Wednesday, July 18, 2012

نيويارڪ جو بروڪلن برج - الطاف شيخ


نيويارڪ جو بروڪلن برج
الطاف شيخ

سو نيويارڪ جي هيءَ پل بروڪلن برج ٺهي پئي ته ان جي پيلپاين ۽ ٿنڀن کي سمنڊ اندر هڪ سؤ فوٽن کان به وڌيڪ کوٽائي ڪري لڳايو ويو هو. تن ڏينهن ۾ سائنس اڃا ايڏي ترقي نه ڪئي هئي. ظاهر آهي هي ۱۸۸۳ع کان به اڳ جو وقت ٿيو جڏهن ته ڊائبٽيز جهڙين بيمارين جي ئي ۱۹۲۰ع کانپوءِ ڄاڻ ٿي آهي. سو ان وقت ڪيترين بيمارين ۽ انهن جي علاجن جي خبر نه هئي. خاص ڪري انهن بيمارين جي جيڪي مٿئين Altitude تي ٿين ٿيون ياUnpressurized  هوائي جهازن ۾ ۽ هيٺ سمنڊ جي اونهي تري ۾. سو هن پل ٺهڻ وقت به جيڪي ڪاريگر، هيٺ سمنڊ جي اونهائيءَ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، اهي بيمار ٿي پيا. گهڻو پوءِ خبر پيئي ته هنن کي Caisson بيماري ٿي پيئي هئي. جيڪا Bends ۽Decompression  به سڏجي ٿي. اھا، بقول ڊاڪٽر ڪئپٽن مفتون سولنگيءَ جي، اونهين ٽٻين Diving ۾ يا تمام گهڻو هيٺ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي هاءِ پريشر پيدا ٿيڻ ڪري ٿئي ٿي. ڊاڪٽر مفتون سولنگي، پاڪستان جي انهن ٻن ٽن اسپيشلسٽن مان هڪ آهي، جنهنUnder Water Medicines ڪورس ڪيو آهي ۽ Diving Hyperbaric Diseases جو اسپيشلسٽ آهي.


گمبٽ جي ڊاڪٽر ڪئپٽن مفتون سان نيويارڪ ۾ ملاقات
گذريل هفتي، پنهنجي پيٽارو جي دوست وائيس ائڊمرل فاروق رشيد جو نيويارڪ ۾ اچڻ جو ٻڌي، نيو جرسي کان ساڻس ملڻ ويس ته هن ٻڌايو ته؛ گمبٽ پاسي جو مٿيون ڊاڪٽر مفتون به هتي آيل آهي. ائڊمرل فاروق رشيد ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مون کان ٽي سال جونيئر ۽ لياقت جتوئي، مرحوم محسن پنهور وارن جو ڪلاس ميٽ هو. اڄ تائين جيڪي پيٽارو جا نيويءَ ۾ ويا آهن، انهن ۾ سڀ کان وڏيءَ پوسٽ تي فاروق رشيد پهتو آهي. جنهن کي مون پنهنجو اردوءَ جو ڪتاب پڻ منسوب ڪيو آهي. بلڪ اهو ڪتاب ڊاڪٽر ڪئپٽن مفون کي ڪراچيءَ ۾ ڏنو هوم ته ائڊمرل فاروق کي اسلام آباد ويندي پهچائي. پر هاڻ فاروق کان خبر پيئي ته؛ هن کي اهو ڪتاب هتي نيويارڪ پهچڻ تي ئي مليو آهي. ڇو جو ڪئپٽن مفتون جي بدلي آرمي مان نيويءَ ۾ ٿيڻ ڪري، هن کي نيويءَ جي جهاز ٽيپو سلطان تي رکيو ويو، جيڪو هڪ ٻن ٻين جهازن سان گڏ مهيني کن کان آمريڪا پهتل آهي.
آئون ٻئي ڏينهن مين-هٽن ۾ مفتون سان پڻ مليس ۽ اتي ئي سامهون بروڪلن جي پل ڏسي، ان اونهي سمنڊ جي بيماريءَ جي ڳالهه ڪئي هئيمانس.
ڪائسان (Caisson) جيڪو هن بيماريءَ جو نالو آهي، اهو هڪ وڏو لوهي دٻو ٿئي ٿو، جيڪا ڪمپريسڊ هوا سان ڀريل ٿئي ٿو. ان اندر ماڻهو ويهي، جبلن جي اندر سرنگهون کوٽين ٿا يا سمنڊ اندر هيٺ، پلين جي بنياد لاءِ ٿنڀا هڻن ٿا.
هيءَ بيماري سخت دردناڪ ٿئي ٿي ۽ ڪيترين حالتن ۾ موت به رونما ٿئي ٿو“ ڊاڪٽر مفتون ٻڌايو؛ ”ٻاهرين پريشر جي تڪڙي تبديليءَ ڪري انسان جي جسم مان نڪرندڙ نائٽروجن جا Bubbles انساني جسم کي ڀڃيو رکن ۽ بيهوش به ڪريو رکن. انسان جي نرم عضون مان رت چوسجيو دل، دماغ ۽ پٺيءَ جي ڪنڊي ڏي ڇڪجيو وڃي ۽ پوءِ سمنڊ جي تري مان، ٻاهر کلي هوا ۾ نڪرڻ تي، سخت قسم جا  Neuralgicسور ۽ ڪڏهن ڪڏهن Paralysis به ٿيو پوي.“
سائنس جا شاگرد "Henry's Law" کان واقف آهن ته:
When the pressure of a gas over a liquid is decreased, the amount of gas dissolved in that liquid will also decrease.
ان جو هڪ پرئڪٽيڪل مثال ڪوڪا ڪولا يا ڪنهن ٻئي مشروب کولڻ جو آهي. ان جو ڍڪ کلڻ تي گئس ٻاهر نڪرڻ جو سوساٽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ مشروب مٿانBubbles  به نظر اچن ٿا. اها ڪاربن ڊاءِ آڪسائڊ گئس، ٻاهر نڪرندي نظر اچي ٿي، جيئن بوتل اندر هاءِ پريشر ٻاهر جيAtmospheric pressure  برابر پهچي.
”اهڙيءَ طرح نائٽروجن Inert Gas آهي، جيڪا انسان جي جسم ۾ اسٽور ٿيل آهي.“ ڊاڪٽر مفتون ٻڌايو؛ ”۽ پوءِ جڏهن انسان غوطا خوري ٿو ڪري ته هن جي جسم ۾ مليل نائٽروجن، گئس جي صورت ۾ جسم کان ڌار ٿيو، ٻاهر نڪريو اچي ۽ جي اها نائٽروجن انسان جي جسم مان تڪڙو تڪڙو نڪرڻ شروع ڪري ته هن کي خارش، هڏ جي سور کان اڌ رنگ ۽ موت به اچي سگهي ٿو، جيڪو هن پل (بروڪلن برج) جي ڪنسٽرڪشن دوران ڪم ڪرڻ وارن کي ٿيو.“
ڊاڪٽر مفتون سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۹۸ع ۾ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ٿي هئي. تازو ۱۹۹۷ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪري، سول اسپتال ۾ هائوس جاب ڪري رهيو هو. آئون جهاز جي هڪ خلاصيءَ کي وٺي اتي آيو هوس. هي جيتوڻيڪ نئون ڊاڪٽر ٿي آيو هو، پر سخت محنتي ۽ ڪم جو ڄاڻو لڳي رهيو هو. ان بابت پاڻ به ٻڌايائين ته هو هميشه سٺين مارڪن سان پاس ٿيو آهي.
”هائوس جاب ختم ٿيڻ تي ڇا ارادو آهي؟“ مون پڇيو هئومانس.
”خبر ئي ناهي. اسان غريبن جي ڪهڙي Choice جيڪو نصيب ۾ رب لکيو هوندو.“ هن چيو.
”توهان ڪم جا به ڄاڻو آهيو، همٿ وارا ۽ سٺي صحت به رکو ٿا. آرميءَ جي چونڊ ۾ ڇو نٿاTry  ڪريو.“
مون کيس پير جي ڳوٺ جي برگيڊيئر ڊاڪٽر ڏانور ۽ خيرپور جي ڪرنل مشتاق شيخ جا مثال ڏنا، جن جي چواڻي فوج ۾ پگهار کڻي گهٽ آهي، صبح جو سوير اٿڻو پوي ٿو، ڊسيپلينڊ زندگي آهي، پر  Quality of lifeآهي.“
ڊاڪٽر مفتون کي شايد منهنجي ڳالهه وڻي ويئي، جو هو نه فقط آرمي جي چونڊ ۾ ويٺو، پر ڪامياب به ٿي ويو. هن جي شروع واري پوسٽنگ جيتوڻيڪ وانا (جنوبي وزيرستان) ۽ سياچن ماٿري جهڙين ڏکين ۽ اڻانگين جاين تي ٿي، پر هيءُ عجيب ماڻهو آهي جو جتي ڪٿي خوش. جتي ڪٿي محنت ۽ پورهئي ۾ اڳ اڳ. ننڍي سپاهي توڙي آفيسر بيمار جي خدمت، دل و جان سان ڪرڻ وارو. شايد اهي ئي ڳالهيون هيون، جنهن ڪري قدرت هن کي نوازيو. ”آبِ دوز دوائن“ ۾ مهارت جي ٽريننگ لاءِ هي نه فقط پڙهائيءَ ۾ لائق ثابت ٿيو، پر جسماني طرح سخت جان وارو پڻ. اهو هڪ وڏو اعزاز سمجهيو وڃي ٿو جو هن ننڍيءَ عمر ۾ اهو ڪورس ڪيو. ان بعد اهو پڻ هن جو سٺو ڀاڳ هو جو هيترن ڊاڪٽرن ۾ هي ئي آمريڪا جي هن سفر لاءِ چونڊجي ويو. ڪيترا سندس ڪليگ چوندا اٿس ته؛ ڪهڙي جنرل کان سفارش ڪرائين ٿو؟ ته کِلي چوندو اٿن؛ اسان جي سفارش ڪرڻ وارو وڏو جنرل مٿي ويٺو آهي. اسان غريب ڳوٺ جي ماڻهن کي ڪير ٿو هتي سڃاڻي، جو آئون ان کي سفارش لاءِ چوندس.
ڊاڪٽر مفتون جو نهال خان سولنگيءَ نالي هڪ ڳوٺ سان تعلق آهي، جتي پاڻ پهرين مارچ ۱۹۷۳ع تي ڄائو. هي ڳوٺ جيڪو گمبٽ تعلقي ۾ آهي (هاڻ سوڀوديرو) ان جي اسڪول مان مفتون پنج درجا پڙهيا. ان بعد مئٽرڪ تائين هنڱورجا جي اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي ۽ انٽر سائنس گورنمينٽ سائنس ڪاليج گمبٽ مان ڪرڻ بعدMBBS  چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ڪئي.
ڊاڪٽر مفتون ٻڌايو ته هن ۽ هن جي ڀائرن ڀينرن هر امتحان ۾ هميشه سٺي پوزيشن کنئي. منهنجي خيال ۾ ان جي شاباس جا صحيح حقدار مفتون ۽ سندس نو ڀائرن ڀينرن کان وڌيڪ هنن جو والد محترم ماستر علي ڏنو سولنگي صاحب آهي، جنهن مان اڄ جي والدين کي Inspiration حاصل ڪرڻ کپي ته هن هڪ ڏورانهين ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي محدود آمدنيءَ ۽ وڏي عيال هوندي به پنهنجن ڏهن ئي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري. اڄ سندس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڊاڪٽر آهن. ڊاڪٽر عباس به چانڊڪا مان پڙهي نيول اسپتال شفا ڪراچي مان هائوس جاب ڪيو ۽ هاڻ آرميءَ لاءِ Apply ڪيو اٿس ۽ ڊاڪٽر فردوس چانڊڪا ۾ آهي. ننڍي ڀيڻ ثريا چارٽرڊ اڪائونٽنسي ڪئي آهي ۽ باقي ڀائر ڀينرن زولاجي، ڪيمسٽري ۽ ٻين سبجيڪشن ۾ ( MSc پوسٽ گريجوئيشن) ڪئي آهي.
مفتون وارن جو جهاز ٻه هفتا کن نيويارڪ ۾ رهي، پوءِ ٻين ملڪن ڏي روانو ٿي ويو پر ساڻس ٻه ٽي دفعا ملڻ ۽ خبر چار ڪرڻ جو موقعو ۽ پڙهندڙن لاءِ لکڻ جو بهانو ملي ويو. بروڪلن برج جي حوالي سان هڪ اڌ ٻي ڳالهه اها ته هيءَ پل جڏهن ۱۸۸۳ع ۾ ٺهي راس ٿي، ته ماڻهن کي اهو خوف هو ته اها گهڻي بار سبب ڪري نه پوي. تن ڏينهن ۾ پل کي ٽيسٽ ڪرڻ جو ٻيو طريقو ته نه هو. ۱۸۸۴ ۾ هن پل جي مٿان ايڪويهن هاٿين جي ڌڻ کي هڪ ئي وقت بيهاريو ويو. ان بعد ماڻهن جي دلين تان خوف لٿو. هونءَ هن پل مٿان ڪيترن ماڻهن خودڪشي به ڪئي آهي. ڪن مشهوريءَ خاطر خودڪشي جا دڙڪا ڏنا آهن ۽ ڪن وري پنهنجي لئه رکڻ يا بهادريءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ هن پل تان هيٺ پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو، جن مان ڪجهه بچي ويا، ڪجهه مري ويا. ۱۸۹۵ع ۾ ڪلارامڪ آرٿر نالي پهرين عورت هئي جنهن پل مٿان پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏنو. هن ڊگهن جورابن ۾ ويهه پائونڊ ريتي ڀري اهو سوچي ٽپ ڏنو ته هن جا پير پهرين زمين کي ڇهندا. بهرحال اها مرڻ کان بچي وئي.
نيويارڪ جون ڪجهه ٻيون پُليون
هتي نيويارڪ جي ٻن ٽن ٻين پلين جو به مختصر احوال ڪنداسين. توهان چوندؤ ته نيويارڪ ۾ ڪيتريون پُليون آهن؟ اهو سوال منهنجي خيال ۾ ڪنهن اهڙي کان ڪجو جيڪو نيويارڪ مان ٿي آيو هجي. يعني هفتي ٻن لاءِ گهمي نه پر سال ٻه رهي آيو هجي. توهان جي خيال ۾ ڪيتريون ٿي سگهن ٿيون؟ ڏهه؟ ويهه؟ ٽيهه؟ پنجاهه؟ جيڪڏهن ڪو توهان کي سئو يا ٻه سئو پليون چئي ٿو ته تڏهن به سمجهو ته هن نيويارڪ چڱي طرح نه گهميو آهي. نيويارڪ ۾ هڪ هزار کان به مٿي پليون آهن جنهن جو احساس نيويارڪ جو شهر باءِ روڊ گهمڻ کان وڌيڪ پاڻي واري جهاز يا فيريءَ رستي پاڻيءَ مان هلڻ تي ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڊسن ندي ۽ ايسٽ نديءَ تي تمام وڏيون پليون آهن جن مان ڪجهه جو ذڪر شروع وارن مضمونن ۾ ڪري چڪا آهيون. انهن ندين کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي وڏيون ننڍيون، ڪي ته لياري ۽ ملير ندين جهڙيون، سامونڊي وهڪرا، ڪورنگي ڪريڪ جهڙيون Creeks، ڪئنال ۽ Kills (وهڪرا) آهن. جهڙوڪ هارلم ندي، برانڪس ندي، ايسٽ چيسٽر ڪريڪ، ڪوني آئلنڊ ڪريڪ، نيوٽن ڪريڪ، رچمنڊ ڪريڪ، گووانوس چئنل، رڪر آئلنڊ چئنل، هُڪ ڪريڪ، اٽلي ڪريڪ، انگلش ڪلز، ڊچ ڪلز، ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن پوءِ انهن پاڻيءَ جي رستن مٿان ڪي فڪسڊ پليون آهن، ته ڪي چرپر ڪندڙ، جيڪي جهاز لنگهڻ مهل خشڪيءَ ڏي ڇڪيون وڃن ٿيون يا ايجنسين تي کلندڙ دروازن وانگر Swing ڏئي کوليون وڃن ٿيون. ڪي مٿي چاڙهيون وڃن ٿيون وري جيڪي هڪ هنڌ بيٺل Fixed پليون آهن، انهن ۾ به ڪي Suspension واريون آهن. ڪي Cantilever نموني جون ته ڪي ڪهڙي نموني جون.
بهرحال هتي انهن مان ڪجهه وڌيڪ پلين جو مختصر احوال لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪي اهڙن اهم هنڌن تي يا اهم نموني جون آهن، جو ڪجهه ڏينهن لاءِ آيل مسافر جو به انهن تان يا انهن سامهون ضرور لنگهه ٿيندو هوندو. انهن مان هڪ ته مئن هٽن برج آهي، جيڪا نالي مان جيئن لڳي ٿو ته هڪ طرف مئن هٽن کي ملائي ٿي ۽ هيٺان ايسٽ ندي آهي ۽ ٻئي پاسي بروڪلن آهي. هن پل تان لارين موٽرن، پيادن، سائيڪلن سوارن کان علاوه ريل گاڏيون به لنگهن ٿيون. مئن هٽن واري پاسي هيءَ پل چائنا ٽائون جي ڪئنال اسٽريٽ کان شروع ٿئي ٿي ۽ بروڪلن پاسي فلئٽ بش ايونيو تي وڃيو ختم ٿئي. هيءَ پل بروڪلن برج ۽ وليمس برگ برج جي وچ ۾ هجڻ ڪري، هن پل مٿان واڪ ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو ۽ پاسي کان پلين، هيٺ سمنڊ ۽ اڳيان پويان دنيا جي وڏين عمارتن وارن علائقن، مئن هٽن ۽ بروڪلن جو نظارو هڪ عجيب خوبصورت ڏيک آهي، جيڪو جهڙالي موسم هجي يا ٽاڪ منجهند يا رات جي جهرمر هر وقت دل لڀائيندڙ لڳي ٿو. مئن هٽن پل ۶۵۵۵ فوٽ (يعني ٻه کن ڪلوميٽر آهي، جنهن جي وچين ڪمان (Span) ۱۴۷۰ فوٽ آهي. ٻن طبقن واري پل آهي. مٿين طبقي تي لارين بسين جون چار قطارون ۽ هڪ پيادن لاءِ آهي. هيٺئين طبقي تي ٽي لارين موٽرن لاءِ رستا آهن ۽ چار ريل لاءِ.
وليمس برگ برج (Williamsburg Bridge) ايسٽ نديءَ مٿان آهي ۽ نيويارڪ جي مئن هٽن ۽ بروڪلن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. ۱۹۰۳ع ۾ هيءَ پل ٺهي راس ٿي هئي، ته ان وقت هڪ اهم پل مڃي وئي ٿي ۽ اڻ لچڪندڙ Non- Flexible قسم جي ٽاور وارين ٽن پلين مان، هيءَ ٻي پل هئي (ٻيون ٻه پليون، بروڪلن برج ۽ جارج واشنگٽن پل آهن). هن پل کي ٺهڻ ۾ ست سال لڳا ۽ ان وقت دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي suspension پل هئي ۽ پوءِ ايڪيهه سالن بعد ۱۹۲۴ع ۾ بيئر مائونٽين پل (Bear Mountain Bridge) ٺهي.
وليمسبرگ پل شروع ۾ پيادن، سائيڪل سوارن ۽ گهوڙن رستي ڇڪڻ وارين بوگين لاءِ ٺهي هئي پر پوءِ ڪجهه سالن کانپوءِ هيءَ پل ٽرالين ۽ ريل گاڏين لاءِ به اهم رستو ٿي پيئي. ۱۹۲۰ع  ردوبدل آڻي ٽرئفڪ لاءِ اٺ قطارون ٺاهيون ويون، جيڪي اڄ تائين قائم آهن، جن تان روزانو ڏيڍ لک لاريون موٽرون هلن ٿيون ۽ مٿانئس هلندڙ سب وي ريل گاڏين ۾ اٽڪل هڪ لک کن مسافر سواري ڪن ٿا. هيءَ پل آمريڪا جي مشهور انجنيئر ڪرنل جوناٿن وليمس نالي آهي، جيڪو بين فرنڪلن جي ڀائٽي جو پوٽو ٿئي. بيئر مائونٽين برج به نيويارڪ جي suspension پل آهي، جنهن مٿان آمريڪا جا ۲۰۲ ۽ ۶ نمبر هاءِ وي لنگهن ٿا. هيءَ پل هڊسن نديءَ مٿان آهي، جنهن جي اولهه ۾ راڪ لئنڊ ۽ آرينج ڪائونٽيون آهن ۽ اوڀر ۾ ويسٽ چيسٽر ۽ پتنام. هيءَ پل هاءِ وي 9w ۽Palisade  انٽر اسٽيٽ پارڪ وي کي پڻ هڊسن نديءَ جي اولهه واري ڪپ تي ڳنڍي ٿي ۽ نيويارڪ اسٽيٽ روٽ 9d کي اوڀر ڪناري ڏي هن پل تان لنگهڻ جو ٽول هڪ ڊالر في ڪار آهي.
نيويارڪ جون ڪجهه وڌيڪ پليون
نيويارڪ ۾ هڪ ٻي سنهڙي ندي هارلم ندي آهي، جيڪا ايسٽ نديءَ کان به سنهڙي آهي، جيڪا هڊسن نديءَ مان نڪري ايسٽ نديءَ سان اچيو ٿي ملي. بهرحال نيويارڪ رياست ۾ رهندڙن جي معلومات لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هيءَ هارلم ندي برانڪس ۽ مئن هٽن ٻيٽ کي ڌار ڪري ٿي. برانڪس ۽ مئن هٽن ڏي اچ وڃ لاءِ پڻ ڪيتريون ئي پليون آهن جن وٽ مئن هٽن آيل ٽوئرسٽ جو هر هر انهن پلين مٿان يا ڀرپاسي کان گذر ٿئي ٿو. جهاز کي وٺي جڏهن نيويارڪ ايندا هئاسين ته هنن پلين ۽ دريائي رستن ۾ ڏاڍو مونجهارو ٿيندو هوم. پوءِ هڪ پني تي نيويارڪ جي نقشي تي اهم پليون ٺاهي ڇڏيون هيم ۽ جڏهن پيادل يا بسين ٽئڪسين ۾ گهمڻ لاءِ نڪرندو هوس ته اهو پنو پنهنجي کيسي ۾ وجهي نڪرندو هوس. سو بهرحال هن هارلم نديءَ تي جيڪي هڪ ٻئي ڀرسان چار پنج پليون آهن، اهي هن ريت آهن:
- وليز Willis Avenue
- ٿرڊ ايوينيو پل
- مئڊيسن ايوينيو پل
- ۱۴۵ هين اسٽريٽ پل.
- مڪومبس (Macombs Dam) پل.
يونيورسٽي هائيٽس برج وغيره وغيره.
نيويارڪ جون پليون
نيويارڪ ۾ هڪ ٻي سنهڙي ندي هارلم ندي آهي، جيڪا ايسٽ نديءَ کان به سنهڙي آهي، جيڪا هڊسن نديءَ مان نڪري ايسٽ نديءَ سان اچيو ٿي ملي. بهرحال نيويارڪ رياست ۾ رهندڙن جي معلومات لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هيءَ هارلم ندي برانڪس ۽ مئن هٽن ٻيٽ کي ڌار ڪري ٿي. برانڪس ۽ مئن هٽن ڏي اچ وڃ لاءِ پڻ ڪيتريون ئي پليون آهن جن وٽ مئن هٽن آيل ٽوئرسٽ جو هر هر انهن پلين مٿان يا ڀرپاسي کان گذر ٿئي ٿو. جهاز کي وٺي جڏهن نيويارڪ ايندا هئاسين ته هنن پلين ۽ دريائي رستن ۾ ڏاڍو مونجهارو ٿيندو هوم. پوءِ هڪ پني تي نيويارڪ جي نقشي تي اهم پليون ٺاهي ڇڏيون هيم ۽ جڏهن پيادل يا بسين ٽئڪسين ۾ گهمڻ لاءِ نڪرندو هوس ته اهو پنو پنهنجي کيسي ۾ وجهي نڪرندو هوس. سو بهرحال هن هارلم نديءَ تي جيڪي هڪ ٻئي ڀرسان چار پنج پليون آهن، اهي هن ريت آهن:
- وليز Willis Avenue
- ٿرڊ ايوينيو پل
- مئڊيسن ايوينيو پل
- ۱۴۵ هين اسٽريٽ پل.
- مڪومبس (Macombs Dam) پل.
- يونيورسٽي هائيٽس برج وغيره وغيره.
يونيورسٽي هائيٽس پل مئن هٽن جي ۲۰۷ نمبر گهٽيءَ کي، برانڪس جي يونيورسٽي سيڪشن جي اولهه فور ڌام روڊ سان ملائي ٿي. هيءَSwing  ٽائيپ پل آهي. هن پل تي ايندڙ ويندڙ پاسي ٻه ٻه ٽريفڪ لاءِ ۽ هڪ هڪ پيدل هلندڙن لاءِ رستو آهي.
مڪومبس Macomb’s ڊيم پل جيڪا پڻ هارلم نديءَ مٿان آهي، اها مئن هٽن جي ۱۶۱هين گهٽيءَ کي برانڪس علائقي جي جيرومي ايوينيو سان ملائي ٿي. مئن هٽن کان يئنڪي Yankee اسٽيڊيم وڃڻ لاءِ هيءَ عام روٽ آهي. هيءَ پل بهSwing  ٽائيپ آهي. هيءَ پل نيويارڪ جي پراڻين پلين مان آهي ۽ ۱۸۱۴ ۾ رابراٽ مئڪومب جي ڪوشش سان هيءَ پل ٺهي ۽ هن جي ئي نالي آهي. ان وقت ملڪ جي قانون ساز اسيمبليءَ مان اهو قانون پاس ڪيو ويو هو ته هن پل جي ٽال مان جيڪا آمدني ٿيندي، ان جو اڌ غريبن کي ڏنو ويندو ۽ هر قسم جي ٻيڙيءَ کي هتان مفت لنگهڻ جي موڪل هوندي.
۱۴۵هين گهٽي واري پل“ (145th Street Bridge on Harlem) مئن هٽن پاسي کان ۱۴۵هين گهٽيءَ ۽ ليناڪس ايوينيو کي برانڪس جي ۱۴۹ گهٽي River ايوينيو سان ملائي ٿي.
”مئڊيسن ايوينيو برج“ مئن هٽن جي ٽيويهين گهٽيءَ کي، برانڪس جي ۱۳۸ گهٽيءَ سان ملائي ٿي. اهڙيءَ طرح ٿرڊ ايوينيو برج به هارلم نديءَ مٿان آهي ۽ مئن هٽن جي باوري ۽ چوٿين اسٽريٽ کي برانڪس جي ويبسٽر ايوينيو سان ملائي ٿي ۽ ان جي ئي ڀرسان وليز ايوينيو برج آهي ۽ مئن هٽن پاسي جي فرسٽ ايوينيو ۽ ۱۲۴هين گهٽيءَ کي برانڪس علائقي جي وليز ايوينيو ۽ ۱۳۴ اسٽريٽ سان ملائي ٿي.
مٿين پلين کان علاوه ٻه ٻيون پليون، جيڪي پڻ نيويارڪ جو سير ڪندي رکي رکي نظر اچن ٿيون اهي آهن.
* ڪئنس بورو برج ۽
* تاپان زي برج.
ڪئنس بورو(Queens Boro)  پل ايسٽ نديءَ مٿان آهي ۽ ڪئنس پاسي جو لانگ آئلئنڊ سٽي وارو پاڙو اوڙو مئن هٽن سان ملائي ٿي ۽ هن رستي جو روزويلٽ آئلئنڊ مٿان پڻ لنگهه ٿئي ٿو. هيءَCantilever  ٽائيپ پل آهي. نيويارڪ وارا هن پل کي ۵۹هين اسٽريٽ پل به سڏين ٿا، جو هيءَ پل مئن هٽن ان گهٽيءَ وٽان ڇڏي ٿي. هيءَ پل جيتوڻيڪ ۱۸۶۷ع کان ٺهڻ شروع ٿي هئي، پر پئسي ڏوڪڙ جي نه ملڻ ۽ ٻين مسئلن ڪري ٿورو ٿورو ئي ٺهندي رهي ۽ ۱۹۰۹ع کان مٿانئس ٽريفڪ شروع ٿي. هن پل جي شروعات ۾ بليڪ ويل آئلئنڊ برج نالو پڻ مشهور ٿيو. بلئڪ ويل ٻيٽ اڄ واري روزويلٽ ٻيٽ جو پهريون نالو هو.
ٺهڻ وقت هيءَ Queensboro پل دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ڪئنٽي ليور پل هئي، جنهن جي هڪ ڪمان (Span) مئن هٽن کان روزويلٽ ٻيٽ تائين ۳۶۰ ميٽر هئي.
- روز ويلٽ ٻيٽ واري Span جي ڊيگهه ۱۹۲ ميٽر آهي.
- روز ويلٽ ٻيٽ کان ڪئنس تائين ڪماني ۳۰۰ ميٽر آهي.
تاپان زي (Tappan Zee Bridge)  پل پڻ مٿين پل ڪئنس بورو وانگر Cantilever پل آهي، جيڪا هڊسن نديءَ تي ان هنڌ آهي، جتي نديءَ جو پيٽ سڀ کان گهڻو ويڪرو آهي. هڊسن نديءَ جو اهو هنڌ ئي تاپان زي سڏجي ٿو، جنهن تان هن پل تي اهو نالو پيو آهي. هونءَ ”تاپان“ هتي جي اصلولن رهاڪن ريڊ انڊين جي هڪ قبيلي جو نالو آهي ۽"Zee"  ڊچ زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ سمنڊ (Sea)  آهي. هيءَ پل ۱۹۵۵ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ نيويارڪ ۽ نيوجرسي رياستن کي ڳنڍي ٿي. پل جي ٽوٽل ڊيگههApproaches  سميت ٽن ميلن کان مٿي (پنج کن ڪلو ميٽر ٿيندو). ڪئنٽيليور جي ڪمان(Span) ۳۷۲  ميٽر ٿيندو، جيڪو پاڻيءَ جي سطح کان ۴۲ ميٽرن جي وٿي ٺاهي ٿو، جنهن مان ان اوچائي کان گهٽ جا جهاز آرام سان لنگهي سگهن ٿا.
پل مٿان ٽريفڪ جون ست لائينون گذري سگهن ٿيون. ٽي هڪ پاسي، ٽي ٻئي پاسي. وچين لين بدلائي سگهجي ٿي ۽ جنهن پاسي گهڻي ٽريفڪ هوندي آهي، ان پاسي ڪئي ويندي آهي، جيئن ڪراچي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڪِلا ٺوڪي، رسيون ٻڌي، ٽريفڪ جو وهڪرو ضرورت موجب رکيو ويندو آهي. هن پل تان لنگهڻ جو ٽال چار ڊالر آهي، جيڪو ڪئش ذريعي ڏئي سگهجي ٿو ياE- Zpass ذريعي ڪٽائي سگهجي ٿو.

No comments:

Post a Comment