ڪجهه نيويارڪ بابت
الطاف شيخ
اسان کي ڪجهه نيويارڪ جو ذڪر ڪرڻ کپي. جيئن ڪراچي پاڪستان جي جان
آهي، توڙي کڻي گادي جو هنڌ اسلام آباد آهي يا سهڻو شهر لاهور ٿو سڏجي، پر ڪراچي
واپار وڙي ۽ عوام جي لحاظ کان وڏو شهر آهي ۽ ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهن لاءِ فيوريٽ
شهر آهي. ايتري قدر جو پاڪستان جي سڃاڻپ ڪراچي آهي ۽ ڪراچيءَ جي پاڪستان. تهڙيءَ
طرح آمريڪا (USA) جو
شهر نيويارڪ آهي، جتي هر ڌاريو ۽ ملڪي ماڻهو وڃڻ چاهي ٿو. آمريڪا جو جيتوڻيڪ گاديءَ
جو هنڌ واشنگٽن آهي ۽ خوبصورت شهر لاس اينجلس، بالٽيمور، شڪاگو، ميامي ۽ هيوسٽن
کان وٺي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا هجن، پر وڏي ليول تي آمريڪا جي سڃاڻپ نيويارڪ آهي ۽
نيويارڪ معنيٰ USA.
نيويارڪ هوائي جهاز يا پاڻيءَ واري جهاز رستي، اڄ توڙي اڳ ۾، پهچڻ سولو رهيو آهي.
نيويارڪ کي پنهنجو هوائي اڏو آهي، بلڪ دنيا جو وڏي ۾ وڏو هوائي اڏو JFK ۽
ان کان علاوه ٻيا به ڪيترا ئي هوائي اڏا آهن. پاڻيءَ واري جهازن جي آمدرفت لاءِ به
نيويارڪ دنيا جي وڏن ۽ اهم بندرگاهن مان هڪ آهي. آدمشماريءَ جي لحاظ کان به
نيويارڪ نه فقط آمريڪا (يعني USA) جو وڏو شهر آهي، پر سڄي اتر آمريڪا کنڊ ۾
هڪ ڳتيل شهر آهي، جتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو نظر اچن ٿا. بين الاقوامي ڏيتي ليتي (Finance)، سياست، وندر (Entertainment) ۽ ڪلچر جي لحاظ کان دنيا جا جيڪي چار شھر وڏا مڃيا
وڃن ٿا، نيويارڪ انهن مان هڪ آهي (۽ ٻيا ٽي شھر آهن، لنڊن، پئرس ۽ ٽوڪيو).
هن شهر نيويارڪ ۾ ايترا ته ميوزيم، آرٽ گئلريون، ڊرامن جا ٿيٽر،
سئنيما هال، Media Outlet، بين الاقوامي ڪارپوريشنون، اسٽاڪ
ايڪسچينجون، جهازي ڪمپنيون آهن، جن جو مقابلو ٽوڪيو ۽ لنڊن به نٿو ڪري سگهي. سڀ
کان وڏي ڳالهه نيويارڪ UNO جو گهر آهي، جنهن کان علاوه دنيا جي هر ملڪ جي Mission ۽
قونصل خانو هتي آهي.
نيويارڪ شهر، نيويارڪ رياست ۾ آهي. منهنجو اهو جملو ڪيترن کي
منجهائيندو. ان ڪري ان کي سمجهائڻ ضروري آهي. خاص ڪري انهن پڙهندڙن لاءِ جيڪي
نيويارڪ نه ويا آهن يا جن کي نيويارڪ جي گهڻي ڄاڻ ناهي. نيويارڪ رياست ائين آهي،
جيئن ڪراچي ضلعو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچي ضلعو ۽ اسان جا ٻيا ضلعا پکيڙ ۾ ايڏا
وڏا نه آهن، جيڏي نيويارڪ جي رياست (State) يا USA جون
ٻيون رياستون. پکيڙ ۾ نيويارڪ جي رياست، سڄي سنڌ جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ آمريڪا جو ٽيڪساز،
ڪئليفورنيا ۽ مونٽانا جهڙيون رياستون ته بلوچستان صوبي جي مقابلي جون ٿينديون. سڄي
سنڌ جي توڙي نيويارڪ رياست جي پکيڙ هڪ لک ۴۱ هزار چورس ڪلوميٽر آهي. آمريڪا جي رياست ٽيڪساز، بلوچستان کان گهڻي
وڏي، تقريبن سڄي پاڪستان جيڏي ٿيندي، ڇو جو پاڪستان جي پکيڙ ۸ لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ٽيڪساز جي ست لک چورس ڪلوميٽر آهي.
سو جهڙيءَ طرح ڪراچي ضلعي ۾ ڪراچي شهر کان علاوه ملير، لانڍي، لالو
کيت، چنيسر ڳوٺ، ماڙيپور، مچ، پپري، منگهو پير، گذري، لس ٻيلي جهڙا ڳوٺ ۽ شهر اچي
وڃن ٿا، تيئن نيويارڪ رياست جيڪا سنڌ جيڏي آهي، نيويارڪ شهر کان علاوه ٻيا به
ڪيترا ئي وڏا ننڍا شهر اچي وڃن ٿا، جهڙوڪ بفئلو، راچيسٽر، يونڪر، سارا ڪوز،
الباني، ورنان، لانگ بيچ، ايلميرا، ويندي هڪ شهر جو نالو روم به آهي. اها ٻي ڳالهه
آهي ته ڪراچيءَ جا مختلف شهر توڙي ڳوٺ سڄي ملڪ مان لڏي ايندڙ وڌندڙ آدمشماريءَ ڪري
هڪ ٻئي سان ملي ويا آهن، جيڪي اڄ کان اڌ صدي اڳ الڳ الڳ ۽ گهڻي فاصلي تي هئا. ۱۹۶۰ع جو ڪراچي به مون کي ياد آهي. جڏهن ملير، لانڍي،
پپري، ڊرگ روڊ ته هڪ ٻئي کان پري هئا ۽ وچ ۾ جنگل ۽ غيرآباد نظر ٿي آيا. ويندي
لالو کيت جيڪو هاڻ لياقت آباد سڏجي ٿو، هڪ ڳوٺ هو. بهرحال ڪراچي شهر صدر، ٽاور،
ڪياماڙي، منهوڙو، کارادر ۽ ميٺادر وغيره هو. سو اهڙيءَ طرح نيويارڪ رياست ۽
نيويارڪ سٽي سمجهڻ کپي ۽ نيويارڪ شهر جو صدر، ڪياماڙي، منهوڙو، کارادر وغيره آهي؛
برانڪس، بروڪلن، مئن هٽن، ڪئنس، اسٽيٽن آئلينڊ وغيره جيڪي بارو Boroughs ٿا
سڏجن ۽ سمجهو ته نيويارڪ شهر جو صدر Manhattan آهي. بس فرق فقط هي آهي ته
هتي هر شيءِ وڏي آهي. مولا جو ملڪ جام آهي. ظاهر آهي جيڪا رياست (نيويارڪ) سنڌ
جيڏي ٿي، ان جا شهر به ته ايڏا ئي وڏا هوندا ۽ ان شهر جي صدر، منهوڙي، کارادر ۽
ميٺادر جي ڇا ڳالهه ڪجي!
هڪ ڳالهه آهي ته نيويارڪ رياست جي گاديءَ جو شهر نيويارڪ سٽي بدران
الباني آهي، جيڪو بفئلو روچيسٽر، يانڪر جهڙن شهرن کان به ننڍو آهي، پر آمريڪا (USA) ۾
اهو ڪم ڄاڻي واڻي ڪيو ويو آهي، جيئن ننڍا شهر به اهميت حاصل ڪن ۽ نه فقط هن رياست ۾
پر ٻين ۾ به اهو ئي سلسلو آهي. جيئن نيوجرسي رياست جي گاديءَ جو شهر Trenton ٽرنٽن
آهي، جيتوڻيڪ ٽرينٽن کان نيوارڪ، خود جرسي سٽي، پئٽرسن، ايلزبيٿ وغيره وڏا شهر آهن.
جپان وانگر آمريڪا حڪومت به سڄو لوڊ وڏن شهرن تي وجهڻ بدران ننڍن شهرن کي ترقي
وٺرائي رهي آهي. مثال طور ڏهاڪو کن سال اڳ نيو جرسي رياست جو ائٽلانٽڪ سٽي، هتي جو
ڏيپارجا يا گپچاڻي ڳوٺ هو ۽ اڃا به ٽيهه پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن سامونڊي رستن
ذريعي اسان ڪئميڊن، فلڊلفيا يا بلٽيمور پاسي ايندا هئاسين، ته ائٽلانٽڪ سٽي جي
ٻاهران، منهوڙي جهڙو لائيٽ هائوس به نه هو، جنهن کي ڏسي اسان جهاز هلائيندڙن کي
آئيڊيا ٿئي ته ٻيلي فلاڻي هنڌ تي ڪا بستي يا ستڙ آهي. پوءِ ڀلو ٿئي نيويارڪ جي
گورنر جو، جنهن فقط پنهنجي شهر جي ۴۲
اسٽريٽ صفا ڪرائي ۽ بازارو ماين کي ڀڄايو، پر ٻين رياستن جي گورنرن کي به گائيڊ
ڪيو ته شهرن کي ان گپاگيهه ۽ گند کان بچايو. ان ڪري نيوجرسي جي امير واپارين رياست
جي وڏن شهرن ۾ جوا خانا ۽ مئخانا ٺاهڻ ٿي چاهيا، ته هنن کي هن ڳاهيجا جهڙي ڳوٺ ڏي
اشارو ڪيو ويو ته هي پٽ سنسان ۽ ويران ضرور آهي، پر توهان کي ان جي زمين گهٽ اگهه
تي ڏني ويندي ۽ ٽئڪس به نه برابر اوڳاڙيو ويندو. ڏسندي ئي ڏسندي هن ائٽلانٽڪ سٽي ۾
(جيڪا ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري ان نالي واري سڏي وڃي ٿي) وڏيون ۽ اڀيون
هوٽلون، جوا جون قسمين قسمين Dens، مئخانا ۽ چوڏول ۽ چيڪلا ٺهي ويا. سال اڌ
ويران رهيو، شايد جوارين جي ڪن تي کڙڪو دير سان پيو، پر هاڻ ته سائين ذات جواري
هتي پهچيو وڃي. اولهه ڪناري جا ڀاڙا ڀري لاس ويگاس ڪير وڃي. نيويارڪ ۽ Maine رياست
کان وٺي جارجيا، الباما ۽ ڪينٽڪي رياستن جا ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن پهچيو وڃن. هاڻ هن
شهر ۽ بندرگاهه جي ٻاهران سمنڊ ۾ جيتوڻيڪ ڪيترا ئي Beacon ۽ Buoy لڳايا
ويا آهن، ته جيئن جهازين کي هن شهر جي خبر پوي، پر هنن کي انهن بتين کان اڳ ويهارو
ماڙ جوا خانن جي کڏن تي ٻرندڙ هنن هوٽلن جي نالن جون نيان سائن نظر اچيو وڃن. ائٽلانٽڪ
سٽي اڄ ڳاهيجا ۽ ڏيپارجا نه رهيو آهي. اڄ اهو هڪ خوبصورت ۽ معاشي حالتن کان امير
شهر ٿي پيو آهي. اڄ هن زمين جو اگهه سڀ کان ڳرو آهي. هن مثال ڏيڻ سان منهنجو ڪو
مطلب اهو ناهي ته اسان جي ڳوٺن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ماتلي ۽ سجاول ۾ جواخانا ٺاهيا
وڃن؛ هرگز نه. پر اسان جي ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون ته لڳي سگهن ٿيون، جن ذريعي
مڪاني ماڻهن کي روزگار ۽ مالڪن کي سستو ليبر ملي سگهندو. پر انهن سڀني ڳالهين جو
دارومدار امن امان ۽ Law & Order تي
آهي، جيڪو ڏيارڻ حڪومت جو ڪم آهي. اڄ به آمريڪا ۾ لا ۽ آرڊر جي حالت خراب ٿي پوي ته
آمريڪا جهڙو ملڪ به ايسٽونيا ۽ البانيا ٿي پوي. ملائيشيا ۽ ويندي سنگاپور جهڙو
ننڍڙو ٻيٽ، جنهن جي ڪا پنهنجي آمدني ناهي، شهرين، واپارين ۽ پورهيتن کي امن امان ۽
انصاف ڏياري امير ٿي ويا.
نيويارڪ شهر پنجن حصن ۾ ورهايل آهي
نيويارڪ شهر ڪراچي جي صدر، ڪياماڙي، کارادر، منهوڙي وانگر پنجن حصن ۾
ورهايل آهي، جيڪي بارو Boroughs ٿا سڏجن.
اهي هن ريت آهن:
- برانڪس Bronx
- بروڪلن Brooklyn
- مئن هٽن Manhattan
- ڪئينس Queens ۽
- اسٽيٽن آئلنڊ Staten
Island
سواءِ اسٽيٽن آئلنڊ جي، باقي هر بارو جي آدمشماري ڏهه لک کان مٿي
آهي. بهرحال آدمشماري جي لحاظ کان ته ڪراچي ۽ ويندي اسان جو سڄو ملڪ ڪنهن کان گهٽ
ناهي. ڪراچيءَ جي آدمشماري هڪ ڪروڙ کان مٿي چئي وڃي ٿي. بهرحال جيئن ڪراچيءَ ۾
ملڪي پٺاڻ، پنجابي، بلوچ وغيره کان علاوه غير ملڪي برمي، بنگالي، افغان رهن ٿا،
تيئن نيويارڪ ٻاهران آيلن لاءِ هميشه ڪشش وارو شهر رهيو آهي. ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جا
ماڻهو نيويارڪ ۾ نظر نٿا اچن. ڪمائي، ڌنڌي ڌاڙي، گهمڻ ڦرڻ، خرچڻ ۽ عياشيءَ لاءِ
نيويارڪ شهر ٽاپ تي آهي. اسان جهازين لاءِ به نيويارڪ دلپسند شهر ۽ بندرگاهه رهيو
آهي. مهيني جا شروع وارا ڏينهن هوندا هئا ۽ پگهار سان کيسا ڀريل هوندا هئا ته
نيويارڪ جهڙو شهر نه هو. صحيح قسم جي Sale هتي ئي لڳي ٿي، جنهن ۾ دڪاندار واقعي دڪان خالي ڪرڻ
چاهين ٿا ۽ اسان انهن پئسن مان گهڻي کان گهڻي شاپنگ ڪري، جهاز تي پهچندا هئاسين. ٿيٽرن
۽ سئنيما گهرن ۾ ويندا هئاسين. انڊين ۽ مڪاني هوٽلن ۾ ماني کائيندا هئاسين. مهيني جي
آخري ڏينهن ۾ پئسو ختم ٿي وڃڻ تي، جهاز تان بٽر يا جئم جي سئنڊوچ ٺهرائي، ٽائيمس
اسڪائر يا فاٽي سيڪنڊ اسٽريٽ ۾ مفت جا تماشا ۽ ماڻهن جو حسن بيهي ڏسندا هئاسين.
پئسن وارن ميوزمن بدران مفت جي ميوزم، پارڪن ۽ سامونڊي ڪنارن تي گهمندا هئاسين.
نيويارڪ جي تاريخ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته ڪولمبس جي اچڻ بعد ڊچ
(هالينڊ جا رهاڪو) پهريان يورپي هئا، جن آمريڪا جي هن حصي (جنهن جو هينئر نالو
نيويارڪ آهي) تي ۱۶۱۳ع ۾ قبضو ڪري هن شهر کي نيو ائمسٽرڊم ۽ نيو
نيدرلئنڊ نالو ڏنو. يعني هڪ ائمسٽرڊم ۽ نيدرلئنڊ ته يورپ ۾ سندن شهر ۽ ملڪ جو نالو
ٿيو ۽ ٻيو هي (هالينڊ ملڪ کي نيدر لئنڊس به سڏجي ٿو). ۱۶۴۰ع ۾ پيٽر اسٽوويسنٽ (Peter
Stuyvesant) جيڪو نالو عطر، سگريٽ هئنڊ بئگ ۽ ٻين ڪيترين شين کان
مشهور آهي، هتي جو پهريون گورنر ٿيو، جنهن کي سندس يورپي ملڪ هالينڊ (نيدر لئنڊ) ۱۶۵۲ع ۾ خود مختيار حڪومت هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ۱۶۶۴ع ۾ انگريزن هي علائقو فتح ڪري سندس نالو نيويارڪ
رکيو. ڊچ پنهنجو علائقو واپس وٺڻ ۾ لڳا رهيا، جنهن ۾ هنن کي ڏهن سالن بعد ۱۶۷۳ع ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. هنن پوءِ ان علائقي جو نالو
”نيو آرينج“ رکيو، پر اهو فقط هڪ سال کن لاءِ رهيو، ان بعد وري انگريز زور ٿي ويا
۽ هي علائقو نيويارڪ سڏجڻ لڳو. هاڻ ٻڌايو ته اسان جي درويش صفت مغلن جو ڪهڙو ڏوهه
۽ ڪهڙي همت جو انگريزن جون اٽڪلون سمجهي، هنن جي ٻيڙي ٻوڙي سگهن. انگريزن جهڙن
استادن جي مقابلي ۾ ڊچن جهڙا ٺڳ ۽ قزاق به ملڪ ڇڏي وڃي پٺين صفن ۾ بيٺا ۽ پوءِ
جيئن انگريزن ويران ۽ مهاڻن جي بستي، بمبئي ۽ سنگاپور کي ترقي وٺرائي ڇڏي، تيئن
انگريزن جي هٿ هيٺ نيويارڪ ۽ اوسي پاسي جو علائقو خوب وڌيو ۽ ويجهيو ۽ ترقي ڪئي. ۱۷۸۳ع تائين، نيويارڪ برٽش حڪومت جي هٿ ۾ رهيو ۽ پوءِ
آمريڪي انقلابي جنگ بعد، نيويارڪ سڄي آمريڪا (USA) جو عارضي طور گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو. ۱۸۹۸ع ۾ نيويارڪ کي پنجن حصن Borough تي
مشتمل بنايو ويو. شهر کي ڳنڍڻ ۽ بهتر ٽرانسپورٽ لاءِ ۱۹۰۴ع ۾ نيويارڪ سٽي سب وي ٺاهيو ويو. ٻيءَ جنگ عظيم ۾ هن شهر اهم رول ادا
ڪيو. جنگ جي ڪاميابي بعد، نيويارڪ دنيا جي اڀرندڙ شهرن مان هڪ ٿي سامهون آيو. ترقي،
ڪمائي ۽ ڌارين ماڻهن جي هيڪاندي اچڻ ڪري هن شهر جي ڏوهن جو انگ Crime Rate پڻ
وڌڻ لڳو، جيڪو ۱۹۷۰ع ۾ اوج تي پهچي ويو هو. هيءُ اهي سال آهن جن ۾ اسان
جو جهاز نيويارڪ ۽ آمريڪا جي ٻين بندرگاهن ۾ ايندو هو ۽ هتي ڏوهن ۽ خوفائتن ماڻهن بابت،
انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکندو هوس ته آمريڪا جيڪو هيڏو ترقي يافته ملڪ آهي، جتي
هيترا تعليمي ادارا آهن اتي جي اهم شهر نيويارڪ ۾ ڪيڏو Crime آهي،
جو اسان جو جهاز جڏهن نيويارڪ پهچندو هو، خاص ڪري بروڪلن علائقي ۾ ته اسان کي مڪاني
آفيس طرفان خبردار ڪيو ويندو هو ته نيويارڪ جي هنن علائقن ۾ رات جو ته ڇا ڏينهن جو
به نه نڪرجو. اهو پوءِ آهستي آهستي ٿي اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ جهڪو ٿيو ۽ هن شهر ۾ ناڻي
ڏوڪڙ جي ريل پيل ٿيڻ لڳي ۽ نوي ۾ ته چوٽ تي وڃي چڙهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هينئر جو
نيويارڪ ان جي مقابلي ۾ نئون شهر ٿو لڳي، جيڪو ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ ۷۱-۱۹۷۰ع جو نيويارڪ هو.
نيويارڪ جي ترقي ۽ مشهوري
نوي واري ڏهاڪي ۾ نيويارڪ ۽ سڄي آمريڪا جي ناڻي جي ترقي جو هڪ سبب Dot Com Boom به
هو. يعني ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ۾ آمريڪا (USA) پاڻ کي سڀ کان اڳڀرو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ خوب ناڻو ۽
مشهوري حاصل ڪئي. دنيا جون وڏيون ڪمپنيون، آمريڪا جون نڪتيون ۽ هنن نيويارڪ کي
پنهنجو مرڪز بڻايو. ان کان علاوه رهائشي ۽ ڪمرشل زمينن Real Estate جو
به اگهه چوٽ چڙهيو ۽ نيويارڪ ۽ سڄي آمريڪا جي خوشحاليءَ جو اهم فيڪٽر ثابت ٿيو ۽ پوءِ
نئين صديءَ جي شروعات ٿي ۽ پهرئين سال جي آخر ۾ يارهين سيپٽمبر تي دهشتگردن جو نيويارڪ
نشانو رهيو ۽ دنيا جي اتاهين عمارت World Trade
Center سينٽر کي ڊاٺو ويو. عمارت ۾ موجود هزارين ماڻهن کان
علاوه ٻن هوائي جهازن جا مسافر ۽ سوين پوليس وارا ۽ باهه وسائڻ وارا ماڻهن کي بچائڻ
دوران باهه ۾ سڙي يا دونهين ۾ ٻوساٽجي مري ويا. گرائونڊ زيرو مان، جتي ورلڊ ٽريڊ سينٽر
ڪريو، مهينن تائين دونهون نڪرندو رهيو. ان هنڌ تي آمريڪا ۱۷۷۶ع فوٽ فريڊم ٽاور ۲۰۰۶ع
۽ ۲۰۱۰ع جي وچ ۾ ٺهرائڻ چاهي ٿي. ۱۷۷۶ع فوٽ هڪ اهڙو انگ آهي، جنهن سال ۾ آمريڪا جيDeclaration of Independence جو
مسودو لکيو ويو هو. مٿي لکي آيو آهيان ته ۱۹۰۴ع ۾ نيويارڪ ۾ پهرين سب وي (زمين دوز) ريل هلڻ شروع ٿي. ان کان اڳ ۽
پوءِ جون ڪجهه اهم عمارتون، جيڪي اڄ به پنهنجو پاڻ مڃائين ٿيون، هن ريت آهن؛ ايري Erie ڪئنال
۱۸۲۵ع ۾ ٺهيو، جنهن نيويارڪ ۾ وڏي تبديلي آندي ۽ هن ڪئنال
جي ڪري ڪيتريون ئي پاڻيءَ جون Routes ٺهي پيون ۽ ماڻهو لانچن ۽ فيرين ذريعي ڪافي اندر
تائين پهچڻ لڳا. نيويارڪ جو مشهور سينٽرل پارڪ ۱۸۳۵ع ۾ ٺهيو. هي مئن هٽن ٻيٽ تي ۸۴۳ ايڪڙن تي آهي، جنهن جي ڊيگهه اڍائي ميل ۽ ويڪر ڏيڍ ميل آهي، جنهن جي
اوڀر ۾ ففٿ ايوينيو آهي ۽ ڏکڻ ۾ ڪولمبس سرڪل آهي. هن پارڪ کان ڪيترا ماڻهو جيڪي
ڀلي کڻي ڪڏهن نيويارڪ نه آيل هجن، واقف ملن ٿا جو هي پارڪ دنيا جي ڪيترين ئي فلمن
۽ ٽي وي شو ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو. ايتري قدر جو هي پارڪ، يعني سينٽرل پارڪ، نه فقط سڄي
آمريڪا ۾ پر سڄي دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مشهور چيو وڃي ٿو. جن هي پارڪ ڊيزائين ڪيو
(فريڊرڪ ۽ ڪالورٽ) انهن ئي بعد ۾ بروڪلن ۾ پراسپيڪٽ پارڪ ٺاهيو.
سينٽرل پارڪ جو وڏو حصو قدرتي لڳي ٿو پر حقيقت ۾ هٿ سان ٺاهيو ويو
آهي ۽ منجهس هٿرادو ڍنڍون آهن. جاگنگ جا رستا آهن ۽ ٻارن جي کيڏڻ جا ميدان پڻ.
سياري جي موسم ۾ جڏهن ڪئناڊا ۽ اتراهن ڏينهن ۾ سخت ٿڌ ٿي پوي ته اتي جا ڪيترا ئي
پرديسي پکي، پارڪ ۾ اچيو لهن، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ سياري جي موسم ۾ آڙيون ۽ ڪونجون
وغيره اچن ٿيون.
آمريڪن ميوزم آف نئچرل هسٽري (۱۸۷۷ع) ۾ ٺهيو. ميٽرو پوليٽن ميوزم آف آرٽ ۱۸۸۰ع ۾، ميٽرو پوليٽن اوپيرا ۱۸۸۳ع ۾، بروڪلن برج (پل) پڻ ۱۸۸۳ع ۾ ۽ Statue of Liberty (آزاديءَ جو
مجسمو) ۱۸۸۶ع ۾.
اڳتي هلي ڪجهه ذڪر بروڪلن برج، آزادي جي مجسمي ۽ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ
۽ ٻين اهم عمارتن بابت پڻ ڪنداسين.
نيويارڪ جي مشهور ڪرسلر (Chrysler) بلڊنگ ۱۹۳۰ع ۾ ٺهي، ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ۱۹۳۱ع ۾ ۽ راڪ فيلر سينٽر ۱۹۳۲ع
۾ ٺهيو. نيويارڪ ۾ جيڪا سڀ کان پهرين اتاهين بلڊنگ ٺهي اها Flatiron بلڊنگ هئي جيڪا ۱۹۰۲ع ۾ ٺهي.
نيويارڪ جو اهم حصو، يعني صدر جو علائقو، مئن هٽن آهي. جتي ڌنڌي ڌاڙي
۽ بئنڪن ۾ امير ڪمپنين جي عمارتن واري گهٽي وال اسٽريٽ آهي. عجيب خوشبوئن ۽ سوادن
جي کاڌن وارو چائنا ٽائون ۽ لٽل اٽلي آهي (جيئن سنگاپور ۾ سرنگون روڊ لٽل انڊيا ٿو
سڏجي)، جتي نئين فئشن جي ويس وڳن ۽ روشنين جو گهر ٽائيمس اسڪائر آهي، جتي امير
توڙي غريب Enjoy ڪن
ٿا. امير خريداري ڪري ۽ غريب انهن امير عورتن جي خوبصورت چهرن، ويس وڳن ۽ ٽائيمس
اسڪائر جي روشنين کي ڏسي.
نيويارڪ جو هي صدر وارو علائقو، يعني مرڪزي علائقو، مين هٽن هڪ
دريائي ٻيٽ جي صورت ۾ آهي، يعني هن ٻيٽ جي چوڌاري سمنڊ هجڻ بدران درياهه آهي. مئن
هٽن ٻيٽ، هڊسن نڊي ۽ ايسٽ نديءَ (East
River) جي وچ ۾ آهي. جيڪي نديون هڪ ٿي خليج نيويارڪ (New York bay) مان
ٿينديون ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن. جاگرافيءَ جي شاگردن ۽ انهن جهازين لاءِ
جيڪي پنهنجي جهاز کي هن پاسي نه وٺي آيا آهن، تن جي ڄاڻ لاءِ اهو لکڻ ضروري ٿو
سمجهان ته ٽوڪيو بي (خليج ٽوڪيو) وانگر خليج نيويارڪ جا به ٻه حصا آهن؛ مٿيون
(يعني اندريون) خليج ۽ هيٺيون (يعني ٻاهريون) خليج، جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ سان لاڳو
آهي. نيويارڪ ۽ ڀرواري بندرگاهه نيوارڪ ۾ اچڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي، پوءِ
ٻاهرين (Upper New York bay) ۾
اسين اچي جهاز جو لنگر ڪيرائيندا هئاسين. ان کان اڳيان وڌڻ جي اجازت نه هوندي هئي.
بندرگاهه ۾ اسان جي جهاز جي ماپ جيتري جاءِ خالي ٿيڻ ۽ سامان لاهڻ ۽ چاڙھڻ جو
بندوبست ٿيڻ تي بندرگاهه جو ڪو ڪئپٽن (جيڪو پائلٽ سڏجي ٿو) جهاز کي مٿين (Lower New York bay) ۾
وٺي هلندو هو، جتي ڪجهه دير بيهاري، جيسين بندرگاهه ۾ پهرين جو بيٺل جهاز نڪري،
پوءِ نيويارڪ يا نيوارڪ ۾ اچي بيهاريندو هو. بهرحال اسان ٻاهرين نيويارڪ خليج ۾
لنگر ڪيرائڻ سان ئي خوش ٿي ويندا هئاسين ۽ سفر خير خوبيءَ سان ختم سمجهندا هئاسين
جو اتي چوڌاري زمين جي آڏ هجڻ ڪري سمنڊ ماٺو ٿو رهي، نه ته سال جا ڪيترائي مهينا
نيويارڪ جي آسپاس وارو ائٽلانٽڪ سمنڊ، پنائي رکي ٿو. ٻاهريون ۽ اندريون خليج
نيويارڪ، هڪ سوڙهي سامونڊي گهٽيءَ ذريعي ڳنڍيل آهي، جيڪو سمنڊ جو حصو Narrows سڏجي
ٿو.
نيويارڪ جي مختلف حصن کي پُليون ۽ سرنگهون ڳنڍين ٿيون
هونءَ ڪراچي يا ملائيشيا کان آمريڪا (USA) ايندي، اسان ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ وقت، ڏکڻ آمريڪا
ڏي رخ ڪندا هئاسين، جو ائين ڪرڻ سان، سامونڊي لهرون ۽ هوائون اسان جي فائدي ۾
رهنديون هيون ۽ اسان کي رفتار پڻ وڌيل ملندي هئي. ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل ويجهو
پهچي پوءِ ويسٽ انڊيز جي مشهور ٻيٽ ٽرنيڊاڊ (جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر مشهور آهن) ۾
ايندا هئاسين ۽ گهڻو ڪري ٽرنيڊاڊ ۽ ڀر واري ٽباگو ٻيٽ لاءِ ڪارگو ملي ويندو هو ۽
هي ٻيٽ (گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن ۾) ڊيوٽي فري هجڻ ڪري، انهن تان جهاز جي ٻارڻ لاءِ تيل
پاڻي وٺندا هئاسين. ان بعد ڪئريبين سمنڊ جي ننڍن ننڍن ٻيٽن، باربادوس، ڊومنيڪا،
پورٽو ريڪو، هائيتي ۽ ڪيوبا وغيره کي ڀرپاسو ڏيئي ميامي (آمريڪا جي فلوريڊا رياست
جي بندرگاهه) ۾ پهچندا هئاسين. پوءِ يا آمريڪا جي ڏاکڻي بندرگاهن، نيو اوورلينس،
هيوسٽن، گلوسٽن وغيره ۾ ويندا هئاسين يا مٿي بالٽيمور، فلڊلفيا ۽ نيويارڪ ڏي ايندا
هئاسين.
نيويارڪ ۾ رهندڙ جنهن کي ائنڪريج چئنل سڏين ٿا. اهو هڊسن چئنل جو
بندرگاهه وارو حصو آهي ۽ هٿرادو طرح ان چئنل جي اونهائي پنجاهه فوٽ کن رکي وڃي ٿي،
جيئن پاڻيءَ جا جهاز زمين ڇهڻ بنا لنگهندا رهن. ايسٽ نديءَ جي منهن وٽ گورنرس
آئلئنڊ آهي ۽ نيو جرسي رياست پاسي ايليس (Ellis) ٻيٽ ۽ لبرٽي ٻيٽ پڻ خليج نيويارڪ ۾ اچي وڃن ٿا. پاڻيءَ واري جهاز جو
خليج ۾ گهڙڻ سان اتي جي جهازين ۽ مسافرن کي آزاديءَ جو مجسمو نظر اچي ٿو. هي هڪ
عورت جو تمام وڏو مجسمو آهي، جيڪو فرانس وارن USA کي
۱۸۸۶ع ۾ تحفي طور ڏنو ۽ هي مجسمو آزاديءَ جي علامت
سمجهيو وڃي ٿو. هڊسن نديءَ جي ڇوڙ وٽ، لبرٽي آئلئنڊ نالي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي هي مجسمو
رکيل آهي جنهن جي ڊيگهه ۳۰۵ فٽ، يعني ۹۳ ميٽر آهي. هن جي ڊيگهه جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سٺ کن
ماڻهو، هڪ ٻئي جي ڪلهي تي ٿي بيهن ته پوءِ هن جي ليول ۾ اچي سگهندا. لبرٽي ٻيٽ جو
اصل نالو Bedloe’s Island آهي
پر ۱۹۵۶ع کان هن جو نالو Liberty Island رکيو
ويو آهي. آزاديءَ جو مجسمو ڏسڻ لاءِ، هن ٻيٽ تي پهچڻ جو طريقو فيريءَ ذريعي آهي،
جيڪا مئن هٽن ٻيٽ جي بيٽري پارڪ مان ٽوئرسٽ کي کڻي، لبرٽي ٻيٽ تي پهچائي ٿي، جتي ۳۵۴ کن ڏاڪا چڙهي مجسمي تائين پهچجي ٿو. مجسمي ۽ Ellis ٻيٽ
جو تفصيلي حوال اڳتي هلي ڪنداسين.
No comments:
Post a Comment