Sunday, April 24, 2011

مٽيارين جا ماڻهو ملائيشيا ۾ - الطاف شيخ



مٽيارين جا ماڻهو ملائيشيا ۾
الطاف شيخ
سمهڻ مهل منهنجي ميزبان حاجي غلام علي سولنگيءَ مون کان ٻئي ڏينهن جو پروگرام پڇيو.
”هڪ ته شاهه عالم شهر هلڻ چاهيان ٿو، جتي ٽنڊي قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي سان ملڻو اٿم.“ مون کيس ٻڌايو.
ملائيشيا اچڻ کان اڳ مون جن وٽ رهڻ چاهيو ٿي ڊاڪٽر شفيع به انهن مان هڪ هو. ڊاڪٽر شفيع سان منهنجا تمام پراڻا تعلقات آهن ۽ هو هڪ پُرخلوص ۽ پيارو دوست ۽ ڀائرن جهڙو ڀاءُ آهي. هن جو سالو شوڪت نظاماڻي منهنجي ڀاڻيجي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ جو اٺين ڪلاس کان ڪلاس ميٽ ۽ دوست آهي، جڏهن هنن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي هئي. منهنجو ننڍو ڀيڻويو ڊاڪٽر اقبال قاضي ۽ ڊاڪٽر شفيع 1974ع کان گڏ رهيا ۽ ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ وڏو عرصو ڪم ڪيائون. بهرحال آخر ۾ اهو ئي فيصلو ڪيم ته رهندس علي سولنگيءَ وٽ، جو منهنجو گهڻو ڪم هن جي گهر جي آسپاس هو، پر ڊاڪٽر شفيع وٽ گهمڻ لاءِ ضرور ويندس. ڊاڪٽر شفيع مون کي پنھنجي يونيورسٽيUTM  (يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا) ۽ شاهه عالم جي خوبصورت مسجد ڏيکارڻ چاهي ٿي. مون وٽس منجهند مهل وڃڻ چاهيو ٿي.
”پوءِ صبح جو کڻي پاڪستان ايمبسي ۾ هلون،“ عليءَ چيو؛ ”اڄ ڪلهه ڊپٽي سفير امتياز قاضي صاحب آهي، کين مون توهان بابت ٻڌايو آهي ته هتي آهي.“
مون کي حيرت ٿي ته امتياز هتي اچي ويو آهي. اڃا مهينو کن اڳ ته اسلام آباد ۾ سيڪريٽري هو.
”توهان نالي ۾ ڀُليا ته نه آهيو؟“ مون عليءَ کي چيو.
”بلڪل نه. سندن اهو ئي نالو آهي. گذريل هفتي هن مون کي پنهنجو ڪتاب به ڏنو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته هن توهان جا ڪتاب پڙهيا آهن پر توھان سان مليو ناهي.“
”ڪمال ٿو ڪرين،“ مون عليءَ کي چيو؛ ”امتياز سان منهنجي ان وقت کان ملاقات آهي، جڏهن هو حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ پڙهندو هو. سندس والد صاحب قاضي سچيڏنو اسان جي دادوءَ واري دوست عبدالقادر قريشيءَ جي والد اميد علي قريشي صاحب ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي والد جو سٺو دوست هو.
ايتري ۾ علي سولنگي امتياز قاضي صاحب جو ڪتاب کڻي آيو، جيڪو هن پنهنجي والد محترم کي منسوب ڪيو آهي ۽ سندن والد جو نالو لعل محمد قاضي لکيل هو. مون، عليءَ سان ٻئي ڏينهن صبح جو هلڻ جو پروگرام ٺاهيو. منهنجو ڀاڻيجو ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ به ٽن ڏينهن لاءِ جپان کان ڪئالالمپور آيل هو ۽ هو جنهن هوٽل ۾ ترسيل هو، اها پاڪستان ايمبسي جي ويجهو هئي. کيس پڻ ايمبسي ۾ اچڻ لاءِ چيم، جيئن اتي ساڻس به ملاقات ٿي وڃي.
صبح جو روڊ سائيڊ تي، هڪ گاڏي تي، نيرن تيار ڪندڙ ملئي عورت وٽ ”ناسي ليماڪ“ کائي، ائمپنگ روڊ ڏي روانا ٿياسين، جتي اسان جو سفارتخانو آهي. جڏهن 132 جالان ائمپنگ جي ويجهو پهتاسين ته عليءَ چيو؛ ”سائين امتياز قاضيءَ کي فون ڪريو ته ايمبسيءَ جو گيٽ کولرائي، نه ته هتي جا چوڪيدار ۽ گيٽ ڪيپر اهڙا آهن جو گاڏيءَ کي اندر اچڻ نه ڏيندا ۽ ٻاهر پري پري تائين پارڪنگ ناهي.“
”يار ڏاڍي ٻڌائيهءِ،“ مون عليءَ کي چيو؛ ”هڪ بي دعوتو ۽ ٻيو ڪِرائتو! هڪ ته آئون امتياز صاحب سان مليو ناهيان ۽ ٻيو ته بنا ٻڌائڻ جي پيا هلون، ٽيون وري اسان ڪهڙا صاحب آهيون، جن لاءِ آٽوميٽڪ گيٽ کلي وڃي، جيئن اسان گاڏي اندر اچي پارڪ ڪريون.“
”سائين ٻيو ڪو چاڙهو ناهي. ٽراءِ کڻي ڪريو.“ عليءَ چيو ۽ مون نمبر ملائي دل ۾ سوچيو؛ ”اها ملاقات به نه ٿي!“
نمبر ملڻ تي جيئن ئي امتياز کي پاڻ بابت ٻڌايم، يڪدم وڏي آڌر ڀاءَ سان چيائين؛ ”اچو سائين اچو! اسان کي توهان جي اچڻ جي ڊاڪٽر مشتاق کان خبر پئجي وئي ھئي ۽ هو به مون وٽ توهان جو انتظار پيو ڪري.“
مون کي حيرت ۽ خوشي ٿي ته ڪٿي ڪٿي مڙيئي اهو احساس ٿئي ٿو ته هن نفسا نفسيءَ جي عالم ۾ اديب جي به عزت ڪئي وڃي ٿي. مونکيِ هي خلوص ۽ عزت، ظاهر آهي ته هڪ جهاز هلائيندڙ جي حيثيت ۾ نه پر، هڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ ملي رهيو آهي. اسان جي گاڏي، گيٽ تي پهتي ته ريموٽ ڪنٽرول ذريعي دروازا کلي ويا. اڳتي ضروري چڪاس بعد، گاڏي پارڪ ڪري ايمبسيءَ جي عمارت ڏي وڌياسين. عليءَ کي چيم؛ ”ملائيشيا ۾ گهاريل پنهنجو پراڻو زمانو ياد ٿو اچيم، جڏهن اڃا هيءُ دهشتگردي جو دور شروع نه ٿيو هو. هي سفارتخانا ته ڇا وزيراعظم ۽ گورنرن جي آفيسن جا در به کليا پيا هوندا هئا. ڪنهن به قسم جي چيڪنگ نه ٿيندي هئي. ملائيشيا پهچڻ سان پاسپورٽ کي ڪٻٽ جي خاني ۾ رکبو هو ته ٽن سالن بعد، جڏهن پنهنجي وطن ورڻ لاءِ مهينو موڪل ٿيندي هئي ته پوءِ، ڪڍبو هو. هاڻ ته پاسپورٽ هر وقت پاڻ سان رکڻو پوي ٿو، خبر ناهي ڪنهن وقت ۽ ڪنهن هنڌ چڪاس ٿئي.“
سفارتخاني ۾ گهڙڻ شرط امتياز قاضي صاحب اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ مٿي پنهنجي آفيس ۾ وٺي آيو، جتي منهنجو ڀاڻيجو مشتاق ميمڻ به موجود هو. امتياز قاضي صاحب ٻڌايو؛ مشتاق سندس ڀاءُ حافظ اعجاز سان گڏ مهراڻ يونيورسٽي مانB.E.  ڪئي آهي. بهرحال هن ملاقات ۾ خبر پيئي ته امتياز قاضي جن ته اسان جي پاڙي واري شهر مٽيارين جا آهن ۽ نه فقط امتياز کي پر سندن سڄي فئملي کي تعليم ۽ ادب سان تمام گهڻي دلچسپي آهي. امتياز قاضي، نور محمد هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر قاضي غياث الدين جو ڀائٽيو ٿئي. هو صاحب بالادي صاحب کان پوءِ هيڊ ماستر ٿيو هو. امتياز جي والد لعل محمد قاضي صاحب جو به درس تدريس سان واسطو رهيو آهي. هو صاحب وڏو عرصو مٽياريءَ جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو ۽ آخر ۾SDEO  ٿي رٽائر ڪيائين. سندن شاگردن مان منهنجو مٽيارين وارو ڀيڻويو فضل صديق شيخ پڻ هڪ هو. سائين لعل محمد قاضي صاحب اڄڪلهه حيدرآباد ۾ پنهنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر الطاف قاضي وٽ رهي ٿو ۽ سندن عمر 75 جي لڳ ڀڳ هوندي. ڊاڪٽر الطاف قاضيءَMBBS  ڪرڻ بعدMD  ڪئي ۽ اڄڪلهه سرڪاري نوڪري ۾ آهي. هيءَ قاضي فئملي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل فئملين مان آهي. لعل محمد صاحب توڻي سندن ڀاءُ غياث الدين قاضي، انهن ماڻهن مان آهن، جن وڏي عيال ۽ گهٽ انڪم جي باوجود، غربت ۾ رهي به، پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو.
امتياز قاضي جن پاڻ ۾ پنج ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهن. وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر الطاف آهي، ان بعد امتياز پاڻ آهي. ان بعد حافظ اعجاز آهي، جيڪو ڪراچي ۾ KESC ۾ انجنيئر آهي ۽ ان بعد سرفراز قاضي آهي، جنهن سنڌ يونيورسٽي مان MBA ڪئي ۽ 1996ع کان ڪراچي جي اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڊائريڪٽر آهي. ننڍي ڀاءُ محفوظMEUT  (مهراڻ يونيورسٽي) مان B.E. ڪئي ۽ اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ ”فيڊرل فلڊ ڪميشن“ جو اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. سندن ٻن ڀيڻن روزينا ۽ رووانا سنڌ يونيورسٽيءَ مانMA  ڪئي آهي ۽ سندن گهر وارا محمد اڪرم ۽ شعيب رحمان به ٽيچنگ ۾ آهن. سڀني کان ننڍي ڀيڻ امبرين ڊاڪٽر آهي.
ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب، جيڪي هن وقت ڪئالالمپور ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڊپٽي سفير آهن، پنهنجي مامي آفتاب قاضيءَ وانگر بيحد پڙهيل ڳڙهيل ۽ ادب سان چاهه رکندڙ آهن. ڊاڪٽر امتياز ڄامشوري جي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان ايم بي بي ايس ڪئي، ان بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان وڪالت يعنيLLB  ۽ انٽرنيشنل پبلڪ پاليسي ۾M.A  ۽ واشنگٽن آمريڪا جي جان هاپڪنس يونيورسٽي مانMIPP  ڪئي.
امتياز قاضي، سي ايس ايس جي امتحان بعد، 1989 ۾ فارين سروس ۾ داخل ٿيو. اسلام آباد ۾ وزارتِ خارجه جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ کان علاوه تهران (ايران)، پئرس (فرانس) ۽ دوحا (قطر) ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ڪم ڪرڻ بعد هاڻ ڪئالالمپور آيو آهي. ھتي ائڪٽنگ سفير آهي ۽ هيءُ مضمون ڇپجڻ تائين هو سفير ٿي چڪا هوندا. امتياز، پاڪستان ۽ECO  سيڪريٽريٽ طرفان، ڪيترن ئي بين الاقوامي ميٽنگ(Forums/ Summits)  ۾ حصو وٺي چڪا آهن. جهڙوڪ: يو اين او (نيويارڪ ۽ جنيوا ۾) ورلڊ بئنڪ، TMF، سارڪ، NAM، يونيسڪو، OIC، ڊي ايٽ، ECO وغيره.
امتياز قاضي به اسان واري سابق سفير ظفر شيخ ۽ جپان ۾ اڄ ڪلهه موجوده سفير نور محمد جادماني وانگر مختلف زبانن جي مهارت حاصل ڪرڻ جو شوق ۽ قابليت رکي ٿو. امتياز، انگريزي ۽ عربي، فرينچ ۽ فارسي زبانون لس ئي لس(fluently)  ڳالهائي وڃي ٿو. اڄڪلهه ملائيشيا ۾ رهي، هو چيني زبان (مندارن) نه فقط ڳالهائڻ پر لکڻ جي به ڪوشش ڪري رهيو آهي. کيس لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي آهي. سندس ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هڪ ته عمر خيام جي فارسي رباعين جو انگريزيءَ ۾ ترجمو آهي. هن ڪتاب ۾ هن 300 کن رباعين جو ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻيو شيخ امام محمد شرف الدين البوصيري رح جي عربي ڪتاب قصيدة المديح جو سمجهاڻين سان گڏ انگريزي ترجمو آهي، جنهن ڪتاب جو امتياز انگريزي نالو“Elegy of Streaky Garment”  رکيو آهي. اڄڪلهه هو شاهه لطيف جي بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي ۽ هيستائين سترهن کن سرن جو ترجمو مڪمل ڪري چڪو آهي. شاهه لطيف جو رسالو، کانئس اڳ، سنڌ يونيورسٽي جي سابقه هيڊ آف انگلش ڊپارٽمينٽ مئڊم امينا خميساڻي، سنڌ جو اديب قمر شهباز ۽ آغا سليم پڻ ترجمو ڪري چڪا آهن.
ڊاڪٽر امتياز قاضي جي مامي، ڊاڪٽر آفتاب قاضي کان آمريڪا ۾ شايد ئي ڪو پڙهيل ڳڙهيل پاڪستاني اڻ واقف هجي. هو آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پروفيسر ۽ يورپ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين جو ممتحن ۽ وزيٽنگ پروفيسر آهي. بيحد پڙهيل ڳڙهيل ۽ تعليمي ماهر هجڻ سان گڏ تاريخدان، ڪيترن ئي مضمونن جو ليکڪ ۽ مفڪر آهي. پاڻ پنهنجي مٽيارين جي قاضي فئملي لاءِ ٻڌايو هئائين ته؛ ”هندستان جي مغل شهنشاهه اورنگزيب جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ٺٽي صوبي جو گورنر مقرر ڪيو هو ته هن کي ڪنهن تعليم يافته ماڻهو جي ضرورت پئي، جيڪو صوبي جو خزانو صحيح طرح هلائي سگهي. هن مدد لاءِ جيسلمير جي مهاراجا کي عرض ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي وڏي ديوان مانڪ رام ۽ هن جي فئملي کي جيسلمير مان لڏي ٺٽي اچڻو پيو ۽ شروع ۾ هن کي فقط خزاني جو ڪم سونپيو ويو. ان کان پوءِ هن جي پٽن پوٽن ۽ پڙ-پوٽن قانون ۾ دلچسپي ورتي ۽ قاضيءَ جي عهدي تي حڪومت جو ليگل ڊپارٽمينٽ هلائڻ لڳا.“
”نور محمد ڪلهوڙي جي وفات بعد، سندس پٽن غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ مرادياب ڪلهوڙي جي وچ ۾ جهيڙا ٿي پيا ته ڪير حڪومت ڪندو. غلام شاهه جي پنهنجي درٻار شاهپور ۾ هنئي ۽ مرادياب ڪوٽڙي واري علائقي مان وڙهي رهيو هو. اسان جي وڏن شروع وارا سال ٺٽي ۾ گذاريا ۽ پوءِ خداآباد ۽ شاهپور ۾ رهيا، جتي اڃا به اسان جا ڪجهه سوٽ پنهنجيون زمينون سنڀاليندا اچن. غلام شاهه ڪلهوڙي جيئن ئي پنهنجو گاديءَ جو هنڌ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ قائم ڪيو، اسان جا وڏا به ان وقت جي درٻار سان گڏ حيدرآباد هليا آيا ۽ اچي مٽياريءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ان وقت تائين فئمليءَ جا ڪيترا ميمبر، اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي چڪا هئا (اسان جو وڏو ڏاڏو مرڻ تائين هندو رهيو) ۽ ڪلهوڙا ۽ ان بعد ٽالپر مير حاڪمن وٽ عدالتن جا سربراهه ٿي ڪم ڪرڻ لڳا هئا. جيتوڻيڪ چوڻ لاءِ ته اهو ئي چيو ويو ٿي ته ملڪ ۾ اسلامي قانون هليو ٿي، پر هليو اهو ٿي، جيڪو ان وقت جي حاڪمن جي وات مان حڪم جاري ٿيو ٿي. ناانصافيءَ جي چڪيءَ ۾ هندو توڙي مسلمان پيسندا رهيا.“
ڊاڪٽر آفتاب قاضيءَ ٻڌايو ته؛ ”اسان جي خاندان جا اهم ڀاتي جهڙوڪ؛ قاضي عزيز الله (آفتاب جي والده جو پڙ-ڏاڏو جنهن قرآن مجيد جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو) حڪومتي عهدا ڇڏي، لنواري شريف جي پيرن وٽ اچي رهيا. هو لنواري شريف جي پيرن جا مريد ٿيا ۽ ساڳئي وقت هنن جا ٽيچر به ٿي رهيا. اسان جي ڪيترن ئي وڏن اتي وفات ڪئي  ۽ لنواري شريف ۾ ”قاضين جو قبرستان“ اڄ به مشهور آهي.
”اسان جي ڪجهه ٻين وڏن ۾ ڊاڪٽر امتياز قاضي جو پڙ-ڏاڏو لعل محمد قاضي به اچي وڃي ٿو،“ آمريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر آفتاب قاضي (امتياز جي مامي) ٻڌايو؛ ”جڏهن انگريزن، ميرن کي شڪست ڏني ته اسان جي پڙ-ڏاڏي عزيز الله قاضيءَ ميرن جو ڪيس بمبئي وڃي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ اڳيان پيش ڪيو پر سندس هار ٿي. ان وقت جا جج، دادا عزيزالله جي ذهانت، سٺي عربي-داني ۽ فارسي زبان مان بيحد متاثر ٿيا ۽ کيس انگريزن وٽ اعلى عهدي تي رهڻ لاءِ آڇ ڪيائون. کيس ٻئي زبانون پڙهائڻ لاءِ، تمام سٺي پگهار ۽ سواريءَ لاءِ گهوڙو به ڏيڻو ڪيائون پر دادا انڪار ڪيو. هو ستر سال ٽپي چڪو هو، ان ڪري هن معذرت ڪئي.
”انگريزن جي ڏينهن ۾ قاضي فئمليءَ کي ڪافي نقصان رسيو. هن فئمليءَ جا ڪيترا ئي وڏا حجاز هليا ويا. اتي به هنن پڙهائڻ جو ڪم ڪيو. ڪيترا اتي گذاري ويا. ٻين کي انهن جا شاگرد مٽياريءَ وٺي آيا. بهرحال اوڻويهين ۽ ويهين صديءَ ڌاري اسان جي ڀاتين جو، تعليم يافته هجڻ ڪري، وري قدر ٿيو. منهنجو ڏاڏو، شهدادپور جو هيڊ منشي مقرر ڪيو ويو، بعد ۾ نوابشاهه جو مختيارڪار به ٿيو. خاندان جا ٻيا ڀاتي، مٽياريءَ جي مدرسن ۾ اسلامي تعليم ڏيڻ لڳا. منهنجو والد محمد انور قاضي، مختيارڪار ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر (اسسٽنٽ ڪمشنر) ٿي رٽائرڊ ٿيو. منهنجو هڪ چاچو خداڏنو، ڊاڪٽر ٿي شهدادپور جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ ٻيا چاچا ٻين سرڪاري نوڪرين ۾ رهيا...“
پروفيسر آفتاب قاضي صاحب، مٿي جنهن شخص لعل محمد قاضي صاحب جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ڊاڪٽر امتياز قاضي جو پڙ-ڏاڏو ٿئي. هي لعل محمد صاحب مفتي هجڻ سان گڏ مٽياري جو آخري متولي پڻ ٿي رهيو. پاڻ ٽنڊو سائينداد جي پير آغا (سليم جان سرهندي جي ڏاڏي) کي به پڙهايو ھيائون. ان کان علاوه مڪي شريف جي مدرسي صولاتياه ۾ به ٻه سال پڙهايائون، جيڪو مدرسو اڄ به مڪي ۾ قائم آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته، انگريزن جي ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ ۾ پينٽ (پتلون) ۾ نماز  پڙهڻ تي گوڙ مچي ويو هو ۽ هندوستان جي ڪيترن علمائن اها فتوا ڏني ته پتلون ۾ نماز پڙهڻ ڪفر آهي. ان تي لعل محمد صاحب، جيڪي مفتي به هئا، فتوا ڏني ته اهو ڪفر جو ڪم نه پر فسق آهي. کين ٻه پٽ ٿيا: عبدالواحد ۽ رحمت الله. رحمت الله کي اولاد نه ٿيو، باقي وڏي پٽ عبدالواحد قاضي صاحب کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ 1933ع ۾ غياث الدين، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته مسٽر بالادي بعد نور محمد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو. ٻيو پٽ 1937ع ۾ ڄائو، جنهن تي نالو سندس ڏاڏي جو لعل محمد رکيو ويو، جيڪو اسان واري ڪوالالمپور جي ائڪٽنگ سفير ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جو والد آهي. نور محمد هاءِ اسڪول جي سابق هيڊ ماسٽر غياث الدين قاضي صاحب کي ٽي پٽ آهن، جن مان وڏو فياض الدين مٽياريءَ ۾ زمينون سنڀالي ٿو. ٻيو نمبر رياض الدين سئي گئس ۾ انجنيئر آهي ۽ ننڍو اعزاز دين حيدرآباد جي مسلم ڪمرشل بئنڪ ۾ نوڪري ڪري ٿو.
ڊاڪٽر امتياز قاضي صاحب جي ڄم جي تاريخ 3 مارچ 1965ع آهي. اولاد ۾ کين ٽي نياڻيون آهن: ماهين، مبروڪا ۽ ماياسا.

No comments:

Post a Comment