄڪلهه ”رايل سلينگور ڪلب“ سڏيو وڃي ٿو ۽ هيءُ، جالان راجا (روڊ) تي آهي. هن ڪلب جي عمارت جي ڊيزائينA.C  نارمن ٺاهي، جنهن سلطان عبدالصمد بلڊنگ جي پڻ ڊيزائين تيار ڪئي. بعد ۾ آرٿر هباڪ به هن ۾ ڦيرڦار آندي. هي اهو آرڪيٽيڪٽ آهي، جنهن ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ٺاهي. هن ڪلب کي ”چٽڪمرو ڪتو“ به سڏيو وڃي ٿو. اهو نالو مٿس انگريزن جي ڏينهن کان پيو جو هڪ انگريز عورت پنهنجن ٻن ڊالميشن ڪتن سان گڏ هتي ايندي هئي. جڏهن پاڻ ڪلب اندر هوندي هئي ته هي چٽڪمرا ڪتا(Spotted Dogs)  ڪلب جي گيٽ ٻاهران چوڪيداري ڪندا هئا.
هونءَ ته ڪئالالمپور ۾ ٻيا به ڪيترائي ان قسم جا هاءِ فاءِ ڪلب آهن، جهڙوڪ گولف ڪلب، پولو ڪلب، ياچ ڪلب، فلائنگ ڪلب، ليڪ ڪلب پر هن رايل سلينگور ڪلب جي پنهنجي اهميت، سونهن، شان ۽ تاريخ آهي. ملاڪا ۾ نوڪري دوران مون کي به هن ڪلب ۾ ڪجهه دعوتن ۾ اچڻ جو موقعو مليو، خاص ڪري ڪئالالمپور جي گلوب سلڪ اسٽور وارن جي وڪيومل لاکياڻي جي شادي جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪا هن بيحد ڌام ڌوم سان ملهائي ۽ سڄي ملائيشيا مان وڏن سياستدانن، ڪامورن ۽ واپارين کي گهرائين. هن دعوت ۾ مون سان گڏ اڏيرو لعل جو اسرار شاهه جيڪو ان وقت PIA   ايئرڪمپني جو ريجنل مئنيجر هو ۽ خيرپور جو ارشاد نبي عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سيڪريٽري اي اين جي عباسي جو ڀاءُ) پڻ هو. هو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ايمبسي ۾ پريس اتاشي هو.
هونءَ هن ڪلب، جامع مسجد، مرديڪا ميدان، سلطان عبدالصمد بلڊنگ ڏسڻ لاءِ توهان ڪٿان به ريل ۾ چڙهي ”مسجد جامع“ اسٽيشن تي لهو ۽ پوءِ پنڌ ئي پنڌ مٿيون جايون گهمندا رهو. پوءِ چاهيو ته جالان (شاهراهه) تئانڪو عبدالرحمان تي دڪانن جو سير ڪريو يا ڏکڻ طرف پيتالنگ اسٽريٽ ۽ چائنا ٽائون ۾ نظارا ڪندا رهو.
رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ننڍڙيون ريسٽورنٽون ۽ گاڏي وارا، مختلف کاڌا وڪڻندي نظر ايندا، جن وٽ ويهي توهان ٻوڙ ۽ ڀت جهڙي شيءِ کائي سگهو ٿا يا هلندي چلندي سئنڊ وچ کائي سگهو ٿا. ههڙن موقعن تي ڪنهن اعليٰ هوٽل ۾ ويهي شان سان ست رڇي کائڻ جا خواب ۽ خيال جيترو پري رکندائو اوترو توهان ٽوئرزم جو لطف وٺي سگهندائو.








  

ڪوالالمپور ۾ ڪيڏانهن وڃجي


ڪوالالمپور ۾ ڪيڏانهن وڃجي
الطاف شيخ
هڪ ٽوئرسٽ جيڪو ٽن چئن ڏينهن لاءِ ڪوالالمپور ۾ آهي، ان کي ان مختصر عرصي ۾ ڇا ڏسڻ کپي؟ منهنجي خيال ۾ کيس پهرئين ڏينهن ئي ملائيشيا جي ماڻهن، سندن مزاج، ڪپڙن گندين، کاڌن پيتن ۽ عمارتن جو جائزو وٺڻ لاءِ جالان تئانڪو عبدالرحمان تي پهچي وڃڻ کپي. ڪوالالمپور ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ ڪا ڏکي ڳالهه ناهي. ڪيترن هنڌن تي توهان واڪ ڪريو، خاص ڪري جهڙالي موسم ۾، نه ته به چوڌاري وڻڪار ۽ اوچين عمارتن ڪري گهٽين ۾ ڇانوَ رهي ٿي. ٻي صورت ۾ ميٽرو ٽرين يا بس ذريعي، هڪ يا ٻن رنگٽن ۾، توهان هڪ هنڌ کان ٻئي تائين پهچي سگهو ٿا.
توهان بس يا ٽئڪسيءَ ۾ جالان تئانڪو عبدالرحمان (روڊ) تي پهچي پوءِ پنڌ ئي پنڌ، هتي جي مشهور سينٽرل مارڪيٽ، مسجد انڊيا، جامع مسجد، مرديڪا اسڪائر، سلطان عبدالصمد بلڊنگ، چائنا ٽائون يا اڳيان اتر ڏي چوڪٽ بازار، پاڪستان مسجد، سکن جو گوردوارو، چينين ۽ ٻڌن جا مندر ڏسي سگهو ٿا. اهو هتي جو پراڻو علائقو آهي يا وري ٻئي پاسي جالان پارليامين ۽ جالان دمانسارا جي وچ واري علائقي ۾ هڪ ٻئي ڀرسان ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ وٽان آهن. ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن کان جي شروع ٿجي، جيڪا ريلوي اسٽيشن به ڏسڻ وٽان آهي، ته اتي ئي آرٽ گئلري آهي، جنهن کانپوءِ هتي جي قومي مسجد آهي، جيڪا مسجد نگارا سڏجي ٿي، ان کان علاوه ان پسگردائيءَ ۾ هي شيون ڏسڻ وٽان آهي:
1.      اسلامي آرٽ ميوزيم
2.      پلينيٽيرم نگارا
3.      پکين جو پارڪ
4.      پوپٽن جو پارڪ
5.      تن عبدالرزاق ميموريل
6.      هرڻن جو پارڪ
7.      ريڪريش پارڪ
8.      نئشنل ميوزيم
9.      نئشنل مانومينٽ ۽ اسڪلپچر پارڪ.
ميوزيم چاهي هنن جو قومي هجي يا اسلامي، اسان جي ملڪ  جا ماڻهو گهٽ وڃن ٿا. اتي گهڻي ڀاڱي يورپي گورا نظر اچن ٿا. اهڙين شين سان اسان جي ماڻهن جي دلچسپي گهٽ آهي. بهرحال اسان جي ماڻهن لاءِ جيڪي شيون اهميت رکن ٿيون يا کين اتي پهچي خوشي ٿئي ٿي ۽ جن لاءِ آئون پاڻ به recommend ڪندس، انهن جو مختصر احوال لکان ٿو.
مسجد انڊيا:
’جالان تئانڪو عبدالرحمان‘ روڊ سان لڳولڳ اوڀر ۾ جالان مسجد انڊيا آهي جنهن تي هيءَ ”مسجد انڊيا“اُڪريل آهي. هيءَ مسجد 1870 جي ٺهيل آهي يعني تڏهن جي ٺهيل آهي جڏهن ڪوالالمپور شهر جي شروعات ٿي هئي ۽ ڌارين ملڪن جا مزدور خاص ڪري چين جا، هتي ٽين جي کاڻين جي کوٽائي لاءِ اچڻ شروع ٿيا هئا. انڊيا جي ڏاکڻي علائقي جي تاملن جو ملايا پاسي اچڻ ڪافي وقت کان هو پر شروع شروع ۾ هو فقط ملاڪا، پينانگ ۽ سنگاپور آيا ٿي جيڪي علائقا انگريزن جا ڄڻ ته زرخريد هئا. پوءِ ملايا جي ٻين رياستن تي به جيئن ئي انگريزن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح قبضو ٿيڻ لڳو ته هنن انڊيا کان مزدورن جو وڏو تعداد گهرائڻ شروع ڪيو جن کي ڪمند ۽ ڪافي جي پوکن ۾ هارپي ۾ لڳايو ويو، بعد ۾ رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک پڻ شروع ڪئي وئي. هن مسجد جي اوسي پاسي وارين گهٽين ۾ انڊين ۽ پاڪستاني تمام گهڻا رهن ٿا ۽ جيئن سنگاپور ۾ سرنگون روڊ وارو علائقو لِٽل انڊيا سڏجي ٿو تيئن جالان مسجد انڊيا (روڊ) جي آسپاس واري علائقي کي هتي جو Little India سڏجي ٿو. هتي توهان کي انڊيا جي بنارسي ساڙهين، راجستاني وڳن کان بالي ووڊ جي فلمن جون سي ڊيون، آچار، مسالا، چوڙيون ۽ ڪوڙا ڳهه ملي ويندا. ان کان علاوه هتي جي ريسٽورنٽن ۽ گاڏي وارن وٽ ننڍي کنڊ جو هر قسم جو کاڌو ملي ٿو.
جامع مسجد: (Masjid Jamek)
ڪوالالمپور جي هيءَ جامع مسجد، جيڪا شهر مان وهندڙ ڪلانگ ۽ گومباڪ ندين جي سنگم وٽ آهي، هن شهر جي آڳاٽين مسجدن مان هڪ آهي. هن مسجد کي ٺهڻ ۾ ٻه سال لڳا ۽ 1909ع ۾ ٺهي راس ٿي، جنهن جو افتتاح سلينگور رياست جي سلطان ڪيو. مسجد نگارا کان اڳ هيءَ مسجد ڪوالالمپور جي اهم مسجد سمجهي وئي ٿي جتي ملڪ جا اهم ماڻهو جمعي ۽ عيد نمازن تي آيا ٿي. هن مسجد جي ڊيزائين، انگريز راڄ جي برٽش عمارتساز (آرڪيٽيڪٽ) آرٿر بينيسن هباڪ تيار ڪئي. آرٿر ملايا جي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊئريڪٽر هو. هن انگريز عمارتساز جون ڪوالالمپور ۾ ڪيتريون ئي ڊيزائين ڪيل بلڊنگون اڄ به دنيا جا ٽوئرسٽ ڏسڻ اچن ٿا. جيئن ڪراچيءَ جي ميونسپل ڪارپوريشن، ڊي جي سائنس ڪاليج ۽ ايمپريس مارڪيٽ جهڙين عمارتن کي دنيا جو ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. آرٿر (Arthur Benison) جي ڊيزائين ڪيل هڪ عمارت سلطان عبدالصمد بلڊنگ ته بلڪل هن مسجد جي ويجهو آهي. اپوح ۽ ڪوالالمپور جي ريلوي جي بلڊنگ به هن همراهه جي ڊيزائين ٿيل آهي. ڪئالا ڪنگسار جي ابوديا Ubudiah مسجد ۽ ڪوالالمپور جو رايل سلينگور ڪلب جون عمارتون به هن انگريز انجنيئر جون ڊيزائين ٿيل آهن ۽ سندن اسٽائل ۾ توهان کي ڪافي هڪجهڙائي نظر ايندي. ڪوالالمپور جي هن جامع مسجد ۾ پهچڻ لاءِ توهان ڀر واري اسٽيشن تي اچي سگهو ٿا، جيڪا هن مسجد جي نالي سان ”مسجد جامع LRT اسٽيشن“ سڏجي ٿي. ڪيلانا جايا، سري پيتالنگ ۽ ائمپنگ لائين جون ريل گاڏيون هن اسٽيشن تان لنگهن ٿيون. بلڪ مسجد انڊيا وڃڻ لاءِ به هن اسٽيشن تي لهڻ کپي. هيءَ اسٽيشن جالان تن پيراڪ روڊ تي، ان هنڌ وٽ آھي، جتي درياهه ڪلانگ اتر کان ايندڙ ٻئي درياهه گومباڪ سان ملي ٿو. ان سنگم وٽ، هيءَ مسجد جامع پڻ آهي. اهي ٽوئرسٽ جيڪي ڪوالالمپور ۾ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ اچن ٿا، تن کي به آئون اها صلاح ڏيندس ته هو چاهي ڪٿي به رهيل هجن، ٽرين ذريعي هن اسٽيشن (مسجد جامع LRT اسٽيشن) تي پهچي پوءِ واڪ ڪري جامع مسجد اچن. مسجد جي عمارتي ڊيزائين ۽ سونهن پسڻ کان علاوه هن علائقي ۾ ايندڙ ويندڙ مڪاني ۽ فارينر مرد ۽ عورتن جي مختلف لباسن، ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو. ٿورو مٿي اتر طرف هلڻ سان جالان منشي عبدالله آهي، جنهن جي ساڄي پاسي جالان انڊيا ۽ مسجد انڊيا آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته هن مسجد جو ملئي ۾ نالو Masjid Jamek کي گهڻا ماڻهو مسجد جاميڪ سڏين ٿا پر ملئي ۾ ان K جي اچار کي ع پڙهڻ کپي. جيئن ملئي جو هڪ لفظ آهي ”معلومات“ جيڪو اسان وٽ به ساڳيو آهي پر ملئي زبان ۾ Maklumat لکيو وڃي ٿو پر پڙهيو ”معلومات“ وڃي ٿو. مسجد انڊيا جي عمارت عرب مورس ۽ مغلن جي عمارت سازي جو مڪسچر آهي. چون ٿا ته هن مسجد جي ڊيزائنر آرٿر بينيسن هيءَ مسجد دهليءَ جي جامع مسجد مان متاثر ٿي ٺاهي. جنهن هنڌ تي هيءَ مسجد آهي، هي اهو هنڌ آهي جتي جڏهن ڪوالالمپور شهر جي شروعات ٿي هئي ۽ چين مان مزدور آيا هئا ته هنن هن هنڌ تي جهوپڙيون ٺاهي پنهنجو هنڌ بسترو رکيو. ان بعد هنن اندر جنگل ۾ وڃي، جتي هاڻ ائمپنگ وارو علائقو آهي، کاڻين جي کوٽائي شروع ڪئي.
”مسجد جامع ريلوي اسٽيشن“ جي اتر ۾ مسجد انڊيا آهي ته ڏکڻ ۾ چائنا ٽائون ۽ سينٽرل مارڪيٽ پڻ آهي، جيڪي ٻئي شيون پڻ گهمڻ لائق آهن. سينٽرل مارڪيٽ جي عمارت 1928ع جي ٺهيل آهي، جنهن جي ڊيزائين تي ايوارڊ به ملي چڪا آهن. هيءَ شروع ۾ ممبئي جي ڪرائفرڊ مارڪيٽ ۽ ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ وانگر هئي، جتي بيضن، ڪڪڙين کان وٺي هر قسم جو گوشت ۽ ميوو ڀاڄيون مليا ٿي. هاڻ اهي سڀ شيون ڀر ۾ چوڪٽ مارڪيٽ ۾ ملن ٿا. سينٽرل مارڪيٽ کي گذريل صدي جي اسي واري ڏهي جي آخري سالن ۾ هڪ بند مارڪيٽ ڪري ان کي مڪمل طور ايئرڪنڊيشنڊ ڪيو ويو آهي ۽ هن ۾ هيٺ مٿي هاڻ فقط آرٽ جون شيون ملن ٿيون. ڪيترا آرٽسٽ اتي ئي ويٺا تصويرون ٺاهين، پٿر جون مورتيون، پينٽنگ، اسڪيچ ورڪ، ڌاڳي ۽ سٽ جو ڪم ۽ ٻيا ڪم.
جهاز تي اچڻ دوران يا ملاڪا ۾ رهڻ دوران ڪوالالمپور جڏهن به ايندو هوس ته چوڪٽ، مسجد انڊيا روڊ، چائنا ٽائون ۽ هن سينٽرل مارڪيٽ جو چڪر ضرور هڻندو هوس. ڳوٺ جي ننڍن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پينسل ورڪ، واٽر ڪلرنگ، آئل پينٽنگ ۾ عجيب شيون ٺاهيندو ڏسي حيرت ٿيندي هئم. آئون اهڙن ماڻهن کي هميشه اهم سمجهندو آهيان، جن کي قدرت آرٽ جي ڪم ۾ ذهين بنايو آهي. جن جو ذهن Creative آهي، هينئر به سينٽرل مارڪيٽ جو چڪر هنيم. گرائونڊ فلور جو چڪر هڻي پوءِ ٻاهر مختلف کاڌن جي اسٽالن مان هڪ تي ويهي چانهه جو گلاس پيتم. هاڻ چانهه سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ملي، ٿي نه ته 1985ع تائين به چانهه ڪا ورلي ملي ٿي. جتي ڪٿي ڪافي هلي ٿي. پوءِ ٽوئرسٽن جي وڌڻ سان گڏ انهن جي ذائقي جو خيال رکيو ويو. مون کي ياد آهي ته چانهه جي ٻاڙ کڻندي هئي ته ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ڏي ڀڄندو هوس، جتي انگريزن جي ڏينهن کان اسپيشل چانهه جو رواج هلندو اچي، جنهن بابت پنهنجي هڪ سفرنامي ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ۾ لکي چڪو آهيان.
پاڪستان مسجد وٽ به هڪ پنجابي گاڏي وارو دوڌ پتي چانهه کان مشهور هو. هن اونڌو تئو رکي ان تي گرم گرم ماني به پچائي ڏني ٿي. هو ٽن قسمن جا ٻوڙ خاص ڪري مڪسڊ ڀاڄي، دال ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ گهران رڌي ديڳڙن ۾ کڻي آيو ٿي. اسان سندس گاڏي جي چوڌاري بيهي کائيندا هئاسين. پاڪستان مسجد جي ڀرسان چينين جا ڪيترائي مسافر خانا هوندا هئا، جنهن جي مسواڙ 10-15 رنگٽ مس هوندي هئي، جن ۾ ملائيشيا جي ڳوٺن جا ملئي يا اسان پاڪستاني اچي رهيا هئاسين. ڀر ۾ تعليم کاتي جي آفيس هئي ۽ هنن مسافرخانن ۾ گهڻي ڀاڱي ملائيشيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماستر به اچي رهيا ٿي، جن کي پنهنجي پگهار، پروموشن يا بدلي لاءِ ڪوالالمپور اچڻو پيو ٿي.
ڪوالالمپور جي سينٽرل مارڪيٽ ”جالان بينتينگ“ تي آهي. ان کان هيٺ ڏکڻ ۾ اچبو ته هتي جي وڏي ۽ قومي مسجد نگارا آهي. ملئي لفظ نگارا يا نغارا جي معنيٰ قومي آهي، جيئن بئنڪ نگارا معنيٰ نيشنل بئنڪ، زونگارا معنيٰ نيشنل زو. اهڙي طرح ملئي لفظ نيگري جي معنيٰ رياست آهي. نيگري سلينگور يا سلنغور، نيگري پيراڪ، نيگري جوهور وغيره. هڪ رياست جو ته نالو ئي آهي نيگري سيمبيلان يعني ”نمبر نائين رياست“! سڄي ملائيشيا (اوڀر ۽ اولهه ملائيشيا) ۾ ٽوٽل 13 رياستون آهن، جن مان ٻه صباح ۽ سراواڪ اوڀر ملائيشيا ۾ آهن، جيڪو بورنيو ٻيٽ جو حصو آهي. اولهه ملائيشيا جيڪو ٿائلينڊ کان سنگاپور تائين آهي، ان ۾ يارهن رياستون آهن، جن مان فقط نون ۾ سلطان آهن، جيڪي واري وٽي تي سڄي ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا ۽ ٻن رياستن ملاڪا ۽ پينانگ ۾ گورنر مقرر ڪيا وڃن ٿا. ائين ته هن ملائيشيا ۾ هڪ ٻي به رياست هئي، يعني ٻارهين رياست سنگاپور هو، جنهن کي پوءِ ڌار ڪيو ويو. هي يارهن رياستن وارو مغربي ملائيشيا 1957ع تائين ملايا سڏبو هو، پر پوءِ صباح ۽ سراواڪ ملڻ تي هن جو نالو ملائيشيا رکيو ويو.
بهرحال پاڻ مسجد نگارا جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا 1965ع ۾ ٺهي ۽ ملڪ جي اهم ۽ وڏي مسجد چئي وڃي ٿي، جنهن ۾ ملڪ جو وزيراعظم، سلطان ۽ بادشاهه توڙي ڌاريون اهم شخصيتون نماز پڙهڻ لاءِ اچن ٿيون.  ڪيترائي غير مسلم ٽوئرسٽ هن مسجد جي عمارتسازي جو ڪم ڏسڻ ۽ تصويرون ڪڍڻ لاءِ اچن ٿا. مسجد جامع ۾ ٽي هزار کن ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا، پر هن ”مسجد نگارا“ ۾ هڪ ئي وقت پندرهن هزار کن نمازي نماز پڙهي سگهن ٿا. هن مسجد جي چوڌاري 13 ايڪڙن تي باغيچو پڻ آهي. مسجد جي عمارت جي ڊيزائين هاورڊ ائشلي نالي هڪ انگريز آرڪيٽيڪٽ ۽ ٻن ملئي انجنيئرن هشام البڪري ۽ بهاردين قاسم تيار ڪئي. هن مسجد جي خاص شيءِ 73 ميٽر منارو ۽ 18 ڪنڊن جي تاري جي ڪنڪريٽ ڇت آهي. هيءَ مسجد جڏهن ٺهي رهي هئي ته هن جو نالو ”مسجد تنڪو عبدالرحمان پترا الحاج“ ملڪ جي پهرين وزيراعظم ۽ ملايا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ جي نالي منسوب ڪئي وئي، پر تنڪو عبدالرحمان پاڻ ئي ان نالي لاءِ منع ڪئي ۽ مسجد جو نالو ”مسجد نگارا“ تجويز ڪيو. هن مسجد لاءِ هميشه ملڪ جي ڪنهن عالم کي امام بڻايو ويندو آهي. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون هن مسجد ۾ ايندو هوس ته داتو حاجي احمد شاحر ابن حاجي دائود هو. هينئر تان سري داتو شيخ حاجي اسماعيل آهي، جنهن ٻڌايو ته هو فيبروري 2007ع کان هن مسجد جي امامت جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن مسجد ۽ جامع مسجد ۾ عيدن تي يا جمعي نماز تي خطبو ملئي زبان ۾ پڙهيو وڃي ٿو، باقي مسجد انڊيا ۾ ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جي گهڻائي هجڻ ڪري تامل زبان ۾ خطبو پڙهيو وڃي ٿو.
جامع مسجد لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن جي نماز پڙهڻ واري هال کي ٽي گنبذ آهن. وچيون گنبذ 21 ميٽر (70 کن فٽ) اتاهون آهي. ڪنڊن تي ٻه ڳاڙهين ۽ اڇين پٽين وارا 88 فٽ اتانهان منارا آهن، جيڪي بلڪل اسپين جي قرطبه واري مسجد جو ڏيک ڏين ٿا.


پکين جو پارڪ، پوپٽن جو پارڪ


پکين جو پارڪ، پوپٽن جو پارڪ
الطاف شيخ
ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ سنگاپور سڀ ۾ گهڻو ماڊرن ۽ ذهين ماڻهن جو ملڪ آهي، جيتوڻيڪ اهو هڪ تمام ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي. ڀروارن ملڪن انڊونيشيا، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ فلپين وغيره جي مقابلي ۾ ته سنگاپور ڄڻ ڀت جي ٿالهيءَ ۾ چانورن جو هڪ ڪڻو آهي. جتي ملائيشيا جي ايراضي 330000 چورس ڪلو ميٽر آهي، اتي سنگاپور ٻيٽ جي پکيڙ جا 700 چورس ڪلو ميٽر ڇا حيثيت رکن ٿا! سنگاپور ملڪ، يعني ٻيٽ کان ته حيدرآباد ضلعو وڏو آهي، جنهن جي ايراضي 3200 چورس ڪلو ميٽر آهي، اڃا ته ان مان مٽياري جو ضلعو ڪڍيو ويو آهي، جيڪو پکيڙ ۾ ننڍڙو آهي ته به 1420 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني مٽياري ضلعي مان ٻه سنگاپور ملڪ ٺهن ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان ته پورا يارهن سنگاپور ٺهن. پر جي آدمشماري جي حساب سان ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي جي آدمشماري 25 لک آهي ته سنگاپور جي آدمشماري 51 لک يعني ٻيڻي آهي. هڪ ٻي مزيدار ڳالهه اها ته سنگاپور ۾ مٽياري ضلعي جيترو به نه پاڻي آهي ۽ نه پوک، نه ڌرتي اندر ڪو ڌاتو آهي ۽ نه گئس يا پيٽرول. هي ملڪ پيئڻ ۽ هار وير لاءِ پاڻي به ملائيشيا کان خريد ڪري ٿو. پيٽرول ۽ گوشت ته ٻاهران گهرائي ٿو، پر ڪَدو ۽ واڱڻن جهڙيون معمولي ڀاڄيون ۽ صوف ۽ گدرا به ڌارين ملڪن مان گهرائي ٿو. ان هوندي به هي ملڪ، هي ننڍڙو ٻيٽ، هي ننڍڙو شهر نه فقط پئسي ڏوڪڙ ۾ پر بزنيس، ڪامرس، I T، ماڊرن انڊسٽري ۽ تعليم ۾ امير ترين آهي.
هاءِ اسٽريٽ جو سنڌي بزنيس مئن هرڪشن ڀوڄواڻي چوندو هو ته ”سنگاپور ۾ ڇا آهي؟ ڪجهه به نه آهي. اسان جيڪي ڪجهه ڪمايون ٿا اهو به سروس مهيا ڪري حاصل ڪيون ٿا.“
هن جو مطلب اهو هو ته هو مختلف ملڪن مان سامان گهرائي هتي ايندڙ ٽوئرسٽن کي وڪڻي نفعو ڪمائين ٿا. ٽوئرسٽن جي اچڻ لاءِ هنن سنگاپور ۾ امن امان قائم رکيو آهي. انهن جي رهائش لاءِ هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ٺاهيون آهن، شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ جي سهوليت لاءِ هر قسم جي سواري آهي. ايتريقدر جو هوائي جهازن ۽ پاڻي جي جهازن جي مالڪن ۽ عملي لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ سنگاپور جي حڪومت جهازن جيِ مرمت ۽ سامان جي اُڇتtrans shipment  مهيا ڪري ڏيڻ جون سهوليتون پيدا ڪيون آهن. نتيجي ۾ سنگاپور ننڍو ملڪ هوندي به اسان جهاز هلائيندڙ، سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ سنگاپور وڃون ٿا، ڇو جو اسان کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ نه هنگامو ٿئي ٿو ۽ نه هڙتال، ٻارهوئي ڪم هلندو رهي ٿو.... آچر ڏينهن به جهاز پهچڻ سان ان تي ڪم شروع ٿيو وڃي. مرمت لاءِ به هتي نه رڳو سهوليت آهي پر هر قسم جي مرمت جو ڪم ٿيو وڃي. هر قسم جا اسپيئر پارٽ مليو وڃن. نتيجي ۾ دنيا جي هر جهازران ڪمپني هن علائقي ۾ سنگاپور کي ترجيح ڏئي ٿي. سنگاپور وارن لاءِ به مجبوري آهي ته هو هر ڪم ايڏو صحيح ۽ وقت تي ڪري ڏيکارين، جيئن هنن جي ساک قائم رهي.
سنگاپور کي پرڪشش بنائڻ لاءِ، جيئن دنيا مان ايندڙ ٽوئرسٽن جو وهڪرو قائم رهي، سنگاپور حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ هر عمر جي وڏي ۽ ٻار لاءِ ڪانه ڪا وندر ۽ دلچسپي ٺاهي ڇڏي آهي. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسين ملائيشيا ۾ رهندا هئاسين ته خريداري کان علاوه گهمڻ ڦرڻ لاءِ سنگاپور ويندا هئاسين. ٻن ڏينهن جي موڪل تي به سنگاپور جو رخ رکندا هئاسين. نه فقط ملائيشيا ۾ رهندڙ اسين ڌارين ملڪن جا رهاڪو، پر مڪاني ملئي ماڻهو به سنگاپور ڀڄندا هئا. سنگاپور ۾ دنيا جا مشهور شاپنگ مال کلي ويا هئا ۽ موڪل وارن ڏينهن تي انهن ۾ Sale   لڳائڻ تي ملائيشيا جا ماڻهو اوڏانهن ڀڄندا هئا. پوءِ 1990ع ڌاري ڪئالالمپور، اپوح، پينانگ ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ سنگاپور کان وڏا دڪان کليا ۽ ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجي ملڪ مان شاپنگ ڪرڻ لڳا. اهڙي طرح سنگاپور وارن، نه فقط دنيا جو خوبصورت ۽ وڏو چڙيا گهر ٺاهيو، پر ان ۾ ”اورانگ اتان“Orang Utan جهڙا ناياب ۽ اهم جانور رکيا. انهن جون تصويرون ملائيشيا جي اخبارن ۾، هر جمعي ڏينهن اشتهار طور اينديون رهيون ٿي، جن کي ڏسي ملئي ٻار گهر ۾ هاءِ گهوڙا مچائيندا هئا ۽ ڇنڇر يا آچر ڏينهن والدين پنهنجن ٻارن کي چمپئنزي باندر سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ سنگاپور جي زو ۾ پهچي ويندا هئا. آئي سارو سنگاپور مان شاپنگ به ڪندا هئا ته هوٽلن ۾ ماني ٽڪي به کائيندا هئا ته ڪي رات سنگاپور ۾ ترسڻ لاءِ هوٽل جو ڪمرو بڪ ڪندا هئا. نتيجي ۾ سنگاپور جا ماڻهو آيل ٽوئرسٽن مان ڪافي ڪمائي وٺندا هئا.
سنگاپور جو چڙيا گهر مشهوري جي عروج تي هو ته سنگاپور وارن پکين جيAviary  به ٺاهي، جنهن ۾ هزارين پکي رکيا ويا. اهڙي طرح پوپٽن جو پارڪ ٺاهيو ويو. سائنس جو عجائب گهر ٺاهيو ويو ۽ ٻيون به ڪيتريون شيون! انهن شين جي اخبارن ۾ اشتهار بازي اهڙي ته نموني سان ڪئي ويندي هئي جو ٻار ته ٻار پر اسين وڏا به ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئاسين ۽ آئون پاڻ به هلي ملئي پکين ۽ جانورن کي ڏسڻ لاءِ سنگاپور ويو هوس ۽ اهي شيون واقعي ڏسڻ وٽان آهن خاص ڪري پکين جي  Aviary جنهن ۾ توهان پکين کي پنهنجي ويجهو ڏسي سگهو ٿا.
 سالن کان پوءِ هاڻ ملائيشيا وڃڻ وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو هو ته خبر ناهي هينئر به ملئي ٻار ۽ وڏا، جانور، پکي، پوپٽ وغيره ڏسڻ لاءِ سنگاپور ڏي ڊوڙن ٿا يا نه. ڪئالالمپور پهچي مون کي ملائيشيا جي حڪومت کي داد ڏيڻو پيو، جڏهن مون کي خبر پئي ته هتي جي حڪومت نه فقط  ڪئالالمپور جي چڙيا گهر کي وڌائي وڏو ڪيو ويو آهي ۽ منجهس جانورن جا ڪرتب به ڏيکاريا وڃن ٿا، پر هنن هتي پکين جي Aviary، پوپٽن جو پارڪ، هرڻين جو پارڪ، سائنس جو ميوزيم، اسلامي شين جو ميوزيم ۽ ٻيون ان قسم جون اهڙيون شيون ته ٺاهي ڇڏيون آهن جو پنهنجي ملڪ جا توڙي عرب، ايراني ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي وٺي ڪئالالمپور، پينانگ ۽ ملاڪا اچن ٿا.
هونئن به ملائيشيا وارن کي ڪيترين ڳالهين ۾ سنگاپور وارن راهه ڏيکاري آهي ۽ سڌاريو آهي. سڀ کان پهريون ڪم جيڪو سنگاپور ڪيو، اهو پنهنجي ملڪ ۾ امن امان ۽ قانون جي سخت بالادستي قائم ڪئي نه ته ستر تائين سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ چورن ۽ ٺڳن جو ملڪ سڏبو هو، جتي دنيا جي هر شيءِ جو نقل ٺهندو هو، جتي ڏينهن جو به چورن ۽ جيب ڪترن کان خبردار ٿي هلڻو پوندو هو. پوءِ هتي جي حڪومت سنگاپور کي اهڙو ته پرامن ملڪ ٺاهي ڇڏيو جو اوسي پاسي جي ملڪن (ملائيشيا ۽ انڊونيشيا) توڙي ڏورانهن ڏيهن کان امير ماڻهو پنهنجو پئسو سنگاپور ۾ آڻڻ لڳا. دنيا جي ڪهڙي بئنڪ آهي، جنهن جي برانچ سنگاپور ۾ نه کلي. اهو حال ڏسي ملائيشيا وارن به ان تي عمل ڪرڻ ضروري سمجهيو. هنن وٽ ته زمين جي به کوٽ نه هئي. اڄ ملائيشيا ۾ امن امان، انصاف ۽ ڏيتي ليتي جي سهوليت ڪري سندن ملڪ جا ماڻهو ته پنهنجو پئسو اتي ئي لڳائين ٿا، پر ڌارين ملڪن جا ماڻهو، خاص ڪري جن ملڪن ۾ رشوت، چور بازاري ۽ ڏوهن جي بازار گرم آهي، پنهنجو پئسو ۽ ڪاروبار ملائيشيا ۾ قائم رکڻ چاهين ٿا. اڄ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا پئسي دولت، انڊسٽري، تعليم، ڏيتي ليتي ۽ ساک ۾ امير ٿي ويو آهي.
بهرحال هتي پاڻ ڪئالالمپور جي تفريحي جاين جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ڪئالالمپور ۾ پکين جو پارڪ هتي جي 60 هيڪٽر ليڪ گارڊن(Lake Garden)  ۾ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو پارڪ آهي. هن ۾ 20 هيڪٽرن جي پکيڙ ۾ 1991ع ۾ پکين جو پارڪ ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ 200 کن جنسن جا ٽي هزار پکي آهن. پکين جي بلڪل ويجهو بيهي کين ڏسڻ ۽ ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ هي پارڪ بهترين آهي. هي پارڪ روزانو 9 کان شام جو 6 تائين کليل رهي ٿو. ان جي ئي ڀرسان پوپٽن جو پارڪ آهي، جنهن ۾ 120 جنسن جا 6000 پوپٽ چيا وڃن ٿا. اتي ئيPlanetarium  آهي ۽ هي جاءِ ٻارن جي لاءِ دلپسند آهي، جتي هو چنڊ، تارن، سيارن جي چرپر سمجهي سگهن ٿا. پلينيٽريم آچر ڏينهن کليل رهي ٿو، پر سومر ڏينهن بند رهي ٿو.
سائنس جي شوقينن لاءِ بُڪِت ڪياره روڊ تي نيشنل سائنس سينٽر آهي، جتي ڪيترين ئي سائنسي شين جي نمائش هلندي رهي ٿي. هتي ئي مڇين جو گهر (ماهي خانو) به آهي. هي شيون 1996ع ۾ ٺاهيون ويون. ان کان علاوه ائمپنگ علائقي جي جالان هُولُو ڪلانگ ۾ جانورن جو زو آهي، جيڪو هينئر سنگاپور واري چڙيا گهر کان به وڏو آهي ۽ جتي هر قسم جا جانور رکيا ويا آهن. جانورن کان علاوه هن زو ۾  پکين ۽ نانگن جا به ڪيترائي قسم آهن. پکين جي پارڪ ۾ ته پکي آزاد آهن جو هنن جي مٿان هڪ وڏي علائقي ۾ ڄاري لڳائي وئي آهي، جنهن اندر وڻ به اچي وڃن ٿا، پر هتي زو نگارا ۾ پکين کي پڃري ۾ رکيو ويو آهي. هتي توهان  باندرن جا مختلف قسم گبان ۽ ”اورانگ اُتان“ وغيرهه به ڏسي سگهو ٿا. اورانگ اُتان(Orang Utan)  شڪل ۽ عادتن ۾ عام ماڻهوءَ سان ڪافي ملي ٿو. اورانگ اُتان ملايا جي جنگلن جو باندر آهي ۽ سندس هي انگريزي نالوOrang Utan  ملئي زبان تان ورتل آهي. ملئي زبان ۾ ”اورانگ“ معنيٰ ”ماڻهو“ جيئن هتي جا ملئي ماڻهو ’اورانگ ملايو‘ سڏجن ٿا. ”اُتان“ لفظ ملئي زبان جي لفظ Hutan تان کنيل آهي جنهن جي معنيٰ ٿي جنگل. سو اورانگ اتان معنيٰ ”جنگل جو ماڻهو“.
هن چڙيا گهر (زو نگارا) ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏن لاءِ ٽڪيٽ 15 رنگٽن جي آهي ۽ ٻارن لاءِ 10 رنگٽ آهي. ملائيشيا جي نوٽ کي ”رنگٽ“ به سڏجي ٿو ته ملائيشين ڊالر به. روزانو ساڍي ڏهين ۽ اڍائي وڳي هاٿين جا ڪرتب ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي هاٿيءَ جي سواريءَ جو به بندوبست رکيو ويو آهي ۽ في ڦيري جي ٽڪيٽ ٽي رنگٽ آهي، يعني اڄ جي قيمت موجب  پاڪستاني 85 روپيا ٿيا.
جتي ملائيشيا جي ڌرتي مختلف نانگن، ازدها بلائن(Pythons)  سان ڀريل آهي اتي هن ڌرتي جي چوڌاري وهندڙ سمنڊ رنگين ۽ خوبصورت مڇين سان پڻ ڀريو پيو آهي. گهر گهر ۾ مڇين جو ننڍو ڪٻٽ (اڪيرم) نظر اچي ٿو. ڪئالالمپور ۾ پبلڪ لاءِ خبر ناهي ڪيترا ماهي خانا آهن. هڪ بابت ته مٿي لکي چڪو آهيان ۽ ٻه ٻيا جيڪي آئون ڏسي چڪو آهيان، انهن مان هڪ زو نگارا (چڙيا گهر) ۾ آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ نانگن ۽ مڇين جو ننڍڙو اڪيرم آهي. جيتوڻيڪ اسان جو ڪراچي وارو اهو ماهي خانو ۽ ڪلفٽن وارو تمام آڳاٽو آهي. ڪراچيءَ جا اهي ماهيخانا، مون پهريون دفعو 1961 ۾ ڏٺا هئا. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن ته ان بابت سوچيو به نه هو، پر پوءِ اهو ٿيو جو اسان وٽ انهن جي نه چڱي طرح پرگهور لڌي وئي ۽ نه وڌايو ويجهايو ويو.
ڪئالالمپور ۾ هڪ ٻيو ماهي خانو(Aquarium)  جيڪوThe Aquaria KLCC  سڏجي ٿو، ڪئالالمپور ڪنوينشن سينٽر ڪامپليڪس ۾ آهي، جيڪو هتي جي اتاهين عمارت پيٽروناس ٽاورس (جيڪي Twin جاڙا ٽاور به سڏجن ٿا)، ان جي ڀرسان آهي. هن اڪيرم ۾ سئنڊ ٽائيگر شارڪ مڇين کان بلو ريز ۽ وڏيون گارفِش مڇيون پڻ آهن، جن کي شيشي پويان ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ٽنڊڻ، ماڪوڙن ۽ سؤ پيرن کان علاوه نانگ بلائن ۽ چچين سانڊن جا به ڪيترائي قسم آهن. ڪئالالمپور ۾ رهندڙ اهي پاڪستاني جيڪي ملائيشيا جي ماڪوڙين، جيتن جڻين کان بيزار نظر اچن ٿا، انهن کي آئون چرچي طور اهو ئي چوندو آهيان ته توهان شهر ۾ رهيا پيا آهيو، ان هوندي به توهان ڪيڙن ماڪوڙن جون دانهون ڪيو ٿا. ملاڪا رياست جي جنهن ٻيٽ نما ڳوٺ ”ڪئالا سنگائي بارو“ ۾ مون ڏهاڪو کن سال گذاريا، اتي جي حالت جو اندازو لڳائڻ خاطر توهان کي هن قسم جو اڪيوريم ضرور ڏسڻ کپي، جنهن ۾ هتي جا نانگ بلائون ۽ جيت جڻيا(Insects)  رکيل آهن.
ڪئالالمپور جو هي Aquaria KLCC روزانو صبح جو يارهين وڳي کان شام جو 8 وڳي تائين کليل رهي ٿو.



Sunday, April 10, 2011

قدرت جا کيل نرالا - الطاف شيخ


قدرت جا کيل نرالا...
الطاف شيخ
ملائيشيا جي مشهور دل جي سرجن ۽ اسان جي ڳوٺائيءَ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ مون کي ۽ علي سولنگي (جنهن جي گهر آئون ٽڪيل هوس) کي فون ڪيو ته؛ ”ڪئالا نگارا (National Heart Institute) ڏسي وڃو، جنهن ۾ مان ڪم ڪيان ٿو.“ وقت جي کوٽ سبب، اسان انڪار پئي ڪيو. جپان وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، منهنجي چوڻ تي علي مون کي هڪ ملئي فئملي سان ملائڻ کانپوءِ ”شاه عالم“ شهر ۾، ٽنڊو قيصر جي پروفيسر ڊاڪٽر شفيع محمد نظاماڻيءَ جي گهر وٺي هلڻ لاءِ نڪتو. رستي تي جالان پُودوءَ تان هن پيٽرول ڀرائڻ چاهيو ٿي ته مون چيومانس؛ ”علي هينئر سڌو ڪمپونگ بارو ملئي فئملي جي گهر هَلُ، هوءَ ويچاري 90 ورهين جي پوڙهي عورت (اسان جي دوست حبيب الرحمان ۽ ڪمال رحمان جي والده) صبح کان انتظار ڪري رهي آهي ۽ هاڻ ٿڪجي پئي هوندي.“ اسان سندن گهر پهتاسين مس ته مينهن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. گهڻي عرصي بعد اچڻ ڪري گهر نه پيو ملي، ڪڏهن هن گهٽيءَ ۾ ته ڪڏهن هُن ۾ ڳوليندا رهياسين. عليءَ چيو ته پيٽرول به هاڻ ڪو تر ۾ وڃي بچيو هوندو. بهرحال گهر مليو، نه نه ڪري چانهه پيتيسين ۽ اچي ڪار ۾ ويٺاسين. عليءَ چيو ته هاڻ پهرين ڪنهن ويجهي پيٽرول پمپ تي هلي پيٽرول به وجهائجي ته اتي ئي ظهر نماز به پڙهجي جو وقت نڪرندو پيو وڃي.

Friday, April 08, 2011

هالا جي هڪ تعليم يافته فئملي ملائيشيا ۾ - الطاف شيخ



هالا  جي  هڪ  تعليم  يافته  فئملي  ملائيشيا  ۾
الطاف شيخ
جالان تئانڪو عبدالرحمان، ڪراچيءَ جي شاهراهه محمد علي جناح وانگر ڪوالالمپور جو هڪ پراڻو رستو، منهنجو شروع کان دلپسند رهيو آهي. خاص ڪري اهو حصو جتي ٻه ٻيا اهم روڊ ’جالان راجا لائوت‘ ۽ ’جالان ڊانگ وانگي‘ ملن ٿا ۽ انهن جي وچ واريون سوڙهيون گهٽيون جالان اصفهان، جالان ملايو، جالان بونس، جالان ڪولون ۽ جالان منشي عبدالله ملن ٿيون. اتي ئي انڊين دڪان آهن ۽ هتي جي آڳاٽي مسجد ’مسجد انڊيا‘ آهي. آئون جڏهن به ڪوالالمپور شاپنگ لاءِ ايندو هوس ته جالان تئانڪو عبدالرحمان واري روڊ جي پاسي وارين گهٽين مان ڪنهن هڪ گهٽيءَ ۾ ڪار کي پارڪ ڪندو هوس. هتي هڪ دفعو وڄ (کنوڻ) ڪري هئي ۽ ڪجهه موٽر سائيڪلون ۽ منهنجي ڪار جو ڪجهه حصو ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. بهرحال ڪو ڪم ڪار نه هوندو هو ته مسجد انڊيا ۾ اندر يا ٻاهر  روڊ تي رکيل بينچ يا دڪيءَ تي ويهي ايندڙ ويندڙ ٽوئرسٽ ۽ مڪاني ماڻهن کي ڏسندو هوس ۽ خبرچار ڪندو هوس. هتي انڊيا جا به ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا. سنڌي هندو، سک، گجراتي، تامل، مدراسي، ملباري، بنگالي، پارسي وغيره پڻ جام آهن. جتي ڪٿي گاڏي وارا مختلف شيون، ملئي مٺايون، فروٽ وڪڻندي نظر اچن ٿا. 1986ع ڌاري هڪ سک ڀوپيندر سنگهه جالان ملايو تي ”جئه هند“ نالي مٺائي جو دڪان کوليو. هن ٻڌايو ته سيپانگ ۾ هن جو مينهنِ جو واڙو آهي، جتان ايندڙ نج کير مان هو مائو، برفي ۽ کير-پُڙا ٺاهي ٿو. بهرحال هن اهڙي ته سٺي مٺائي شروع ڪئي جو ماڻهن، انڊيا ۽ پاڪستان کان مٺائي گهرائڻ ڇڏي ڏني.