Saturday, March 31, 2012

ماڻهو ملائيشيا ۾ ڇو ٿا اچن...- الطاف شيخ


ماڻهو ملائيشيا ۾ ڇو ٿا اچن....
الطاف شيخ
ملاڪا ۾ ٽنڊو ڄام جي سعيد ٽالپر جي گهر ماني کائڻ دوران اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته سعيد جي مائٽي نه فقط ڊاڪٽر عطا سان آهي پر هو سنڌ جي مشهور سوشلسٽ ۽ طنز مزاح جي ليکڪ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جو ڀائٽيو پڻ آهي. ڪامريڊ جا چار کن ڪتاب ڇپيا آهن. منهنجي خيال ۾ سنڌي يا اڙدو جو ڪو ليکڪ نه هوندو، جنهن جو ڪتاب مهيني ڏيڍ ۾ وڪرو ٿي ويندو هجي. ڪامريڊ هن وقت 80 کان به وڏي عمر جو آهي، مون کي ساڻس ملڻ جو شوق ڪيترن سالن کان هو. هڪ دفعو سندس ڳوٺ ٽنڊو ڄام به ويس پر ساڻن ملاقات نه ٿي سگهي. عجيب اتفاق آهي جو ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڪراچي ۾ هڪ شاديءَ ۾ ملاقات ٿي هئي.

Thursday, March 29, 2012

ماتليءَ جي ڊاڪٽرياڻي ملاڪا ۾ - الطاف شيخ


ماتليءَ جي ڊاڪٽرياڻي ملاڪا ۾
الطاف شيخ
ملاڪا وڃڻ کان اڳ، ڊاڪٽر عطا کي چيم ته؛ پنھنجي ٽيليفون نمبر کان علاوه ڪنهن ٻئي دوست يا پاڙيسريءَ جو به لکراءِ! متان ملاڪا اچڻ واري ڏينهن، تنهنجو فون خراب هجي يا گم ٿي ويل هجي ته آئون روهه ۾ رلي وڃڻ بدران، گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ٻئي جي معرفت تو تائين نياپو ڪري سگهان؛ ته آئون ملاڪا ۾ فلاڻي وقت تي، فلاڻي هنڌ تي، پهچي رهيو آهيان.

Monday, March 26, 2012

ملاڪا هاءِ اسڪول جا ڪجهه شاگرد - الطاف شيخ


ملاڪا هاءِ اسڪول جا ڪجهه شاگرد...
الطاف شيخ
ملائيشيا ۾ اڌواڌ چيني باشندا رهن ٿا، جيڪي مختلف دورن ۾ پنهنجي وطن چين جي ڏاکڻي حصي کان هيڏانهن ملائيشيا ۽ سنگاپور ايندا رهيا. هڪڙا ته تمام گهڻو اڳ جا آيل آهن. هندو راجا پريمشور حملن کان بچڻ لاءِ جاوا سماترا پاسي کان ڀڄي، هيڏانهن ملاڪا کان اچي نڪتو. اهو سال 1400 کن هو ۽ هي اڄ وارو ملائيشيا، سڄو گهاٽو جنگل هو. ملاڪا جو بندرگاهه، جتي هن اچي منزل ڪئي، مهاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ (Fishing Village) هو. هن هتي ٽِڪي پوڻ جو ارادو رکيو. اهو به لکندو هلان ته ان وقت هن ڳوٺ جو ڪو نالو به نه هو. راجا جنهن وڻ هيٺان اچي آرام ڪيو، ان جي نالي تان هن ڳوٺ جو نالو ملاڪا رکيو ۽ اهڙيءَ طرح ملاڪا سلطنت جي شروعات ٿي. عرب سوداگرن جي هن بندرگاهه مان اچ وڃ ٿيڻ ڪري، هي هندو راجا دين اسلام کان متاثر ٿيو. پاڻ ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهو، مسلمان ٿيا.

Saturday, March 24, 2012

زبردست اسڪول، نامور شاگرد - الطاف شيخ


زبردست اسڪول، نامور شاگرد
الطاف شيخ
هن کان اڳ واري مضمون ۾ ملاڪا هاءِ اسڪول وٽان لنگهندي مون فٽ بال راند جو احوال لکيو آهي، جيڪا اسان اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ، هن هاءِ اسڪول جي ماسترن سان کيڏندا هئاسين. ان وقت تاريخ جو ايترو مطالعو نه هجڻ ڪري، مون جهڙن کي ڪڏهن به هن هاءِ اسڪول جي اهميت جو احساس نٿي ٿيو. اڄ هن اسڪول وٽان لنگهندي، هن کي عزت ۽ پيار جي نگاهن سان ڏسان ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي تاريخ جو حصو سمجهان ٿو، جيئن اسان جو پيارو دوست سرجن برگيڊيئر نظام الدين ڏانور چوندو آهي. هو اسان جي ڳوٺ هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول مان فقط هڪ سال پڙهيو پر هو هميشه چوندو آهي ته هن کي خوشي آهي ته هن هڪ آڳاٽي اسڪول جي ميدان، ورانڊن ۽ ڪلاس روم ۾ ساهه کنيو، جيڪو 1944ع جو ٺهيل آهي. اڄ ملاڪا جي هن هاءِ اسڪول جي پوڙهائپ، اهميت ۽ تاريخ جي ڄاڻ هجڻ ڪري، مون کي به اهو احساس ٿي رهيو آهي.

اداڪارائون يا ٽرئڪٽر جا ٽائر - الطاف شيخ


اداڪارائون يا ٽرئڪٽر جا ٽائر
الطاف شيخ
ملاڪا جي شاهراهه ”جالان چان ڪُون چينگ“ تان لنگهڻ وقت، ملاڪا هاءِ اسڪول جي عمارت تي نظر پوڻ سان، مون کي هن اسڪول جي استادن سان کيڏيل اها فٽ بال مئچ ياد آئي جيڪا، اسان جي نيول اڪيڊمي جي اسٽاف، اڄ کان 28 سال اڳ، 1983ع ۾ کيڏي هئي ۽ اسان بُريءَ طرح هارائي هئي. اسان جي ٽيم ۾، اسين ڌارين ملڪن جا جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هئاسين، جيڪي سامونڊي نوڪري ڇڏي، ملاڪا جي ”مئريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا“ ۾ پڙهائڻ لاءِ آيا هئاسين. اسان جي عمر ۾ وڏا هئاسين ته ملاڪا جي هن هاءِ اسڪول جا ٽيچر به ڪي ننڍا نه هئا. پر ملئي ماڻهو فٽ بال کيڏڻ جا شوقين آهن ۽ ننڍو وڏو کيڏندو رهي ٿو. اسان جي فٽ بال راند کيڏي هئي ته اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن ۾. ان کانپوءِ، وڌ ۾ وڌ ٻين کي کيڏندي ڏٺوسين، سو به ٽي ويءَ تي. ملاڪا پهچڻ تي، اسان کي پهرئين ڏيهن ئي چيو ويو ته؛ هڪ ته هفتي جا ڇهه ڏينهن پڙهائڻو اٿانوَ ۽ ٻيو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن شام جو راند کيڏڻ ضروري آهي. انڊيا جي هڪ ڪئپٽن ته پهرئين هفتي ئي راندين کان انڪار ڪيو ۽ اسان کي به سمجهايو ته متان کيڏيا آهيو.

Friday, March 23, 2012

سکن جا شادمانا ۽ ٻيڙيءَ جو سفر - الطاف شيخ


سکن جا شادمانا ۽ ٻيڙيءَ جو سفر
الطاف شيخ
ملاڪا ۾ تعليم يا نوڪري ڪندڙن ۽ گهمڻ لاءِ ايندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملاڪا ۾ نه فقط مسجدون، مندر، گرجا گهر، ٻڌن جا پگوڊا، هندن جا مندر آهن، پر سکن جو پڻ هڪ ٽڪاڻو (گوردوارو) آهي، جيڪو ”گوردوارا صاحب ملاڪا“ سڏجي ٿو. سکن جو هي ٽڪاڻو، ملاڪا شهر جي مرڪزي علائقي ۾ آهي. ملاڪا شهر جو وچ ۽ آڳاٽو حصو اهو آهي، جتي ڊچن جي حڪومتي دور جون ڳاڙهي رنگ جون عمارتون آهن، جن جي اڳيان انگريزن جي ڏينهن جو مهاراڻي وڪٽوريا جي ياد ۾ ڦوهارو ٺهيل آهي. انهن عمارتن ڀرسان جيڪو روڊ گذري ٿو، اهو ”جالان لڪسامانا“ سڏجي ٿو، جيڪو اڳيان وڃي ’جالان بيندا هارا‘ ٿئي ٿو. جتي لڪسامانا روڊ ختم ٿي بينداهارا شروع ٿئي ٿو، اتي ان جي هڪ پاسي ’جالان بنگارايا‘ واري گهٽي آهي ته ٻئي پاسي بيحد ويڪرو رستو ’جالان تيمينگانگ‘ (Temenggong) آهي. تيمينگانگ تي سکن جو ٽڪاڻو ”گوردوارا صاحب“ آهي. ملاڪا ۾ رهائش دوران اسان جنهن گجراتيءَ کان اٽو وٺندا هئاسين ان جي چڪي ان جي ڀرواري گهٽيءَ ۾ هئي. ڌيان ۾ رهي ته هن پاسي برما ٿائلنڊ کان جپان ڪوريا تائين، گهڻي مينهوڳيءَ ڪري، ڪڻڪ بدران چانور پوکيا وڃن ٿا ۽ هي ملڪ ڀت کائڻ وارا ملڪ آهن، جتي نيرن تي به عام ماني ”ڀت“ آهي. هتي سوين توڙي ڪيڪ پيسٽرين ۾ گهڻي ڀاڱي چانورن جو اٽو استعمال ٿئي ٿو ۽ هتي اٽو معنيٰ چانورن جو اٽو ۽ ماني کاڌي معنيٰ ”ڀت کاڌو“. ايتري قدر جو جپان ۾ ته مانيءَ لاءِ لفظ ئي ڀت(Gohan)  آهي، جيئن نيرن کي ’گوهان اسا‘ سڏين، پوءِ ڀلي هو نيرن تي فقط سُوپ پين يا ڊبل روٽي ۽ بيضو کائين. جيئن اسان وٽ ڀلي ڪو دال ڀت کائي، پر چوندو ته مون منجهند جي ماني کاڌي.

Tuesday, March 20, 2012

آڱر سان ناريل ۾ سوراخ ڪرڻ - الطاف شيخ


آڱر سان ناريل ۾ سوراخ ڪرڻ
الطاف شيخ
سال 1970ع تائين به، ملائيشيا جو حال اهو هو جو، سڄي ملڪ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون يونيورسٽيون هيون. ملڪ جا نوجوان جيڪي پئسي ڏوڪڙ جي سگهه ساري سگهندا هئا سي انٽر (STPM) ڪرڻ بعد انجنيئرنگ، ميڊيڪل يا ڪنهن ٻي فيلڊ لاءِ مختلف ملڪن جو رخ ڪندا هئا. گهڻو ڪري، اهي ڏکڻ انڊيا جي ڪاليجن ۾ پڙهڻ ويندا هئا، جتي جي موسم ملائيشيا جهڙي آهي. ڪجهه آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ به ويندا هئا، جيڪي ملڪ هنن کي انگلنڊ کان ويجهو ۽ سستا پيا ٿي. ڪجهه شاگرد ته ڪراچيءَ به پڙهڻ لاءِ آيا ٿي، خاص ڪري مرچنٽ نيوي لاءِ. ملائيشيا جي مرچنٽ نيوي جا شروعاتي آفيسر، پاڪستان مئرين اڪيڊمي جا گرئجوئيٽ آهن. ڪجهه شاگردن ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۽ NED يونيورسٽي مان به پڙهيو ٿي. اهڙي ئي هڪ ملئي شاگردياڻي، ڊاڪٽر زرينا بنت شيخ محمد دائود جو احوال اڳتي هلي ڪبو، جنهن Dow مان MBBS ڪئي ۽ سکر جي هڪ سندس ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر افتخار عباسيءَ سان شادي ڪئي. اسي واري ڏهي ۾ به منهنجي ملئي ليڪچرار دوست ابراهيم معروف کي پنهنجين ڌيئن ايمي مرئين ۽ جنيتا کي مون سان گڏ پاڪستان موڪلڻ جو شوق هو. ڊو ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري پڙهن. پر پوءِ ٽن سالن جو مدو پورو ڪري پاڪستان موٽڻ بدران، ملائيشيا ۽ پاڪستان حڪومت جي ڪيل سمجهوتي موجب، مون کي ڏهه سال کن ملاڪا ۾ رهڻو پئجي ويو ۽ سڀني ٻارن کي ملاڪا ۾ ئي پڙهڻو پيو. حقيقت ته اها آهي ته 1991ع تائين ملاڪا ۾ رهي موٽڻ وقت به ملاڪا جي سڄي رياست ۾ ڪو انٽرنيشنل اسڪول نه هو. اتي جي چيف منسٽر اسان Expatriates (ڌارين ملڪن کان نوڪري لاءِ آيل ماڻهن) لاءِ جهڙو تهڙو کڻي بندوبست ڪيو هو.

ڇا گهمڻ کپي؟ - الطاف شيخ


ڇا گهمڻ کپي؟
الطاف شيخ
اسان جا ماڻهو جيڪي اڄڪلهه ملائيشيا گهمڻ اچن ٿا، انهن کان پڇڻ تي هو ڪوالالمپور کانپوءِ يڪدم لنگڪوي ٻيٽ ۽ گنتنگ هاءِ لئنڊس جو نالو کڻن ٿا. ملائيشيا جي حڪومت به انهن جاين جي وڏي اشتهار بازي ڪري ٿي. اهي جايون ڏسڻ وٽان آهن ۽ انهن جو مختصر احوال اڳتي هلي لکان ٿو پر سچ ته اهو آهي ته اسان جي ماڻهوءَ لاءِ جيڪو پاڪستان، انڊيا، ايران يا عرب ملڪن کان اچي ٿو، ان لاءِ انهن کان بهتر ته ملاڪا جهڙو تاريخي شهر ڏسڻ وٽان آهي. يورپي ۽ آمريڪي سرد ملڪن جي گهما گهمي وارن شهرن کان اچن ٿا، انهن لاءِ لنڪوي جهڙا خاموش ٻيٽ ۽ ماٺ مٺوڙي جي زندگي پُرلطف ثابت ٿئي ٿي. اسان جا ماڻهو خبر ناهي ڇو ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي لهي ڪوالالمپور جي شهر جون انيڪ دلچسپ شيون ۽ اوسي پاسي جا اپوح، ملاڪا، سريمبان جهڙا سهڻا شهر ۽ ٻهراڙي جي زندگي جا ملئي اسٽائيل ڳوٺ ڏسڻ بدران، هڪ ڏورانهين ٻيٽ لنگڪويءَ ڏي هليا وڃن ٿا، جيڪو بلڪل ٿائلينڊ جي بارڊر وٽ ايترو پري آهي، جيترو ڪراچيءَ کان جيڪب آباد ضلعي جو ٺُلهه شهر.

Sunday, March 18, 2012

مسجدن ۽ مندرن جو شهر ملاڪا - الطاف شيخ



مسجدن ۽ مندرن جو شهر ملاڪا
الطاف شيخ
ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ آءٌ هڪ وڏو عرصو لڳاتار رهيو آهيان. اٽڪل ڏهه سال کن ۽ اهڙا سال کن رهڻ کان اڳ جهاز جي هيڏانهن اچڻ ڪري ملائيشيا جا مخلتف شهر ۽ بندرگاهه گهمندو رهيس ۽ هاڻ ملائيشيا ڇڏڻ بعد به وري وري اچڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ هر دفعي ملائيشيا اچڻ تي ملاڪا ضرور اچان ٿو. ملاڪا شهر ۾ مون کي وڌيڪ ڪشش ٿئي ٿي. هي شهر مون کي وڌيڪ رنگين لڳي ٿو. ڪلچر جي لحاظ کان، ماڻهن جي لحاظ کان، کاڌن پيتن، ويس وڳن، سازن سروندن، عبادت گهرن ۽ باغ باغيچن کان. اڄ کان چاليهه سال اڳ جڏهن منهنجو ملاڪا ۾ پهريون دفعو اچڻ ٿيو هو تڏهن به ۽ اڄ به ڊچن جي ڳاڙهين عمارتن اڳيان لڳل انگريز راڻي وڪٽوريا جي ڦوهاري جي ڪپر تي ويهي ڀانت ڀانت جي ماڻهن کي ڏسي ۽ انهن جون ڳالهيون ۽ انهن جي چهرن تي مسڪراهٽون ڏسي اهو ئي مزو اچي ٿو جيڪو ننڍي هوندي هالا ۾ پپر جي وڻ هيٺ هندن جي نار وٽ ويهي ايندڙ ويندڙ ٻار ٻچي يا عورت مرد کي ڏسڻ ۾ آيو ٿي. انهن هنڌن تي ڪيڏو سڪون ۽ فرحت محسوس ٿئي ٿي. ملاڪا ۾ نه فقط راڻي وڪٽوريا جي ڦوهاري وٽ پر ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تي وڃڻ ۾ مون کي ڄڻ ته ڪشش محسوس ٿئي ٿي. شهر جون هي مسجدون، مندر، مارڪيٽون، باغيچا ۽ پاسار مالمون (رات واريون بازاريون) مون لاءِ ڪنهن پير جي درگاهه ۽ ميلن ملاکڙن کان گهٽ ناهن. هن وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته ملاڪا پهچي هڪ ڌارئين يا هن ملڪ جي شهريءَ کي ڇا ڇا ڏسڻ کپي، جيئن ڏينهن ٻن جي ٽوئر ۾ هو ملاڪا جو اصل سواءُ وٺي سگهي.

Tuesday, March 13, 2012

هنن گهٽين ۽ گهرن جون يادون - الطاف شيخ


هنن گهٽين ۽ گهرن جون يادون
الطاف شيخ
ملاڪا جي چائنا ٽائون جي مشهور گهٽي ’جوَ نڪر اسٽريٽ‘ مان لنگهي ڊچ دور جي ڳاڙهين عمارتن The Stadthuys ڏي وڃي رهيا هئاسين. رستي تي گورنر هائوس جي سامهون هڪ ملباري، چنڊول وڪڻي رهيو هو. منهنجي ميزبان، ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر چيو ته؛ سائين گرمي آهي، ڳنڍو کائي ننڍپڻ جون يادون تازيون ڪيون وڃن. مون هائوڪار ڪئي. چنڊول دراصل ڳنڍو ئي آهي، جنهن ۾ برف جي ڪاتر، شربت (خاص ڪري هتي جي مڪاني شربت ملاڪا گُولا Melaka Gula وغيره ٿئي ٿو. ڪي ڪي گاڏن وارا، ان مڪسچر ۾، هڪ ٻن قسمن جا رڌل چڻا (ڪچانگ) به وجهن ۽ ان کي آئر باتو چمپور (ABC) سڏين. پڙهندڙن لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا ۾، خاص ڪري هن شهر ملاڪا ۾، گجراتي ۽ ملباري به چڱا خاصا رهن ٿا. گجراتي دڪان هلائين ۽ جيئن پهرين لکي آيو آهيان ته گجراتي (انڊيا واري گجرات جا رهاڪو)، ملاڪا ۾ انگريزن پورچوگالين ۽ ڊچن جي آمد کان به گهڻو اڳ آيا. باقي ملباري ۽ گوا پاسي جا رهاڪو، پڪ پورچوگالين جي حملي ۽ قبضي دوران انڊيا کان آيا هوندا.

Sunday, March 11, 2012

ساگا جي ڪهاڻي - الطاف شيخ


ساگا جي ڪهاڻي
الطاف شيخ
سنگاپور جو ٻيٽ جاگرافيائي طور اهڙي هنڌ تي آهي جو مختلف سمنڊن مان گذرندڙ جهاز سنگاپور وٽان ضرور لنگهن ٿا. اسان جو به سنگاپور سٺ جي ڏهي جي آخري سالن کان اچڻ شروع ٿيو. سٺ واري ڏهي توڙي ستر جي شروع وارن سالن تائين، سنگاپور هڪ غريب ملڪ سمجهيو ويو ٿي، جنهن ملڪ ۾ نه لوهه هجي نه ٽامو، گئس هجي نه ڪوئلو، پوک لاءِ زمين نه هجي ۽ اچي به ڪٿان. ننڍڙو ٻيٽ جنهن ۾ ماڻهن جي رهائش لاءِ پوري ساري زمين هجي. ايتري قدر جو سنگاپور ۾ ته پيئڻ  لاءِ به پاڻي ناهي. اهو به اڄ ڏينهن تائين ملائيشيا مان خريد ڪن ٿا. هو سروس يعني خدمت ڪرڻ ذريعي ئي ڪمائين ٿا. مختلف ملڪن جا جهاز اچن ٿا انهن جي سروس ڪري پئسو ڪمائين ٿا. مختلف ملڪن جا سياح اچن ٿا جن کي وڪڻڻ لاءِ هو مختلف ملڪن مان سامان گهرائين ٿا. بهرحال اڄڪلهه هو ملائيشيا کان به خوشحال آهن. آئون گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي جي ڳالهه ٿو ڪريان جڏهن باقي دنيا به اڃان گهڻو ماڊرن نه ٿي هئي ۽ سنگاپور ته هڪ ڳوٺ مثال هو. هي وئلنٽائين ڊي وغيره ملهائڻ ۽ ان تي ڪارڊ ۽ گفٽ ڏيڻ اڄ جو فئشن ٿيو آهي نه ته مون کي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ پنهنجي گرل فرينڊ يا زال کي ساگا ٻج ڏيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو سهڻو ۽ پيار ڀريو تحفو نه هو. اهو ئي حال ڪاز وي (سنگاپور ۽ ملائيشيا کي ڳنڍيندڙ پُل) جي ٻئي پاسي ”جوهور بارو“، پينانگ ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ هو. ساگا ٻج جن تان ملائيشيا وارن پنهنجي لاڏلي ڪار تي نالو رکيو آهي اڄ به هڪ پياري ۽ سهڻي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو. ان بابت پنهنجي جهاز ران ڪمپني جي سنگاپور آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ چيني ڪلارڪ ڇوڪري ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي ته ڪنهن ملڪ ۾ وڏي جنگ لڳي. پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ هڪ بهادر شهري پنهنجي زال کي گهر ۾ ڇڏي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جي ميدان تي پهتو.

Friday, March 09, 2012

جپاني ٽيڪنالاجي، ملائيشيائي اسٽائيل - الطاف شيخ


جپاني ٽيڪنالاجي، ملائيشيائي اسٽائيل
الطاف شيخ
ملاڪا شهر جي اسپتال ۾ نوڪري ڪندڙ ۽ پنهنجو بزنيس هلائيندڙ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي پروٽان GEN-2 ڪار ۾، ملاڪا شهر جي روڊن تي چڪر هڻندي مون کي پنهنجو اڄ کان 25 سال کن اڳ وارو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن ملائيشيا ملڪ پنهنجي شروع ڪيل ڪار جو پهريون ماڊل پروٽان ساگا (Proton-saga) مارڪيٽ ۾ آندو هو ۽ ملاڪا شهر  ۾ آيل پهرين ويهه ڪارن مان هڪ مون کي به ملي هئي ۽ جنهن ڪار کي مون هنن ئي روڊن تي هلايو هو.

Wednesday, March 07, 2012

مير ۽ سندن مهمان نوازي - الطاف شيخ


مير ۽ سندن مهمان نوازي
الطاف شيخ
ملاڪا شهر ۾ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي پروٽان GEN-2 ڪار ۾ خوب چڪر هڻڻ جو موقعو مليو. آچر جو ڏينهن ته موڪل هئي پر مير صاحب منهنجي ڪري سومر اڱارو به کڻي موڪل ورتي.
”عطا هي ڇا؟“ مون چيومانس
”سائين توهان کي اڪيلو ڪيئن ڇڏيان؟“ ڊاڪٽر صاحب جواب ڏنو ۽ مون کان کل نڪري وئي.

Monday, March 05, 2012

اڄ ننڍي کنڊ جا نيچ سمجهيا وڃن ٿا - الطاف شيخ


اڄ ننڍي کنڊ جا نيچ سمجهيا وڃن ٿا
الطاف شيخ
ملائيشيا ۾ ٽي اهم قومون رهن ٿيون؛ ملئي، چيني ۽ انڊين ملئي، جيڪي مسلمان آهن ۽ هتي جا اصلوڪا رهاڪو آهن يا صديون اڳ ڀروارن ٻيٽن؛ بالي، جاوا، سماترا کان هتي آيا. ويندي ملاڪا سلطنت جو پهريون سلطان پرميشور به مٿين ٻيٽن کان آيو، جيڪي هاڻ انڊونيشيا جو حصو آهن. هن پاسي هندو ڌرم هو. پرميشور به هندو هو، جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو ته سندس سڄي رعيت مسلمان ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين ملئي ماڻهن جي سڃاڻپ اسلام سان آهي. ڪجهه به هجي هي ملڪ ملئي ماڻهن جو سمجهيو وڃي ٿو ۽ سنئون سڌو يا اڻ سڌيءَ طرح حڪومت طرفان ملئي ماڻهن کي هر ڳالهه ۾ وڌيڪ فائدو ڏنو وڃي ٿو. ان ڪري هر ڪو پنهنجي پاڻ کي ملئي بنائڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو. خاص ڪري انڊين مسلمان. اهي ڪوشش ڪري ملئي عورتن سان شادي ڪن ٿا، جيئن سندن اولاد ملئي سڏجي. پنهنجي اباڻي ڊريس، گوڏ بدران ملئي ڊريس اوڍين ٿا. سندن اولاد ڪوشش ڪري اها ڳالهه ئي گول ڪريو وڃِي ته هنن جا وڏا انڊيا کان آيا هئا.

Sunday, March 04, 2012

ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر - الطاف شيخ


ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ ماما، جيڪو لفظ ملئي زبان ۾ Mamak لکيو وڃي ٿو جيئن ’جامع‘ ملئي زبان ۾ Jamak لکيو وڃي ٿو، جي ڳالهه نڪتي هئي. هتي ڪجهه سٽون، ان قوم بابت لکڻ، پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿيندو.
ملائيشيا پاسي تامل مسلمان، جيڪو چانهه-پاڻيءَ جو هٽڙو يا ريسٽورنٽ هلائي ٿو، اهو ’ماما‘ سڏجي ٿو. هي ائين آهي جيئن اسان پٺاڻ دڪاندار کي ’لالا‘ سڏيون ٿا. هونءَ ته اسان وانگر ملئي ڪلچر ۾ هر وڏي مرد توڙي عورت کي، پوءِ اهو ڀلي کڻي ڌاريو هجي ماما يا ماسي (ملئي زبان ۾ ماچي) سڏيو وڃي ٿو. پر هاڻ انهن کي اسان وانگر مسٽر فلاڻو يا مئڊم، سر يا جناب چئي، مخاطب ٿيون ٿا. تيئن هتي ملائيشيا ۾ به انچڪ (مسٽر)، تُئان (جھور پوڙهي مرد لاءِ) يا پُئان (محترما، مسز) جي خطاب سان سڏيو وڃي ٿو. پر هي سائوٿ انڊين دڪاندار، اڄ به ماما سڏجن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي، جيئن ماضيءَ ۾ انڊين جو سماجي ۽ معاشي درجو هيٺانهون رهيو آهي ۽ هنن جي اڪثريت پورهيت ٿي ڪم ڪيو ۽ غربت جي زندگي گذاري، ان ڪري کين مڪاني ماڻهو هيٺانهون سمجهن ٿا. اڄ جڏهن انهن انڊين پورهيتن ۽ ڪلئبر ڪلاس ماڻهن جو اولاد پڙهي ڳڙهي ملڪ جي مختلف ادارن ۾ وڏن عهدن تي پهچي ويو آهي ته اها ڳالهه به ملئي مسلمانن توڙي چينين کي نٿي وڻي. کين چڙ ٿي وٺي ته هي ڪالهه جا نوڪر، چوڪيدار، ڏيهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ مزدور، هاري (Bonded Labor) اڄ وڏا سرجن، پروفيسر، سائنسدان، پوليس آفيسر ۽ اعليٰ فوجي عملدار ٿي ويا آهن. جتي تامل دڪاندار کي پيار مان ماما سڏيو وڃي ٿو، اتي کين ماما (Mamak) سڏڻ ۾ نفرت ۽ حقارت جو به اظهار ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ ڪنهن کي بنگالي سڏڻ سان نفرت جو اظهار ڪيو ويو ٿي، جيتوڻيڪ ان دور ۾ انڊيا جي بنگال صوبي جي رهاڪوءَ کي بنگالي سڏڻ سان هن کي ڪاوڙ نٿي لڳي. ڇو جو کيس خبر هئي ته اتي جا ماڻهو بنگالين کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. بنگالين کي رابندر ناٿ ٽئگور جي قوم جو ماڻهو شاعر، اديب، ڪلاڪار، امن پسند سمجهن ٿا. پر اسان جي ماڻهن، پنهنجي بنگال صوبي (مشرقي پاڪستان) جي رهاڪوءَ کي بنگالي سڏڻ ۾ نفرت جو اظهار ڪيو ٿي. هنن جو بنگالي سڏڻ مان ”بکيو بنگالي “ وارو تصور ظاهر ٿيو پئي.

Saturday, March 03, 2012

ناسي گورينگ کان ناسي ڪنڌار - الطاف شيخ


ناسي گورينگ کان ناسي ڪنڌار
الطاف شيخ
ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر مون کي پنهنجي ڪار ۾ ملاڪا شهر جي ٻهراڙيءَ واري پاسي جا چڪر ڏيارڻ بعد، هتي جي مشهور علائقي آئر ڪيروح ۾ وٺي آيو، جتي ملاڪا جو چڙيا گهر (Zoo)، هتان ريڪريسي (گهمڻ لاءِ جنگل) وغيره آهي. هونءَ ته سڄو ملائيشيا جهنگلن، گهاٽن ٻيلن، سرسبز پوکن، جانورن، نانگ بلائن ۽ پکين سان ڀريو پيو آهي، پر هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ کي هتي جي جنگلن جي آئيڊيا ڏيڻ لاءِ، ملاڪا حڪومت، ملاڪا شهر جي هن ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ڪجهه اوريجنل جنگل جو حصو ڇڏي ڏنو آهي. جيئن ڌاريان ۽ هن ملڪ جا ماڻهو هن گهاٽي جنگل ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ پڪنڪ ملهائڻ کان علاوه، هتي جا انيڪ قسمن جا آڳاٽا وڻ، ٻوٽا ۽ جيت جڻيا ڏسي لطف اندوز ٿين. ريڪريسي(Rekreasi)  ملئي لفظ آهي، جيڪو انگريزي لفظ Recreation تان ورتل آهي. اهڙيءَ طرح ملئي زبان ۾ ٿوري ڦيرڦار سان ڪيترا ئي انگريزيءَ جا لفظ آهن، جيئن اڪائون (Akaun) انگريزي لفظ اڪائونٽ مان نڪتل آهي. اھڙيءَ طرح اڪٽف (Aktif) ائڪٽو مان، بئنڪرپ (Bankrap) بئنڪرپٽ مان، سيمين سيمينٽ مان، ايڪسپلائٽيسي (Eksploitasi) انگريزي لفظ Exploitation مان... وغيره. هي ائين آهي جيئن، اسان وٽ انگريزيءَ جا لفظ اسٽيشن، بومب، ڊرم، پُل ٿرو (بندوق جو بئرل صاف ڪرڻ جو ڏنڊو)، آرڊلي (فوجي آفيسر جو خدمتگار سپاهي) وغيره، ٽيشڻ، بم، ڊم، ڦلترو ۽ اردلي سڏجن ٿا.

Friday, March 02, 2012

خوبصورت مُلڪ ملائيشيا ۽ الطاف شيخ - منير نارائي


خوبصورت مُلڪ ملائيشيا ۽ الطاف شيخ
منير نارائي
الطاف شيخ منهنجو هميشه کان پسنديده ليکڪ رهيو آهي. سندس ڪتابي شڪل ۾ موجود، لڳ ڀڳ سمورا سفرناما مون پڙهيا آهن. سندس لکڻ جو انداز اهڙو وڻندڙ ۽ معلوماتي هوندو آهي جو دل چوندي آهي ته؛ سندس هر لکڻيءَ کي پورو ڪري پوءِ ڇڏجي. سال 1985ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ئي، مون الطاف شيخ جا سفرناما پڙهڻ شروع ڪيا هئا. سمنڊ سان الائي ڇو منهنجي تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي. مون کي اهي سڀئي فلمون به ڏاڍيون وڻنديون آهن، جيڪي سمنڊ ۾ فلمايل هونديون آهن ۽ الطاف شيخ به سمونڊ کي جهاڳڻ وارو شخص آهي ۽ سندس لکڻين ۾ به سمنڊ بابت گهڻي معلومات آهي. ان ڪري به سندس لکڻيون مون کي وڻنديون آهن ۽ جڏهن الطاف جا سفرناما پڙهندو هئس ته مون کي ائين لڳندو هو ڄڻ؛ مان الطاف شيخ سان گڏ آهيان ۽ سندس بيان ڪيل شين ۽ منظرن کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هجان. هاڻي جڏهن الطاف جون لکڻيون باقاعدگي سان روزاني عبرت ۾ شايع ٿي رهيون آهن ته مان به انهن کي باقاعدگيءَ سان پڙهي رهيو آهيان. سندس هر لکڻي معلومات سان ڀريل آهي ۽ مون کي گهڻي خوشي ان ڳالهه جي آهي ته ملائيشيا ۾ جن ماڳن تي مان ويو آهيان، الطاف شيخ انهن جو به ڪافي ذڪر ڪيو آهي. جيئن ڪوالالمپور جي انڊين مسجد کان چند قدم اڳيان گلوبل سلڪ سينٽر آهي، جنهن جو ذڪر الطاف تازو ئي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ ڪيو آهي.