پورچوگالي ۽ هسپانوي زبانن ۾ اوڻويھين ويهين جو فرق آهي
الطاف شيخ
نيويارڪ جي علائقي بي رج ۾ لبنانين بعد ٻئي نمبر تي مصري آهن ۽ پوءِ
مراقش، انڊيا، پاڪستان، عراق ۽ فلسطين جا گهڻا آهن.
هونءَ ڪيترا آمريڪن، جيڪي نيويارڪ ۽ ڀر واري رياست نيو جرسيءَ ۾ رهيا
پيا آهن، تن کي به هن علائقي بي رج جي گهڻي خبر ناهي، جيڪو بروڪلن جي پوڇڙ تي ائين
آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ منگهو پير يا ماڙيپور. هيمون به پهرين پڇڻ لڳو ته Bay Ridge ڪهڙو آهي.
اسان جا جهاز بي رج جي پاسي واري ڊراءِ ڊاڪ ۽ آرمي ٽرمينل وٽان لنگهڻ ڪري ۽ انهن
ڏينهن ۾ نيويارڪ جي هنن علائقن ۾ هفتن جا هفتا بلڪ مهينا واندا رهڻ ڪري، هيڏانهن
هوڏانهن رلڻ لاءِ چڱو وقت ملي ويو ٿي ۽ بقول هڪ مسخري مئرين انجنيئر محمود جي ته،
مڪاني ماڻهن به پنهنجي شهر جا رستا اسان کان ٿي پڇيا. شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان
جا ڪيترا ئي جهازي انجنيئر ۽ نيويگيٽر آفيسر ڏکي سامونڊي نوڪري ڇڏي، آمريڪا ۽
ڪئناڊا ۾ ٽئڪسي ڊرائيور وڃي ٿيا ۽ جلدي اسان کان سکيا ستابا ٿي ويا. پئسي ڏوڪڙ ۾
به ته صحت ۾ به ۽ وڏي ڳالهه ذهني سڪون ۾ به. سمنڊ تي ته پاڻ رستا ٺاهي هلڻو ٿي
پيو. هتي ڌرتيءَ تي ته اڳ ئي ٺهيل آهن ۽ اچي اچي ياد به ٿي ويا هئا.
بهرحال اسان جي انهن سنڌي دوستن ۽ هم وطنين لاءِ جيڪي هاڻ آمريڪا جا
سٽيزن آهن ۽ نيويارڪ ۽ نيو جرسي ۽ اوسي پاسي وارين رياستن ۾ رهن ٿا، انهن کي ياد
ڏيارڻ لاءِ ته Bay Ridge وارو علائقو
بروڪلن جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ آهي، جيڪا اتر ۾ گهٽي نمبر ۶۵ کان شروع ٿئي ٿي ۽ هيٺ
آخري گهٽي ۱۰۰ يا شايد ۱۰۱ نمبر تائين آهي. سندس اوڀر پاسي انٽر اسٽيٽ ۲۷۸ هاءِ وي
بائونڊري ٺاهي ٿو ۽ اولهه پاسي بيلٽ پارڪ-وي (Belt
Parkway Shore Road) وهي ٿو. هونءَ بي رج علائقي جو هيٺيون ٽڪرو ۸۶
نمبر گهٽيءَ کانپوءِ وارو فورٽ فئملٽن پڻ سڏجي ٿو. نيويارڪ توڙي آمريڪا جي ڪيترن
شهرن ۾ روڊن ۽ گهٽين جا نمبر ڳولڻ ۾ بيحد سولا آهن ۽ گهڻو ڪري هر گهٽي ۽ وڏو روڊ (Avenue) هڪ ٻئي جي
سڌائي ۾ وهن ٿا ۽ شهر جا ڪيترا علائقا شطرنج يا ڊرافٽ راند جي بورڊ وانگر لڳن ٿا.
انٽر اسٽيٽ اهي هاءِ وي يا کڻي چئجي ته چئن چئن Lanes جا سپر هاءِ وي آهن، جيڪي هڪ رياست کان ٻيءَ تائين
۽ ٻيءَ کان ٽين چوٿينءَ تائين کڻي وڃن ٿا.
هي بي رج وارو علائقو قدرتي نظاري کان بيحد خوبصورت آهي، جو پاسي کان
ائٽلانٽڪ سمنڊ اٿس. ڪئين پيڙهيون اڳ، هتي فقط اسڪينڊينيوين ملڪن (ناروي، ڊئنمارڪ،
سئيڊن وغيره) جا امير ماڻهو رهيا ٿي. هينئر به نارويجن ۽ ڊئنش بيڪريون، چاڪليٽ ۽
مکڻ پنير جا دڪان نظر اچن ٿا ۽ هر سال ناروي جي قومي ڏينهن تي نارويجن پريڊ نڪري
ٿي. روس جا ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ بعد ۱۹۹۰ع کان هي علائقو اتي جي ماڻهن سان ڀرجڻ لڳو ۽
انهن کان اڳ ۽ پوءِ ۽ اڄ ڏينهن تائين هي علائقو عربن ۽ ايشيا جي ٻين ڏتڙيل ملڪن جي
نون پناهگيرن جي دلپسند جاءِ بڻيل آهي ۽ هاڻ هي علائقو امير ماڻهن جو نه، پر مڊل
ڪلاس ۽ ان کان هيٺانهين درجي جو بيروت يا قاهره ٿيندو وڃي.
اسان ڪار ذريعي وڃي رهيا هئاسين. هونءَ هن علائقي ۾ پهچڻ لاءِ R لائين جي
گاڏي بهترين سواري آهي. نيويارڪ سٽي جي هيءَ سب وي گاڏي ”بي رج ايوينيو“ ۷۷ هين
اسٽريٽ، ۸۶ هين اسٽريٽ ۽ ۹۵ هين اسٽريٽ ريلوي اسٽيشن تي بيهي ٿي. هيمونءَ کي
هيستائين پهچڻ ۾ ڪا خاص پريشاني نه ٿي، جو هو گذريل پنج ڇهه سالن کان نيويارڪ ۽
نيو جرسيءَ جي رستن کان واقف آهي ۽ هن کي تقريبن هفتي جا پنج ڏيهن بزنس جي سلسلي ۾
نيويارڪ اچڻو پوي ٿو ۽ ٽي ڏينهن کن شام جو پنجين کان ڏهين تائين نيو جرسي وڃڻو پوي
ٿو، جتي هو ڪمپيوٽر سان واسطو رکندڙ سبجيڪٽ پڙهائي ٿو ۽ هفتي جون باقي شامون Ricochet ڪلب ۾ اسڪاش
کيڏي يا سئمنگ ڪري.
هيمون ڊرائينگ ۾ فيل ٿي پيو
هيمون منهنجي ٻي نمبر ڀيڻ نسيم ۽ ڪئپٽن بشير وسطڙو جو ننڍو پٽ آهي.
سندس ڇٺيءَ جو نالو ته ضمير احمد وسطڙو آهي، پر ننڍي هوندي کان گهر ۾ هيمون
سڏيونس. هتي آمريڪا ۾ اچي مون کيس ضمير سڏڻ ٿي چاهيو پر خبر پئي ته سندس نالو
هيمون ايڏو ته مشهور ٿي ويو آهي، جو هتي رهندڙ ٻيا سنڌي دوست ۽ سڃاڻو به کيس هيمون
سڏين ٿا، پر سندس آفيس ۾ توڙي ڪلب ۾ به ضمير، هيمونءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
هيمون ۱۹۷۷ع ۾ ڄائو. هو شروع جا چار پنج سال پنهنجي والدين سان گڏ
جهازن تي رهيو، جن تي سندس والد ڪئپٽن هو ۽ کيس مختلف ملڪن ڏي اهي جهاز وٺي وڃڻا
پيا ٿي. اسڪول جا شروع وارا سال، مئٽرڪ تائين، ڊفينس اسڪول فيز فور مان پڙهيو، ان
بعد وڌيڪ تعليم هانگ ڪانگ مان ورتائين، جتي سندس والد ڏهه سال کن جهاز ران ڪمپنيءَ
جو نمائندو هو. پوسٽ گريجوئيشن هانگ ڪانگ جي ڀرسان هڪ پورچوگالي حڪومت جي قبضي ۾
رهندڙ هڪ چيني ٻيٽ مڪائو مان ڪيائين، جتي چيني ۽ پورچوگالي زبانون ڳالهايون وڃن
ٿيون. جيئن اسان ملائيشيا ۾ رهڻ ڪري اڄ به ملئي گانا ٻڌندا رهون ٿا، تيئن هن جي
ڪار جو ڊئش بورڊ به پورچوگالي ڪئسٽن ۽ سي ڊين (CDs) سان ڀريل رهي ٿو. اسان کي ته وري به ملئي ڪئسٽ
ڪڏهن ڪڏهن ملن ٿا پر آمريڪا ۾ هجڻ ڪري هتي پورچوگالي ۽ هسپانوي زبان جي ڪئسٽن جي
ڪا به کوٽ ناهي، جو وچ آمريڪا توڙي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن ۾ اهي ئي زبانون هلن ٿيون ۽
پهرين به لکي آيو آهيان ته هسپانوي ۽ پورچوگالي زبانن ۾ ڪو اوڻويهين ويهين جو فرق
مس آهي.
هيمونءَ، مڪائو يونيورسٽي مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ سٺي
پوزيشن حاصل ڪرڻ ڪري کيس جرمني ۽ پورچو گال ۾ سٺي جاب جي آفر ٿي پر جيئن ته سندس
وڏو ڀاءُ ثمير احمد وسطڙو ڪجهه سال اڳ کان، هتي آمريڪا ۾ پنهنجو پرائيويٽ بزنيس Set ڪري چڪو هو،
ان ڪري هن جي مدد لاءِ ضمير (هيمونءَ) کي هيڏانهن آمريڪا اچڻو پيو. هنن جي
پرائيويٽ ڪمپني (پرئمنڊ نالي) هانگ ڪانگ ۽ چين مان مختلف گفٽ ۽ روزمره جي استعمال
جون شيون امپورٽ ڪري نيويارڪ، نيو جرسي، پينسلوانيا ۽ ورجينا رياستن جي ”ون ڊالر“
دڪانن کي سپلاءِ ڪن ٿا. چين ۽ هانگ ڪانگ مان ان ڪري جو آمريڪا کان اڳ ثمير جو
واسطو ڪافي سالن تائين هانگ ڪانگ ۽ چين سان هو ۽ هو بزنيس جو ڪم به اتي ئي سکيو ۽
چين جي ڏاکڻي حصي جي شهرن ۽ اتي جي فئڪٽرين ۽ ڪارخانن کان چڱي طرح واقفيت رکي ٿو.
هيمون بزنيس سان گڏ شام جي وقت هڪ ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر جا ڪلاس وٺي ٿو ۽
هتي جي ڪيترين ڪمپنين جا ڪمپيوٽر پروگرام ٺاهي ٿو، جن ۾ سندس گهڻاClient يهودي آهن. هونءَ به هن پاسي، وڏا امير ۽ ڪمپنين
جا مالڪ، يهودي آهن. هو هيرن جواهرن ۽ سون جا واپاري آهن. سچ ته اهو آهي ته ملڪ جي
ايڪانامي، هنن جي هٿن ۾ آهي. جيئن اسان وٽ آغا خانين ۽ ڪراچي جي ميمڻن ۽ چنيوٽن جي
هٿن ۾ آهي. يهودين کي اسرائيل مٺو آهي ته آمريڪا جي حڪومت به انهن کي فالو ڪري ٿي.
هيمونءَ کي اڄ به پڙهائيءَ جو شوق آهي ۽ ڪو نه ڪو امتحان ڏيندو رهي
ٿو. ڊرائينگ ۾ سو ڪمزور ضرور آهي. هونءَ به جيڪي کاٻڙيا (Left
Handed) هوندا آهن، تن جي ڊرائنگ يا هئنڊ رائيٽنگ سٺي نه
هوندي آهي. آمريڪا ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ته کاٻڙيو هجڻ Handicapped سمجهيو
وڃي ٿو ۽ کاٻي هٿ سان لکڻ وارن ٻارن کي نه فقط امتحانن ۾ ڪجهه سيڪڙو مارڪون وڌيڪ
ملنديون آهن، پر ڪن ڪن اسڪولن ۾ ته اهڙن ٻارن کي Compensation طور
پئسا به ملن ٿا. بهرحال اسان هيمونءَ جي ڊرائنگ واري ڳالهه ياد ڪري کلندا آهيون،
جڏهن ٻئي يا ٽئي ڪلاس جي سالياني امتحان ۾ هو ڊرائنگ ۾ فيل ٿي پيو هو. جيتوڻيڪ
ڊرائنگ جي مِس هن کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو هو ته امتحان ۾ توهان کي جهرڪي ٺاهَڻي پوندي
۽ هو جهرڪي ٺاهڻ جي چڱي طرح پرئڪٽس ڪري ويو، پر امتحان ۾ جهرڪيءَ بدران هنن کي چيو
ويو ته پنهنجو ماءُ پيءُ ٺاهيو. هن پنهنجي حساب ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي حد تائين
ان ۾ ڪامياب به ويو، پر پاس ٿي نه سگهيو. ڊفينس اسڪول جي پرنسپال هڪ رٽائرڊ
برگيڊيئر جي زال مسز رحمان اسان جي شڪايت تي هيمونءَ جي ڊرائنگ ڏيکاريندي چيو ته
هاڻ هن کي ڪيئن پاس ڪريان؟ دراصل هن ٻيو سڀ ڪجهه صحيح ٺاهيو پر ماءُ پيءُ جا پير
انسانن جي پير جهڙا ٺاهڻ بدران جهرڪي جي پيرن جهڙا ٺاهي آيو.
”گهٽ ۾ گهٽ ٻار کي ايترو ته ڪامن سينس هجڻ کپي ته ههڙا پير پکين جا
ٿيندا آهن.“ مسز رحمان پنهنجي ڳالهه مٿي رکڻ خاطر ۽ هيمون جي فيل ٿيڻ کي Justify ڪندي
اسان مائٽن کي سمجهايو.
اصحابي مسعب عمير جي نالي پويان نيويارڪ جي مسجد
ڪار کي ڪافي پري پارڪ ڪري، بنا گنبذ ۽ بنا منارن واري هن اڇين سرن
واري مسجد وٽ پهتاسين، جنهن جي ٻاهران مسجد جو نالو اڇي پلاسٽڪ جي ڊگهي بورڊ تي
بلو اکرن ۾ ”مسجد مسعب بن عمير“ ۽ ان جي هيٺان انگريزي ۾ Islamic Society of bay Ridge لکيل
آهي. هيءَ مسجد جيڪا ۱۹۸۴ع ۾ قائم ڪئي وئي، اصحاب سڳوري مسعب رضه بن عمير جي نالي
آهي.
مسعب رضه بن عمير هڪ امير ۽ خوشحال گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ اتي سندس پرورش
ٿي. هن کي نه فقط سهڻي شڪل ڪري، پر ذهانت ڪري به قريش جي ماڻهن پسند ڪيو ٿي. هڪ
ڏينهن هو حضور ﷺ جن جو ليڪچر ۽ قرآن جا لفظ ٻڌي ايڏو ته متاثر ٿيو، جو يڪدم اسلام
قبول ڪيائين. سندس والده مٿس ڏاڍي سختي ڪئي، پر مسعب رضه اسلام تي قائم رهيو. حبش
ڏي ويندڙ ٽولي سان گڏ پاڻ ڳاڙهو سمنڊ لتاڙي آفريڪا آيو ۽ پوءِ کين جڏهن خبر پئي ته
مڪي جون حالتون صحيح ٿي ويون آهن ته مسعب رضه پهريون اصحابي هو، جيڪو مڪي موٽيو،
پر پوءِ خبر پيئي ته اها ڪوڙي ڳالهه آهي ته هن کي حبش موٽڻو پيو.
مسعب رضه بن عمير جي ماءُ، تمام گهڻي امير هئي ۽ پنهنجي پٽ کي وڏي
لاڏ ڪوڏ سان پاليو هئائين. هن کي اها ئي اميد هئي ته سندس نازڪ طبيعت پٽ، ڪيستائين
ٿو اسلام جون سختيون سهي سگهي، پر هو پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو. توڻي کڻي کيس
ماءُ، مال ملڪيت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڪجهه سالن کانپوءِ، هڪ ڏينهن حضور ﷺ جن پنهنجن اصحابين سان گڏ ويٺا
هئا ته اتي مسعب رضه بن عمير اچي نڪتو. سندس چتين لڳل ۽ ليڙون ليڙون ٿيل جبو
(چوغو) ڏسي ڪيترن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ته هي اهو خوبصورت نوجوان آهي، جنهن
ڪڏهن سڄي ملڪ ۾ سڀ کان خوبصورت پوشاڪ زيب تن ڪئي ٿي، جنهن جا بوٽ يمن مان خاص ٺهي
ايندا هئا، اڄ هو اسلام جو سچو شيدائي آهي ۽ هن هر ڳالهه اسلام تي قربان ڪري ڇڏي
آهي. حضور ﷺ جن مسعب رضه ڏي نهاريو ۽ ويٺل مسلمانن کي فرمايائون:
”مون هن مسعب رضه کي پنهنجي والدين سان گڏ مڪي ۾ رهندي به ڏٺو هو، جن
هن تي هر خوشي ۽ آرام نڇاور ڪيو ٿي. هن جهڙو اعليٰ پوشاڪ وارو ٻيو ڪوبه نوجوان مڪي
۾ نه هو. پوءِ هن رب پاڪ جي رضا خاطر هر سک هر آرام ڇڏي ڏنو....“ حضور ﷺ جن وڌيڪ
فرمايو. ”هڪ اهڙو وقت ضرور ايندو، جڏهن رب پاڪ توهان کي ايران ۽ روم (Byzantium) جون
فتحون نصيب ڪندو ۽ توهان کي کائڻ توڙي پهرڻ لاءِ بهتر ملندو.“
ٻين لفظن ۾ اسان جي نبي ڪريم ﷺ جن اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو، ته مسلمان
امير ۽ طاقتور ٿي ويندا ۽ هنن وٽ مال ملڪيتون (Material
Goods) جام اچي ويندا. ويٺل اصحابين مان هڪ سوال ڪيو ته
يا رسول الله ﷺ هينئر اسان هن حال ۾ بهتر آهيون يا ايندڙ وقت ۾.
”توهان ايندڙ وقت کان بهتر هن وقت آهيو. ايندڙ زمانو جيڪو آئون ڏسان
پيو، جيڪڏهن توهان کي ڄاڻ هجي ته ان بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو.“
اڳتي هلي حضور ﷺ جن مسعب رضه کي يثرب (مديني) جو سفير مقرر ڪيو ۽ کيس
ايمان آڻڻ وارن کي تعليم ڏيڻ جو ڪم سونپيو. هجرت وقت اصحاب سڳورن مان جيڪي پهرين
مديني پهتا، انهن ۾ مسعب رضه بن عمير ۽ هڪ نابينا اصحابي عبدالله رضه بن ام مقتوم
هئا.
”منهنجو ڀاءُ تون نه، پر هي انصار آهي.“ مسعب رضه بن عمير جواب
ڏنو. هن ان ڳالهه جي تصديق ٿي ڪرڻ چاهي ته ايمان ۽ ڪفر جي لڙائيءَ ۾ دين جو
ڳانڍاپو مٽي مائٽيءَ جي ڳانڍاپن کان وڌيڪ طاقتور آهي.
مسعب رضه بن عمير هڪ ديندار ۽ سچو سپاهي هو. احد جي لڙائيءَ ۾ حضور ﷺ
جن هن کي ”مسعب الخير“ جي لقب سان سڏيو. هي مسلمانن جو جهنڊو آخر تائين لهرائيندو
رهيو. سندس هڪ هٿ ۾ جهنڊو ۽ ٻئي ۾ ترار هئي. هو وڏي بهادريءَ سان وڙهندو رهيو، پر
سندس حياتي ان ڏينهن تي پڄاڻي تي پهچڻي هئي. قريش جي هڪ گهوڙي سوار سندس ويجهو
لنگهندي، سندس ساڄي ٻانهن شهيد ڪري ورتي. ان هوندي به هو اسلام جو جهنڊو ڪڇ ۾
مضبوط جهلي الله اڪبر ۽ ڪلمو پڙهندو رهيو. ان بعد دشمنن طرفان کيس هڪ تير اچي لڳو
۽ هو پٽ تي ڪري پيو.
احد جي جنگ ۾ ستر کن اصحابي شهيد ٿي ويا ۽ ايترائي زخمي پڻ ٿيا. جنگ
بعد حضور ﷺ جن پنهنجن ساٿين سان گڏ جنگ جي ميدان جو جائزو ورتو ۽ شهيدن کان
موڪلايو. جڏهن هو مسعب رضه جي لاش وٽ پهتا ته سندن اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا. هن جنگ ۾
حضور ﷺ جن جي چاچي حمزي سميت ڪيترا صحابي سڳورا جدا ٿي ويا هئا. حضور ﷺ جن جنگ جي
ميدان جي چوڌاري نظر ڦيرائي (جتي مسعب رضه ۽ هن جا شهيد ساٿي هئا) ۽ چيو: ”الله جو
رسول شاهدي ٿو ڏئي ته الله جي نظرن ۾ توهان شهيد آهيو“ ۽ پوءِ پنهنجن حيات ساٿين
ڏي منهن مبارڪ ڪري چيو: ”انسانو! هنن وٽ وڃو، هنن تي سلام موڪليو. جنهن جي هٿ ۾
منهنجو روح آهي، ان جو قسم آهي ته جيڪو ماڻهو قيامت تائين هنن شهيدن تي سلام ٿو
موڪلي، ته هو به هنن کي موڪلين ٿا.“
اسلام عليڪم يا مسعب
اسلام عليڪم معاشرت الشهداءُ
اسلام عليڪم ورحمة الله و برڪاتہ.
امام رضا شاتا جرمني ڇڏي نيويارڪ جي هن مسجد جو اچي امام ٿيو
نماز مهل هڪ سؤ کان مٿي نمازي هئا. نيويارڪ جي هن مسجد جي امام شيخ
رضا شاتا ٻڌايو ته جمع نماز تي ٻن ٽن هزارن کان به مٿي ماڻهو اچن ٿا ۽ سڄي مسجد
ڀرجڻ بعد ماڻهو ٻاهر رستي تي صفون ٺاهي بيهن، پٽ تي پاڻ سان آندل مصلا (جاءِ
نمازون) وڇائين يا پلاسٽڪ جا وڏا شاپر ۽ ڪارٽن جا گتا رکي انهن مٿان نماز پڙهن.
امام رضا شاتا ۳۷
سالن جو جوان مصري عرب هو. پاڻ ۱۹۶۸ع
۾ اتر مصر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪفرالباتخ ۾ ڄائو. ان ڳوٺ کان مون جهڙا جهازي جيڪي سئيز
ڪئنال مان لنگهي، ڀونچ سمنڊ ۽ بحر احمر ۾ ايندا ويندا رهن ٿا، چڱي طرح واقف هوندا،
جو هي ڳوٺ ان هنڌ تي آهي، جتي سئيز ڪئنال نيل نديءَ جي ڊيلٽا سان ملي ٿو.
آمريڪا جي ڪيترين ئي مسجدن لاءِ امام مصر ۽ لبنان مان گهرايا وڃن ٿا،
جيڪي واسطيدار شين ۾ تعليم يافته آهن. هونءَ ڪيترين مسجدن ۾ هتي آمريڪا جا سٽيزن
امام پڻ آهن، پر گهٽين ۾ هڪ سال، ٻن يا ٽن سالن جي Contract تي
عرب دنيا مان امام گهرايا وڃن ٿا جيئن سئيڊن، جرمني ۽ ڊئنمارڪ پاسي ترڪي جا امام
رکيا وڃن ٿا يا ملائيشيا ۽ سنگاپور ويندي هانگ ڪانگ جپان ۾ پاڪستان جي صوبي سرحد ۽
پنجاب جا امام آهن. اڄ کان ويهه ٽيهه سال کن اڳ ملائيشيا جي ڪيترين ئي مسجدن ۾
بنگالي مولوي پڻ هوندا هئا، پر هاڻ نظر نٿا اچن.
بروڪلن (نيويارڪ) جي هن مسجد مسعب بن عمير جي امام رضا شاتا ٻڌايو ته
هو ننڍو هو ته هن جي ماءُ گذاري وئي ۽ کيس سندس ڏاڏيءَ نپايو، جيڪا هن جي دل وڏي
ڪرڻ لاءِ هر وقت اسان جي پياري نبي محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڳالهه ٻڌائيندي هئي، ته پاڻ
ڪريم ﷺ جن جي والده محترمه به سندن ننڍي هوندي گذاري وئي. امام صاحب جو والد
پنهنجي ڳوٺ ۾ هاري ۽ ولائتي ڀاڻ جو سيلزمين هو ۽ هنن غريبيءَ جي زندگي گذاري ٿي.
ايتري قدر جو ڳوٺ ۾ ڪنهن وٽ ٽي وي به نه هئي ۽ پاڻ جڏهن پندرهن سالن جو ٿيو ته
ڀرواري شهر ۾ هن کي پهريون دفعو ٽي وي ڏسڻ ۾ آئي.
نماز بعد اسان هن مسجد جي امام سان گڏ ائٽلانٽڪ ايونيو تي ٺهيل يمني
هوٽل ۾ اچي چانهه ۽ شورما کاڌو. پاڻ ٻڌايائين ته هو پنجن سالن جو ٿيو ته کيس قرآن
حفظ ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو. بنيادي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد هو قاهره
جي الاظهر يونيورسٽي لاءِ چونڊجي ويو. تن ڏينهن ملڪ جو صدر انور سادات هو. هن ۱۹۹۲ع ڌاري گريجوئيشن مڪمل ڪئي ۽ ۳۴۰۰ شاگردن ۾ ستون نمبر آيو.
رضا شاتا (بي رج بروڪلن جي مسجد جي امام) ٻڌايو ته الاظهر يونيورسٽي
مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن سعودي عرب وڃي شاگردن کي شريعت (اسلامي قانون) سبجيڪٽ
پڙهايو. پاڻ پنج سال اتي رهيو، ان بعد پنهنجي وطن مصر هليو آيو، جتي اچي هن فرنيچر
جو بزنيس شروع ڪيو، پر ان سموري وقت ۾ هن کي اها کوٽ محسوس ٿيندي رهي ته هر دعوه
جو ڪم نه پيو ڪري. اهو سوچي پنهنجو ڌنڌو بند ڪري، پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ اچي تبليغ
شروع ڪئي. سندس ڳوٺ جي مسجد ۾ ڪافي ماڻهو آيا ٿي. جمعي نماز تي ته نمازين جو تعداد
چار هزار جي لڳ ڀڳ ٿي ويو ٿي. اتي مسجدون سرڪار جي انتظاميه ۾ هيون، جنهن کين
پگهار به ڏنو ٿي.
”سن ۲۰۰۰ع ۾ مون کي جرمنيءَ جي شهر اسٽٽگارٽ جي مسجد ۾
امام طور رکيو ويو. هي شهر ڪارخانن جو شهر آهي، جتي ڪيترن ئي ترڪ ۽ عرب مسلمانن
فئڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪيو ٿي ۽ پوءِ يارهين سيپٽمبر ڇا ٿيو، اسان جو جيئڻ جنجال
ٿي پيو. هرڪو اچيو اسان جي گهرن ۽ مسجد ٻاهران گهٽ وڌ لکيو وڃي، ڪرفتي ۽ ڪچرو
اڇلايو وڃي.“ امام رضا ٻڌايو.
ٻئي اونهاري ۾ هڪ ڏينهن جرمنيءَ جي امام رضا کي بروڪلن مان فون آيو.
اهو فون هن مسجد جي امام محمد موسيٰ جو هو، جيڪو آمريڪا ڇڏي رهيو هو. هو پنهنجن
جماعتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ فنا ٿي پيو هو، جيڪي يارهين سيپٽمبر بعد آمريڪا ۾
مسلمانن ۽ عربن کي پيش اچي رهيا هئا. هرهڪ جي پٺيان جهڙو جاسوس لڳا رهيا ٿي، هنن
ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. ٻارن اسڪولن ۾ وڃڻ کان ڪيٻايو ٿي، جو اتي جي ٻين ٻارن، انهن
جي والدين توڙي استادن هنن کي ٽوڪيو ٿي ۽ بي عزتي ڪئي ٿي. عورتون ڀاڄي مارڪيٽ يا
شاپنگ سينٽرن ۾ وڃي نه ٿي سگهيون، هنن کي هر ڳالهه لاءِ ڏوهاري سمجهيو ويو ٿي.
امام رضا شاتا مسلمانن کي آمريڪا ۾ پيش ايندڙ مصيبتن کان چڱي طرح
واقف هو. بروڪلن جي هن مسجد مسعب بن عمير(Islamic Society of bay Ridge) جو پگهار به جرمني واري پگهار کان گهٽ هو. ”پر
منهنجي دماغ ۾ منهنجي زال ۽ ٽي ٻار (ڌيئرون) هيون، جن کي ڏٺي مون کي مهينا ٿي ويا
هئا. جرمني وارن هنن کي جرمني اچڻ جي ويزا کان انڪار ڪيو هو. آمريڪا وارا مون کي
فئمليءَ سان اچڻ جي اجازت ڏئي رهيا هئا. ان ڪري مون هيڏانهن USA (آمريڪا)
اچڻ لاءِ حامي ڀري.“ امام رضا ٻڌايو.
هتي جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جي هڪ ائنٿروپولوجسٽ لوئيس
عبداللطيف (Lovis Abdul Latif Cirstillo) هڪ
دفعو ٻڌايو هو ته آمريڪا جون ڪيتريون ئي مسجدون اسلامڪ سينٽرن ۽ اسلامڪ سوسائٽين
جي نالن سان سڏجن ٿيون، جتي مسلمان نماز پڙهڻ کان علاوه اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ،
پنهنجن روزمره جي مونجهارن جو سُٽ سلجهائڻ ۽ هڪ ٻئي سان ڏک درد سلڻ لاءِ اچن ٿا.
فقط نيويارڪ ۾ جيڪي لک جي لڳ ڀڳ مسلمان رهن ٿا، اهي آفريڪا جا آمريڪن آهن.
بروڪلن جي هن مسجد مسعب بن عمير جيڪا The Islamic Society of bay Ridge به سڏجي ٿي، کي ٻين مسجدن وانگر بورڊ آف ڊائريڪٽرس هلائين
ٿا، جيڪي گهڻو ڪري هتي جا رهندڙ فلسطيني پروفيشنل آهن. ۱۹۸۴ع ۾ جڏهن هن جو بنياد رکيو ويو، ته هي بي رج ايونيو تي هڪ اسٽور نما
جاءِ هئي، جنهن جي مٿان ڪو نالو نه هو ۽ ڪو مقرر امام نه هو. اڄ اها مسجد نيويارڪ
جي مسلمانن جو اهم مرڪز آهي جيڪا اسان جهڙن ٽوئرسٽن ۽ هتي لڏي ايندڙ Immigrant لاءِ ڪشش پيدا ڪري ٿي. هن بلڊنگ جي چئني ماڙين تي زندگي
ٻهڪندي نظر اچي ٿي. ٻارن لاءِ نرسري اسڪول، اسلامي ڪتابن جو بڪ اسٽور، قرآن ڪلاسز
۽ روزانو ليڪچر. جمعي نماز تي ته ايترا نمازي اچن ٿا جو ٻاهر جا فٽ پاٿ ئي ڀرجيو
وڃن ۽ انهن نمازين جي ڏنل ڊالر ڊالر جي نوٽن ۾ جيڪي جمعي نماز تي بوڇڻ ۾ گڏ ڪيا
وڃن ٿا، هن مسجد جو خرچ پکو هلي ٿو. عورتن جي گڏجاڻي ۽ نماز لاءِ الڳ جاءِ
هيٺ Basement ۾ آهي. گهڻو تڻو ليڪچر عربيءَ ۾ ٿين
ٿا، جو هتي ايندڙن جو وڏو تعداد عربي ڳالهائڻ وارن جو اچي ٿو. البانيا ۽ پاڪستان
جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ جن کي عربيءَ جي ايڏي ڄاڻ نه آهي، هيڊ سيٽ (ڪنن ۾ وجهڻ جا
مائيڪرو فون) رکيل آهن، جن ذريعي هو هلندڙ واعظ، تقرير، ليڪچر، اعلان انگريزي ۾
اتي جو اتي Live ٻڌي سگهن ٿا.
هيري جي چونڊ سولو ڪم آهي، سڱ جي چونڊ ڏکي آهي.
هن مسجد (بروڪلن نيويارڪ جي مسعب بن عمر مسجد) جي امام کي نماز
پڙهائڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترا ڪم ڪرڻا پون ٿا، جيئن ته نون ڄاول ٻارن تي ٻانگ
ڏيئي نالو رکڻ، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا مناسب سڱ ڳولڻ، ناراض ۽ رٺل زال مڙسن جا پرچاءَ
ڪرڻ، ديني مسئلن جا حل ڳولڻ وغيره وغيره. مسجد جي امام ٻُڌايو ته ڪيترائي نوجوان
عجيب عجيب سوال پڇن ٿا: ”آئون جنهن هوٽل ۾ بئرو آهيان اتي شراب به Serve ڪيو
وڃي ٿو. هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ مون کي ڇا ڪرڻ کپي؟“ سوال ڪندڙ يا مسئلن جا حل پڇڻ
وارا ڌارين ملڪن کان لڏي آيل مسلمان توڙي مڪاني آفريڪن آمريڪن يا ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا
جا نو مسلم آهن. ”شاديءَ کان اڳ مون کي ڊيٽنگ ڪرڻ کپي يا نه؟“ ”بئنڪن يا ڪئسينو
(جوا خانن) ۾ نوڪري ڪرڻ کپي يا نه؟“ مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي تي برگر وغيره کائڻ کپن يا
نه...“ وغيره وغيره.
امام رضا شاتا ٻڌايو ته هن کي سڀ کان گهڻو خوشي ڪنهن جي اڪيلائپ ختم
ڪرڻ تي ٿئي ٿي. يعني هڪ ڌارئين ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي رهنمائي ڪري، هنن جو گهر وسائڻ
تي. هن وقت ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ايندا رهن ٿا، جيڪي پنهنجي لاءِ سٺو ساٿي ڳولڻ جي
جستجو ۾ آهن. ”اسلامي قانون غير شادي شدهه عورت ۽ مرد کي بند ڪمري ۾ ملڻ جي صاف
صاف منع ڪري ٿو.“ امام رضا ٻڌايو، ”آئون هنن کي پنهنجي آفيس ۾ پنهنجي اڳيان ويهاري
ڳالهائڻ جو موقعو ڏيان ٿو. اسان جي نبي ڪريم ﷺ جو چوڻ آهي ته جيڪو زال مڙس جي شادي
ڪرائي ٿو، ان ڄڻ ته سڄو سال عبادت ڪئي.“
۽ پوءِ ڪجهه سوچي امام ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”پر منهنجا ڀائرو! آمريڪا
جهڙي ملڪ ۾ جتي ڪيترائي Options هجن، اهو ڪم آسان ناهي. لڏي آيل اسان
جا مسلمان هتي اچي هيڪاندو گهڻو Picky ٿيو پون. ڪي ته رکو ۽ بدتميزي جي حد
تائين به ڳالهائين ٿا. هڪ ٻئي لاءِ صحيح ساٿي ڳولڻ، ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي حساب سان
ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هڪ ڇوڪري ڇوڪر جون ڳاڙهيون اکيون ڏسي يڪدم چوي ٿي ڇا امام صاحب
سڄي نيويارڪ ۾ مون لاءِ فقط هي شرابي بچيو آهي. هڪ دفعي مصر جي عرب موراڪو جي هڪ
قبول صورت ۽ نيڪ ڇوڪريءَ جي سنهين ڇاتين ڏي گهوري چوي ٿو ته هيءَ ته هڪ ڪاٺيءَ جي
بنڊي لڳي ٿي.“
”مصر ۾ هجي ها ته ائين ڪڏهن به نه ٿئي ها.“ امام اهي پراڻيون ڳالهيون
۽ واقعا ياد ڪري ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، ”هرگز نه. هرگز نه. مون کي جي اڳواٽ خبر هجي
ها ته هي ڇوڪرو ايڏو بدتميز آهي، ته آئون هن کي آفيس ۾ ئي گهڙڻ نه ڏيان ها.“
ان معاملي ۾ امام ٻڌايو ته سندس ڳوٺ ۾ فقط هڪ جهلڪ ڏسڻ سان ڇوڪرو
شاديءَ لاءِ راضي ٿي ويندو هو ۽ ڪيترا ته بنا ڏسڻ جي، مائٽن جي چوڻ تي شاديءَ لاءِ
’ها‘ ڪري ويهندا هئا، پر نيويارڪ نه فقط دنيا جي گاديءَ جو شهر آهي، پر مسلمانن جو
به چوواٽو آهي، جتي ڀانت ڀانت جي ملڪن جا مسلمان نظر اچن ٿا ۽ اهڙو مسلمانن جو
مڪسچر فقط مڪي ۾ حج جي سيزن ۾ ٿئي ٿو. نيويارڪ جي هنن پنجن باروز (مئن هٽن،
برانڪس، بروڪلن، ڪئينس ۽ اسٽيٽن آئلنڊ) کان علاوه مسلمانن جا ٻيا وڏا ڳڙهه
ڪئليفورنيا، الينئاس، مشيگان ۽ ٽيڪساز آهن.
”بهرحال شاديءَ جا سڀ اميدوار ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ان ڳالهه تي هڪ
راءِ آهن ته سندن مسلمان ساٿي اسلام جو صحيح معنيٰ ۾ پوئلڳ هجي، ڏسڻ ۾ ٺاهوڪو لڳي
۽ هن وٽ آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ قانوني طرح ”اميگريشن Status“ هجي.
ڪابه ڇوڪري يا ڇوڪرو ان ساٿيءَ کي نٿو چونڊڻ چاهي، جيڪو آمريڪا ۾ غير قانوني طور
رهيل هجي، ڇو جو هو هتي ئي رهڻ پسند ڪن ٿا. غير قانوني رهندڙ ڇوڪر يا ڇوڪريءَ سان
گڏ هو آمريڪا ڇڏي هن جي ملڪ ۾ وڃڻ نٿا چاهين.
امام جي گهرائڻ تي هڪ لبناني ڇوڪرو ان ڏينهن آيو هو، جنهن جي عمر،
حيثيت ۽ طبيعت مطابق امام هن لاءِ هڪ ڇوڪري پسند ڪئي هئي.
”هنن جا وڏا برايل کان هتي نيويارڪ ۾ آيا هئا ۽ هاڻ هوءَ آمريڪن
سٽيزن آهي. پاڻ ويجهڙائيءَ ۾ اسلام قبول ڪيو اٿس. نه بلڪل ڀوري آهي، نه ڪاري.
سمجهه ته ڪڻڪ رنگي آهي. اوڻيهن سالن جي ٿيندي. ڪامرس پڙهي رهي آهي.“ امام چوويهه
سالن جي هن لبناني عرب ڇوڪري کي ٻڌايو، جيڪو چار پنج سال اڳ طرابلس ڇڏي هتي اچي
سيٽ ٿيو هو. ڇوڪري غور سان ڳالهه ٻڌڻ بعد ڪجهه گهڙيون خاموش رهيو. شايد هن سمجهيو
ته امام اڃان کيس ڪجهه وڌيڪ ٻڌائڻ ٿو چاهي پر امام کي ماٺ ۾ ڏسي اٻهرائيءَ مان
چيو:
”بس منهنجي لاءِ فقط اها ئي Choice آهي؟!“
ان بعد هو هليو ويو. ظاهر آهي امام صاحب ڇوڪريءَ کي به واپس موٽائي ڇڏيو.
هو جڏهن هليا ويا ته امام جي چهري تي غم ۽ غصي جا تاثر هئا. ”ڏٺاوَ
اڄ جا نوجوان! هڪ هيري (Diamond) جي چونڊ ڪرڻ سولي آهي پر ٻئي لاءِ سڱ
جي چونڊ ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي.“
هن ماکيءَ جهڙي مٺي آواز ۾ چيو: مون کي قبول آهي
امام رضا شاتا ٻڌايو ته هن جي پنهنجي شادي اڄ کان ۱۵ سال اڳ سندس مصري ڳوٺ ڪفر البتخ ۾ ٿي. ڏهن هو ٻاويهن ورهين جو هو.
هو قدآور جوان، تعليم يافته ۽ ڳوٺ جي مسجد جو اڀرندڙ تارو هو. ڪي مهينا عميما
ايلشا براوي هن جي فقط آواز کان واقف هئي جو اتي جي مسجد ۾ امام جو ليڪچر يا خطبو
ٻڌڻ لاءِ عورتن جي لاءِ ڌار ڪمرو هو، جتان عميما هن نوجوان امام رضا کي ڏسڻ بنا
فقط هن جون ڀڙڪندڙ تقريرون ٻڌي سگهي ٿي ۽ پوءِ هڪ شام جو هيءَ سندس گهر سندس پيءُ
وٽ هڪ اميدوار گهوٽ جي حيثيت سان پهتو. هن وٽ پئسو يا ڌن دولت نه هو. هن جي قابليت
فقط اها هئي ته هو قرآن جو سٺو قاري هو.
نوجوان عورت، ان وقت ويهه ورهين جي مسٽر رضا جي اڳيان اچي شربت جو
ٽري رکيو.
“هوءَ پهرين نظر ۾ ئي منهنجي دل کي وڻي ويئي.“ امام ٻڌايو.
شربت اڳيان رکي هوءَ ته غائب ٿي وئي پر هن اُن وقت هن جي والد صاحب
کان شاديءَ لاءِ سڱ گهريو هو. جهونو سوچ ۾ پئجي ويو.هن جي ڌيءَ شهر جي سونهن هئي.
هوءَ انگريزيءَ جي اسٽوڊنٽ هئي، جنهن سان شادي ڪرڻ لاءِ شهر جا ڪيترائي نوجوان
ڊاڪٽر ۽ انجنيئر تيار هئا. امام هڪ مسڪين غريب هو.
پر ان کان اڳ جو مسٽر ايلشا براوي ڪو فيصلو ڪري، ماکي جهڙي مٺي آواز
۾ عميما دروازي ٻاهران ورندي ڏني، ”مون کي قبول آهي.“
“مون به جنهن گهڙيءَ هن کي ڏٺو ته منهنجو هن سان پيار ٿي ويو.“ عميمه
چيو.
عميما امام کان ٻه سال ننڍي آهي ۽ ۱۹۷۰ع ۾ ساڳي ڳوٺ ۾ ڄائي. سندس شادي ۱۹۹۰ع ۾ ٿي. کين چار ٻار آهن. ٽي وڏيون ڌيئرون؛ استهشاد، رواضا ۽ رحما ۽
چوٿون محمد نالي پٽ آهي، جيڪو هتي آمريڪا ۾ ڄائو آهي. سندس ٻيو نمبر ڌيءَ رواضا
جيڪا ستن سالن جي آهي. ننڍي هوندي کان Epileptic آهي.
هن کي رکي رکي دورا پون ٿا، ان ڪري ماءُ يا پيءُ مان ڪو به هڪ هن سان هر وقت گڏ
رهي ٿو ۽ هن جي بيماري امام کي هر وقت غمگين ۽ پريشان ڪري ٿي. پاڻ مسجد کان ٻه بلاڪ
پري هڪ فليٽ ۾ رهن ٿا. امام مسجد ۽ پاڙي جي دڪانن تي نڪرڻ مهل هر وقت جبي، گوڏ ۽
اڇي ٽوپيءَ ۾ رهي ٿو. پري وڃڻ وقت هتي جي ڊريس جينس وغيره استعمال ڪري ٿو. سندس
زال عميمه هر وقت سائي رنگ جو حجاب مٿي تي ٻڌي هلي ٿي. هنن کي هتي جو (USA) جو هاڻ گرين ڪارڊ آهي ۽ ڪجهه سالن بعد، جيڪڏهن هو هتي رهيو
ته پاسپورٽ به ملي سگهي ٿو. امام صاحب ڪيترن ڳالهين ۾ آمريڪا کي بهتر ملڪ سمجهي
ٿو. اڄ به دنيا جا جيترا ڏتڙيل مسلمان هتي اچي چوديواري ۽ سڪون حاصل ڪن ٿا اوترا
ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نه آهن.
”نائن اليون کانپوءِ جي حالتن تي تبصرو ڪندؤ.“
”جي ها. هن واقعي کانپوءِ آمريڪا ۾ اسان مسلمانن لاءِ ڪافي پريشانيون
ظاهر ٿيون آهن. اها اسان جي بدقسمتي آهي جو اهو واقعو انهن ڪيو جن پاڻ کي مسلمان
ٿي سڏايو. ان مان ڇا هڙ حاصل ٿيو. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي. نقصان ڪنهن جو ٿيو ۽ ٿي
رهيو آهي؟ ڪاش هو اهڙو ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچي سگهن ها.“
امام ٻڌايو ته هن واقعي کانپوءِ آمريڪا جا جاسوسي ايجنٽ ۽ ٻين
ايجنسين جا ماڻهو مون وٽ به اچي آڏي ابتي پڇا ڪندا رهن ٿا ته مسجد ۾ اهڙو ڪو مشڪوڪ
ماڻهو ته نه آهي، جنهن جي دماغ ۾ دهشتگرديءَ جو جنون ڀريل هجي. آئون هنن کي اهو ئي
جواب ڏيندو آهيان، ته نه فقط توهان FBI وارا
پر اسان به چاهيون ٿا ته دهشتگرديءَ کي ٻنجو اچي وڃي. اسان مسلمان به چاهيون ٿا ته
هن ملڪ جي زندگي سڀني لاءِ سڪون ۽ سانت ڀري رهي.
نفرت جي ڀت چيو، آئون بي عزتيءَ جي سرن سان اڏي وئي آهيان
”امام جي حيثيت ۾ مون کي ڄڻ رَسي (Tight Rope) تان
هلڻو پوي ٿو ۽ هيٺ ڪرڻ کان بچڻ لاءِ ٻنهي پاسن جو خيال ڪرڻو پوي ٿو. هڪ طرف
مسلمانن کي اهو احساس ڏيارڻو ٿو پوي ته هتي جي پوليس ڪا وحشي ناهي. ٻئي طرف پوليس
کي مطمئن ڪرڻو پوي ٿو ته مسلمان صاف سٿرا ۽ عزت وارا ماڻهو آهن.“
ان هوندي به هر مسجد ۽ مسلمانن جو هر ادارو آمريڪا جي پوليس جي نظرن
هيٺ آهي. هن مسجد جي امام لاءِ ان وقت چڱي شرمندگي ٿي، جڏهن پوليس هتي جي هڪ
جماعتيءَ کي دهشتگرديءَ جو پلاٽ ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ جهلي ويئي. اهو ٽيويهه سالن جو
گهڻو ڳالهائيندڙ شهوار متين نالي پاڪستاني هو، جنهن مسجد جي ڀر واري ڪتابن جي دڪان
۾ ڪم ڪيو ٿي. ڊيوٽي دوران اهو اڪثر جيمس الشافعي نالي اسٽيٽن ٻيٽ جي هڪ نو مسلم
آمريڪن ڇوڪري سان ڳالهائڻ ۾ مشغول رهيو ٿي. آگسٽ ۲۰۰۴ ۾ ٻئي ڄڻا بروڪلن فيڊرل ڪورٽ ۾ ان ڏوهه هيٺ چارج ڪيا ويا ته هنن
هرالڊ اسڪائر وٽ ۳۴ اسٽرٽ جي سب وي اسٽيشن کي بم سان اڏائڻ چاهيو ٿي.
انهن ٻنهي ڄڻن جو وڊيو ٽيپ به ڏيکاريو ويو ته هو اسٽيشن کي بم سان
اڏائڻ بابت رٿائون ٺاهي رهيا آهن ۽ هنن کي اها اسٽيشن بار بار چڪاسيندي به فلم ۾
ڏيکاريل هو. ساڻن گڏ ٽيون ڄڻو پوليس جو پگهاردار جاسوس هو، جنهن هنن کي اهو بانور
پئي ڪرايو ته هن جو واسطو اسلامي تنظيم اخوان سان آهي.
مٿين ڳالهه جي ٽي ويءَ تي خبر اچڻ بعد اخباري نمائندا مسجد کي ورائي
ويا. هو مون کان ۽ ٻين جماعتن کان آڏا ابتا سوال ڪرڻ لڳا. بي نام فون ڪال ۽ خطن
ذريعي اسان کي ڌمڪيون ملڻ لڳيون ته سمجهو ته توهان لاش آهيو.“
مسجد جي امام ۽ ٻين کي پوءِ يڪدم ڌيان ۾ آيو ته اهو پوليس کي اطلاع
ڪرڻ وارو ڀورن وارن وارو مصري ماڻهو هو، جنهن پاڻ کي اوساما دائوديءَ جي نالي سان
سڏايو ٿي. ”هي دائودي نالي همراهه سال کن اڳ کان مسجد ۾ ظاهر ٿيو“ مسجد جي امام
ٻڌايو، ”۽ مون کي به گشا پتا ٻڌڻ لڳو ۽ مون کي زمين خريد ڪرڻ جو شوق ڏيارڻ لڳو. هن
منهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري جماعتن کان زمين خريد ڪرڻ لاءِ چندا حاص ڪرڻ چاهيا
ٿي، جنهن جو ڪجهه حصو ڪميشن طور مون کي به ڏيڻ چاهيو ٿي.“
امام هن کي ڌتڪاري ڇڏيو ۽ ڪنهن به غلط ڪم ۾ دلچسپي وٺڻ نٿي چاهي.
امام هن کي پاڻ کان پري ئي رکيو. دائودي سڀني جماعتن کي اهو چوندو رهيو ٿي ته هو
هڪ مشهور مصري شيخ جو پٽ آهي. هو سڀني جي نظرن ۾ وڏو پرهيزگار سمجهيو ويو ٿي جو هو
نماز پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن زارو قطار روئيندي نظر آيو ٿي، پر ساڳي وقت ماڻهن کي اهو به
تعجب هو ته هو سگريٽ به ڇڪي ٿو. ”اسلامي آداب موجب سگريٽ ڇڪڻ سٺي ڳالهه ته نٿي
سمجهي وڃي.“ امام رضا نوٽ ڪيو.
سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جي هر گفتي ۾ آمريڪا لاءِ نفرت ڀريل رهي ٿي.
امام سان جن ڏينهن ۾ ملڻ ايندو هو ته هن کي به اهو چوندو هو ته آمريڪن هن کان
خوفزدهه آهن، جو هو نيوڪليئر انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي آهي. هن اهو پڻ امام کي چيو ته FBI وارا هن جي گهر جي جاچ ڪرڻ چاهين ٿا.
”مون هن کي چيو ته جيڪڏهن تنهنجا هٿ صاف آهن ته پوءِ ان ۾ ڊچڻ يا غصو
ڪرڻ ڪهڙو؟ پنهنجو گهر ۽ دل کولي ماڻهن کي ڏيکار ته جيئن ڪنهن کي به ڪا غلط فهمي نه
رهي.“ امام ٻڌايو.
امام ٻڌايو ته مسٽر دائوديءَ جڏهن ڏٺو ته هن کي هتان ڪجهه نه ورندو
ته هن پنهنجو رخ بيوقوف ۽ جذباتي پاڪستاني جوان شاهوار متين ڏي موڙيو. سيپٽمبر ۲۰۰۳ع کان وٺي هن جاسوس پاڪستاني همراهه کي هن پلاٽ ۾
ڦاسايو. هاڻ ڪورٽ ۾ مٿن ڪيس هلندڙ آهي. پاڪستاني همراهه جي وڪيل جو اهو مؤقف آهي
ته هي پلاٽ پوليس مئنيوفئڪچر ڪري شاهوار متين کي ڦاسايو آهي، پر پوليس ڊپارٽمينٽ
جي ترجمان مسٽر پال برائون جو چوڻ آهي ته:
"We did not propose that, we took action to stop it and there's a
big difference."
پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته شاهوار متين جي Violence سان دلچسپي هئي، جنهن جي ڄاڻ پوليس کي هئي ۽ ان
کانپوءِ ئي هنن هڪ پوليس جاسوس کي نمازي بڻائي مهينن لاءِ هن مسجد ۾ هن سان رلي
ملي ۽ اندر لهڻ لاءِ رکيو. ظاهر آهي اهڙيون ڳالهيون جڏهن ٿيون ٿيون ته مسلمانن جي
دلين ۾ هتي جي اٿارٽين خلاف نفرت پيدا ٿئي ٿي، پر يڪدم سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن
جوان کي ڦاسائڻ لاءِ پوليس ڪوڙڪو اڏيو يا نه، پر هنن نوجوانن کي ڪهڙين ڳالهين
مجبور ڪيو آهي ته ان قسم جي دهشتگرديءَ جو خيال ڌيان ۾ آڻين؟انهن سوالن جا جواب
ڳولڻ لاءِ بروڪلن جي هن مسجد مسعب بن عمير جو هي امام رضا هر وقت سوچيندو رهي ٿو.
”هڪ دفعي مون هسپانوي پهاڪو پڙهيو هو.“ امام رضا ٻڌايو، ”نفرت جي ڀت
کان جڏهن پڇيو ويو ته ”تون ڪيئن ٺاهي وئينءَ؟“ ته هن وراڻيو: ”بي عزتيءَ جي سرن
مان.“
آمريڪا امام لاءِ به ٽوڪون ۽ طعنا مهيا ڪيا آهن. هڪ دفعي جهاز ۾ ڀر ۾
ويٺل عورت پڇيو ته آيا هو مسلمان آهي. هن جي هائوڪار ڪرڻ تي هن يڪدم ڪئبن ڪِريو کي
سڏي، پنهنجي سيٽ بدلائڻ جي گهر ڪئي. امام رضا ننڍي هوندي کان جبا پائي وڏو ٿيو،
هاڻ هو اجاين سجاين ٽوڪن طعنن کان بچڻ لاءِ مغربي لباس اوڍي ٿو، پر ان هوندي به
امام چوي ٿو ته؛ ”مون کي ائين لڳي ٿو ڄڻ آئون پنهنجي ملڪ ۾ رهيو پيو آهيان.“ هو
ننڍي ٽهيءَ جي مسلمانن کي اها ئي نصيحت ڪري ٿو ته نفرت کان بچو. آمريڪا اڄ به اسان
جي ملڪن کان بهتر آهي ۽ آزاديءَ جي علامت آهي، ڪنهن جي ڀڙڪائڻ تي بنا سوچ سمجهه جي
دهشتگردي نه ڪريو.
”اسلام اهو مذهب آهي، جنهن جو بنياد ذهانت تي آهي“ امام رضا پنهنجي
نوجوان ٻڌندڙن کي اهو ئي نقطو سجهائي ٿو، ”اسلام توهان کي اهو ئي چوي ٿو ته هر
ڳالهه تي سوچيو، اکيون ٻوٽي جذبات جي وهڪري ۾ وهي نه وڃو. ڀڙڪائڻ وارن جي پوئيواري
نه ڪريو. توهان پنهنجي دماغ سان هنن کان بهتر سوچي سگهو ٿا.“
”۽ توهان ڪوبه غلط ڪم ڪري وهندئو.“ امام چوي ٿو، ”ته توهان جي غلطيءَ
جو نقصان سڄي اسلامي دنيا کي رسي سگهي ٿو. هونءَ به جنهن ملڪ ۾ به توهان رهو ٿا،
ته ان ملڪ جي ۽ ان جي قانون جي عزت ڪريو.“
لڳي ٿو ته مسلمان پنهنجي ملڪ ۾ آهن پر اسلام هتي آهي
۱۹۶۸ع واري زماني ۾ يعني اڄ کان پنجٽيهه چاليهه سال کن اڳ جڏهن مئن هٽن
نيويارڪ جي ۱۰۱ اسٽريٽ تي، اڄ جا سٺ پنجهٺ سال جا پوڙها، ٽنڊو
قيصر جو نور احمد نظاماڻي، ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ۽ سندس ڀاءُ بابو ۽ جهڏي
جو مرحوم مبارڪ ٽالپر پنهنجيءَ ڦوهه جوانيءَ ۾ چڪر هڻندا هئا ۽ منهنجو جهاز بروڪلن
يا نيوارڪ ۾ لنگر انداز ٿيڻ تي آئون به جهاز ڇڏي اچي ساڻن شامل ٿيندو هوس ۽ 391 West جي مٿين ماڙ تي رهندا هئاسين ۽ جڏهن بشير مغل ۽ نئون آيل علي ابڙو
مئڊيسن ايونيو تان واڪ ڪندا، هارلم نديءَ جي ڪناري تي اچي فرحت وٺندا هئا ۽ جڏهن
عبدالرزاق شيخ سندس ڪولمبيا يونيورسٽي وارو شاليمار دڪان بند ڪري، پنهنجن ساٿين
هالا جي وڪيل عبداللطيف انصاري ۽ حيدرآباد جي سليم شاهه کان موڪلائي براڊ وي تان
اچي پنهنجي گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائيندو هو، انهن ڏينهن ۾ هڊسن نديءَ جي ٻي پار نيو
جرسيءَ جو هي شهر اوينيل (Avenil) جتي هاڻ آئون پنهنجن ڀاڻيجن ثمير وسطڙو ۽ ضمير وسطڙو وٽ اچي رهيو
آهيان. آدمشماريءَ جي حساب کان هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. نه فقط اوينيل پر اوس پاس جا
شهر اسلين، اولڊ برج، سروائيل، ڪولونيا، ووڊ برج، راهه وي ۽ ووڊ برج وغيره سمجهو
ته سنڌ جا درساڻو ڇنو، ٺري ميرواهه، وڏا ماڇي، راڄو خاناڻي، ٺٽ ڳوراهو ۽ ميانداد
چنجڻيءَ جهڙا ڳوٺ هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن شهرن جي آدمشماري اڄ به سٺ ستر
هزار کان هڪ لک تائين مس آهي، جيتوڻيڪ سونهن سوڀيا، ترقي، تعليمي ادارن، صحت جي
سهوليت کان اسان جي اسلام آباد کان بهتر لڳن ٿا.
اڄ کان ۳۵ سال اڳ جڏهن اسان جو
جهاز هندي وڏو سمنڊ ۽ بحر ائٽلانٽڪ جون لهرون لتاڙي نيويارڪ جي پاڻيءَ ۾ اچي لنگر
ڪيرائيندو هو ته نيويارڪ ۾ جملي مسجدون ٻه يا ٽي هونديون هيون. اوسي پاسي جا
پاڪستاني ۽ انڊين مسلمان جمعي نماز اسان جي جهاز تي اچي پڙهندا هئا. باقي وقت
ماڻهو گهر ۾ ئي رهندا هئا. ٽوڪيو يا ڪوبي جي اڪيلي مسجد تائين پهچڻ سولو ڪم هو، پر
نيويارڪ جون هي ٻه يا ٽي مسجدون ڏورانهيون هيون، جو آمريڪا ۾ هر شيءِ جا فاصلا وڏا
آهن. ڪنهن ويجهي دڪان، پوسٽ آفيس، ڪلينڪ لاءِ به گاڏي ڪڍڻي پوي ٿي ۽ ميلن جا ميل
ڊرائيو ڪرڻو پوي ٿو، پر هاڻ فقط نيويارڪ ۾ ئي ٻه سؤ کن مسجدون آهن، خبر ناهي هتي
جا ماڻهو مسلمان ٿي رهيا آهن يا ايشيا جي مسلمان ملڪن جون حڪومتون ۽ سربراهه ايڏا
ڪميڻا ٿيندا ٿا وڃن جو مسلمان عوام انهن جي ظلمن ۽ مالي ۽ مذهبي مشڪلاتن کان جان
بچائڻ لاءِ هتي آمريڪا ۾ اچي پناهه ورتي آهي. ڪي شهنشاهه ايران جي ساوڪ جاسوسي
پوليس جي ظلمن کان ڀڄي آمريڪا آيا ته ٻيا ان بعد خميني جي سپاهين جي بدلي وٺڻ کان
بچڻ لاءِ، ڪي عيدي امين جي قتل گيريءَ کان ته ڪي صدام جي جيلن کان، اسان جي ملڪ جا
به جام ”اسان پيپلز پارٽي جا آهيون، ضياءَ جي ظلمن کان ڀڄي آياسين. اسان شيعا
آهيون امام بارگاهن ۽ گهرن تي بم ڪرڻ تي مائٽ مٽ مارجي ويا، باقي ٻچا ٻار وٺي اچي
هتي سڪون اختيار ڪيو اٿئون. اسان قادياني آهيون اسان کي پنهنجي ملڪ جا ڀائر مسلمان
نٿا سمجهن، بلڪ اقليت ۾ ٿا ڳڻين. اسان سنڌي آهيون نه اسان کي نوڪريون ٿيون ملن، نه
فوج ۾ ٿا کڻن. ڪوٽا سسٽم ۾ به اسان جا پنهنجا ميمبر وزير پنهنجن لوفر ٻارن کي
داخلائون وٺي ٿا ڏين. هتي اسان کي پورهئي جا چار پئسا ته ملن ٿا پيٽ ڀرڻ لاءِ....“
هي اهو آمريڪا آهي، جنهن ۾ اڄ اچڻ جون سختيون هجڻ جي باوجود اسان جا
ايشيائي، اسان جا آفريڪي، اسان جا مسلمان وغيره سر جو سانگو لاهي اچڻ چاهين ٿا.
قانوني طرح نه ته غير قانوني اچڻ جو به جوکم کڻن ٿا. هي آمريڪا آهي، جنهن ۾ اڄ کان
چاليهه پنجاهه سال کن اڳ اچڻ ۽ رهائش اختيار ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو، پر اسان چوندا
هئاسين ته اسان هتي آمريڪا ۾ ڇو رهون. اسان جي پنهنجي ملڪ ۾ هر شيءِ سستي ملي ٿي
(تن ڏينهن ۾ چئين رپئي ڊالر هو) اسان جي ملڪ ۾ امن امان آهي. جهاز ڪراچيءَ پهچندو
هو ته فلم جو ٻيو شو هڪ تائين ڏسي، هوٽلن تي ماني کائي، بندر روڊ تان واڪ ڪري،
ڪياماڙي جهاز تي ٽين وڳي پهچبو هو ۽ ان جي مقابلي ۾ نيويارڪ خاص ڪري بروڪلن توبهه
توبهه هو. ڏينهن ڏٺي جو به اڪيلي هلندي ڊپ لڳندو هو. اهڙي حالت ۾ آمريڪا ۾ ڪير
رهي. نور احمد نظاماڻي، مبارڪ ٽالپر، عبداللطيف انصاري ۽ ٻيا ڪئين پنهنجا آمريڪن
پاسپورٽ ڦاڙي وطن وريا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي حالتن کي ڏسي هرڪو افسوس ڪندو
هجي، خاص ڪري سنڌ جو رهاڪو، جنهن لاءِ پنهنجي وطن ۾ سرڪار جي ٻه اکيائي ۽ وڏيرن،
چورن، ڌاڙيلن، پوليس ۽ سرڪاري ڪامورن جي مصيبتن کان آمريڪا ۾ هجڻ بهتر هو، جتي جي
ٻن ٽاورن تي ته کڻي ڪڏهن ڪڏهن بم ڪري ٿو، پر سنڌ وانگر مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ روز
بم ۽ گوليون ته نه ٿيون هلن. ڪو گهرن مان ٻارن ۽ عورتن کي اغوا ته نٿو ڪري، ڪو
زميندار بٽئي جا پئسا ته نٿو کائي، ڪو ڊاڪٽر غلط دوائون ته نٿو ڏئي يا بيمار جي
اسپتال ۾ پهچڻ تي ڊاڪٽر کي غير حاضر ته نٿو پائي. اسان وٽ هي ڪهڙو انڌير آهي جو
اسان وٽ ڌاڙيل ته ڌاڙيل آهن پر ڊاڪٽر، پوليس ۽ سرڪاري ڪامورا به ڌاڙيلن جي روپ ۾
عوام کي پيا ڦرين جن جي ٽئڪسن مان هنن کي پگهار ٿو ملي. هي اسان وٽ ڪهڙو مذهب آهي،
جنهن ۾ ڪو ڊيوٽيءَ کي اهميت نٿو ڏئي. گذريل دفعي هالا ويس ته متقين جي مسجد ۾ هڪ
نمازي ٻڌايو ته ٻيا ته ٺهيو پر ڏاڙهي وڏي سان ۽ قرآن جا حافظ ڊاڪٽر به هر مهيني
سرڪاري خزاني مان پگهار وٺي کايو ويٺا آهن پر اسپتال ۾ وڃي غريب مريضن جو نه تپاس
ٿا ڪن، نه علاج ٿا ڪن.
ان قسم جون ڳالهيون ٿيون سوچجن ته تعجب ٿو لڳي ۽ مصر جي ڪئپٽن حنفي
جي چوڻ مطابق اهو سچ ٿو لڳي، ته مسلمان سو پنهنجي ملڪ ۾ آهن پر اسلام مغرب ۾ آهي.
مٿي لکيو اٿم ته هتي آمريڪا ۾ اسان جي ملڪ جا اهي اچي رهيا آهن، جن
سان اسان جي حاڪمن ۽ حڪومتن ظلم ڪيا پر ائين به نه آهي، هتي امريڪا ۾ اسان جي ملڪن
جا ڪيترا اهڙا به ملندا، جن ويتر حڪومت ۽ عوام تي ظلم ڪيا. انهن ۾ ڪيترائي اريگيشن
۽ واپڊا جي آفيسرن، انجنيئرن، سرڪاري اسپتالن ۽ ادارن جا ڊاڪٽر، انڪم ٽئڪس آفيسر،
روينيو کاتي جا آفيسر ۽ ٻيا ملندا، جيڪي ترقياتي ڪمن ۽ عوام جي بهتري جو پئسو ڦري
ڪروڙها رپيا ڦٻائي، هاڻي هتي امريڪا ۾ ”پاڪ بيبيون“ ٿيو ويٺا آهن. سڄي عمر هنن فقط
حرام جو پئسو حاصل ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي، انهن کي نه ڊاڪٽري اچي ٿي نه انجنيئري. نموني
خاطر هو هتي جي سب وي ۾ سئنڊوچون وڪڻن يا شيدين جي پاڙن ۾ رات جي دڪانن جي
چوڪيداري ڪن يا گراهڪن کي ريسٽورينٽن ۾ ڪافي يا بيئر سرو ڪن ۽ رشوت جي آندل پئسي
مان گهر هلائين.
مٿي ”بيبيون“ لکيو اٿم جيڪو لطيفو نيويءَ جي هڪ دوست ڪمانڊر علي مراد
ڳوراهي صاحب ٻڌايو هو. ڳوٺ جي هڪ عورت سان ڪنهن پير صاحب جي دل لڳي ويئي ۽ شادي
ڪري گهر وٺي آيس. پير صاحب جي زال ٿيڻ تي ظاهر آهي ته هوءَ اڻ پڇي ”بيبي“ ٿي پيئي
۽ سنڌ جي روايتي بيبين وانگر حاجتمندن کي ڌاڳا وٽي ڏيڻ، پاڻي شوڪاري ڏيڻ لڳي.
هڪ دفعي ڳوٺ جون ٻه عورتون جيڪي هن جي شادي کان اڳ وارين سخاوتن ۽
ڪاروبار کان واقف هيون. سي هن کان ڪڻڪ جو فصل سٺو ٿيڻ لاءِ ڌاڳو پڙهائڻ آيون. هنن
سمجهيو سندن پراڻي ساهيڙي آهي، وڏي آئوڀڳت سان ملندي پر بيبي صاحبه پنهنجي حال کان
واقفڪار ساهيڙين کي سڃاڻڻ کان ئي نابري واري، جنهن تي هنن کي سخت باهه لڳي ۽ پوءِ
وڏي معصوميت سان هن انهن کان ڏاڏي پوٽين بيبين (جن جو مرڻ جيئڻ ڪوٽ جي ڏيڍيءَ ۾ ئي
ٿئي ٿو ۽ جن کي ٻاهر جي دنيا جي ڪا خبر نٿي پوي) وانگر پڇيو: ”ڪڻڪ جو وڻ ڪيڏو وڏو
ٿيندو آهي؟“
راتؤن رات ٿيندڙ هن بيبي صاحبه جي ان نخري تي ڌاڳو پڙهائڻ وارين مان
هڪڙي سڙي کامي چيس: جڏهن ڪڻڪ جي فصل ۾ گهُمينءَ پئي، تڏهن ڪو هوش نٿي آيئه ته ڪڻڪ
جو وڻ يا تيلو. هاڻ وري سچ پچ جي بيبي ٿي ويٺي آهين. سو آمريڪا ۾ توهان کي ڪجهه
اهڙيون بيبيون پڻ وطن جي سرڪاري ڪامورن جي روپ ۾ هتي نظر اينديون، جن پنهنجي ملڪ
جي خزاني يا جنهن اداري سان هنن جو واسطو هو، ان جي ڀينگ ڪري، هاڻ هتي وڏا شريف ٿي
اچي رهيا آهن يا سندن ڪڌن ڪرتوتن جي پڪڙ ڪري، ڪورٽ جي ڪيسن کان ڀڄي اچي هتي پناهه
ورتي اٿن ۽ هاڻي هتي پنهنجي سرخرو پڻي جون اهڙيون ويٺا ڳالهيون ڪن ۽ معصوميت جي حد
ڏيکارڻ لاءِ ڪڻڪ جي وڻن جي پيا اوچائي پڇن. انهن ماڻهن کي نه تڏهن، جڏهن پنهنجي
ملڪ ۾ سرڪاري آفيسر هئا ۽ نه ئي هاڻ پنهنجي وطن يا پنهنجي ماڻهن سان همدردي آهي.
هو هتي به اهي ئي سڌون ڪندا رهن ٿا ته، ڪنهن به طرح سان مفت جو مال ملندو رهي ۽
کين بنا محنت جي عياشي ميسر ٿيندي رهي. بهرحال خوش نصيبيءَ جي ڳالهه اها آهي ته
اهڙن ماڻهن جو تعداد گهٽ آهي، آمريڪا ۾ گهڻائي انهن جي نظر اچي ٿي، جيڪي پنهنجي
وطن ۾ توڙي هتي سخت پورهيو ڪري، پنهنجو پيٽ گذر ڪن ٿا، ته پنهنجي ٻچن ٻارن جي سٺي
تعليم ۽ تربيت جو الڪو به رکن ٿا ۽ هي عاشق لاکي، رميش ٿارواڻي، غلام مصطفيٰ پلهه،
خالد هاشماڻي، مقبول هاليپوٽي، منور لغاري ۽ عمر شيخ جهڙا ئي ماڻهو آهن، جي پرديس
۾ رهي پنهنجي ديس ۽ ان جي واسين جو به خيال رکن ٿا. آمريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر سرفراز،
آغا ظفر، ڊاڪٽر قلباڻي، علي نواز ميمڻ، عزيز ناريجو، حميره، فياض سومرو ۽ ثريا
جهڙن نيڪ ماڻهن کي هر وقت اها اڻ تڻ لڳي رهي ٿي ته پٺيان سندن وطن ۾ خوشحالي اچي.
No comments:
Post a Comment