منهنجي صلاح موجب ڇا گهمڻ کپي؟
الطاف شيخ
ڪوالالمپور جي جالان (شاهراهه) ائمپنگ، جالان پي راملي، جالان پينانگ ۽ جالان ڪيا پينگ جي اندر واري حصي ۾ هتي جي سڀ کان اتاهين عمارت پيٽروناس ٽاورز آهي، جيڪاTwin ٽاورس به سڏجي ٿي ۽ سال 2004ع تائين جيسين تائپي جي ڊگهي عمارت نه ٺهي هئي، ملائيشيا جي هيءَ عمارت 6 سال دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي عمارت هئي.
پيٽروناس ٽاورس جو ڪم 1998ع ۾ مڪمل ٿيو ۽ آگسٽ 1999ع کان عام پبلڪ لاءِ کولي وئي. پيٽروناس هتي جي گئس ائنڊ آئل ڪمپني آهي، جيئن اسان وٽ سئي گئس ڪمپني هڪ سرڪاري ادارو آهي. هنن ٻن ٽاورن مان هڪ ۾ فقط پيٽروناس ۽ ان سان واسطو رکندڙ ادارن جون آفيسون آهن ۽ ٻئي ۾ آءِ بي ايم، الجزيره، مائڪرو سافٽ، ريوٽرس، دي ايجنسي، ائڪسينچر ۽ ٻين ملڪي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين جون آفيسون آهن. هر هڪ ٽاور ۾ 88 فلور (ماڙيون) آهن. هنن عمارتن جو بنياد، گرائونڊ ليول کان 120 ميٽر هيٺ رکيل آهي. رستي جي ليول کان 452 ميٽر يعني 1490 فٽ اتاهين آهي. هيءَ عمارت 341760 چورس ميٽرن تي پکڙيل آهي، جيڪا 37 لک چورس فٽ ايراضي ٿي. يعني اسان وٽ عام طرح وڏو گهر 1000 چورس والن جو يعني 9000 چورس فٽن جو جيڪڏهن آهي ته ان گهر جهڙن 412 گهرن جيتري ايراضيءَ واري گرائونڊ تي ڦهليل آهي. هيءُ ٻئي ٽاور، هيٺ کان مٿي تائين، الڳ الڳ عمارتون آهن. هر عمارت 88 ماڙ آهي. ٻنھي عمارتن جي وچ ۾، 41هين ۽ 42هين ماڙ تي، پل ٺاهي کين هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي. هڪ عمارت ۾ ڪم ڪندڙ، جيڪڏهن ٻي عمارت ۾ وڃڻ چاهي ته، ان لاءِ ضروري ناهي ته پھرين هو ان ماڙ جي گرائونڊ فلور تي پهچي منجھانئس نڪري، پوءِ ٻي عمارت جي گرائونڊ فلور تان وري لفٽ ۾ چڙهي. هڪ عمارت مان ٻي عمارت ۾ وڃڻ لاءِ، هر ڪو هنن پلين رستي واڪ ڪري اچي وڃي سگهي ٿو.ان پل کيSky Bridge سڏين ٿا ۽ 58 کن ميٽر يعني 190 فٽ ڊگهي آهي. هن جي تور 750 ٽن چئي وڃي ٿي. هن پل تان لنگهندي سڄي ڪوالالمپور جو نظارو ٿي سگهي ٿو.
پيٽروناس ٽاورس گهمڻ لاءِ ڪا به ٽڪيٽ ناهي، پر هن اسڪاءِ برج تان لنگهڻ لاءِ روزانو 1700 کن ماڻهن کي پاس ملي ٿي، جيڪي 41هين فلور تان هن پل تان لنگهي ٻي عمارت ۾ وڃي سگهن ٿا. 42هين ماڙ واري پل هنن ٽاورس ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ رکي وئي آهي. هيٺان کان مٿي وڃڻ لاءِ 10 اسڪاليٽر آهن. ان کان علاوه ڪيتريون ئي لفٽون آهن، جيڪي بلڊنگ جي مختلف حصن تائين پهچائڻ لاءِ ورهايل آهن. هي ٽاور جڏهن ٺهي راس ٿيا هئا ته 1.2 بلين آمريڪن ڊالر خرچ آيو هو. سڄي عمارت ۾ 32 هزار دريون آهن. عمارت ۾ آرٽ گئلري، 840 ڪرسين وارو ڪنسرٽ هال ۽ زير زمين تمام وڏو پارڪنگ لاٽ آهي.
پيٽروناس وارن جا تيل ۽ گئس کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي ادارا آهن. منجھانئن، شپنگ به هڪ آهي. هن ڪمپنيءَ جا ڪيترا تيل جا ۽ ڪيميڪل کڻڻ جا جهاز آهن ۽ جنهن نيول اڪيڊمي لاڪا ۾ مون 10 سال کن نوڪري ڪئي، ان کي اڄ ڪلهه پيٽروناس هلائي ٿي. منهنجا ڪيترا ئي شاگرد هن بلڊنگ ۾ جهاز راني جو ڪاروبار هلائين ٿا، جن جي دعوت تي اڳئين دفعي هن عمارت ۾ ٻه چار دفعا وڃڻ جو موقعو مليو. هونءَ ڪي شيون اهڙيون آهن، جن جي سونهن انهن کي پري کان ڏسڻ ۾ سمايل آهي. جيئن پاڻيءَ جو جهاز آهي. توهان ڪناري تي بيهي ڪنهن ويندڙ جهاز کي ڏسندائو ته تمام سهڻو نظارو محسوس ٿيندو. پر جهاز ۾ اندر هجڻ وارو ته هڪ لوهي ڀتين واري ڪمري ۾ آهي. اهڙي طرح هيءَ عمارت آهي. توهان وٽ وقت آهي ته هن عمارت جي در تائين پهچي اندر جون ڀتيون، آفيسون، ريسٽورنٽون، دڪان وغيره ڏسو نه ته ان پٺيان ٽي چار ڪلاڪ وڃائڻ بدران اهو وقت توهان ٻيون شيون ڏسڻ ۾ لڳائي سگهو ٿا. رهيو سوال فوٽو ڪڍڻ جو اهو جالان ائمپنگ يا جالان پي راملي رستن تان توهان ڪٿان به ڪڍي سگهو ٿا. ڇو جو هيڏي وڏي عمارت جي تصوير، سامھون بيهي ڪڍڻ سان ته هرگز نه ايندي. آئون به هميشه ائمپنگ روڊ تان، گهڻو ڪري پنهنجي سفارتخاني وٽان، هن عمارت جي تصوير ڪڍندو آهيان.
پيٽروناس وارن جي ان نالي سان يونيورسٽي پڻ آهي، جنهن ۾ ڪيترا پاڪستان جا شاگرد پڻ نظر آيا. پيٽروناس ٽاورس جي هيٺان جيڪو شاپنگ مال آهي، ان جو نالوSuria KLCC آهي. ان جي تمام گهڻي مشهوري ڪئي وڃي ٿي، پر اسان جهڙن ماڻهن لاءِ اهڙن شاپنگ مالن ۾ وقت وڃائڻ اجايو آهي.
اڄڪلهه اسان جي ملڪ جي آچر بازارين، بولٽن مارڪيٽ، ميٽرو ۽ مائڪرو جهڙن شاپنگ سينٽرن ۾ هر شيءِ تمام گهٽ اگهه تي مليو وڃي، جتي توهان کي ملائيشيا، فلپين، انڊونيشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن جا ٽوئرسٽ پڻ خريداري ڪندي نظر ايندا، سو ان کان بهتر آهي ته ڪوالالمپور جو اوسو پاسو ڏسجي.
سالن کان ڏسندو اچان ته ڪوالالمپور جي هوٽلن وارا، ٽريول ايجنٽ ۽ ٽوئرسٽ کاتو، ڌارين ملڪن کان آيل سياحن کي پنجاهه سٺ رنگٽن (هزارُ کن رپين) ۾، هتي جون ٻه چار اهم شيون ڏيکاري ٿو. منهنجي خيال ۾ جيڪو هلي ملي ملائيشيا اچي ٿو، ان کي اهي ضرور ڏسڻ کپن. اهي شهر کان پرڀرو آھن. تنھنڪري گروپ ٺاھي، بس ذريعي اھي ھنڌ گهمڻ ۾ گهٽ خرچ ۽ وڏو فائدو آهي. ٽوئرسٽ ڪمپنيون، ٽوئر ۾ هتي جي باتڪ جو ڪم ڏيکارين ٿا. جيئن اسان وٽ هالا ۾ اجرڪ جو ڪم ٿئي ٿو، تيئن هتي جا ملئي ڪاريگر خوبصورت رنگن ۽ شڪلين ۾ ڪپڙي تي ڇُر جو ڪم ڪن ٿا. ان ڪپڙي مان مرد، قميصون ۽ عورتون، چولا ۽ اسڪرٽ (باجو ڪرونگ) ٺهرائين ٿيون. ملائيشيا ايئرلايئن جي ايئرهوسٽس جي ڊريس باتڪ جي آهي.
ملائيشيا پيوٽر جي شين کان به مشهور آهي. پيوٽر؛ ٻن ٽن ڌاتن کي ملائي چانديءَ جهڙو ڌاتو ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ گهڻي مقدار ۾ ٽِن(Tin) ٿئي ٿو، جيڪو ڪوالالمپور جي کاڻين مان ملي ٿو. ٽوئرسٽ ڪمپنيون گهڻو ڪري ”سلينگور پيوٽر فئڪٽري“ گهمائين ٿيون، جيڪا انگريزن جي ڏينهن کان هلندي اچي ۽ هڪ صديءَ کان به آڳاٽي آهي. هن فئڪٽريءَ ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته هي ڌاتو(Alloy) ڪيئن ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ان مان ڪيئن ننڍا ننڍا خوبصورت سووينئر ٺاهيا وڃن ٿا.
مٿين فئڪٽري گهمائڻ دوران، هر ٽوئرسٽ ڪمپني، رستي تي توهان کي رٻڙ جي پوک به ڏيکاري ٿي، جتي رٻڙ جي وڻن جي ٿڙن کي تامل عورتون هلڪو چيهڪ ڏيئي، کير جي صورت ۾ رٻڙ(Latex) ڪڍن ٿيون. پيالين ۾ جمع ڪيل اهو کير ملائي، ويلڻ يا هٿ جي رولر مشين سان، منجھانئس ’ڊور مئٽ‘ جيڏي ننڍي شيٽ ٺاهين ٿيون. جيڪي ايڪسپورٽ ڪيون وڃن ٿيون. يا مڪاني ڪارخانن ۾، انهن مان رٻڙ جون شيون؛ ڊاهڻ واروEraser ، ڪارن جا ٽائر ۽ ٽيوب ٺاهيا وڃن ٿا.
ٽوئر جي آخر ۾، هو سياحن کيBatu Caves (باتو جبلن جون غارون) ڏيکارڻ لاءِ وٺي اچن ٿا، جتي هندن جا آڳاٽا مندر آهن.
اسان جي طرف جي ماڻهن لاءِ، هتي اچڻ سان سٺو تجربو ٿيندو. اسان جي اوسي پاسي جي ملڪن؛ ايران، سريلنڪا، دبئي ۽ ڪويت وغيره جا عرب ته وري به انڊيا ويندا رهن ٿا، پر اسان جا پاڪستاني جيڪي انڊيا جي ڪلچر، هندو ڌرم ۽ مندرن ۽ منجھن موجود ٻاون ۽ پوڄا پاٺ جي نموني کان اڻ واقف آهن، تن لاءِ هتي اچڻ سان ڪيترين ئي نين ڳالهين کي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. اسان جو يورپ يا عرب ملڪن ۾، هندو ڌرم جي ماڻهن سان واسطو پوي ٿو ته اهي اتر هندستان جا آهن، جن جون ڪيتريون ڳالهيون اسان ۾ ساڳيون آهن. جيئن زبان، ڪپڙو پوشاڪ، کاڌا پيتا، ملڻ کيڪارڻ جا طريقا وغيره. پر ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي جيڪي هندو رهن ٿا، اهي اڙدو، هندي يا پنجابي ۽ گجراتي ڳالهائڻ وارا نه آهن، پر تامل، مليالم، ڪنهڙ ۽ تيلگو قسم جون زبانون ڳالهائڻ وارا دکني يعني ڏکڻ هندستان جا آهن. جيڪي ڪيتريون ئي اهڙيون هندو رسمون ۽ ڏڻ (جهڙوڪ ٿائيپوسام ۽ پونگل) ملهائين ٿا، جيڪي اسان جي هندن لاءِ به نيون ڳالهيون آهن ۽ ويندي هتي جي سائوٿ انڊين هندن جي ديوتائن جا نالا به اسان جي اترين علائقن جي هندن جيDeities جي نالن کان مختلف آهن. سو اسان جهڙن پاڪستاني مسلمانن توڙي هندن لاءِ، باتو غارن وارا مندر ۽ ٻاوا، مختلف رنگن ۽ ميڪ اپ ۾ نظر ايندڙ ڏکڻ هندستاني پوڄاري، سندن ريتون ۽ رسمون حيرت ۾ وجهندڙ آهن. ان کان علاوه هتي اچڻ سان، اسان کي غارن ڏسڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو. باتو غارون، جنهن کي هتي هر ڪو انگريزي ناليBatu Caves سان سڏي ٿو، در اصل هڪ چن(Lime Stone) جي ٽڪري آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون غارون آهن، جن ۾ هندن جا آڳاٽا مندر آهن. اهي ڪوالالمپور جي ڀر واري ضلعي گومباڪ ۾ آهن. ڪوالالمپور جي وچ شهر کان 13 ڪلو ميٽر پري ٿينديون. ان ڪري هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ لاءِ بهتر آهي ته هو هن قسم جي گروپ ٽوئر وارن سان گڏ نڪري. اھا معلومات اوھان کي، اوھان جي هوٽل انتظاميه کان پئجي ويندي. جيڪڏهن توهان جي هوٽل طرفان اهي جايون گهمائڻ جو بندوبست ناهي ته اوسي پاسي جي ٻيءَ هوٽل مان معلوم ڪري سگهو ٿا ۽ مقرر وقت تي ان هوٽل اڳيان اچي بيهندائو ته اها ٽوئرسٽ بس توهان کي کڻي ويندي. اڪيلي وڃڻ کان ائين ٽوئرسٽ بس جي گروپ سان وڃڻ سستو آهي. اهي توهان کي هر شيءِ چڱيءَ طرح گهمائيندا ۽ ان بابت معلومات ڏيندا. جيڪڏهن توهان ڪنهن واقفڪار وٽ ترسيل آهيو ته هو پاڻ توهان کي باتو غارن ڏي وٺي هلندو، ڇو جو هن لاءِ اهو ڪو وڏو مفاصلو ناهي. هاڻ ته باتو غارن تائين جهڙو يڪو شهر ٿي ويو آھي، جيئن صدر کان ملير يا ناظم آباد تائين يڪو شهر ڪراچي آهي.
جتي هيءَ باتو ڪيوز واري ٽڪري آهي، اتان باتو سنگائي (باتو ندي) وهي ٿي، جنهن تان هنن غارن جو نالو باتو پيو آهي ۽ ڀر ۾ باتو ڪيوز نالي ڳوٺ به آهي. ملئي زبان ۾ نديءَ کي سنگائي(Sungai) سڏجي ٿو. ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون نظر اچن ٿيون، جن ذريعي مينهن جو پاڻي سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو. ملائيشيا ۾ ڪيترا شهر آهن، جن جي نالن ۾ ”سُنگائي“ اچي ٿو. جيئن ته سنگائي بارو (نئون)، سنگائي لاما (پراڻو) جيئن اسان وٽ هالا نوان، هالا پراڻا وغيره آهن. ملاڪا ۾ جنهن ڳوٺ جي ڀرسان اسان جي نيول اڪيڊمي هوندي هئي، ان جو نالو ”ڪئالا سنگائي بارو“ آهي معنى ”نئين نديءَ جو منهن.“ ڀر ۾ هڪ مشهور شهر ”سنگائي اڊانگ“ (گانگٽن واري ندي) آهي.
هتي هن جبل جي غار ۾، انڊيا کان ٻاهر سڀ کان وڏو هندو مندر آهي، جيڪو هندن جي ديوتا موروگن کي منسوب ٿيل آهي. موروگن ڀڳوان، جنهن کي سبراهمنيا به سڏين ٿا، هندن جو، خاص ڪري ڏکڻ هندستان جي تاملن جو، هڪ مشهور ديوتا (Deity) آهي. سائوٿ انڊيا، سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾، جتي تاملن جو وڏو اثر رسوخ آهي، موروگن (سبزاه منيا) تمام گهڻو پاپولر آهي. هن کي ”تاملن جو ڀڳوان“ به سڏيو وڃي ٿو. هن جا ٻيا به ڪيترا ئي نالا آهن، جيڪي هن پاسي جي ماڻهن جي نالن ۾ پڻ اچن ٿا، جيئن ته سينل، سروانا، ڪارتيڪيا، ارومگام، سن مگا (سنسڪرت وارو) گوُهان (عار ۾رهڻ وارو)، قدمبان (ڪلهن تي قدمبو گل رکي هلڻ وارو)، وغيره.
باتو غارون، پهرين انگريزن ۽ هڪ آمريڪن نئچرلسٽ وليم هارناڊي کي 1878ع ۾ نظر آيون. هندن کي ان جي پوڄا ڪرڻ لاءِ، ان وقت جي هڪ هندو سوداگر، ٿام بوسامي پلائيءَ، اڪسايو ۽ لارڊ موروگا جي ياد ۾ مندر ٺهرايو. ڪوالالمپور جو هڪ ٻيو آڳاٽو هندو مندر، سري مها ماريامان پڻ هن ٺهرايو ۽ 1892ع کان هتي ٿائپوسام جشن ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جيڪو سائوٿ انڊيا ۾ تامل ملهائين ٿا. اڄڪلهه ٿائيپوسام سنگاپور، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ به ملهايو وڃي ٿو، جتي تامل ماڻهن جي گهڻائي آهي. هيءُ جشن جنوري ۽ فيبروريءَ ۾ چنڊ جي چوڏهين تاريخ ملهايو وڃي ٿو. در اصل ٿائيپوسام، تامل مهينن ٿاءِ ۽ پوسام مان ٺهيو آهي. هيءُ جشن ان موقعي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ پاروتي، موروگن ديوتا کي ڀالو ڏنو ته برائي جي شيطان ”سورا پادمن“ کي ڀڄائي ڪڍي. باتو غارن جي مندر جي مهاراجا ٻڌايو ته؛ ڪيترن هندن ۽ ٻين کي اها غلط فهمي آهي ته ٿائيپوسام موروگن ڀڳوان جي جنم ڏينهن تي ملهايو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته؛ ”موروگن جي ان جشن کي ”وائخاسي وشامڪم“ سڏجي ٿو.“
بهرحال اهي خوشيءَ جا ڏينهن ۽ جشن، ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تامل هندو ملهائين ٿا. اهڙيءَ طرح هڪ ٻيو هندن جو جشن، پونگل آهي. جيڪو پڻ تامل هندو ملهائين ٿا. ان جو واسطو ڌرم کان وڌيڪ ڪلچر سان آهي. اھو ڏکڻ هندستان ۾، فصل لهڻ تي ملهايو وڃي ٿو، جئين اسان وٽ لاهور ۾ بسنت جي موسم جي آمد ۾ لغڙ اڏايا وڃن ٿا. ”پونگل“ جشن ۾، ملائيشيا ۽ سنگاپور جا تامل هندو، هڪ ڍڳي کي سينگاري شهر جي اهم رستن تان سرگس ڪڍندا آهن. هن قسم جا ثقافتي ۽ ڌرمي جشن يا ڏڻ، اسان جي ملڪ جي هندن لاءِ به نوان آهن. انڊيا جي ويزا ته ايڏو سولائيءَ سان نٿي ملي، پوءِ به اهي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اچي ڏسن ٿا.
شروع کان منهنجي لاءِ هي باتو غارون دلچسپ جاءِ رهيون آهن. جيڪو علائقو ملائيشيا ۽ انڊيا جو مڪسچر لڳي ٿو. هر وقت ميلي جو رنگ هوندو آهي. ملئياڻين جي باجوڪرونگن (باتڪ جي وڳن) ۽ گورين چينياڻين جي اسڪٽ بلائوزن ۾ تامل، مليالم ۽ ڪنهڙ ڳالهائيندڙ هي سنهڙيون، ڪارڙيون سائوٿ انڊين نيلي، کهنبي، واڱڻائي ۽ تکي گلابي رنگ جي گلابي رنگ جي ساڙهين ۾ عجيب ڏيک ڏين ٿيون. مٿي غار جي منهن وٽ پهچڻ لاءِ، 272 ڪافي ويڪرا ڏاڪا آهن، جيڪي يڪساهي چڙهڻ جوانيءَ جي ڏينهن ۾به ٿڪائي رکندا هئا. هن ڀيري ته هيڪانديون ساهيون پٽيندو چڙهيس. رستي تي اطالوي، تائواني، فلپيني ۽ سائوٿ آمريڪن پوڙهين ۽ جوان ڇوڪرين سان خبرون ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڏاڪي تي ويهي ٿي رهيس. يا هتي جي پڇ ڊگهن مڪاڪا ڀولڙن جون خرمستيون ٿي ڏٺم، جيڪي ڏاڪڻين تي چڙهندڙ ٻارن توڙي وڏن کان، شيون ڦري رهيا هئا. پهرئين ڏاڪي کان وٺي مٿئين تائين، سوين ڀولڙا پنهنجن ٻارن ٻچن سان ٽوئرسٽن طرفان مليل خيراتي خوراڪ يا کانئن ڦرايل کاڌي جي تاڙ ۾ رهن ٿا. ڪيترا ٽوئرسٽ ته هنن چالاڪ ڀولڙن جون بولاٽيون ۽ ڦيريون ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. ان قسم جا ڪي ڪي نظارا ته آئون به پنهنجي ڪئميرا ۾ قابو ڪندو ويس. هن قسم جا ڀولڙا ملائيشيا، ڏکڻ ٿائلنڊ ۽ فلپين ۾ عام آهن. جن کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جيئن ته کيکڙو کائيندڙ مڪاڪا، Cynomolgus Monkey، فلپيني ڀولڙو ۽ ڊگهي پڇ وارو ڀولڙو. سندن سائنسي نالو Macaca Fascicularies آهي جيڪو 1821 ۾ سنگاپور جو ٻيٽ خريد ڪرڻ بعد، سر ٿامس رائفلس هن ڀولڙي تي نالو رکيو. هي ڀولڙو، ڊيگهه ۾ 15 کان 22 انچ ٿئي ٿو. سندس ٽنگون ۽ ٻانهون، بنهه ننڍيون ٿين ٿيون پر پڇ بدن کان به وڏو 16 کان 26 انچ ٿئي ٿو. نر، مادين کان چڱا وڏا ۽ متارا ٿين ٿا، جن جو وزن 5 کان 9 ڪلو ٿيندو.
ڀولي جي هيءَ جنس، بيحد سوشل ٿئي ٿي ۽ 5 کان 60 ڄڻن جي ٽولي ۾ رهي ٿي. ڳوٺن ۾، جتي آئون رهيس، سوَ 100 کان به مٿي جي ٽولن کي ڏٺم. اھي گڏجي کليل گهرن ۾ گهڙي کاڌي پيتي جي شين جي ڦر ڪن ٿا. ملائيشيا جي ڪيترن ڳوٺن ۾، لوهي تارن جا لوڙها، چورن کان نه پر هن قسم جي ڀولڙن کان بچاءَ لاءِ ڏنل ٿين ٿا. ڀولڙن جي هنن ٽولن ۾ ڪيترا نر ٿين. ماديون، کانئن چئوڻ پنجوڻ تي ٿين.
باتو غارن تي، ڌارين توڙي مڪاني سياحن لاءِ خاص ڪشش، تاملن جي ڀڳوان، موروگن (Murugan) جي مورتي (Statue) به آهي. اھو دنيا جو وڏي ۾ وڏو اسٽيچيو چيو وڃي ٿو. هيءَ Statue (مورتي) 140 فٽ (43 ميٽر کن) ڊگهي ٿيندي، جيڪا 1550 ڪيوبڪ ميٽر ڪنڪريٽ، 250 ٽن اسٽيل ۽ 300 لِٽر سونهري (golden) پينٽ مان 24 ملين انڊين رپين خرچ تي ٺهرائي وئي آهي. هن سون جهڙي چمڪندڙ مورتيءَ جون تصويرون توهان کي جتي ڪٿي نظر اينديون. هن ڀيري، باتو غارن تي مون کي علي سولنگي وٺي هليو. حاجي صاحب، پاڻ ته هتي جي ڪنهن به مندر يا مورتيءَ اڳيان تصوير نه ڪڍرائي، باقي ايتري مهرباني ڪيائين جو منهنجيون ڪڍندو هليو. آخر ۾ ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ اتي جي هڪ سائوٿ انڊين ريسٽورنٽ ۾ اچي ناريل جو پاڻي پيتوسين. هوٽل جي تامل مالڪ ٻڌايو ته؛ هنن ويران ۽ اڻ ڄاڻ غارن کي مشھور ڪرڻ ۾، هتي جي ملائيشين مخير (Philanthropist) ٿامبو سامي پلائي (Pillai) صاحب جو وڏو هٿ آهي، جنهن سري مها ماريامان مندر پڻ ٺهرايو. هيءُ مندر، ڪوالالمپور شهر جي چائنا ٽائون جي ڇيڙي وٽ، جالان بندر تي آهي. جنهن روڊ جو اصل نالو هاءِ اسٽريٽ هو. هيءُ مندر، ڪوالالمپور ۾ هندن جو امير ترين ۽ آڳاٽو مندر چيو وڃي ٿو، جيڪو 1873ع ۾ ٺهيو. 1968ع ۾ هن جي مين گيٽ (راجا گوپورام) کي اڄ واري شڪل ڏني وئي هئي. هيءُ مندر پهرين فقط ٿامبو سامبي جي فئملي جي عبادت لاءِ هو پر پوءِ 1920ع ڌاري عام پبلڪ جي پوڄا لاءِ کوليو ويو. ٿامبو سامي پلائي جا وڏا، ڏکڻ هندستان کان ملايا تجارت لاءِ آيا هئا. پاڻ 1850ع ۾ سنگاپور ۾ ڄائو ۽ اتي جي رئفلس انسٽيٽيوشن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ان بعد پاڻ سنگاپور جي انگريز آفيسر جيمس گٿري، ڊئوڊسن وٽ ڪلارڪ ٿي رهيو. 1875ع ۾ جڏهن گٿري ملايا جو پهريون برٽش ريزيڊنٽ ٿي ملايا آيو ته هيءُ به ساڻس گڏ، بحري جهاز ۾ ڪلانگ پهتو. پوءِ چيف ڪلارڪ مان ٿيندو، ٽريزرر مقرر ٿيو. ان بعد کيس، حڪومت طرفان انڊيا موڪليو ويو ته ملايا جي ريلوي ۽ پبلڪ ورڪس لاءِ انڊينس آڻي. 1880ع ڌاري، ٿامبو ساميءَ سرڪاري نوڪريءَ مان استعيفى ڏئي، پنهنجو پرائيويٽ بزنيس شروع ڪيو. هو ملايا جو تمام اهم ۽ امير ماڻهو بڻجي ويو. ايتري قدر جو کيس ڪوالالمپور جي سلينگور ۽ ٽرف ڪلب جو به ميمبر بنايو ويو، جن ڪلبن ۾ فقط انگريز ئي وڃي سگهيا ٿي. ٿامبوسامي پلائي، خير جا ڪم ڪرڻ ۾ به نالو پيدا ڪيو. هن نه فقط هندن بلڪ مسلمانن ۽ عيسائين کي به هٿين خالي نه موٽايو. سندس نالي، ڪوالالمپور جي چو-ڪٽ علائقي ۾، هڪ گهٽي آهي ۽ سينتل ۾ تامل پرائمري اسڪول آهي.
No comments:
Post a Comment