Sunday, April 17, 2011

اڻ کٽندڙ روڊن جون اڻ کٽندڙ يادون - الطاف شيخ


اڻ کٽندڙ روڊن جون اڻ کٽندڙ يادون
الطاف شيخ
ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري ڪندڙ، تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد توڙي عام سياح لاءِ ضروري آهي ته کيس پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني جي خبر هجڻ کپي ته اهو ڪٿي آهي، جيئن ڪنهن ڏکئي وقت تي ضرورت پوي ته پهچي سگهجي.
ملائيشيا پاڪستان وانگر ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي، يعني هنن ملڪن تي انگريزن جو راڄ رهيو آهي. ان ڪري هتي ڪوالالمپور ۾ اسان جي ملڪ جي ”هاءِ ڪميشن“ آفيس آهي، جنهن جو وڏو ”سفير“ بدران ”هاءِ ڪمشنر“ سڏجي ٿو. ڪوالالمپور ۾ اسان جي ملڪ پاڪستان جو، سفارتخانو يعني هاءِ ڪميشن وچ شهر ۾ جالان (شاهراهه) ائمپنگ تي آهي، جتي بس يا ٽرين رستي سولائيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. جالان ائمپنگ تي جنهن پلاٽ تي اسان جي  هاءِ ڪميشن آهي، ان جو نمبر 132 آهي يعني پوسٽل ائڊريس هن ريت ٿيندي:
132 Jalan Ampong, 50450 Kualalumpur.
50450 ڪوالالمپور جي ان علائقي جو پوسٽل ڪوڊ آهي، جيئن اسان وٽ پوسٽل ڪوڊ آهي، جنهن ذريعي سڄي ملڪ جون پوسٽ آفيسون ورهايل آهن. پر هتي اهو لکندو هلان ته جالان ائمپنگ جيتوڻيڪ ڪوالالمپور جو مشهور روڊ آهي پر ڪراچيءَ جي ايم اي جناح روڊ يا شاهراهه فيصل وانگر تمام ڊگهو آهي ۽ جيڪڏهن توهان ٽئڪسيءَ واري کي جالان ائمپنگ تي هلڻ لاءِ چوندائو ته هو توهان کي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين گهمائيندو رهندو ۽ ميٽر بل چاڙهيندو ويندو. سو پاڪستان ايمبسي پهچڻ لاءِ هن کي ائمپنگ روڊ تي ٽوئرسٽ آفيس، هوٽل پارڪ پلازه، بوڪ هائوس، هوٽل نيو ورلڊ ۽ هوٽل Renaisance جا پار پتا ڏجنس، جي هن کي پاڪستان ايمبسي (هاءِ ڪميشن) جي بلڊنگ جي خبر نه آهي ته هونءَ اسان جو سفارتخانو (هاءِ ڪميشن) جنهن عمارت ۾ آهي اها نه فقط آڳاٽي آهي پر آرڪيٽيڪٽ جي خيال کان سهڻي به آهي ۽ گهڻو ڪري هر ڪو واقف آهي. ڇو جو هن عمارت اڳيان هر لنگهندڙ ضرور پڇا ڪندو هوندو ته هن پراڻي زماني جي عمارت اندر ڇا آهي. آئون به پهريون دفعو هتان لنگهيو هوس ته سوچيو هوم ته هيءَ عمارت انگريزن جي ڏينهن جو ريسٽ هائوس آهي يا ته جيمخانو، يا وري ڪو ميوزيم هوندو ۽ اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته ملايا کي جيئن ئي خودمختياري ملي ته پاڪستان هن ملڪ کي يڪدم تسليم ڪيو ۽ سفارتخانو ٺاهڻ لاءِ هيءَ عمارت خريد ڪئي. اڄ هن عمارت جي قيمت اربين رپيا هوندي جنهن جي چوڌاري تمام وڏو باغيچو آهي.
جالان ائمپنگ وچ شهر کان شروع ٿئي ٿو، جتان جالان تئانڪو عبدالرحمان، جالان راجا لائوت ۽ جالان تن پيراڪ شروع ٿين ٿا. بڪت بنتانگ (ڪوالالمپور جي سهڻي علائقي) وٽان جالان راجا چولان رستو وهي ٿو. هن روڊ تان جالان ائمپنگ شروع ٿئي ٿو پر ان جو سمجهو ته شروع وارو اڌ ڪلوميٽر روڊ ”جالان گرجا“ سڏجي ٿو پوءِ جتي جالان ملاڪا پاسي کان لڳي ٿو اتي کان جالان ائمپنگ شروع ٿئي ٿو. جالان ائمپنگ ڪافي وڏو روڊ آهي ۽ ٿورو مٿي اتر ڏي وڃي پوءِ يڪو اوڀر طرف هليو وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ست اٺ ڪلوميٽر ٿيندو. واٽ تي ڪيترائي روڊ، جالان ائمپنگ کي ڪراس ڪن ٿا، يعني هڪ پاسي کان اچي ٻئي پاسي هليا وڃن يا ڪجهه رستا ساڄي يا کاٻي کان اچي جالان ائمپنگ تي دنگ ڪن ٿا. جيئن ته جالان منشي عبدالله، جالان دانگ وانگي (جنهن کي اسان جو جهاز ران ساٿي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ”دانگي وانگي“ روڊ سڏيندو هو. اتي ان ڪراسنگ وٽ جالان دانگ وانگي تي هتي جي اليڪٽرڪ گاڏي جي ان ئي روڊ جي نالي سان ريلوي اسٽيشن آهي. پوءِ اڳتي جالان سلطان اسماعيل (روڊ) ڪراس ڪري ٿو. ان ڪراسنگ وٽ مونو-ريل جي اسٽيشن ”بڪت ناناس“ نالي آهي. ملئي زبان ۾ بُڪت (Bukit) معنى ٽڪري آهي ۽ ناناس معنى انناس ٿي سگهي ٿو. ڪنهن زماني ۾ اتي انناس جي شڪل جهڙي ڪا ٽڪري هجي، جنهن تان هن علائقي جو اهو نالو پيو هجي. مونو-ريل ذريعي بڪت ناناس اسٽيشن تي يا اليڪٽرڪ ٽرين ۾ دانگ وانگي اسٽيشن يا ڪمپونگ بارو اسٽيشن تي لهڻ سان پاڪستان جي سفارتخاني ۾ پيدل پهچي سگهجي ٿو، جنهن بعد KLCC ريلوي اسٽيشن آهي، جتان پيٽروناس ٽاورس وڃي سگهجي ٿو.
جالان سلطان اسماعيل جي ڪراس ڪرڻ بعد، ائمپنگ روڊ کي جيڪو رستو ڪراس ڪري ٿو، ان جو کاٻي پاسي وارو حصو ”جالان يپ ڪوان سينگ“ سڏجي ٿو ته ساڄي پاسي وارو روڊ ”پي راملي“ سڏجي ٿو. هن شاهراهه P راملي تي ئي پيٽروناس ٽاورس آهن ۽ جالان يپ ڪوان ۽ جالان راملي جي ڪراسنگ کان پهرين، ائمپنگ روڊ تي کاٻي پاسي، اسان جي ملڪ جو سفارتخانو آهي ۽ روڊ جي ٻئي پاسي ملائيشيا جي ٽوئرسٽ آفيس ۽ ٿورو اڳيان بئنڪ سمپنان نئشنل وٽ، بوڪ هائوس ۽ انگريزن جي ڏينهن جي مشهور ريسٽورنٽ Le Coq Dor آهن. بهرحال ائمپنگ روڊ، گهڻو اڳيان وڃڻ تي ائمپنگ پارڪ اسٽيشن وٽ، ساڄي کان ”جالان بنجائي“ Binjai رستو اچيو ٿو لڳيس. ان بعد هن شهر (ڪوالالمپور) جو گول دائري (Outer Circle) وارو روڊ ”جالان تن رزاق“، جالان ائمپنگ تان ڪراس ڪري ٿو. ان بعد جالان ائمپنگ تي، ساڄي کان جالان ائمپنگ هِلر (Hilir) لڳي ٿو ۽ پوءِ گهڻو اڳتي جالان ائمپنگ، جالان لنگڪاران تنگاهه کي ڪراس ڪري، ڪمپونگ ليمباح تائين هليو وڃي. رستي تي، ساڄي پاسي کان ڪجهه ٻيا روڊ به لڳنس ٿا، جهڙوڪ: جالان داگانگ، جالان واواسان، جالان واواسان ائمپنگ ۽ جالان ديسا ائمپنگ... وغيره.
هتي اهو لکندو هلان ته هي ائمپنگ وارو علائقو اهو آهي، جيڪو چوڌاري گهاٽو جنگل هو، جنهن ۾ چين کان آيل چيني مزورن Tin جي کوٽائي ڪئي ٿي. ڌارين ملڪن کان آيل هي مزدور مسجد جامع وٽ، جتي ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملن ٿيون، اتي سامان سڙو رکي پوءِ ٻيڙين ذريعي ڪلانگ ندي ڏئي هتي پهتا ٿي. انهن ڏينهن۾ جنگل ايڏو گهاٽو هو جو ان مان پنڌ ڪرڻ به ڏکيو هو. نديءَ مان ئي لنگهه ٿي سگهيو ٿي ۽ مزدورن ٻيڙين ذريعي هن علائقي جي مختلف حصن ۾ Tin جي کوٽائي ڪئي ٿي.
مٿي ٻڌايل رستا، جيڪي منشي عبدالله، P راملي، يپ ڪوان سينگ جهڙين هتي جي مشهور شخصيتن نالي پويان آهن، تن جو مختصر تعارف ڪرائڻ ضروري سمجهان ٿو. ڇو جو ان قسم جي نالن وارا رستا، ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ به آهن. ان کان علاوه هتي جا رهندڙ ڌاريان ماڻهو، اھو پڻ سوچيندا رهن ٿا ته؛ اهي ڪير آهن جن جي نالي پويان هي روڊ آهن. اهي ماڻهو هتي جا ڄڻ تهicon   آهن.
منشي عبدالله روڊ، ملاڪا رياست جي ملاڪا شهر ۽ ٻين شهرن؛ جاسين، مُوئر ۽ مسجد تاناح ۾ به ملندو. ڇو جو منشي عبدالله، ملاڪا ۾ ڄائو هو. منشي عبدالله جو سڄو ۽ اصل نالو؛ عبدالله بن عبدالقادر هو. هتي ملائيشيا ۾ ”منشي“ ٽيچر يا پڙهيل لکيل ماڻهوءَ کي سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ٻين کي به پڙهائي. منشي عبدالله جا وڏا، عرب سوداگر هئا. سندن ڪجهه پيڙهيون، ڏکڻ هندستان ۾ رهڻ بعد سنگاپور ۾ اچي Settle ٿيون. منجھانئن ڪن مڪاني مدراسي تاملن سان ته ڪن ملئي عورتن سان به شادي ڪئي. منشي عبدالله جو ڏاڏو ۽ پڙ-ڏاڏو، معلم به ٿي رهيا، جنهن تان کين منشي سڏيو ويو. عبدالله، ملاڪا ۾ ڄمڻ ڪري، سنگاپور ۾ کيس ملاڪا وارو منشي به سڏيندا هئا. ههڙن ماڻهن جي فئملي ڏسي، مون کي مرزا قليچ بيگ جي فئملي ياد ايندي آهي، جيڪي دراصل روسي رياست جارجيا جا رهاڪو هئا، پوءِ اتان لڏي ايران ۾ رهيا. بعد ۾ سندن ڪجهه فئمليون، سنڌ ۾ به اچي رهيون. مرزا قليچ بيگ جي، سنڌي ادب ۾ وڏي خدمت آهي. منشي عبدالله به هتي جي مڪاني زبان ملئيءَ جو وڏو ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس دور ۾، ملئي ڪلاسيڪل ادب، ماڊرن ادب جي شڪل اختيار ڪئي. منشي عبدالله 1796ع ۾ ڄائو، يعني شاهه لطيف جي وفات کان 40 سال کن پوءِ ڄائو ۽ 1854۾ جدي ۾ وفات ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ جدو، ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه جو حصو هو. سعودي ملڪ ته پوءِ وجود ۾ آيو.
منشي عبدالله به پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جو ڌنڌو، درس تدريس اختيار ڪيو ۽ هن پاسي جي انگريز ۽ ڊچ حاڪمن کي ملئي پڙهائي ۽ ترجميڪار جا فرائض ادا ڪيا. پاڻ ڪيترا ئي ڪتاب لکيائين جن ۾ حڪايات عبدالله (عبدالله جي آتم ڪٿا) اڄ تائين تمام گهڻو مشهور آهي. سندس حج جو سفرنامو Kirah Pelayaran Abdullah ke Melah (عبدالله جي حج جي سفر جو قصو) پڻ پڙهڻ وٽان آهي، جيڪو هن 1854ع ۾ ادا ڪيو. حڪايات عبدالله 1845ع ۾ ڇپيو. اهو ملئي زبان جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ڪمائيءَ جي خيال سان ڇپيو ويو ۽ اڄ تائين وڪامندو رهي ٿو.
پي راملي (P. Ramlee) به هڪ اهم ملئي شخصيت ٿي گذريو آهي. هو نه فقط ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ مشهور آهي پر انڊونيشيا ۾ به آهي. پي راملي هنن لاءِ ائين آهي جيئن پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش وارن لاءِ فلم ائڪٽر دليپ ڪمار. پر منهنجي خيال ۾ هن جو مثال ملڪه ترنم نورجهان سان ڏئي سگهجي ٿو. ڇو جو دليپ ڪمار ته فقط فلمن ۾ اداڪاري ڪئي پر پي راملي هن تر جو مشهور ائڪٽر، ڊائريڪٽر، ڳائڻو، ڪمپوزر، راڳ لکندڙ ۽ پروڊيوسر رهي چڪو آهي. سندس جوانيءَ جي ڏينهن جي شڪل ٿوري گهڻي اسان واري دڙي (ٺٽي) جي اديب يوسف سنڌيءَ سان ملي ٿي. هتي جا ماڻهو، پي رامليءَ جون پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهي جون فلمون ڪجهه اهڙي شوق سان ڏسندا آهن، جيئن اسان وٽ رنگيلا جون. توهان ملائيشيا ۾ مهينو مس رهندائو ته راملي جي فلمن کان واقف ٿي ويندائو. رات به هتي جي هڪ چئنل تان سندس 1953ع جي بلئڪ ائنڊ وائيٽ فلم “Hujan Panas” هلي رهي هئي. ملئي زبان ۾ ”هُجان“ معنى بارش، مينهن ۽ ”پاناس“ معنى گرم. راملي جي پهرين فلم Cinta (چِنتا) آهي معنى پيار، جيڪا 1948ع ۾ ٺهي ۽ آخري فلم Air Mata di kuala lumpur (آئر ماتا ڊي ڪئالالمپور) 1973ع جي آهي. ملئي زبان ۾ پاڻيءَ لاءِ لفظ آئر آهي جيڪو ائين لکيو وڃي ٿو جيئن ”هوا“ لاءِ انگريزي لفظ Air لکون ٿا. ماتا  Mataمعنى اکيون. اکين جو پاڻي؛ سو ٿيا ڳوڙها، ڊي معنى ۾. سو هن فلم جو نالو ٿيو ”ڪوالالمپور ۾ ڳوڙها.“
پي راملي جو اصل نالو زڪريا بن نياڪ پوتيح هو، جيئن دليپ ڪمار جو محمد يوسف آهي. پاڻ پينانگ جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهيو. ٻي جنگ دوران جڏهن ملايا چار سال کن جپان جي قبضي ۾ هو، هن جپاني نيول اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪئي. جپان تي بم ڪرڻ ۽ انگريزن جي ملايا ۾ واپس اچڻ تي هن سول ڪاليج مان تعليم مڪمل ڪئي. هو راندين ۽ ميوزڪ ۾ به هوشيار هو.
پي راملي ٽي شاديون ڪيون، جن مان ٽي ٻار ٿيس. ان کان علاوه پنج ٻيا ٻار نپايائين. هتي ملائيشيا ۾ يتيم ۽ لاوارث ٻارن کي پالڻ ۽ پنهنجي ٻار جو درجو ڏيڻ، عام ڳالهه آهي. اڄ جا نوان هاڻ مڙيئي هڪ زال کي ڪافي سمجهڻ لڳا آهن، نه ته اسان جي ٽهيءَ جي هم عمر ملئي مسلمانن  ۾ به ٻي يا ٽي شادي ڪرڻ ڪو هروڀرو خراب نٿي سمجهيو ويو. نه وري گهڻين شادين، مردن لاءِ ڪو خاص معاشي بار پيدا ڪيو ٿي. ٿو جو مردن وانگر، هتي جي هر عورت ڪا نه ڪا نوڪري، پورهيو يا بزنيس ڪري، پنهنجي ۽ ٻارن جي خرچ جو پورائو ڪري ٿي.
پي راملي 1929ع ۾ ڄائو ۽ 44 ورهين جي ڄمار ۾ 1973ع ۾ دل جي دوري پوڻ سان وفات ڪيائين. پاڻ هن جالان ائمپنگ واري قبرستان ۾ ئي دفن ٿيل آهي. کيس مرڻ بعد ”تان سري“ جو خطاب ڏنو ويو. اهو خطاب ائين آهي جيئن انگريزن وٽ Sir جو آهي. 1982ع ۾ هن روڊ تي سندس نالو رکيو ويو. ور نه ته ان کان اڳ، هن روڊ جو نالو ”جالان پئري“ هو.
مٿي جالان ائمپنگ روڊ بابت لکندي ڪوالالمپور جي هڪ ٻئي اهم روڊ جالان دانگ وانگي جو لکيو اٿم، جيڪو هتي جي دانگ وانگي علائقي ۾ آهي. دانگ وانگي علائقو ڪوالالمپور جو هڪ مرڪزي علائقو آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾کارادر يا بغدادي. دانگ وانگي روڊ، اڃا تائين اصلي نالي ”ڪئمپبيل روڊ“ سان پڻ سڏجي ٿو. هي انگريز ريزيڊنٽ اهو ئي صاحب آهي، جنهن جي نالي ڪراچي ۾ نيو چالي ۽ پاڪستان چوڪ جي وچ ۾ ڪئمپبيل روڊ آهي، جيڪو فريئر روڊ کي ايم اي جناح روڊ سان سٽي ڪورٽ وٽ ڳنڍي ٿو.
جنهن روڊ (جالان) جو هينئر جالان راجا چولان نالو آهي، اهو 1982ع تائين هتي جي انگريز ڪاموري مسٽر ويلڊ نالي هو. راجا چولان جو پيراڪ رياست جي شاهي خاندان سان تعلق هو. پاڻ ڪافي پڙهيل ڳڙهيل هو. هن انگريزن ۽ ملئي سلطانن سان گڏجي پيراڪ، سلينگو، نيگري سيمبيلان ۽ پهانگ رياستن جي 1896ع ۾ فيڊريشن ٺهرائي جيڪاFederated malay states  سڏجڻ لڳي. جيڪا پوءِ اڳتي هلي، اڄ وارو ملائيشيا ملڪ ٿيو. راجا چولان انگريزن تي اهو به زور آندو ته؛ هو ملئي ماڻهن جون معاشي حالتون بهتر بڻائين ۽ کين سول سروس ۾ نوڪريون ڏين. پاڻ 1869ع ۾ ڄائو هو ۽ 1933ع ۾ وفات ڪيائين.
ڪوالالمپور ۾ جيڪي پراڻيون عمارتون آهن، انهن مان بوڪ هائوس جيڪو Le Coqd’or جي نالي سان به سڏيو ويو ٿي، پڻ هڪ هئي جيڪا 2006ع ۾ ڊاٺي وئي. هيءَ عمارت اسان جي پاڪستاني سفارتخاني واري ائمپنگ روڊ تي آھي، جتي اسان جو سفارتخانو پلاٽ نمبر 132 تي آهي. بوڪ هائوس وري پلاٽ نمبر 121 تي هو. يعني پيٽروناس ٽاور ۽ بوڪ هائوس جي وچ ۾، فقط هڪ بلاڪ جو فاصلو آهي. بوڪ هائوس، هڪ انگريز ڪمپنيءَ، Cycle & Carriage ڪمپنيءَ جي چيني مالڪ چُئاچينگ بوڪ لاءِ 1926ع ۾ ٺاهڻ شروع ڪيو ۽ 1929ع ۾ مڪمل ڪيو ويو.
هن بلڊنگ (بوڪ هائوس) جي پٺيان هڪ ڪهاڻي مشهور آهي ته؛ ائمپنگ روڊ تي رهندڙ هڪ امير چينيءَ جي ڌيءَ تي چينگ بوڪ عاشق ٿي پيو. جيئن ته ڇوڪريءَ جي پيءُ، چينگ بوڪ کي غريب ڏسي، رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان بعد چينگ سنگاپور هليو ويو. جتي هن ڪجهه سال محنت مزوري ۽ پوءِ بزنيس ڪري سائيڪلن جي مرمت جي ڪمپني ”سائيڪل ائنڊ ڪئريج“ کولي، جنهن جون برانچون اپوح ۽ ڪوالالمپور ۾ به کوليائين. بهرحال هن خوب پئسو ڪمايو. ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏيکارڻ لاءِ، هن هيءَ عمارت ”بوڪ مئنشن“ ڇوڪريءَ جي گهر ڀرسان ٺهرائي. ڪي چون ٿا ته چينگ کي هيءَ ڇوڪري ملي وئي، ڪي چون ٿا ته هن ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. بهرحال چينگ جي فئملي هن گهر ۾ رهي. 1942ع ۾ ٻي وڏي لڙائي دوران جپانين پنهنجي قبضي دوران هن بلڊنگ ۾ پنهنجي Yo kohanama specie بئنڪ کولي. لڙائي ختم ٿيڻ ۽ انگريزن جي موٽي اچڻ تي هن بلڊنگ کي ڪجهه عرصي لاءِ بورڊنگ هائوس به بڻايو ويو. ان بعد 1958ع کان هن ۾ فرينچ ريسٽورنٽLe coq D’or نالي کولي وئي، جيڪا هتي جي هاءِ ڪلاس ريسٽورنٽ سمجهي وئي ٿي. اسان به ڪئپٽن احمد مخدوم سان گڏ، ملاڪا کان هلي ملي، چانهه پيئڻ ۽ هن شهر جي اهم شخصيتن کي ويجهو ڏسڻ لاءِ هن ريسٽورنٽ ۾ ايندا هئاسين. هيءَ هوٽل 43 سال هلڻ بعد، 2001ع ۾ بند ڪئي وئي. گذريل صديءَ جي هر ٽريول يا گائيڊ بڪ ۾ توهان کي هن بوڪ هائوس ۽ لي ڪاڪ دور ريسٽورنٽ جي تعريف لکيل ملندي. هن بلڊنگ جو آرڪيٽيڪٽ به ڏسڻ وٽان هو ۽ هتي جي هڪ مشهور تصويري ڪتاب Guide to Notable Buildings of K.L ۾ هن عمارت جي پڻ تصوير آهي. هڪ ٻيو ڪتاب 100 Years of Kuala lumpur Architecture 1890-1990 ۾ به هن عمارت جي تصوير آهي. چون ٿا ته؛ ريسٽورنٽ جي بند ٿيڻ بعد، هن بلڊنگ جي حالت خراب ٿي وئي ۽ منجهس ڏار به پئجي ويا هئا. ان ڪري هتي جي ميونسپالٽي وارن هن بلدنگ کي ڪيرائڻ ۾ بهتري سمجهي. جيتوڻيڪ ڪيترن ماڻهن کي هن عمارت جو نالو نشان مٽجڻ جو افسوس آهي. انهن ۾ شايد هڪ آئون به هجان، جيڪو هن بلڊنگ اڳيان مڪاني ملئي دوستن ۽ وطن کان آيل مهمانن سان گڏ بيهي شوق سان تصويرون ڪڍرائيندو هو. هن فرينچ ريسٽورنٽLe coq D’or ۾ منهنجي پنهنجن دلپسند ملئي ڳائڻن سڌيرمن، داتوشيڪ، شيلا مجيد، اِيلا (نوزيلا)، شريفا ائني ۽ نورا زيلا روسلي سان ملاقات ٿي. سڌيرمن پڙهيل لکيل ڳائڻو هو. سندس مشهور گانو ”باليق ڪمپونگ“ (ڳوٺ پيو وڃان) اڄ به گنگنائيندو رهان ٿو. (سڌيرمن) جنهن جو اصل نالو حاجي ارشد هو 1992ع ۾ 40 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. اڄ صبح جو هڪ روڊ سائڊ ريسٽورنٽ ۾ نورا (سڄو نالو نورا زيلا روسلي) جو گانو ڊِي سِني اَڪُو مينانتي..... (هي اها ئي جاءِ آهي جتي مون انتظار ڪيو) ٻڌي 1987ع جو سال ياد اچي ويو، جڏهن نورا اهو گانو ڳايو هو ۽ مون ٻڌڻ سان پنهنجن ملئي دوستن کي چيو هو ته هي گانو اسان جي ننڍي کنڊ جي ڳائڻي لتا منگيشڪر جي پراڻن گانن ”برسات مين هم سي ملي تم سجن“ يا ”چلي جانا نهين“ جي ياد ٿو ڏياري. مون ڏٺو ته پاءُ صدي گذرڻ بعد، اڄ به ٻڌندڙ ان گاني تي جهومي رهيا هئا، جنهن گاني کي گاڏي هلائڻ وقت آئون به ٻڌي جهومندو هوس. توهان کي به ان گاني ٻڌڻ جو موقعو ملي ته ضرور ٻڌجو، ڇا ميوزڪ ڪمپوز ڪئي وئي آهي؟ ڇا مائي نورا ڳايو آهي؟ ۽ ڇا شاعري آهي؟... Di Sini Aku Menanti

No comments:

Post a Comment