Sunday, July 01, 2012

هاڻ آمريڪا ۾ آچار ۽ ڳُڙ ته ڇا گدامڙيءَ ۽ هئڊ به ملي ٿي - الطاف شيخ


هاڻ آمريڪا ۾ آچار ۽ ڳُڙ ته ڇا گدامڙيءَ ۽ هئڊ به ملي ٿي
الطاف شيخ
مئرين انجنيئر جي حيثيت سان، جيئن ئي مون 1968ع کان جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته شروعات جا فقط ڪجهه سفر ڪولمبو، هانگ ڪانگ، چين ۽ يورپ پاسي (روس، رومانيا، بلغاريا، لبنان ۽ ترڪي جهڙن ملڪن ۾) جهازن کي وٺي وڃڻ بعد 1972ع تائين چار سال کن، منهنجو مختلف جهازن تي گهڻو وقت آمريڪا جي ئي بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو.


آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪري، آمريڪا ڏي رخ ڪندا هئاسين ۽ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ٽرنيڊاڊ، ٽوباگو ۽ ڪڏهن برمودا ۽ هوانا (ڪيوبا) ۾ ساهي پٽي يا سامان لاهي، پوءِ آمريڪا جي پهرين ڏاکڻين بندرگاهن ۾ ايندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ Container سروس اڃا  شروع نه ٿي هئي. جهاز بندرگاهن ۾ گهڙندو هو ته ٻاهر نڪرڻ جو نالو ئي نه وٺندو هو. سامان ٽرڪن ذريعي ٿورو ٿورو ٿي پيو بندرگاهن ۾ ايندو هو، جنهن کي نيٽ ذريعي جهاز تي چاڙهيو ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته شهر ۾ ٽريفڪ جام هجڻ ڪري، سامان جون ٽرڪون بندرگاهن ۾ نه پهچنديون هيون ۽ سامان چاڙهڻ يا لاهڻ وارا مڪاني مزدور به ويٺا آرام ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته فيڪٽريءَ ۾ مال تيار نه هجڻ ڪري جهاز ڀرجڻ جو ڪم بند ٿي ويندو هو. مطلب ته انهن ڏينهن ۾ اسان جهازين (جهاز هلائيندڙن) جا مزا هئا. بندرگاهه ۾ رهڻ لاءِ ڪافي ڏينهن ملي ويندا هئا. هاڻ ته ڇهه اٺ ڪلاڪ به مس ٿا ملن، جو جهاز پهچڻ کان اڳ سامان ڪنٽينرن ۾ بند ٿيل ملي ٿو ۽ لاهڻ مهل به جهاز ڏينهن ٻن ۾ سڀ ڪنٽينر لاهيو هليا وڃن ۽ پوءِ پيو ڪنٽينرن مان سامان نڪري ٽرڪن ۾ چڙهي ۽ ان ملڪ جي مختلف شهرن ڏي روانو ٿئي. يعني جهاز کي بندرگاهه ۾ بيهڻو گهٽ ٿو پوي ۽ سمنڊ ۾ هلڻو گهڻو ٿو پوي. جهاز هلائيندڙ لاءِ سامونڊي نوڪري جا اهي ڏينهن مزيدار ۽ رنگين ٿين ٿا، جيڪي ڏينهن بندرگاهه ۾ بيهي ٿو. ٻين لفظن ۾ جهازي اهو ئي چاهين ٿا ته جهاز تي سامان جيترو آهستي آهستي چڙهي ۽ اهو بندرگاهه ۾ گهڻا ڏينهن بيهي اوترو سٺو. چوڻي مشهور آهي ته؛ هر جهازيءَ جو اهو ئي خواب هوندو آهي ته هن جو جهاز بندرگاهه ۾ پهچي ته ڌِڪي جي مزدورن جي اسٽرائيڪ هجي، نه اهي ڪم ڪن ۽ نه جهاز تي سامان چڙهي ۽ نه جهاز چُرڻ جو نالو وٺي. ساڳئي وقت جهازن جا مالڪ اهو ئي چاهين ٿا ته هنن جا جهاز بندرگاهه ۾ بيهڻ بدران، گهڻي کان گهڻو وقت سمنڊ ۾ هلندا رهن، ڇو جو جهاز مالڪن کي تڏهن ئي گهڻو ڪمائي ڏين ٿا، جڏهن هو سامان کڻي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائين ٿا ۽ سامان کڻاڻي ڀاڙو سامان جي مالڪن کان سمنڊ ۾ سفر جي مفاصلي يا ڏينهن موجب ورتو وڃي ٿو. اسان جهاز هلائيندڙن لاءِ هڪ طرف سمنڊ تي جهاز جا لوڏا، جهاز هلائڻ جون پريشانيون ۽ اوجاڳا آهن ته ٻئي طرف بندرگاهه ۾ آرام ۽ خوشين جي زندگي آهي.
اسان جي ڏينهن ۾، يعني منهنجي سامونڊي زندگيءَ جي شروعاتي سالن ۾، آمريڪا جو سفر تمام ڊگهو ضرور هو (بلڪ انهن سالن ۾ اڃا به وڏو هو جو سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري سڄي آفريڪا کي ڦيرو ڪري، پوءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي آمريڪا پهچندا هئاسين) پر هڪ دفعو آمريڪا پهچڻ بعد في الحال موج مزي ۾ اچي ويندا هئاسين، جو آمريڪا جا ڪارا مزدور هميشه ڦڏي بازيون ڪري، پاڻ به سامان چاڙهڻ ۽ لاهڻ کان هڙتال ڪيو ويٺا هوندا هئا، ته اسان کي به سمنڊ ڏي منهن ڪرڻ کان بچايو ويٺا هوندا هئا. ٻي ڳالهه ته گهڻو تڻو سامان آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن لاءِ ئي چڙهندو لهندو هو. جيڪي بندرگاهه هڪ ٻئي سان ايترو ته ويجها آهن، جو وڏي ۾ وڏو سفر تڏهن به ڏينهن ٻن جو مس ٿيندو هو، نه ته ڪيترا ئي بندرگاهه فلاڊلفيا، بالٽيمور، نيو اورلينس، نيويارڪ وغيره جهڙا ته چند ڪلاڪن جي فاصلي تي آهن ۽ هڪ بندرگاهه ۾ هفتو ڏيڍ رهڻ بعد چند ڪلاڪ جهاز هلائي، وري ٻئي بندرگاهه ۾ پڙِ هڻي بيهي رهندا هئاسين. اهڙيءَ طرح ٻه ٻه ٽي ٽي مهينا آمريڪا ۾ گذري ويندا هئا، پوءِ ورلي ڪو ڪيوبا، برمودا يا وڌ ۾ وڌ آمريڪا جي بندرگاهن ڊڪار (سينيگال) ۽ عابد جان (آوري ڪوسٽ) لاءِ سامان کڻي وڃڻو پوندو هو، جتان پوءِ وري جهاز کي USA وٺي اچڻو پوندو هو. نيويارڪ، نيو اورلينس، هوسٽن، بالٽيمور جهڙن بندرگاهن ۾ ته ايترو وقت ۽ ايترا دفعا وڃڻ ٿيو، جو پنهنجي ڳوٺ هالا ۽ حيدرآباد جي گهٽين جي به ايتري ڄاڻ نه ٿي، جيتري آمريڪا جي مٿين شهرن جي.
انهن ڏينهن ۾ آمريڪا اندر سنڌ جا ماڻهو ته گهٽ هئا، پر پاڪستان جي ٻين صوبن جا به نه هئڻ برابر هئا. حلال گوشت ۽ ٻين شين جهڙوڪ چپاتي، نان، آچار، مٺائي ملڻ ناممڪن ڳالهه هئي. اسان جو جهاز جنهن بندرگاهه ۾ پهچندو هو، اتي رهندڙ اسان جي وطن جا ماڻهو ڪا نه ڪا سڃاڻپ پيدا ڪري، جهاز تي پهچي ويندا هئا ۽ ڪيترن ڏينهن بعد اسان جي جهاز تي پنهنجي وطن جا کاڌا کائي، هنن کي خوشي ٿيندي هئي. نيويارڪ ۾ نور احمد نظاماڻي، يوسف ڏاهري، بشير مغل، سليم شاهه ۽ ڊاڪٽر ابڙي صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. شهر جا چڪر هڻي ماني جهاز تي اچي کائيندا هئاسين. ڪڏهن هنن وٽ کائڻ ٿيندو هو ته گوشت ڪنهن يهوديءَ جي دڪان تان وٺي، گهر ۾ رڌيندا هئا، پوءِ ڊبل روٽيءَ سان ئي کائڻو پوندو هو. ڪٿان اٽو ملي ۽ ڪير چپاتي يا نان پچائي؟ پر هاڻ جڏهن ٽيٽيهن سالن بعد آمريڪا جي انهن بندرگاهن کي ڏسان ٿو ته نه فقط انهن وڏن شهرن ۾، پر ڳوٺ ڳوٺ ۾ حلال گوشت جا دڪان آهن ۽ نه فقط مصري ۽ فلسطيني ڪاسائي نظر اچن ٿا، پر پنجابي ۽ پٺاڻ به جام آهن. بالٽيمور ۾ هڪ سنڌي عاشق لاکو نالي به مليو، جيڪو جيتوڻيڪ پنهنجي ڳوٺ (سکر ضلعي) جي ڪاليج ۾ هڪ بهترين ليڪچرر هو، پر آمريڪا جي لاٽري واري ويزا ملڻ بعد، هتي بهترين ڪاسائي آهي ۽ بقول سندس جيتري ڪمائي آمريڪا ۾ Meat Shop ۾ آهي، اوتري ٻئي ۾ نه آهي. هو ٻڪري ۽ ڍڳي ذبح ڪرڻ بعد، جنهن نموني ۽ تکي رفتار سان، ان جانور جون، جديد مشينن ذريعي، گراهڪن لاءِ ٻوٽيون ٺاهي ٿو، اهو قابل داد آهي. محنتي ماڻهو هر فيلڊ ۾ محنتي ٿئي ٿو، جهڙو هو هڪ قابل ۽ محنتي استاد هو، اهڙو ئي هو ڪاسائي آهي. هن کي پاڻ وٽ نوڪري ڏيڻ لاءِ هر وڏو دڪاندار آڇ ڪري ٿو، پر هن هاڻ ٻن ٻين پاڪستانين سان ملي بالٽيمور ۾ پنهنجو دڪان کوليو آهي. بهرحال آمريڪا ۾ اڄ ڪلهه نه فقط جانور جو حلال گوشت سولائيءَ سان ملي ٿو، پر ”پڪي پڪاين“ چپاتين، اڦراٽن، نانن جو ملڻ به آسان ٿي ويو آهي ۽ نه فقط انڊين ۽ پاڪستاني دڪان تي، پر هتي جي گورن آمريڪين جي دڪان تي به، هر ديسي شيءِ ويندي آچار، دال، پستا، بادام، مسالا، هيڊ ۽ گدامڙيءَ کان وٺي رڌ پچاءَ جا ٿانوَ وٽا، ڪريون ۽ توا رکيا آهن. ان کان علاوه اهو ڪهڙو آمريڪا جو شهر آهي، جنهن ۾ انڊين ۽ پاڪستاني هوٽلون نه آهن، جن ۾ دهي بڙن ۽ ڪوابن کان ويندي ڇولا، چڪن تڪا، پڪوڙا ۽ مٺائيون نه ٿيون ملن.
آمريڪا ۾ خوشحاليءَ جو راز
هتي انهن پاڪستانين لاءِ، خاص ڪري سنڌين لاءِ، جيڪي ملڪ کان ٻاهر نه نڪتا آهن يا جيڪي نوڪريءَ کي آفيسري سمجهن ٿا ۽ هنن لاءِ اها نوڪري سٺي آهي، جنهن ۾ هنن کي اڇا اجرا ڪپڙا پائي، پنهنجي مرضيءَ سان آفيس وڃڻو پوي، جنهن ۾ پنهنجي اختيارات جو ناجائز فائدو وٺي، غريب عوام کي سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح تنگ ڪري پگهار کان وڌيڪ پئسو اوڳاڙڻو آهي، ٻاهر جي ملڪن ۾ ائين ناهي. اتي هڪ وڏي آفيسر کي به پورهيو ڪرڻو پوي ٿو ۽ عوام جي خدمت ڪرڻي پوي ٿي. خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ ۽ ڪنهن حد تائين جپان ۽ ملائيشيا جهڙن سڌريل ايشيائي ملڪن ۾ پڻ، جنهن جو مثال ملائيشيا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته اتي هڪ پوليس جو ايس پي به روڊ تي بيهي ماڻهن جي مدد ڪرڻ دوران عام ماڻهوءَ کي Sir چئي مخاطب ٿئي ٿو. منهنجي پڇڻ تي هڪ وراڻيو: قانون جي عزت ڪندڙ هر ماڻهو اسان جو باس آهي. عوام جي ڏنل ٽئڪس مان ته اسان کي پگهار ملي ٿو ۽ اسان جي ٻچن جو گذر سفر ٿئي ٿو.
بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي ته سڌريل ملڪن اندر ان ۾ ڪا به خرابي يا گهٽتائي نٿي سمجهي وڃي، ته ڪو ڪهڙي نوڪري ڪري ٿو. هر نوڪري جنهن مان ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿئي، سٺي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. پوءِ اها نوڪري کڻي ڊاڪٽر جي هجي يا نرس جي، پائليٽ جي هجي يا ايئر هوسٽيس جي، چوڪيدار جي هجي يا ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ هڪ مزدور جي، واڍي يا رازي جي هجي يا ڪاسائي يا ٽيچر جي. آمريڪا توڙي يورپ ۾، هرهڪ کي ايمانداريءَ سان نوڪري يا پورهيو ڪري، حق حلال جي روزي ڪمائڻي پوي ٿي ۽ هر اهو ماڻهو جيڪو محنت مزوري ڪري، حق حلال جي ڪمائي حاصل ڪري ٿو، اهو سوسائٽيءَ ۾ عزت حاصل ڪري ٿو، پوءِ اها نوڪري يا پورهيو کڻي ڪهڙو به هجي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا اسان جا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر، آمريڪا ۾ پيٽرول پمپن تي ڪم پيا ڪن يا ٽيڪسي پيا هلائين. هڪ اهڙي ڊاڪٽر وٽ به منهنجو رهڻ ٿيو، جيڪو پاڪستان مان ڊگري حاصل ڪرڻ بعد، ڪجهه سال ان اسپتال ۾ نوڪري ڪرڻ بعد آمريڪا آيو، جتي هن سال ٻه ڊاڪٽري ڪرڻ بعد، هڪ پيٽرول پمپ خريد ڪيو ۽ هن محسوس ڪيو ته هن جو مائينڊ ڊاڪٽري پيشي کان بزنس ۾ وڌيڪ Active آهي. ان ڪري هن ڊاڪٽري ڇڏي پيٽرول پمپ تي ڌيان ڏنو. اڄ هن جو پيٽرول پمپ، بالٽيمور شهر ۾ وڏي ۾ وڏو پيٽرول پمپ آهي ۽ ان سان گڏ سيون اليون ۽ مسٽر ڊونٽ جهڙا ٻه ٽي دڪان پڻ هن جا آهن. هن سان گڏ جيڪي ٻه چار ڊاڪٽر آيا ۽ هتي آمريڪا ۾ ڊاڪٽري ڪري رهيا آهن ۽ کين سٺو پگهار ملڻ ڪري هو خوش آهن، پر ڊاڪٽريءَ بدران پيٽرول پمپ هلائڻ وارو ڊاڪٽر هنن سڀني ۾ بهتر ۽ خوشحال آهي. جيتوڻيڪ شروع وارا سال هن ڊاڪٽري ڇڏي، ڪم سکڻ لاءِ ڌارين جي پيٽرول پمپ تي مزدور ٿي ڪم ڪيو.
سو هتي آمريڪا ۾ اها ڳالهه هرگز خراب نه ٿي سمجهي وڃي. اسان جي ملڪ ۾ پورهئي وارا ڪم عيب سمجهيا وڃن ٿا. ان ڪري اسان جا ڪيترا ماڻهو جيڪي آمريڪا ۾ رازا، واڍا، سيلزمين، ٽيڪسي ڊرائيور، اسٽور ڪيپر، چوڪيدار ٿي ڪم ڪري رهيا آهن، پنهنجي وطن ۾ پنهنجن عزيزن ۽ دوستن کي نٿا ٻڌائين. اتر سنڌ جي هڪ سنڌي ٽيڪسي ڊرائيور مون کي منع ڪئي ته آئون سندس ڪهاڻي ضرور لکان، پر اهو ڪنهن کي نه ٻڌايان ته هو آمريڪا ۾ ٽيڪسي هلائي ٿو. ”خبر اٿئي.“ مون کيس کلندي چيو، ”مون کان جي Choice پڇين ته مون کي سڀ ۾ بهتر ٽيڪسي هلائڻ لڳي ٿو. خاص ڪري جي پنهنجي ٽيڪسي آهي. ڇو ته هر ٽيڪسي ڊرائيور پنهنجي پاڻ جو باس آهي، جنهن وقت وڻيس، ان وقت هلائي. رات جو ننڊ نه اچيس ته به روڊ تي هليو اچي. سڀ کان وڏي ڳالهه ٽيڪسي ۾ هر قسم جو ماڻهو ويهي ٿو. ڀاڙو وٺڻ کان علاوه هن جي ڪهاڻي به ٻڌي سگهجي ٿي.“
”هي جاب وڻي ته مون کي به ٿو، پر پنهنجي ملڪ ۾ ان کي خراب سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري پنهنجن کان لڪايان ٿو.“ هن ٻڌايو.
آمريڪا ۾ پريالوءِ جو همراهه
اسان جيئن ئي سامونڊي نوڪريءَ ۾ داخل ٿياسين ته سمنڊ جي لوڏن ۽ جهاز جي انجڻين اهڙو ته بيزار ڪيو جو اسان جا ٻه ڪلاس ميٽ، هڪ انگلينڊ ۾ ۽ ٻيو نيويارڪ ۾، جهاز ڇڏي ڏنو ۽ وڌيڪ پڙهڻ يا ٻي ڪا نوڪري ڪرڻ بدران ٽيڪسي هلائڻ لڳا. اڄ هو ٻئي اسان سڀني کان خوشحال ۽ سکيا آهن. سو آمريڪا (USA) جهڙن ملڪن ۾ ڳالهه سرڪاري يا غير سرڪاري نوڪريءَ جي ناهي، پر محنت جي آهي. جيڪو محنت ۽ ايمانداريءَ سان پورهيو ڪري ٿو، اهو خوشحال زندگي گذاري ٿو ۽ حق حلال جي پورهئي کي هتي هرگز عيب نٿو سمجهيو وڃي. اها ڳالهه، ٿي سگهي ٿو، پنهنجي ملڪ ۾ رهي سمجهه ۾ نه اچي، پر آمريڪا ۾ پهچي هر هڪ کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچيو وڃي. ان ڪري ڪيترن کي سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن ۾ رهي، اها ڳالهه تعجب خيز لڳندي ته پريالوءِ جو عاشق لاکو جيڪو سکر ۽ خيرپور جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ته ٽيچر ۽ ليڪچرر هو، بالٽيمور ۽ ائٽلانٽڪ سٽيءَ ۾ ڪاسائي آهي، پر هتي آمريڪا جي رهندڙ جي نظر ۾ جهڙو پورهيت ٽيچر، ڊاڪٽر، هيئر ڊريسر آهي، تهڙو ڪاسائي، جيڪو ڊاڪٽرن وارو ائپرن پائي، ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ رکيل جديد مشينن ذريعي گوشت کي ڪٽي، ٻئي ڪمري ۾ قطار ۾ بيٺل گراهڪن کي واري واري سان گوشت ڏئي ٿو ۽ انهن گراهڪن ۾ آمريڪا جا بزنس مين به آهن ته جج، ڊاڪٽر ۽ فلمي ايڪٽر پڻ.
آمريڪا جو هي سنڌي رهواسي عاشق لاکو صاحب، سکر ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ پريالوءِ جي حاجي واحد بخش لاکي جو پٽ آهي. کيس ٻيا به ٽي ڀائر آهن. حاجي مشتاق جيڪو رٽائرڊ ٽيچر آهي ۽ حاجي ممتاز جيڪو زمينداري ڪري ٿو ۽ کانئس وڏو آهي ۽ الطاف نالي ننڍو ڀاءُ پريالوءِ جي هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ٽيچر آهي. سندن والد صاحب سرڪاري کاتي Irrigation ۾ نوڪري ڪئي ٿي.
سنڌ جو ڳوٺ پريالوءِ سکر شهر لڳ نيشنل هاءِ وي تي آهي ۽ خيرپور کان سکر طرف ويندي اٽڪل 15 کن ڪلو ميٽر ٿيندو. عاشق لاکو هن ڳوٺ ۾ 12 مئي 1969ع تي ڄائو. ميٽرڪ پنهنجي ڳوٺ جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ڪيائين. گريجوئيشن اسلامي ڪلچر ۾ ۽ MA شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪري، پريالوءِ هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ٽيچر ٿي رهيو. هن آمريڪا اچڻ تائين اٽڪل ٻارهن سال کن ٽيچنگ ڪئي.
”توهان جو آمريڪا اچڻ ڪيئن ٿيو؟“ مون عاشق لاکي کان پهرين ملاقات ۾ پڇيو هو، جيڪا بالٽيمور جي هڪ مسجد ۾ جمعي نماز تي ٿي. آئون لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر منور عباسيءَ جي گهر رهيل هوس، جتي حيدرآباد جو مشهور بئنڪ آفيسر غلام مصطفيٰ پلهه به اچي نڪتو ۽ سڀ گڏجي هتي جي جامع مسجد ۾ جمعي تي آياسين، جتي نماز بعد اوچتو لاکو صاحب ملي ويو هو.
”ادا آمريڪا ته ڇا مون کي ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد يا ڪراچي ۾ رهڻ جو به ڪو خواب خيال نه هو.“ عاشق ٻڌايو.
”پوءِ ڀلا هي ڪم ڪيئن ٿي ويو؟“ کلندي پڇيومانس.
”ٿيو هيئن جو سن 1998ع ۾ آئون عمري لاءِ سعودي عرب ويو هوس.“ لاکي صاحب پنهنجو احوال ٻڌايو؛ ”اتي پنهنجي ميرپور ماٿيلي جي دوست غلام محمد ڏهر جي گهر ويس ته هو پنهنجي پٽ ڊاڪٽر عبيدالله لاءِ آمريڪا جي ويزا جو لاٽري فارم ڀري رهيو هو. مون پڇيومانس ته هي ڪير ڀري سگهي ٿو، جنهن جي جواب ۾ هن مون کان پڇيو ته آيا مون وٽ پنهنجا ٻه فوٽا هوندا. مون پنهنجي ٻٽونءَ مان پنهنجا فوٽا ڪڍي کيس ڏنا ۽ هن فوٽو اسٽيٽ فارمن مان ٻن تي مون کان صحيحون وٺي، باقي خالي جايون مون پاران پاڻ پُر ڪري، پنهنجي پٽ جي فارم سان گڏ پوسٽ ڪيا.
”ڀلا آمريڪا (USA) پهچڻ تي ڪهڙي شهر ۾ آيائو.“ وڌيڪ پڇيومانس.
”آئون پهرين ورجينا رياست ۾ آيس، جتي اسان جي ڀرواري ”پير جي ڳوٺ“ جو رهواسي ڪليم خلجي رهيو ٿي. ڪليم خلجي ان وقت واشنگٽن ۾ اسان جي پاڪستان ايمبسيءَ ۾ نوڪري ڪئي ٿي. هن مون کي مهينو کن پاڻ وٽ رهايو ۽ ڏاڍي خدمت ڪئي، جيستائين مون کي جاب مليو.“
آمريڪا جي گاديءَ وارو شهر واشنگٽن (ڊي سي) جتي آمريڪا جي صدر جي آفيس پينٽاگون ۽ دنيا جي ملڪن جا سفارتخانا آهن ۽ ڀرواري رياست ورجينا ائين آهي، جيئن اسلام آباد ۽ پنجاب صوبي جو شهر راولپنڊي. ڪيترا ماڻهو جيڪي واشنگٽن ۾ نوڪري ڪن ٿا، اهي درياهه جي ٻي پار ورجينا رياست ۾ ئي رهن، جتي راولپنڊي وانگر اسلام آباد کان وڌيڪ سستائي آهي.
ڪليم خلجي اڄ ڪلهه وري پاڪستاني ايمبسي ۾ آهي. هو ان وقت پهريون مدو ختم ڪري پاڪستان هليو ويو هو، جتي سال ٻه رهي، هاڻ وري هتي آيو آهي. اسان جي ايمبسي جي سفير جنرل ڪرامت جهانگير سان ملاقات بعد آئون سندس آفيس ۾ به ڪجهه دير اچي ويٺو هوس. مون کيس بيحد محنتي، ڪم جو ڄاڻو ۽ ماڻهن جي مدد ڪرڻ وارو آفيسر محسوس ڪيو. سندس تفصيلي ذڪر ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنداسين. اتفاق اهڙو جو عاشق لاکي سان نه فقط آمريڪا ۾ ملاقات ٿي، پر ٽي چار مهينا آمريڪا ۾ رهي وطن موٽي رهيو هوس، ته اسان جو نه فقط هوائي جهاز ساڳيو هو، پر سيٽون به ڀر ۾ هيون ۽ نه فقط جهاز ۾ پر دبئيءَ جي هوائي اڏي تي اٺ ڪلاڪ ترسڻ دوران پڻ خبرون چارون ڪندا رهياسين.
”ڀلا ڳوٺ ڪڏهن ڪڏهن وڃو؟“ مون عاشق کان پڇيو.
”هر سال وڃان! ڪڏهن ته ڇهين مهيني به.“ عاشق وراڻيو.
”شاباس هجناوَ! ايترو سگهو سگهو!! چئبو ته جيڪو ڪمائيندا هوندائو، ان مان هر سال لک ٻه هوائي جهاز جي ٽڪيٽن ۾ خرچ ٿي ويندو هوندانوَ؟“ مون پڇيو.
”ڇا ڪجي. ان کان علاوه هفتي ۾ ٻه يا ٽي دفعا مائٽن کي فون ٿو ڪريان. پوءِ به اسان جي ڳوٺ ۾ مون کي چوندا آهن ته؛ ڪهڙو نه ڪٺور دل آهين، جو ايڏو ڏور هليو ويو آهين. هن ڀيري ته اڃا چار مهينا به نه ٿيا آهن، ته وري ڳوٺ پيو وڃان.“
”خيرَ مان؟“
”گرين ڪارڊ ته مون کي هتي اچڻ سان مليو هو. اڳئين دفعي ڳوٺان ٿي آيو هوس ته مون کي (USA) جو پاسپورٽ به مليو، جنهن جي ملڻ سان منهنجي زال ۽ ٻارن آمريڪا جي ويزا ۽ گرين ڪارڊ لاءِ اپلاءِ ڪيو. مهيني کن بعد، کين انٽرويو لاءِ اسلام آباد گهرايو ويو ۽ هاڻ مون کي اطلاع مليو ته هنن جا ڪاغذ پٽ ٺهي ويا آهن ۽ کين پاڻ وٽ آمريڪا گهرائي سگهان ٿو.“
”مبارڪون هجنئي. منهنجي خيال ۾ توهان پنهنجي ڳوٺ پريالوءِ جا پهريان آمريڪن سٽيزن ٿيائو؟“
”جي ها، پر گرين ڪارڊ ڳوٺ جي ڪيترن ئي ماڻهن وٽ آهي.“ عاشق لاکي ٻڌايو.
”ڀلا هتي آمريڪا ۾ توهان جا ويجها دوست ڪير آهن؟“ مون عاشق کان پڇيو.
”هتي آمريڪا ۾ اڄڪلهه اسان جي ڳوٺ پريالوءِ، پير جو ڳوٺ ۽ ٻين ڀروارن ڳوٺن جا ڪيترا ئي رهن ٿا. نيويارڪ ۾ نذير احمد مخدوم آهي، ورجينا ۾ عرفان جماڻي آهي، واشنگٽن ۾ اڄڪلهه وري ڪليم خلجي آيو آهي، ان کان علاوه حسنين شيخ آهي، پي آءِ اي ۾ حبيب الله آهي، جنهن جو ڀاءُ بلال وري لاس اينجلس ۾ آهي. پير جو ڳوٺ جو حبيب مغل پڻ هتي آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ آهي.“
مون سان پنهنجن ئي ويڌن ڪئي
عاشق لاکو سان جڏهن پهريون دفعو جمعي نماز تي ملاقات ٿي هئي ته هن ملڻ سان مون کي چيو هو ته؛ هو مون کي پنهنجي زندگيءَ جي هڪ اهم ڳالهه ٻڌائڻ ٿو چاهي، ته هن سان آمريڪا ۾ ڪيڏو ظلم ٿيو آهي. ان وقت ڪجهه ٻيا سنڌ جا دوست به اچي مليا، خاص ڪري شڪارپور جو اعجاز ابڙو جنهن سان گڏ پروگرام موجب بالٽيمور جي ڀرواري ڳوٺ East Rolling Cross وڃڻو هو، جنهن تڪڙ پئي ڪئي. تنهن هوندي به عاشق کي پاسي تي وٺي چيم ته خير ته آهي، هتي جي حڪومت تو کي گهرائي هاڻ ويزا يا پاسپورٽ نٿي ڏئي ڇا؟
”نه. اها ڳالهه ناهي.“
”هتي جي ڪارن سان تنهنجو جهيڙو ٿي پيو آهي؟“ مون پڇيومانس. ڇو جو ويجهڙائيءَ ۾ اهڙيون به ڪيتريون ڳالهيون ٻڌي چڪو هوس، ته اسان جي وطن جا نوان آيل، جيڪي هتي جي بلئڪ ڪميونٽي جي غريب علائقن ۾ رهن ٿا، انهن طرفان رکي رکي تشدد جو شڪار ٿيندا رهن ٿا، جو هو غربت، بيروزگاريءَ ۽ نشي پتي ڪري ننڍا وڏا ڏوهه ڪندا رهن ٿا. خاص ڪري ڦر ۽ چوريءَ جا.
”نه. اها به ڳالهه ناهي. مون سان ته پنهنجن ئي ٺڳيون ڪيون آهن.“ عاشق ٻڌايو.
”چڱو مون کي پنهنجو نمبر ڏئي ڇڏ، ڪڏهن نويڪلي ملاقات ٿي ته خبرون چارون ڪنداسين.“ مون کانئس نمبر وٺندي چيو. ڇو جو بالٽيمور ۾، اعجاز ابڙو وٽ منهنجا آخري ٻه ڏينهن هئا. ان بعد مون کي جارجيا ۽ الباما رياستن ڏي، ڏکڻ وڃڻو هو، جتي جي بندرگاهن ۾ سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ جهاز وٺي ايندا هئاسين ۽ انهن بندرگاهن بابت احوال منهنجي شروع جي سفرنامن ۾ لکيل آهي.
هاڻ اسين ساڳئي هوائي جهاز ۾ نيويارڪ کان دبئي سفر ڪري رهيا هئاسين ۽ ٻئي واندا ويٺا هئاسين. ڪجهه دير عاشق به پنهنجي اڳيان لڳل ٽي ويءَ جا ٻه چار چئنل گهمائي ڏٺا ۽ پوءِ ڪجهه دير تسبيح پڙهي، کيسي مان چيغم ڪڍيا، جيڪي دوا جي گورين وانگر هڪ پتري تي ٻن قطارن ۾ جملي ڏهه هئا. هڪ کي دٻائي ئي پاسي کان ڪڍي وات ۾ وڌائين ۽ هاڻ باقي پترو کيسي ۾ واپس رکڻ وارو هو ته هڪ مون به گهريومانس.
”ڀلا هڪڙو مون کي به ڏي ته آئون به ويهي تو وانگر چٻاڙيان، ته ڪجهه ته وقت پاس ٿئي.“
”نه هي تنهنجي لاءِ نه آهن.“ عاشق يڪدم چيو، جنهن مان مون کي ڪجهه چرچو لڳو، پر جڏهن ڏٺم ته مون کي هڪ به ڏيڻ بدران واپس کيسي ۾ رکي ڇڏيائين ته تعجب لڳم.
”ڇو سائين خير ۾؟ شگر جو مريض ته آئون نه آهيان، جو مون کي ٽِڪي چاڪليٽ نه کائڻ کپي.“ مون چيومانس.
”نه. ڳالهه هيءَ آهي ته هي چيغم دوا جا آهن، هنن ۾ ڪجهه نڪوٽين پيل آهي. مون سگريٽ پيئڻ بند ڪيا آهن، سو ڊاڪٽر ڪجهه ڏينهن لاءِ هي چٻاڙڻ لاءِ ڏنا آهن، جيئن سگريٽ بند ڪرڻ جي تبديليءَ جو جسم تي اوچتو اثر نه پوي.“
”ڏينهن ۾ ڪيتري سموڪنگ ڪندا هئائو؟“ مون پڇيومانس.
”شروع ۾ ته سموڪنگ ورلي ڪا ڪندو هوس، پر پوءِ پريشانين ڪري وڌي ويئي ۽ اهڙو عادي ٿي ويس جو هر وقت سگريٽ جي ٻاڙ لڳڻ لڳي.“ عاشق ٻڌايو ۽ ان ئي وقت سندس پهرين ملاقات واري ڳالهه ياد آئي، جيڪا هن مون کي ٻڌائڻ چاهي ٿي ۽ هي وقت اهڙو هو جو هو سڪون سان ٻڌائي سگهيو ٿي ۽ آئون به سڪون سان ٻڌي سگهيس ٿي.
”عاشق! تو پهرئين ڏينهن ٻڌايو هو ته تو سان هتي ڪنهن دوکيبازي ڪئي ۽ اهو ڪو ڌارئين ملڪ جو نه پر پنهنجو ئي هو.“
”بس سائين ولايت ۾ ڪڏهن به ڪنهن تي ڀروسو نه ڪجي. مون گذريل ٽن چئن سالن ۾ حق حلال جو ۽ هٿن جي پورهئي سان ڏاڍو پئسو ڪمايو، پر مون کي پنهنجا ئي، جن تي مون ڀروسو ڪيو، ڦري ويا.“
عاشق جي ڳالهه مون لاءِ نئين نه هئي. منهنجي اڳيان ڪيترا ئي اهڙا مثال هئا، جن ۾ پرديس ۾ ڪيترن کي پنهنجي هم زبان، هم مذهب يا ڳوٺ وارن پهرين همدردي ڪري پوءِ سندن ترا ڪڍيا. ڪجهه سال اڳ، هڪ اسان جو دوست، پنهنجي وڏي عهدي واري سرڪاري نوڪري ڇڏي، گهر ۽ زمينون وڪڻي، ڪئناڊا وڃي Settle ٿيو، ته هاڻ اتي بزنس ٿو ڪريان. کيس سندس ڪاليج جي ئي هڪ سينئر گشا پتا ڏئي، اهڙي بزنس ۾ لڳايو، جتي هن جو سمورو پئسو پنهنجي ڪاليجي ساٿيءَ ڏي هليو ويو. نوڪري به ويئي ته گهر به ويو ۽ زمينون به. اهو به شڪر جو هن وٽ آمريڪا جي پيٽروليم جهڙي سبجيڪٽ ۾ اعليٰ ڊگري هئي ۽ عمر ۾ به اڃا ننڍو هو، هڪ عرب ملڪ ۾ نوڪري ملي ويس. هاڻ سندس ٻار به اتي پڙهي رهيا آهن ۽ گهر وٺڻ لاءِ نئين سنئينءَ بچت ڪري رهيو آهي.
منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ جنهن سڄي عمر ابوڌابيءَ ۾ نوڪري ڪئي ۽ هاڻ رٽائرڊ ٿيڻ تي هتي آمريڪا ۾ پنهنجي ئي هڪ مائٽ سان گڏ بزنس شروع ڪيو، پر چند مهينن ۾ هن کي خبر پئجي وئي ته سندس مائٽ هن سان فراڊ ڪري، پنهنجو ۽ هن جو پئسو ڪڍي، آمريڪا مان ئي ڀڄي ويو آهي. اسان واري ڪلاس ميٽ هن تي ڪيس داخل ڪيو آهي، جيسين هو همراهه امريڪا موٽي اچي ۽ هن تي ڪيس هلي، تيستائين هن جا مهانگا وڪيل پنهنجي اڌ في اوڳاڙي چڪا آهن.
ساڳيو ڪاسائڪو ڪم ڪندس
عاشق لاکي جي ٽريجڊي به اهڙن ڪيسن کان مختلف ناهي. هر پرديسي، ڌارئين ملڪ ۾ پهچي چاهي ٿو ته؛ هن کي جلد از جلد ڪٿي ڪو پورهيو ملي وڃي، جيئن ٻين تي بار ٿيڻ بدران هو پنهنجو ڪمائي کائي. ورلي ڪي خوش نصيب هوندا، جن کي پنهنجي تعليم ۽ ڊگرين جي آڌار تي ۽ انهن مطابق آمريڪا ۾ نوڪريون مليون هونديون، نه ته وڏا وڏا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به پهرين اسٽورن ۽ دڪانن تي مزوري ڪن يا هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن تي بئراگيري يا سيلزمين ٿي ڪم ڪن. بهرحال ڪم ڪرڻ واري ۾ همٿ ۽ محنت جو جذبو هجي، باقي جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته هتي حق حلال جي ڪمائيءَ لاءِ ڪنهن به قسم جو پورهيو ڪرڻ ڪا بي عزتي ناهي ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ هڪ مزدور به چڱو خاصو ڪمائي ٿو. بلڪ ڪيترن وائيٽ ڪالر جابس (آفيسرن) کان وڌيڪ هڪ مزدور ڪمائي ٿو. عاشق ٻڌايو ته؛ هن کي ورجينا رياست ۾ (جتي هو پنهنجي ڳوٺ جي دوست ڪليم خلجي وٽ رهيل هو) هڪ ڪاسائيءَ جي دڪان (سلاٽر هائوس) تي ڪم ملي ويو.
”سائين مون گهر ۾ ڪڏهن هٿ ۾ ڇري نه کنئي هئي، پر پوءِ مون يڪدم فيصلو ڪري ورتو ته يار عاشق هتي ڳوٺ واري ماستري ته هرگز نه ھلي سگهندي ۽ پورهيا سڀ پورهيا آهن. مون کي محنت سان گڏ هن ۾ دل لڳائي سکڻ کپي. پوءِ مون ايترو ته خيال سان ڪم سکيو ۽ ڪيو جو آئون گوشت ڪٽڻ ۾ ايڪسپرٽ ٿي ويس، چاهي ٻڪري هجي يا ڍڳي، جديد مشينن تي لڳل ڪاراين ۽ Cutters ذريعي سڄي جانور جون گهٽ وقت ۾ ۽ بهترين نموني جون ٻوٽيون ٺاهي سگهيس ٿي. ڇهن مهينن اندر ورجينا، واشنگٽن ۽ ڀروارين رياستن مئري لئنڊ ۽ ڪئرولينا ۾ منهنجو نالو مشهور ٿي ويو.“
”مالڪ ڪير هو ۽ گهڻو پگهار ڏيندو هيئي؟“ مون پڇيو.
”ان دڪان جو مالڪ ڪراچيءَ جو هڪ ڪاسائي هو. هو مون کي هفتي جا 250 ڊالر يعني پنهنجا 15 هزار کن روپيه ڏيندو هو. هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪل ٿيندي هئي، پنج ڏينهن ڪم هلندو هو، يعني ان حساب سان روزانو ٽي هزار روپيه ملندا هئم. رهائش ان سلاٽر هائوس ۾ فري هئي. عيد تي ماڻهن منهنجو ڪم ڏٺو ته تعجب کاڌو. عيد جا ٻه ڏينهن موڪل وارا خوب پئسو ڪمايم. بهرحال ڪجهه مهينن بعد لاهور جو هڪ ڪاسائي دڪاندار اچي منهنجي پٺيان لڳو ته آئون هي دڪان ڇڏي، هن وٽ هلي ڪم ڪريان، ته هو مون کي پگهار به دل وٽان ڏيندو.
آخرڪار مون هن وٽ ڪم شروع ڪيو. هو مون کي هفتي جا يعني پنج ڏينهن ڪم ڪار جا چار سؤ ڊالر يعني پنجويهه هزار روپيه کن ڏيڻ لڳو. ڪنهن هفتي پنج سؤ ڊالر به ڏيندو هو. ظاهر آهي ته آئون کيس ڪم به اهڙو ڪري ڏيندو هوس. ٽي سال مون هن وٽ مزدوري ڪئي، ان بعد هن مون کي پنهنجي دڪان ۾ ڀائيواريءَ جي آڇ ڪئي. اسان هڪڙو ٽيون پارٽنر به کنيو يعني هر هڪ جو ٽيون حصو ٿيو. دڪان ۽ ان ۾ رکيل سڀني مشينن جي ماليت ڪَٿي، ان جو ٽيون ٽيون حصو اسان پنهنجي بئنڪ بيلنس مان ڏئي، دڪان جا مالڪ ٿياسين.“
”ڀلا هي ڪم ڪنهن وڪيل اڳيان لکپڙهه ۾ ٿيو يا ائين زباني؟“ مون وچ ۾ عاشق جي ڳالهه روڪي پڇيو.
”هي سڄو ڪم ائين ويساهه تي ٿيو، جو ٽئي ڄڻا گذريل ٽن سالن کان هڪ ٻئي کي ويجها هئاسين ۽ هن ئي دڪان ۾ ڪم ڪري رهيا هئاسين. ڪنهن کي به ڪنهن جي نيت تي ذرو به شڪ نه هو. ان هوندي به دڪان جي مالڪ کان قرآن تي هٿ رکرائي، هن کي پئسا ڏناسين. پر افسوس جو هو سال اندر بدديانتيءَ تي لهي پيو ۽ ان سال جا سڀ پئسا هضم ڪري ڀڄي ويو. ان بعد باقي بچيل همراهه مون سان شامل ٿي ڪم ڪرڻ جو رضامندو ڏيکاريو. اسان هر ڳالهه لکت ۾ ٺاهي. سال ڏيڍ هن سان صحيح ڪم هلندو رهيو، ان بعد هن مون کي مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌائي، سڄو دڪان پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيو. مون کي جو خبر پيئي ته منهنجا هوش خطا ٿي ويا. غريب ماڻهو پرديس ۾ وڃان ته وڃان ڪيڏانهن. جنهن وٽ به وڃان ته مون سان همدردي ڪرڻ بدران الٽو مون کي دڙڪا ڏئي ته اهڙي بيوقوفي ڇو ڪيئي. آخر هڪ نيڪ انسان يهودي وڪيل، منهنجي ڳالهه ٻڌي، مون سان واعدو ڪيو آهي ته هو هي ڪيس بنا في وٺڻ جي وڙهندو ۽ هتي جي ڪورٽ مان مون کي انصاف وٺي ڏيندو. وڪيل جو نالو رچرڊ ڊبليو مور آهي ۽ هتي جو وڏو آڙيڪاپ وڪيل آهي. هڪ اڌ شنوائي هلي آهي ۽ مون وارو پارٽنر سخت پريشان آهي، جو هر شيءِ لکت ۾ آهي ۽ انشاءَ الله هڪ اڌ شنوائي بعد ڪيس جو نتيجو ظاهر ٿي ويندو، تيسين آئون ڳوٺان چڪر هڻي ٿو اچان.“
”ڀلا ڳوٺان موٽڻ بعد ڪهڙو ڌنڌو ڪرڻ جو ارادو آهي.“ مون عاشق کان پڇيو.
”ڌنڌو يا نوڪري ٻي ڪا ڪرڻي ناهي، اهو ئي ڪاسائيءَ وارو پورهيو ڪرڻو آهي، جنهن ۾ رب پاڪ مون کي قابليت بخشي آهي. ماڻهن وٽ منهنجي صاف سٿري ڪم جي ساک ۽ عزت آهي ۽ محنت سان به هي ڪم جاري رکندو هلان ته هن ۾ سٺي ڪمائي آهي.“
توهان جي ڳوٺ جون ڪي اهم شخصيتون؟“ مون عاشق لاکي کان پڇيو.
”ڊي آءِ جي نثار صديقي صاحب، جيڪو سکر ڊويزن جو ڪمشنر به رهي چڪو آهي، اسان جي اسڪول ۾ ٽيچر هو. ڊاڪٽر عبدالغفار ميمڻ جيڪو آرمي ۾ ميجر آهي، اهو پڻ اسان جي ڳوٺ جو آهي.“
”توهان جي ڳوٺ جو نذير شاهه سڃاڻين؟“ مون کي اوچتو ياد آيو.
”نه.“ عاشق وراڻيو.
”ٿي سگهي ٿو ته تون نه سڃاڻندو هجين، جو هو ننڍي هوندي کان ڳوٺ کان ٻاهر رهيو. هو عمر ۾ تو کان گهڻو وڏو ۽ مون کان ٻه ٽي سال ننڍو هو. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاو ۾ مون کان ٽي سال کن جونيئر نذير شاهه نالي ٻه ڪئڊٽ هئا. هڪ سکر جي عاشق شاهه ۽ جاويد شاهه وارن جو ڀاءُ ۽ ٻيو ٻڌائيندو هو ته هن جو پريالوءِ ڳوٺ آهي. ڪاليج بعد هو ڪجهه سال پاڪستان ۾ هو، ان بعد هو مون کي ٻه ٽي دفعا ناروي پاسي مليو ۽ پوءِ ان کي ويهارو سال اچي ٿيا آهن، جو هن جي خبر نه اٿم ته ڪٿي آهي. پر اها پڪ اٿم ته هو پريالوءِ جو آهي. ڇو جو ان ڳوٺ جو نالو، مون پهريون دفعو کانئس ٻڌو هو.“ ان احوال ھلندي مون لاکي کان ٻيو سوال پڇيو؛ ”ڀلا توهان جي ڳوٺ جي ڪا اهم تاريخي عمارت، درگاهه يا مندر مسجد؟“
”مخدوم محمد اسماعيل جي مزار آهي، جنهن کان اسان جو ڳوٺ مشهور آهي.“
هتي آخر ۾ اهو لکڻ به ضروري ٿو سمجهان ته عاشق لاکو صاحب نه فقط نيڪ انسان، تعليم يافته نوجوان، سٺو ٽيچر ۽ ذبيحه جي ڪم جو ماهر آهي، پر قرآن مجيد ياد جو حافظ پڻ آهي. پاڻ قرآن پڙهڻ ۽ حفظ ڪرڻ جو ڪم ننڍي هوندي مڪمل ڪيائين، جڏهن هو اٺين ڪلاس ۾ هو. سندس استاد هئا، قاري محمد حسن سميجو ۽ حافظ غلام حسين ڍاليٽ. سندس شادي 2002ع ۾ ڳوٺ مان ٿي ۽ کيس اسرا نالي ٻن سالن جي ڌيءَ آهي.

No comments:

Post a Comment