ڪينجهر ۾ لهندڙ سج سان
گهاريل گهڙيون
رکيل مورائي
جيئن چئبو آهي، ته
اٺ سئيءَ جي پاکڙي مان ڪنهن معجزي تحت گذري سگھي ٿو. تيئن قمبر جي بالڪل اولھ طرف
ويندڙ وچئين روڊ تان، گاڏي گذاري دوست علي واري سڙڪ تي پهچائڻ به معجزي کان گھٽ
ناهي، ليکيو ويندو. پر ست سال اڳ ڳوٺ ”ڪنڍو بليدي“ ڏانهن ويندي، اهو ڪم احسن طريقي
سان انجام ڏئي ويندو هيس. نگر پارڪر ۾ صوفي زلف علي چيو، ته: ”ڪوهيار سائين گاڏي
هلائيندا آهيو؟“
مان برطانيه ۽
فرانس جي وچ ۾ اهو انگلش چينل سمنڊ ٻيو ڀيرو پيو ڪراس ڪريان. ٻه سال اڳ مان بس
ذريعي اهو سمنڊ پار ڪيو هو. لنڊن شهر مان روانو ٿيل ڪوچ کي برطانيه ۾ ڊوور جي بندر
تي هڪ وڏي فيري (ٻيڙيءَ) ۾ چاڙهيو ويو هو. هڪ ٻيڙي ايتري وڏي ٿئي ٿي، جيئن ڪو وڏو
فائيو اسٽار هوٽل ٿيندو آهي. هڪ فيري ۾ چاليهه تائين به وڏيون بسون چاڙهيون وڃن ٿيون.
فيري ۾ ماڻهون بس مان لهي مٿي ۵ ماڙين تي ٺهيل هوٽلن، ڪلبن ۾ گهمندا آهن، مزو ڪندا آهن.
ڪا جهل پل ناهي هوندي. ان فيري جي سفر ۾ اهو سمنڊ ٻه کان اڍائي ڪلاڪ ۾ ڪراس ٿيو هو
۽ فرانس واري پاسي فيري ڪالي جي بندرگاهه تي بس کي لاٿو هو. ڪالي، ٻي مهاٻاري جنگ
مهل جرمن پاران برطانيه تي قبضي واري آپريشن واري بندر ڊنڪرڪ کان ۴۵ ڪلو ميٽر پري آهي. ڊنڪرڪ واري ان تمام وڏي جنگ تي انگريزي ۾ الاهي فلمون ٺهيل
آهن. برطانيه کي فتح ڪرڻ واري ان جرمن آپريشن جو ڪوڊ نالو Sea Lion هو. فرانس
جي هٿيار ڦٽي ڪرڻ کان اڳ ان ڪناري تان ۲۶ هزار فرينچ فوجن کي انگلينڊ ڏانهن ڪڍي بچايو ويو هو، پر
پوءِ به ۴۰ هزار فرانسيسي فوجي پٺتي رهجي ويا هئا، جيڪي پوءِ جرمنن گرفتار ڪيا. ان
معرڪي ۾ ۱۶ هزار فرانسيسي فوجي ۽ هڪ هزار برٽش فوجي مارجي ويا هئا. ڊنڪرڪ جو شهر ۹۰ سيڪڙو تباهه ٿي ويو هو. فتع بعد هٽلر ان سامونڊي ڪناري تي زمين ۾ دٻايل
لکين بارودي سرنگن جي صفائي ڪرائي هئي. جيڪڏهن توهان تاريخ کان واقف آهيو ته انهن
علائقن مان گذرڻ وقت اهي ساڳيا واقعا ۽ منظر هڪ فلم جيان ذهن ۾ اچي وڃن ٿا.
چوندا آهن ته Expect unexpected مطلب ته
”ان ويل لاءِ به تيار رهو، جيڪا ظاهري طور ٿيندي نظر نه اچي.“ ڪجهه ڏهاڙا اڳ سريلنڪا
۾ ٿيل بدترين دهشتگردي ۾ ڊينمارڪ جي هڪ امير شخص اينڊرس هولڪ جا چئن مان ٽي ٻار
مارجي ويا ۽ ٻيا به جيڪي انهن حملن ۾ مئا هوندا انهن لاءِ اهو ايسپيڪٽيڊ نه هوندو،
جيڪو ٿيو. هن ئي سال جنوري ۾ اٽلي جي گران ساڪو پهاڙن ۾ موجود مائونٽين ريزرٽ هوٽل
ريگو پيانو جيڪا روم شهر کان رڳو ۱۳۵ ڪلو ميٽر پري آهي، زلزلي ۽ پهاڙن جي مٿان
برف جون ڇپون ڪرڻ جي ڪري دٻجي وئي ۽ نتيجي ۾ ڪافي ماڻهو مئا ۽ ڪي معذور ٿي ويا، جيڪي
ماڻهو اتي ويل هئا اهي ته پنهنجون موڪلون پنهنجن پيارن سان گڏ گذارڻ ويا هئا، پر ٿي
ڇا ويو، ڪنهن به ايڪسپيڪٽ نه ڪيو هوندو.