Wednesday, April 13, 2011

پکين جو پارڪ، پوپٽن جو پارڪ


پکين جو پارڪ، پوپٽن جو پارڪ
الطاف شيخ
ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ سنگاپور سڀ ۾ گهڻو ماڊرن ۽ ذهين ماڻهن جو ملڪ آهي، جيتوڻيڪ اهو هڪ تمام ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي. ڀروارن ملڪن انڊونيشيا، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ فلپين وغيره جي مقابلي ۾ ته سنگاپور ڄڻ ڀت جي ٿالهيءَ ۾ چانورن جو هڪ ڪڻو آهي. جتي ملائيشيا جي ايراضي 330000 چورس ڪلو ميٽر آهي، اتي سنگاپور ٻيٽ جي پکيڙ جا 700 چورس ڪلو ميٽر ڇا حيثيت رکن ٿا! سنگاپور ملڪ، يعني ٻيٽ کان ته حيدرآباد ضلعو وڏو آهي، جنهن جي ايراضي 3200 چورس ڪلو ميٽر آهي، اڃا ته ان مان مٽياري جو ضلعو ڪڍيو ويو آهي، جيڪو پکيڙ ۾ ننڍڙو آهي ته به 1420 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني مٽياري ضلعي مان ٻه سنگاپور ملڪ ٺهن ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان ته پورا يارهن سنگاپور ٺهن. پر جي آدمشماري جي حساب سان ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي جي آدمشماري 25 لک آهي ته سنگاپور جي آدمشماري 51 لک يعني ٻيڻي آهي. هڪ ٻي مزيدار ڳالهه اها ته سنگاپور ۾ مٽياري ضلعي جيترو به نه پاڻي آهي ۽ نه پوک، نه ڌرتي اندر ڪو ڌاتو آهي ۽ نه گئس يا پيٽرول. هي ملڪ پيئڻ ۽ هار وير لاءِ پاڻي به ملائيشيا کان خريد ڪري ٿو. پيٽرول ۽ گوشت ته ٻاهران گهرائي ٿو، پر ڪَدو ۽ واڱڻن جهڙيون معمولي ڀاڄيون ۽ صوف ۽ گدرا به ڌارين ملڪن مان گهرائي ٿو. ان هوندي به هي ملڪ، هي ننڍڙو ٻيٽ، هي ننڍڙو شهر نه فقط پئسي ڏوڪڙ ۾ پر بزنيس، ڪامرس، I T، ماڊرن انڊسٽري ۽ تعليم ۾ امير ترين آهي.
هاءِ اسٽريٽ جو سنڌي بزنيس مئن هرڪشن ڀوڄواڻي چوندو هو ته ”سنگاپور ۾ ڇا آهي؟ ڪجهه به نه آهي. اسان جيڪي ڪجهه ڪمايون ٿا اهو به سروس مهيا ڪري حاصل ڪيون ٿا.“
هن جو مطلب اهو هو ته هو مختلف ملڪن مان سامان گهرائي هتي ايندڙ ٽوئرسٽن کي وڪڻي نفعو ڪمائين ٿا. ٽوئرسٽن جي اچڻ لاءِ هنن سنگاپور ۾ امن امان قائم رکيو آهي. انهن جي رهائش لاءِ هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون ٺاهيون آهن، شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ جي سهوليت لاءِ هر قسم جي سواري آهي. ايتريقدر جو هوائي جهازن ۽ پاڻي جي جهازن جي مالڪن ۽ عملي لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ سنگاپور جي حڪومت جهازن جيِ مرمت ۽ سامان جي اُڇتtrans shipment  مهيا ڪري ڏيڻ جون سهوليتون پيدا ڪيون آهن. نتيجي ۾ سنگاپور ننڍو ملڪ هوندي به اسان جهاز هلائيندڙ، سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ سنگاپور وڃون ٿا، ڇو جو اسان کي خبر آهي ته هن ملڪ ۾ نه هنگامو ٿئي ٿو ۽ نه هڙتال، ٻارهوئي ڪم هلندو رهي ٿو.... آچر ڏينهن به جهاز پهچڻ سان ان تي ڪم شروع ٿيو وڃي. مرمت لاءِ به هتي نه رڳو سهوليت آهي پر هر قسم جي مرمت جو ڪم ٿيو وڃي. هر قسم جا اسپيئر پارٽ مليو وڃن. نتيجي ۾ دنيا جي هر جهازران ڪمپني هن علائقي ۾ سنگاپور کي ترجيح ڏئي ٿي. سنگاپور وارن لاءِ به مجبوري آهي ته هو هر ڪم ايڏو صحيح ۽ وقت تي ڪري ڏيکارين، جيئن هنن جي ساک قائم رهي.
سنگاپور کي پرڪشش بنائڻ لاءِ، جيئن دنيا مان ايندڙ ٽوئرسٽن جو وهڪرو قائم رهي، سنگاپور حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ هر عمر جي وڏي ۽ ٻار لاءِ ڪانه ڪا وندر ۽ دلچسپي ٺاهي ڇڏي آهي. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسين ملائيشيا ۾ رهندا هئاسين ته خريداري کان علاوه گهمڻ ڦرڻ لاءِ سنگاپور ويندا هئاسين. ٻن ڏينهن جي موڪل تي به سنگاپور جو رخ رکندا هئاسين. نه فقط ملائيشيا ۾ رهندڙ اسين ڌارين ملڪن جا رهاڪو، پر مڪاني ملئي ماڻهو به سنگاپور ڀڄندا هئا. سنگاپور ۾ دنيا جا مشهور شاپنگ مال کلي ويا هئا ۽ موڪل وارن ڏينهن تي انهن ۾ Sale   لڳائڻ تي ملائيشيا جا ماڻهو اوڏانهن ڀڄندا هئا. پوءِ 1990ع ڌاري ڪئالالمپور، اپوح، پينانگ ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ سنگاپور کان وڏا دڪان کليا ۽ ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجي ملڪ مان شاپنگ ڪرڻ لڳا. اهڙي طرح سنگاپور وارن، نه فقط دنيا جو خوبصورت ۽ وڏو چڙيا گهر ٺاهيو، پر ان ۾ ”اورانگ اتان“Orang Utan جهڙا ناياب ۽ اهم جانور رکيا. انهن جون تصويرون ملائيشيا جي اخبارن ۾، هر جمعي ڏينهن اشتهار طور اينديون رهيون ٿي، جن کي ڏسي ملئي ٻار گهر ۾ هاءِ گهوڙا مچائيندا هئا ۽ ڇنڇر يا آچر ڏينهن والدين پنهنجن ٻارن کي چمپئنزي باندر سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ سنگاپور جي زو ۾ پهچي ويندا هئا. آئي سارو سنگاپور مان شاپنگ به ڪندا هئا ته هوٽلن ۾ ماني ٽڪي به کائيندا هئا ته ڪي رات سنگاپور ۾ ترسڻ لاءِ هوٽل جو ڪمرو بڪ ڪندا هئا. نتيجي ۾ سنگاپور جا ماڻهو آيل ٽوئرسٽن مان ڪافي ڪمائي وٺندا هئا.
سنگاپور جو چڙيا گهر مشهوري جي عروج تي هو ته سنگاپور وارن پکين جيAviary  به ٺاهي، جنهن ۾ هزارين پکي رکيا ويا. اهڙي طرح پوپٽن جو پارڪ ٺاهيو ويو. سائنس جو عجائب گهر ٺاهيو ويو ۽ ٻيون به ڪيتريون شيون! انهن شين جي اخبارن ۾ اشتهار بازي اهڙي ته نموني سان ڪئي ويندي هئي جو ٻار ته ٻار پر اسين وڏا به ڏسڻ لاءِ آتا هوندا هئاسين ۽ آئون پاڻ به هلي ملئي پکين ۽ جانورن کي ڏسڻ لاءِ سنگاپور ويو هوس ۽ اهي شيون واقعي ڏسڻ وٽان آهن خاص ڪري پکين جي  Aviary جنهن ۾ توهان پکين کي پنهنجي ويجهو ڏسي سگهو ٿا.
 سالن کان پوءِ هاڻ ملائيشيا وڃڻ وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو هو ته خبر ناهي هينئر به ملئي ٻار ۽ وڏا، جانور، پکي، پوپٽ وغيره ڏسڻ لاءِ سنگاپور ڏي ڊوڙن ٿا يا نه. ڪئالالمپور پهچي مون کي ملائيشيا جي حڪومت کي داد ڏيڻو پيو، جڏهن مون کي خبر پئي ته هتي جي حڪومت نه فقط  ڪئالالمپور جي چڙيا گهر کي وڌائي وڏو ڪيو ويو آهي ۽ منجهس جانورن جا ڪرتب به ڏيکاريا وڃن ٿا، پر هنن هتي پکين جي Aviary، پوپٽن جو پارڪ، هرڻين جو پارڪ، سائنس جو ميوزيم، اسلامي شين جو ميوزيم ۽ ٻيون ان قسم جون اهڙيون شيون ته ٺاهي ڇڏيون آهن جو پنهنجي ملڪ جا توڙي عرب، ايراني ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي وٺي ڪئالالمپور، پينانگ ۽ ملاڪا اچن ٿا.
هونئن به ملائيشيا وارن کي ڪيترين ڳالهين ۾ سنگاپور وارن راهه ڏيکاري آهي ۽ سڌاريو آهي. سڀ کان پهريون ڪم جيڪو سنگاپور ڪيو، اهو پنهنجي ملڪ ۾ امن امان ۽ قانون جي سخت بالادستي قائم ڪئي نه ته ستر تائين سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ چورن ۽ ٺڳن جو ملڪ سڏبو هو، جتي دنيا جي هر شيءِ جو نقل ٺهندو هو، جتي ڏينهن جو به چورن ۽ جيب ڪترن کان خبردار ٿي هلڻو پوندو هو. پوءِ هتي جي حڪومت سنگاپور کي اهڙو ته پرامن ملڪ ٺاهي ڇڏيو جو اوسي پاسي جي ملڪن (ملائيشيا ۽ انڊونيشيا) توڙي ڏورانهن ڏيهن کان امير ماڻهو پنهنجو پئسو سنگاپور ۾ آڻڻ لڳا. دنيا جي ڪهڙي بئنڪ آهي، جنهن جي برانچ سنگاپور ۾ نه کلي. اهو حال ڏسي ملائيشيا وارن به ان تي عمل ڪرڻ ضروري سمجهيو. هنن وٽ ته زمين جي به کوٽ نه هئي. اڄ ملائيشيا ۾ امن امان، انصاف ۽ ڏيتي ليتي جي سهوليت ڪري سندن ملڪ جا ماڻهو ته پنهنجو پئسو اتي ئي لڳائين ٿا، پر ڌارين ملڪن جا ماڻهو، خاص ڪري جن ملڪن ۾ رشوت، چور بازاري ۽ ڏوهن جي بازار گرم آهي، پنهنجو پئسو ۽ ڪاروبار ملائيشيا ۾ قائم رکڻ چاهين ٿا. اڄ ڏسندي ئي ڏسندي ملائيشيا پئسي دولت، انڊسٽري، تعليم، ڏيتي ليتي ۽ ساک ۾ امير ٿي ويو آهي.
بهرحال هتي پاڻ ڪئالالمپور جي تفريحي جاين جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ڪئالالمپور ۾ پکين جو پارڪ هتي جي 60 هيڪٽر ليڪ گارڊن(Lake Garden)  ۾ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو پارڪ آهي. هن ۾ 20 هيڪٽرن جي پکيڙ ۾ 1991ع ۾ پکين جو پارڪ ٺاهيو ويو آهي، جنهن ۾ 200 کن جنسن جا ٽي هزار پکي آهن. پکين جي بلڪل ويجهو بيهي کين ڏسڻ ۽ ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ هي پارڪ بهترين آهي. هي پارڪ روزانو 9 کان شام جو 6 تائين کليل رهي ٿو. ان جي ئي ڀرسان پوپٽن جو پارڪ آهي، جنهن ۾ 120 جنسن جا 6000 پوپٽ چيا وڃن ٿا. اتي ئيPlanetarium  آهي ۽ هي جاءِ ٻارن جي لاءِ دلپسند آهي، جتي هو چنڊ، تارن، سيارن جي چرپر سمجهي سگهن ٿا. پلينيٽريم آچر ڏينهن کليل رهي ٿو، پر سومر ڏينهن بند رهي ٿو.
سائنس جي شوقينن لاءِ بُڪِت ڪياره روڊ تي نيشنل سائنس سينٽر آهي، جتي ڪيترين ئي سائنسي شين جي نمائش هلندي رهي ٿي. هتي ئي مڇين جو گهر (ماهي خانو) به آهي. هي شيون 1996ع ۾ ٺاهيون ويون. ان کان علاوه ائمپنگ علائقي جي جالان هُولُو ڪلانگ ۾ جانورن جو زو آهي، جيڪو هينئر سنگاپور واري چڙيا گهر کان به وڏو آهي ۽ جتي هر قسم جا جانور رکيا ويا آهن. جانورن کان علاوه هن زو ۾  پکين ۽ نانگن جا به ڪيترائي قسم آهن. پکين جي پارڪ ۾ ته پکي آزاد آهن جو هنن جي مٿان هڪ وڏي علائقي ۾ ڄاري لڳائي وئي آهي، جنهن اندر وڻ به اچي وڃن ٿا، پر هتي زو نگارا ۾ پکين کي پڃري ۾ رکيو ويو آهي. هتي توهان  باندرن جا مختلف قسم گبان ۽ ”اورانگ اُتان“ وغيرهه به ڏسي سگهو ٿا. اورانگ اُتان(Orang Utan)  شڪل ۽ عادتن ۾ عام ماڻهوءَ سان ڪافي ملي ٿو. اورانگ اُتان ملايا جي جنگلن جو باندر آهي ۽ سندس هي انگريزي نالوOrang Utan  ملئي زبان تان ورتل آهي. ملئي زبان ۾ ”اورانگ“ معنيٰ ”ماڻهو“ جيئن هتي جا ملئي ماڻهو ’اورانگ ملايو‘ سڏجن ٿا. ”اُتان“ لفظ ملئي زبان جي لفظ Hutan تان کنيل آهي جنهن جي معنيٰ ٿي جنگل. سو اورانگ اتان معنيٰ ”جنگل جو ماڻهو“.
هن چڙيا گهر (زو نگارا) ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏن لاءِ ٽڪيٽ 15 رنگٽن جي آهي ۽ ٻارن لاءِ 10 رنگٽ آهي. ملائيشيا جي نوٽ کي ”رنگٽ“ به سڏجي ٿو ته ملائيشين ڊالر به. روزانو ساڍي ڏهين ۽ اڍائي وڳي هاٿين جا ڪرتب ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي هاٿيءَ جي سواريءَ جو به بندوبست رکيو ويو آهي ۽ في ڦيري جي ٽڪيٽ ٽي رنگٽ آهي، يعني اڄ جي قيمت موجب  پاڪستاني 85 روپيا ٿيا.
جتي ملائيشيا جي ڌرتي مختلف نانگن، ازدها بلائن(Pythons)  سان ڀريل آهي اتي هن ڌرتي جي چوڌاري وهندڙ سمنڊ رنگين ۽ خوبصورت مڇين سان پڻ ڀريو پيو آهي. گهر گهر ۾ مڇين جو ننڍو ڪٻٽ (اڪيرم) نظر اچي ٿو. ڪئالالمپور ۾ پبلڪ لاءِ خبر ناهي ڪيترا ماهي خانا آهن. هڪ بابت ته مٿي لکي چڪو آهيان ۽ ٻه ٻيا جيڪي آئون ڏسي چڪو آهيان، انهن مان هڪ زو نگارا (چڙيا گهر) ۾ آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ نانگن ۽ مڇين جو ننڍڙو اڪيرم آهي. جيتوڻيڪ اسان جو ڪراچي وارو اهو ماهي خانو ۽ ڪلفٽن وارو تمام آڳاٽو آهي. ڪراچيءَ جا اهي ماهيخانا، مون پهريون دفعو 1961 ۾ ڏٺا هئا. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن ته ان بابت سوچيو به نه هو، پر پوءِ اهو ٿيو جو اسان وٽ انهن جي نه چڱي طرح پرگهور لڌي وئي ۽ نه وڌايو ويجهايو ويو.
ڪئالالمپور ۾ هڪ ٻيو ماهي خانو(Aquarium)  جيڪوThe Aquaria KLCC  سڏجي ٿو، ڪئالالمپور ڪنوينشن سينٽر ڪامپليڪس ۾ آهي، جيڪو هتي جي اتاهين عمارت پيٽروناس ٽاورس (جيڪي Twin جاڙا ٽاور به سڏجن ٿا)، ان جي ڀرسان آهي. هن اڪيرم ۾ سئنڊ ٽائيگر شارڪ مڇين کان بلو ريز ۽ وڏيون گارفِش مڇيون پڻ آهن، جن کي شيشي پويان ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ٽنڊڻ، ماڪوڙن ۽ سؤ پيرن کان علاوه نانگ بلائن ۽ چچين سانڊن جا به ڪيترائي قسم آهن. ڪئالالمپور ۾ رهندڙ اهي پاڪستاني جيڪي ملائيشيا جي ماڪوڙين، جيتن جڻين کان بيزار نظر اچن ٿا، انهن کي آئون چرچي طور اهو ئي چوندو آهيان ته توهان شهر ۾ رهيا پيا آهيو، ان هوندي به توهان ڪيڙن ماڪوڙن جون دانهون ڪيو ٿا. ملاڪا رياست جي جنهن ٻيٽ نما ڳوٺ ”ڪئالا سنگائي بارو“ ۾ مون ڏهاڪو کن سال گذاريا، اتي جي حالت جو اندازو لڳائڻ خاطر توهان کي هن قسم جو اڪيوريم ضرور ڏسڻ کپي، جنهن ۾ هتي جا نانگ بلائون ۽ جيت جڻيا(Insects)  رکيل آهن.
ڪئالالمپور جو هي Aquaria KLCC روزانو صبح جو يارهين وڳي کان شام جو 8 وڳي تائين کليل رهي ٿو.



No comments:

Post a Comment