Tuesday, July 17, 2012

”ڪل هو يا نه هو“ فلم ۽ نيويارڪ جي ويرازانو پُل - الطاف شيخ


”ڪل هو يا نه هو“ فلم ۽ نيويارڪ جي ويرازانو پُل
الطاف شيخ
ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا پاسي نه آيل ان ڳالهه تي يقين نه ڪن، پر مون کي خبر آهي ته اهڙا ئي فراڊ اسان جا هم وطني ٽئڪسي وارا لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي تي پنهنجن سان پيا ڪن. اسان مان شايد ڪو سوچي ته اهي ٽئڪسي وارا مسافر کان ڪيئن تيز ٿي سگهن ٿا. مون به اهو ئي سوچيو هو پر هاڻ مهينو ٻه آمريڪا ۾ رهي ڏسان پيو ته اسان جا ماڻهو پنهنجن کي ته ڇا، پر هتي جي آمريڪن کي به بيوقوف بڻايو ويٺا آهن ۽ اسان جي ملڪ جي نه فقط شهرن جا پر ماتلي ۽ ان جي اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو به هتي آمريڪا ۾ اچي اهڙا ڦڏا ۽ فراڊ جا جوکائتا ڪم ڪري رهيا آهن، جو ڏندين اڱريون ٿيون اچن. بهرحال انهن ڳالهين جو احوال اڳتي هلي ڪٿي ڪبو هتي پاڻ ويرازانو پل بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا ڊبل ڊيڪ آهي، يعني ٽريفڪ لاءِ هن تي ٻه طبقا آهن. آئون پهريون دفعو ۱۹۶۸ع ۾ جڏهن نيويارڪ جهاز وٺي آيو هوس، ته ان وقت فقط مٿيون طبقو هو ۽ ان کان هيٺئين تي ڪم هلي رهيو هو، جيڪو جون ۱۹۶۹ع ۾ ٺهي راس ٿيو. هينئر هڪ ٻه دفعا باءِ ڪار هيءَ پل ڪراس ڪرڻ وقت مون ڏٺو ته ٽرڪن ۽ وڏن ٽرالرن کي هيٺين طبقي تان لنگهڻ نٿي ڏنائون، شايد ان ڊپ کان ته ڪو بارود کڻي هن پل کي Sabotage ڪري ته سندس ٻئي طبقا تباهه نه ٿي وڃن ۽ هڪ ٻه دفعو ته جڏهن انگلينڊ ۾ بم ڦاٽو، ته هتي نه فقط ريلوي اسٽيشن تي هر هڪ جا پاسپورٽ چيڪ ڪرڻ لڳا، پر هن اهم پل جو هيٺيون طبقو ڪارن موٽرن لاءِ به بند ڪري ٿي ڇڏيائون. هي سڀ ڪم نائن اليون کانپوءِ ئي ظهور ۾ آيا آهن، نه ته اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن نيويارڪ ايندا هئاسين ته ڪنهن به ڳالهه جي جهل پل نه هوندي هئي. تن ڏينهن جي اتاهين عمارت ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي به چوٽيءَ تي هليا وياسين ٿي، پر هاڻ اهڙن ڪيترن هنڌن تي ٽوئرسٽ کي وڃڻ جي جهل آهي، ڇو جو ان وقت ۾ اتاهين بلڊنگ تي پهچي گهمڻ جي شوقينن فوٽا ٿي ڪڍيا (اسان به يادگار طور تن ڏينهن ۾ نيويارڪ ۾ رهندڙ رئيس نور احمد نظاماڻيءَ سان گڏ فوٽو ڪڍايو هو) پر هاڻ جي خبر نٿي پوي ته ڪير ڪنهن وقت اتان ڪو بم نه ڪيرائي، اتي پهتل ٻين ٽوئرسٽ کي Hostage بڻائي يا پاڻ خودڪشي ڪري.


هيءَ پل ويرازانو نئروز ان وقت جي مشهور چيف انجنيئر عوثمار هرمان ڊزائين ڪئي، جنهن هن پاسي جون ٻيون به ڪيتريون پليون ڊزائين ڪيون، جهڙوڪ: جارج واشنگٽن برج، برانڪس وائيٽ اسٽون برج، ٽراءِ بورو برج ۽ ٿراگس نيڪ برج وغيره. عوثمار (سڄو نالو Othmar Hermann Ammann) سئٽرزلينڊ ۾ ۱۸۷۹ع ۾ ڄائو ۽ اتي جي شهر زيورچ مان ۱۹۰۲ع ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ۱۹۰۴ع ۾ آمريڪا لڏي آيو ۽ هن سمورو وقت نيويارڪ ۾ ڪم ڪيو. ۱۹۲۵ع ۾ هن کي نيويارڪ پورٽ اٿارٽيءَ ۾ برج انجنيئر طور رکيو ويو ۽ هن جون هڊسن نديءَ مٿان پليون قابل تعريف آهن. ويرازانو پل به هڪ قسم جي هڊسن نديءَ جي منهن وٽ آهي، جو ان هنڌ نئروز ۾ هڊسن ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري، جتان پوءِ ڇنڊجيو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ وڃيو پوي. پاڻ ۱۹۳۹ع تائين نيويارڪ اٿارٽيءَ ۾ رهيو. آخري ٽي سال انجنيئرس مٿان ڊائريڪٽر ٿي رهيو. نيويارڪ جي پلين کان علاوه سئن فرانسسڪو جي گولڊن گيٽ برج پڻ عوثمار ڊيزائين ڪئي. ويرازانو نئروز پل ۱۹۶۴ع ۾ ڪم شروع ڪيو ۽ هڪ سال بعد ۱۹۶۵ع ۾ هن پُل جو ڊزائينر عوثمار هرمان گذاري ويو.
هن پل تي نالو اٽليءَ جي هڪ جهازي جيوواني ويرازانو (Giavanni da Verrazano) تان پيو، جيڪو بنا شڪ جي پهريون يورپي هو، جنهن جي نظر نيويارڪ تي پيئي. سندس ڊائريءَ مطابق هن چوڌاري نظر ڦيرائي چيو هو "Not without some properties of value" هن جو مطلب هو ته ’هيءَ زمين رهائش جي خيال کان وڏو اگهه ڪندي.‘
جيوواني ويرازانو ۱۴۸۵ع ۾ اٽليءَ جي شهر فلورينس ۾ ڄائو. بنيادي تعليم اتان ئي حاصل ڪري پوءِ فرانس روانو ٿيو، جتي جي فرينچ مئريٽائيم (نيوي) ۾ ڀرتي ٿي انهن جا جهاز هلايا. ۱۵۲۳ع ۾ فرانس جي بادشاهه ”فرانسز اول“ ويرازانو حوالي ٻه جهاز ڪيا، ته انهن کي هاڪاري، هو آمريڪا ڏي نئين دنيا جو جائزو وٺي اچي، ته جيئن نون ڳوليل پَٽَنِ تي فرانس به ته قبضو ڪري ۽ ائين نه ٿئي ته رڳو پاڙي وارا- ڳاڙهن ڳلن وارا انگريز، اسپيني ۽ ڊچ پورچوگالي نه هڙپ ڪري وڃن.
هو ۱۵۲۴ع ۾ فرانس مان لنگر کڻي آمريڪا ڏي روانو ٿيو ۽ اچي هنن پَٽَن کان نڪتو. اهو مارچ جو مهينو ۽ ۱۵۲۵ع جو سال هو. يعني هندستان ۾ دهليءَ جي تخت تي ابراهيم لوڌي هو. هاٿين کي پستا بادام پئي کارايا ويا، شهر جي سهڻين ڇوڪرين راڳ جي محفل پئي مچائي. فارسي ۽ هندي شعر و شاعريءَ تي بحث پئي هليو. حاڪم ۽ درٻاري دير جا ستل ٽپهريءَ تي پئي اٿيا. سال کن بعد ۱۵۲۶ع ۾ ظهير الدين بابر، ابراهيم لوڌيءَ کي پاڻيپٽ جي ميدان تي شڪست ڏئي، انڊيا جو حاڪم ٿيو. حاڪم بدليو پر ٺڙڪو عياشيون ساڳيون رهيون. وڌ ۾ وڌ فرصت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي بابر ”يادگيريون“ ڪتاب لکيو ۽ هن اهو ئي وڏو ڪم ڪيو ۽ هيڏانهن مغرب ۾ جهاز ايجاد ٿي ويا ۽ نون ملڪن تي قبضا ٿي ويا ۽ هوڏانهن اسان وٽ گهوڙن کي مڇرن جي پٽڻ کان بچڻ لاءِ خوشبودار اگربتين ۽ کرکرن تي ريسرچ پئي هلي. تڏهن ته يورپين اسان جي ڌرتي تي به اچي قبضو ڪيو ۽ اسان کي دل وٽان موچڙا هنيائون.
بهرحال جيوواني ويرازانو پهريون يورپي هو، جنهن نيويارڪ کي Locate ڪيو. پورن ۸۵ سالن بعد ۱۶۰۹ع ۾ ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان هتي پهتو، يعني هن هنڌ تي جتي اڄ ويرازانو برج آهي. هڊسن نديءَ جي منهن وٽ ۽ هن جهازيءَ نالي هن نديءَ جو نالو هڊسن ندي پيو.
سچي ڳالهه ته اها آهي ته ويرازانو هتي سڀ کان پهرين ضرور آيو، پر هو ڪو اهڙو مشهور نه هو. هيءَ پل ٺهڻ وقت جڏهن ٻين نالن جو سوچ ويچار هلي رهيو هو ته نيويارڪ ۾ موجود ”اطالوي تاريخي سوسائٽي“ وارن، خاص ڪري هن جي فائونڊر جان لاڪارٽي پنهنجي ملڪ اٽلي جي هن جهازي ۽ سياح لاءِ مهم هلائي، اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ته هن پل جو نالو ويرازانو رکيو ويندو. پل جي تيار ٿيڻ کان هڪ سال اڳ ۱۹۶۳ع ۾ ڪينيڊي جي قتل تي سڀني جو اهو خيال ٿي پيو ته اها پل ڪينيڊي جي نالي ڪئي وڃي، پر لاڪارٽي پوري ڪوشش ڪري، ويندي ڪينيڊيءَ جي ڀاءُ اٽارني جنرل رابرٽ ڪينيڊي کي منٿ ميڙ ڪري، ان ڳالهه لاءِ راضي ڪيو ۽ واعدو ورتو ته ان پل جو نالو ڪينيڊي برج بدران ويرازانو برج رکيو ويندو.
اٽليءَ جو هي جهازي جيوواني ويرازانو واپس فرانس وڃڻ بدران ۱۵۲۸ع ۾ ڊچن جي قبضي ۾ آيل ٻيٽ Lesser Antilles تي گذاري ويو.
هن پل بابت ٻه چار ٻيون ڳالهيون:
نيويارڪ ۾ جيڪا هر سال نومبر ۾ مئراٿان ڊوڙ ٿيندي آهي، جنهن ۾ هزارين ننڍا وڏا، عورتون ۽ ٻار حصو وٺندا آهن ۽ دنيا جي مختلف ٽي وي چئنلن تان ڏيکاري ويندي آهي، اها مشهور ڊوڙ هن پل تان (اسٽيٽن ٻيٽ وٽان) شروع ٿيندي آهي. هن پل جو هيٺيون طبقو به سطح سمنڊ کان ۲۳۷ فٽ مٿي رکيو ويو آهي، جيئن ڪمرشل توڙي نيويءَ جا وڏا جهاز به هن پل جي هيٺيان آرام سان لنگهي سگهن.
هيءَ پل پوڻا ٽي ميل ڊگهي آهي. پل جو لوهي اسٽرڪچر ۷۲۰۰ فٽ آهي، جنهن ۾ ۴۶۲۰ فٽ وچ وارو Span آهي.  هيءَ پل جيتوڻيڪ دنيا ۾ هاڻ ٻئي نمبر تي وڏي(Longest) آهي پر Span جي خيال کان ڇهون نمبر آهي. اڄڪلهه سڀ کان وڏي ڪمان (Span) جپان جي وبي- ناريتو پل، جيڪا ۱۹۹۸ع ۾ ٺهي آهي، ان جي ۶۵۲۷ فوٽ آهي. ٻئي نمبر تي ڊئنمارڪ جي ايسٽ برج آهي ۽ انگلنڊ جي همبر برج جوSpan ٽئين نمبر تي ۴۶۲۵ فٽ آهي. ان بعد چوٿين ۽ پنجين تي چين جون پليون آهن جن مان هڪ ينگتسي نديءَ مٿان آهي ۽ ٻي هانگ ڪانگ ۾ آهي.
نيويارڪ جي هن پل ويرازانو مٿان روزانو ٻه لک کن موٽر، لاريون ۽ ٽرالر لنگهن ٿا. سندس هر طبقي تي ڇهه رستا آهن. ٽي وڃڻ جا ۽ ٽي اچڻ جا رستا.
هن پل مٿان نيويارڪ ۽ سمنڊ جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي جنهن لاءِ ڪنهن خوب لکي آهي ته:
“There is no view of New York city to match the view you get from the Verrazano Narrows Bridge. It is gorgeous.”
هيءَ پل ڪيترين ئي انگريزي فلمن ۽ ٽي وي Serials ۾ پڻ ڏيکاري ويئي آهي. ۱۹۷۷ع جي هڪ تمام مشهور گانن واري فلم Saturday Night Fever آهي. ان ۾ فلم جو هيرو جان ٽراوولٽا پنهنجن دوستن جي سامهون بروڪلن پاسي کان، هن پل جي پاسي تان مٿي چڙهي ٿو.
هينئر هڪ ٻي فلم The Spider Man ويجهڙائي ۾ ٺهي آهي. جنهن جو هيرو پيٽر پارڪر نيويارڪ جي لائقي ڪئنس (Queens) ۾ پنهنجي چاچي ۽ چاچيءَ سان گڏ رهي ٿو. هڪ ڏينهن اسڪول طرفان پڪنڪ تي ويندي، هن کي هڪ اهڙو ڪوريئڙو(Spider) چڪ ٿو هڻي، جنهن سان هن جا هارمون ۽ خصلتون بدلجي ٿيون وڃن. پوءِ هو ڪوريئڙي وانگر بل ڏيئي شڪار کي سوگهو ڪري سگهي ٿو. تڪڙو تڪڙو مضبوط ڄار اُڻي، ڳري کان ڳري شڪار کي ان ۾ پنجوڙي سگهي ٿو ۽ هن کي ڪوريئڙي وانگر هر شيءِ کي يڪدم سمجهڻ ۽ پرکڻ جو Sense اچي وڃي ٿو. يعني هو هڪ انسان ۽ ڪوريئڙي جي مليل جليل مخلوق ٿيو وڃي. يعني رات اندر هن ۾ اهڙيون قابليتون ۽ طاقتون اچيو وڃن جو هو ڪوريئڙي وانگر وڏي کان وڏي ڀت تي به چڙهيو وڃي ۽ هن کي پنهنجي اردگرد جي حالتن جي به خبر پئجيو وڃي. هي ڪوريئڙي نما ماڻهو Spider man پنهنجي قابليت ۽ طاقت جي آڌار تي دنيا جي برائين جو مقابلو ڪرڻ چاهي ٿو.
ساڳي وقت نيويارڪ ۾ رهندڙ هن جي ڪلاس ميٽ هئري جي پيءُ نارمن ۾ ڪنهن تجربي جي اثر کان تبديلي رونما ٿئي ٿي. هن ۾ عقل ۽ طاقت ته وڌندي رهي ٿي. پر ساڳي وقت هن ۾ چڙ ۽ ڪميڻپائي به وڌڻ لڳي ٿي، جيڪا هن کي ورهايل شخصيتSplit Personality بڻايو ڇڏي. هن جي شخصيت جي سٺي اڌ کي خبر نٿي پوي ته خراب اڌ ڇا پيو ڪري ۽ جتي اسپائيڊر مئن ماڻهن جون جانيون بچائيندو رهي ٿو، ته هي شيطان صفت انسان Green Goblin انهن کي برباد ڪندو رهي ٿو. هيرو اسپائيڊر مئن ۽ دشمن گرين گابلن جي هن پل ”ويرازانو نئروز برج“ مٿان ويڙهه ٿئي ٿي، جتان هو (گابلن) ٻارن سان ڀري فيري (ننڍو جهاز) ۽ اسپائيڊر مئن جي گرل فرينڊ ميري جين کي مٿي کڻي، هيٺ سمنڊ ۾ اڇلي ٿو ۽ هيري Spider man کي سوچ ۾ وجهيو ڇڏي ته ڪنهن کي ڇڏيان ڪنهن کي بچايان.
ڪيتريون ئي انڊين هندي، تامل ۽ بنگالي فلمون آهن، جن ۾ پڻ هيءَ پل (Nerrazano Narrows) ڏيکاري ويئي آهي، جنهن تان آني بهاني هيرو ۽ هيروئن صاحبا لنگهن ٿا يا دوگانا ڳائين ٿا ۽ ان سان گڏ نيويارڪ جا پڻ ڪيترائي حصا ڏيکاريا ويا آهن. هندي فلم جيڪا اڄڪلهه هتي آمريڪا ۾ به اسٽار ٽي وي چينل تان هر هر ڏيکارين پيا، اها ”ڪل هو يا نه هو“ ڊائريڪٽر ڪرن جوهر جي ٺاهيل فلم آهي جنهن ۾ شاهه رخ، پريٽي زنٽا ۽ سيف علي آهي. هڪ ٻي فلم جيڪا ڪجهه وقت اڳ ڏٺي هيم ”دس“ نالي آهي، جنهن ۾ سنجي دت، اڀيشيڪ بچن، شلپا سيٺي وغيره آهن. هڪ ٻي فلم جنهن ۾ پڻ هيءَ پل نظر اچي ٿي ۽ نيويارڪ جي ڪنهن بئنڪ مان ڦر (robbery) جي آهي، ان ۾ اميتاڀ بچن، سنجي دت، ملائاڪا اروڙا، رتي اگني هوتري آهن. فلم جو نالو هن وقت ڌيان ۾ نه پيو اچي شايد ”ڪانٽي“ آهي.
هونءَ هنن پلين، سامونڊي حصن، نيويارڪ جي مختلف حصن، هتي جي ندين وغيره جي جاگرافيائي معلومات لکڻ جي Favor ۾ نه آهيان پر نيويارڪ دنيا جو اهڙو اهم شهر آهي ۽ جتي غير ملڪي توڙي آمريڪا جي ٻين رياستن جا اسان جا ماڻهو ايتري ته وڏي تعداد ۾ اچن ٿا، جو هن ڀيري هيءَ معلومات لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جو ان قسم جي ڄاڻ بنا نيويارڪ ۾  ماڻهو منجهيو پوي ۽ ٻي ڳالهه ته اڳ ۾ اخبارون جن ۾ منهنجا هي مضمون يا ڪالم اچن ٿا ۽ پڙهندڙن سان مخاطب آهيان، نه فقط سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾، پر سڄي دنيا ۾ انٽرنيٽ ذريعي پڙهيون وڃن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ملندڙemail خطن مان ائين لڳندو آهي ڄڻ منهنجا آمريڪا جي شهرن ۾ پڙهندڙ گهڻا هجن. سو جنرل ڳالهين کان علاوه ڪٿي ڪٿي ڪي ڳالهيون هتي آمريڪا ۾ رهندڙ هم وطنين کي ڌيان ۾ رکي لکان ٿو ۽ ڪي ڳالهيون پنهنجي پيشي (جهاز هلائيندڙن) جي ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو، جيئن هو منهنجي معلومات ۽ تجربي مان سهوليت ۽ وندر حاصل ڪري سگهن.
آمريڪا جي خوبصورت ندي- هڊسن ندي
نيويارڪ ۾ وهندڙ هڊسن ندي هڪ اهم ندي آهي، جيڪا هو هر وقت ڏسندو رهي ٿو. ويرازانو برج کان وٺي خبر ناهي ڪيتريون پليون، هن نديءَ مٿان آهن، جتي ويرازانو برج آهي، اتي سمجهو ته هيءَ ندي هڊسن (Hudson) اچيو ٿي ختم ٿئي، جتان پوءِ هن جو پاڻي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ مليو وڃي ٿو. هڊسن نديءَ جو نالو هينري هڊسن نالي هڪ انگريز جهاز ران Navigator تان آهي، جيڪو ۱۶۰۹ع ۾ Half Moon نالي جهاز تي پاڻ سان ويهارو کن خلاصي کڻي، هيٺيان ڪيوبا وٽان نڪتو هو ته چين ٿو وڃان. هن پنهنجي دماغ ۾ جيڪا چين لاءِ شارٽ ڪٽ اختيار ڪئي، اها کيس چين ته ڇا آفريڪا به نه وٺي وئي، هو هتي ئي آمريڪا وٽ ڀٽڪندو رهيو ۽ اچي هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ پهتو. هي ندي ويڪري ۽ Navigable هجڻ ڪري هن کي احساس ئي نه ٿيو ته هو ڪنهن نديءَ جي منهن وٽ پهچي ويو آهي. هو ان کي سمنڊ جو حصو سمجهي يا چين جي ڪا ندي سمجهي اڳتي وڌندو رهيو ۽ ۱۵۰ ميل وڌيڪ طئي ڪرڻ بعد جڏهن هو اڄ واري الباني ۾ پهتو ته پوءِ ان کي احساس ٿيو ته هيءَ ڪا ندي ئي ٻي آهي ۽ ان کانپوءِ هن نديءَ تي نالو ئي هڊسن ندي پئجي ويو. ڇا ته سکر ڏينهن هئا، جڏهن ههڙا سڄڻ سفر تي هليا ٿي. غلطين ڪرڻ بدران به ماڻهن کي ڀلا لڳا ٿي ۽ صحيح هنڌ بدران غلط هنڌ پهچڻ تي کين Explanation Call يا نوڪريءَ مان ڪڍڻ بدران، سندن نالي ڌرتيون، نديون، بندرگاهه ٿي ويا ٿي. 
بهرحال تن ڏينهن ۾ جهاز اڄ جهڙا آرام وارا ۽ ماڊرن نه هئا. سڙهن ۽ چپن تي ٻيڙا هاڪاريا ويا ٿي. اڄ جي کاڌي پيتي ۽ ٻي سهوليت بدران تن ڏينهن ۾ انهن گهاٽن جهنگلن مان وهندڙ ندين ۾ مڇرن ۽ ٻين جيتن، هُنن جهازين کي پَٽيو ٿي. بيمار ٿيڻ تي ڪا دوا درمل يا ڦڪي ستي نه هوندي هئي، اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان فقط انهن جو تفصيل ڄاڻون ٿا، جن جهازين کي ڪنهن ٻيٽ جي مهمان نواز جوان ڇوڪرين چمين ۽ ڀاڪرن سان آڌر ڀاءُ ڪري، سندن زندگي ڀر جون غلام ٿي رهيون ٿي ۽ اسان جا جهازي مارئيءَ وانگر پنهنجا ڪک ياد ڪري وطن ورڻ جي وائي آلاپڻ بدران، سڀ ڪجهه وساري ان ٻيٽ تي رهي پيا ٿي، پر اهڙا تمام ٿورڙا خوش نصيب گهڻي ڀاڱي اسان جا جهازي ڀائر ڌارين ڌرتين جي جنگلي قبيلن حوالي ٿي کاڄي کپي ويا ٿي. هنن کي ڦودني جي پنن ۽ گوبي بصرن سان گڏ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وڏي ديڳ ۾ وجهي رڌو ويو ٿي. ڪيترن هنڌن تي ته اهڙا آدم خور قبيلا رهيا ٿي جن انگريز جهازين کي بنا رڌڻ جي کائي کپائي ڇڏيو ٿي ۽ جڏهن هو موٽن ئي نه ته سندن بدنصيبي جا قصا ڪهاڻيون ڪير ٻڌائي. ورلي ڪو خلاصي ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو هو ته اهو اچي باقي ساٿين جون خبرون ڪندو هو.
بهرحال هتي پاڻ ڪجهه احوال هن ندي هڊسن جو ڪنداسين. جيڪا چار هزار فٽن جي بلنديءَ تان Adirondack نالي جبلن تان شروع ٿئي ٿي ۽ اٽڪل ۳۱۵ ميلن جو فاصلو طئي ڪري، مئن هٽن (نيويارڪ) وٽ اچيو دنگ ڪري. اڳ زماني ۾ نه موٽر ڪارون هيون، نه پڪا رستا، ماڻهن جو سفر ٻيڙين رستي ٿيندو هو ۽ ملڪ جي اندروني حصن ۾ ٻيڙين رستي پهچندا هئا. هيءَ هڊسن ندي هتي جي اصلوڪن باشندن Native Americans لاءِ سفر جو اهم روٽ هئي. يورپين جي پهچڻ تي هنن لاءِ به هيءَ ندي سفر لاءِ اهم ثابت ٿي. هن نديءَ ذريعي هنن ملڪ جي اندروني حصن تائين پهچي واپار وڙو ڪيو ٿي. هيٺ ڏکڻ ۾ مسي سپي ندي به هڪ اهم ندي آهي ۽ هن هڊسن نديءَ اکن به تمام گهڻو ڊگهي آهي پر مسي سپي ندي اٽڪل ٻه سئو سال رکي پوءِ سفر جوڳي ثابت ٿي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڊسن ندي قدرتي طرح سهڻي آهي. ٻنهي پاسن کان جنگل، جبل ۽ رڻ پٽ هن کي سونهن بخشين ٿا ۽ ان سونهن جي ئي ڪري ڪيترا ماڻهو هن نديءَ کي “America’s Rhine” سڏين ٿا. ڪنهن شاعر هن هڊسن نديءَ لاءِ چيو آهي:
Water flows from high in the mountains,
Water runs deep in the Earth.
Miraculously, water comes to us,
And sustains all life.
هڊسن ندي نيويارڪ رياست ۽ نيو جرسي جي رياست جي وچ ۾ بائونڊريءَ جو ڪم ٿي ڏئي. هڊسن ندي ٽپڻ لاءِ ڪيتريون پليون ۽ سرنگهون (Tunnels) آهن. نديءَ جي هيٺين حصي جي ويڪر وڏي انجنيئرنگ جا ڪارخانا آهن، جن مان هڪ ويرازانو برج جو احوال اڳهين اچي چڪو آهي. ان کان علاوه جارج واشنگٽن برج، لنڪن ۽ هالنڊ ٽنل، پاٿ (PATH) ۽ پينسلوانيا ريل روڊ ٽيوب، هن نديءَ مٿان يا تري کان گهڻو هيٺ گذرن ٿا. واٽر فورڊ وٽ Troy- Waterford پل هن نديءَ مٿان پهرين پُل هئي- جيڪا ۱۸۰۹ع ۾ شروع ٿي.
ريسلر Reseller ۽ سراتوگا ريل روڊ ۱۸۳۵ع ۾ شروع ٿيو. جڏهن ريل کي گهوڙا ڇڪيندا هئا. گرين آئلنڊ برج به اوائلي پلين مان هئي جيڪا هن نديءَ مٿان اڏي وئي.
فوٽو ڪڍڻ جي اجازت ناهي...
هڪ ڏينهن نيويارڪ جي علائقي مئن هٽن مان ڪم لاهي پنهنجي ننڍي ڀاڻيجي هيمون (اصل نالو ضمير وسطڙو) سان گڏ واپس گهر نيو جرسي پئي آياسين. مئن هٽن ٻيٽ تان هڊسن ندي ٽپي، نيو جرسي اچڻ لاءِ سان کي جارج واشنگٽن برج (پل) ويجهي لڳي، جنهن جو اڄڪلهه ٽپڻ جو اگهه (Toll) ڇهه ڊالر آهي، جيڪي نيويارڪ- يعني مئن هٽن پاسي کان ورتا وڃن ٿا، جنهن ۾ وٽ جي في به شامل آهي. هونءَ به هڊسن ندي ٽپڻ مهل تاپان زي (Tappan Zee) پل کان وٺي ويرازانو تائين، نيويارڪ پاسي ٽال ٽئڪس ورتو وڃي ٿو جيڪو اوٽ موٽ جو آهي. جارج واشنگٽن پل تان سائيڪل سوار ۽ پيادن کي ٽال نٿو ڏيڻو پوي، جيتوڻيڪ شروع جي سالن ۾ جڏهن ۱۹۶۲ع ۾ هن پل جو ٻيو ڊيڪ ٺهيو هو ته ماڻهن کان به ورتو ويو ٿي ۽ سٺ جي آخري سالن ۾ جڏهن اسان جو جهاز نيويارڪ ايندو هو ته اسان پنج يا شايد ڏهه سينٽ ڏئي، هن پل تان واڪ ڪندا هئاسين نيوارڪ بندرگاهه ۾ جهاز هوندو هو ته نيو جرسي پاسي کان پل تي چڙهي. نيويارڪ (مئن هٽن) ايندا هئاسين. بهرحال هينئر هيمونءَ جي ڪار ۾ هيءَ پل جيڪا جارج واشنگٽن (آمريڪا جي پهرين صدر نالي آهي) ٽپي رهيا هئاسين. پل جي بلڪل ويجهو پهتاسين ته ٽرئفڪ جئم هئي ۽ ڪار ٻلي پير هلڻ لڳي. جيتوڻيڪ هن پل جا فوٽا مون وٽ ڪيترائي پيا آهن، جيڪي مون رسالن مان ڪڍيا هجن يا اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ ايندو هوس، پر هينئر جيئن ته ڪئميرا منهنجي هٿ ۾ هئي ۽ اسان جي ڪار ٻه چار وکون کڻي ”اٽينشن“ ۾ بيهي ٿي رهي، سو منهنجي دل فوٽو ڪڍڻ لاءِ اڇل کاڌي. مون پائوچ مان ڪئيمرا ڪڍي، منجهس بيٽري سيل وڌا ته هيمونءَ چيو ته ماما فوٽو نه ڪڍجو منع آهي.
”ڪمال آهي تو طرفان منع آهي يا هتي جي حڪومت طرفان؟“ مون پڇيو.
”حڪومت طرفان.“ هيمونءَ وراڻيو.
”ته پوءِ اسان بيوقوف پاڪستانين ۽ هنن آمريڪن ۾ فرق نه ٿيو.“ مون هيمونءَ کي کلندي چيو. اسان وٽ به ڊٺل بندرگاهه ۾ وڃ ته فوٽو  ڪڍڻ کان پيا جهليندا. جيتوڻيڪ مٿان جناح برج تان لنگهه ته بندرگاهه جي هڪ هڪ شيءِ ۽ جهاز صاف نظر پيا ايندا، جنهن کي فوٽو ڪڍڻو هوندو اهو ته اتان ئي ڪڍي ويندو.“ مون چيو.
”ايڪسڪيوزمي!“ هڪ هنڌ ڪار بيٺي ته سامهون پوليس واري جو ڌيان مون پاڻ ڏي ڇڪايو ۽ کانئس فوٽو نه ڪڍڻ جي پڪ ڪئي.
هسپانوي نسل جي آمريڪن پوليس واري وراڻيو؛ “Yes sir! It is prohibited.” مون ٿورو چپن ۾ مرڪيو ته هن شايد ان ڪري به هونءَ ئي ان لاءِ صفائي پيش ڪندي چيو:“It is due the fear that terrorist groups might study any potential Photographs in order to plot a terrorist attack on the bridge.”
ٺهيو. چئبو ته نانگ ويو نڪري، لڪيو پيو ڪٽجي. نائن اليون وارو خوف تحت شعور ۾ موجود آهي. اهي اهم ڳالهيون جن جي ڪري فلسطين، عراق، افغانستان جهڙين ڏتڙيل قومن جي دلين ۾ آمريڪا لاءِ نفرت آهي، انهن کي ڌيان ۾ آڻي ڪو تدارڪ ڪرڻ بدران سطحي ڳالهين تي سوچڻ ۽ پنهنجي پر ۾ پاڻ کي باحفاظت سمجهڻ جي کوکلي سوچ رکي خوش ٿيڻ مان ڇا هڙ حاصل.
اڳتي هلي پل جي لوهي فريم ورڪ تي فوٽو ڪڍڻ لاءِ منع جو بولٽ ٿيل نوٽيس بورڊ نظر آيو. ”سائين اسان توبهه ڪئي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچي، ڪئميرا مان بيٽري سيل ڪڍي ڪار جي ڊئش بورڊ ۾ وجهي ڇڏي. مون وٽ هنن مڙني پلين جا فوٽا کوڙ آهن. ڳوٺ جا ڪٻٽ ڀريا پيا آهن.
نيويارڪ ۽ نيوجرسيءَ کي هيءَ ملائڻ واري پل جارج واشنگٽن پڻ ويرازانو پل وانگر Suspension قسم جي پل آهي، پر هيءَ پل ويرازانو کان گهڻو اڳ ٺهي. سندس ڪم ۱۹۲۷ع کان شروع ٿيو ۽ ٽريفڪ لاءِ ۱۹۳۱ع کان شروع ٿي. هن پل جو چيف انجنيئر به ساڳيو عوثمار عمان هو، جنهن جو احوال شروع ۾ ٿي چڪو آهي. هن پل جو پهرين ”هڊسن برج“ نالو رکيو ويو، پر پوءِ مالڪ جي پهرين صدر جارج واشنگٽن کي منسوب ڪئي وئي.
ويرازانو پل ته گهڻو پوءِ ٺهي، پر جن ڏينهن ۾ هيءَ پل (جارج واشنگٽن برج) ٺهي ته هن جي ساڍا ٽي هزار فٽ ڪمان (Span) دنيا جي Longest هئي. ان کان اڳ تائين ائمبسڊر برج جي ڪمان وڏي سمجهي وئي ٿي، جيڪا جارج واشنگٽن برج جي اڌ جيتري مس ۱۸۵۰ فوٽ هئي. جارج واشنگٽن برج جي ڊيگهه پوڻا چار هزار فوٽو يعني ڏيڍ ڪلو ميٽر آهي.
هن پل تان گاڏيون هلڻ لاءِ ڇهه قطارون هيون، ۱۹۴۶ع ڌاري ٻه وڌيڪ قطارن لاءِ رستو ٺاهيو ويو ۽ پوءِ ۱۹۶۲ع ڌاري هن پل جو نقشي مطابق هيٺيون ڊيڪ به ٺهي راس ٿي ويو، جتان ڪارين لارين جون ڇهه قطارون هلن ٿيون. ان حساب سان هيءَ جارج واشنگٽن پل دنيا جي واحد Suspension پل هئي، جنهن تان لارين موٽرن جون چوڏهن قطارون هليون ٿي. اڄ به هن پل تان ايتري ٽريفڪ هلي ٿي جو پل وارن کي مليل ٽال مان روزانو هڪ ملين ڊالر يعني ڇهه ڪروڙ روپيه آمدني آهي.
هن پل بابت هڪ ٻي ڳالهه. هن پل تان دنيا جو وڏي ۾ وڏو آمريڪن جهنڊو ڦڙڪايو وڃي ٿو، جنهن جي هرهڪ تاري جو ڊاياميٽر ۴ فوٽ هوندو آهي ۽ هر پٽي (Strip) جي ويڪر ۵ فوٽ ٿئي. هي جهنڊو هيٺين موڪل وارن ڏينهن تي، هن پل تان لڙڪايو ويندو آهي.
مارٽن لٿرڪنگ ڊي، واشنگٽن جي برٿ ڊي تي، ميموريل ڊي تي، يوم آزاديءَ تي، لئبرڊي، فلئگ ڊي، ڪولمبس ڊي ۽ جهونن جنگي سپاهين جي ڏينهن تي.
جارج واشنگٽن پل به ڪيترين ئي فلمن ۾ فلمائي وئي آهي. پهرين پهرين ۱۹۴۱ع جي فلمBall of Fire ۾ نظر آئي ۽ ان بعد ڪيترن ئي فلمن ۾ ڏيکاري وئي آهي. جهڙوڪ:
- How to Marry a Millionaire
- The In- Laws
- Desperately Seeking Susan
- Cop land.
وغيره وغيره.
نيويارڪ جون پراڻيون پُليون....
ڪڏهن ڳالهه نڪرندي آهي ته نيويارڪ جي سڀ کان پراڻي پُل ڪهڙي آهي؟
نيويارڪ جي پهرين پل Kings Bridge هئي، جيڪا پٿرن ۽ ڪاٺ جي تختن ذريعي مين هٽن ۽ برانڪس جي وچ ۾ ۱۶۹۳ع ۾ ٺاهي وئي، جنهن کي سوا ٻن سؤ سالن بعد ۱۹۱۷ع ۾ ڊاٺو ويو جو هاڻ اها ڪم جوڳي نه رهي هئي. پراڻي کان پراڻي پل جيڪا اڃا تائين قائم آهي اها هاءِ برج آهي، جيڪا هارلم نديءَ مٿان آهي ۽ مين هٽن ۽ برانڪس کي ڳنڍي ٿي. اها ۱۸۴۳ع ۾ ٺهي هئي. هن پل تان فقط پاڻيءَ جا پائيپ گذرن ٿا. اها مسافرن يا سوارين لاءِ نه آهي ۽ نيويارڪ جي سڀ کان پراڻي پل جيڪا ماڻهن ۽ ٽريفڪ لاءِ کليل آهي، اها بروڪلن پل (Brooklyn Bridge) آهي، جيڪا اڄ کانسواءِ سؤ سال کن اڳ ۱۸۸۳ع ۾ کلي.
بروڪلن پل نيويارڪ جي مين هٽن ۽ بروڪلن واري حصي کي ڳنڍي ٿي ۽ ايسٽ ندي (East River) مٿان آهي. ايسٽ ندي برانڪس ۽ ڪئنس جو بارڊر ٺاهي، پوءِ مين هٽن ۽ بروڪلن جو ٺاهي مٿين خليج نيويارڪ (Upper New York bay) سان اچيو ٿي ملي، جتي هڊسن ندي به ڇنڊجي، اڳيان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ملي ٿي. دراصل هيءَ ايسٽ ندي جيڪا ڏسڻ ۾ ته ندي لڳي ٿي، پر ٽيڪنيڪلي ڳالهايو وڃي ته ”ايسٽ ندي“ ندي نه، پر Tidal Strait آهي، جنهن جي لاٿ ۽ چاڙهه موسمن مطابق برف جي ڳرڻ ۽ مينهوڳيءَ تي نه آهي، پر سمنڊ جي وير Tides تي آهي ۽ هر سمنڊ جي وير ڏينهن ۾ ٻه دفعا چڙهي ٿي ۽ ٻه دفعا لهي ٿي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ته واقعي ائٽلانٽڪ آهي، جنهن جي وير چڙهڻ تي پاڻي پوئتي هن ”ندي“ ڏي ڌوڪجي وڃي ٿو ۽ تمام گهڻو Turbulent(ڪُنن وارو) رهي ٿو ۽ انهن ڏينهن ۾ جڏهن لاريون موٽرون ۽ روڊ رستا ايترا نه هئا، ماڻهن جي گهڻي چرپر ندين ذريعي هئي ۽ هيءَ ندي دنيا جي سڀ کان گهڻو مشغول کاري پاڻيءَ جي ندي هيئ ۽ هن نديءَ مٿان ان وقت (جڏهن اڃا عمارت سازي جي ٽيڪنالاجيءَ ايڏي وڏي پئماني تي ترقي نه ڪئي هئي) پل ٺاهڻ آسان ڪم نه هو. اها پل جنهن جي هيٺان جهاز لنگهي سگهن ۽ ان پاڻيءَ تان جهاز لنگهيا ٿي، جيڪو وير اچڻ تي تمام گهڻو مٿي ٿي ويو ٿي ۽ ظاهر آهي ته جهاز به ايترو ئي مٿي هليا ويا ٿي. هن نديءَ مٿان پل ٺاهڻ بابت هڪ هنڌ مون پڙهيو هو ته:
"If there is to be a bridge on east river it must take one grand flying leap from shore to shore over the masts of the ships."
۱۸۵۵ع ۾ جان وربلنگ نالي هڪ مشهور ”برج ڊزائينر“ هن پل لاءِ Proposal ڏنو ته Suspension برج ٺاهي وڃي. ۲۴ مئي ۱۸۸۳ع ۾ هيءَ پل ٽريفڪ ۽ عوام لاءِ کولي وئي، پر شروعات ئي بدبختيءَ سان ٿي ۽ پهرين ڏينهن ئي ٻارهن پيادا چيڀاٽجي مري ويا. پل ڏسڻ جي شوق ۾ پل تي گڏ ٿيل هزارين ماڻهن مان ڪنهن کڻي شوشو ڇڏيو ته پل ٽڙڪاٽ پئي ڪري، ڄاڻ ته ڪري، پوءِ ماڻهن جي وٺي ڀاڄ شروع ٿي، جنهن ۾ هنن جا هوش خطا ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي جي لتاڙ ڪري موت ٿي پيا.
هن پل (بروڪلن برج) جي بدقسمتي اها جو ڪنسٽرڪڪشن جي وقت به ۲۷ ڪاريگر مري ويا، ڪيترائي مٿاهينءَ تان ڪرڻ ڪري. ان کان علاوه ڪيترائي Caissonبيماريءَ جو شڪار ٿي پيا، جن مان ٽي ته تڏهن ئي مري ويا، پنڌرهن کي اڌ رنگ ٿي پيو ۽ ڪيترن ئي کي مرڻ تائين سنڌن جو سور رهيو. هيءَ بيماري هوا جي دٻاءَ جي يڪدم گهٽجڻ يا وڌڻ ڪري ٿئي ٿي. سمنڊ جي تري تائين وڃڻ سولو ڪم آهي. خاص ڪري جي پاڻ سان هوا جو سلينڊر به آهي ته، پر انسان جنهن جي جسم جي رت جو دٻاءُ سطح سمنڊ جي ليول Atmospheric Pressure تي نارمل رهي ٿو، اهو جڏهن سمنڊ اندر هيٺ وڃي ٿو ته پاڻي جي پريشر وڌڻ ڪري سخت تڪليف محسوس ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو قدرت جن مڇين کي اونهي سمنڊ (Deep Sea) لاءِ خلقيو آهي، فقط اهي ئي سمنڊ جي تري ۾ نظر اچن ٿيون، مٿي اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مريو وڃن ۽ تانگهي پاڻيءَ واريون مٿي ئي رهن ٿيون.

No comments:

Post a Comment