هي نيويارڪ جو علائقو بي رج نه پر بيروت آهي
الطاف شيخ
آئون پنهنجي ڀاڻيجي هيمون (ضمير وسطڙو) سان گڏ
ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ڀرسان بارڪلي اسٽريٽ وٽ ئي هوس. اهو حصو جتي WTC آهي بلڪه هو. نيويارڪ شهر جي مئن هٽن جو هيٺيون
حصو (Lower Manhatton) سڏجي ٿو. ٻه
روڊ (ويسٽ براڊ وي ۽ چرچ اسٽريٽ) ڇڏي، ٽئين روڊ تي سٽي هال ۽ سٽي هال پارڪ آهي.
اها چرچ اسٽريٽ ڏيئي، ٿورو هيٺ ڏکڻ ڏي هليو وڃجي، ته هن مئن هٽن ٻيٽ جي پڇڙ وٽ جتي
سمنڊ سان ٿو ملي. بيٽري پارڪ آهي جتان فيريون (ننڍا پئسينجر جهاز جيڪي ماڻهو ۽
انهن جون سواريون موٽر لاريون کڻي سگهن) ڀر واري ٻيٽ اليز آئلنڊ (Ellis Island) ۽ ان ٻيٽ تي ٿيون وڃن، جنهن تي آزاديءَ جو
مجسمو (Statue of liberty) آهي. هيمونءَ
جو ڪم موري اسٽريٽ ۽ گرين وچ اسٽريٽ جي ڪراسنگ وٽ سينٽ جانس يونيورسٽي ۾ هو، جيڪو
مئن هٽن وارو ڪئمپس سڏجي ٿو. جيئن ته ڪم اُميد کان گهڻو اڳ لهي ويو. ان ڪري اسان
وٽ هيڏانهن هوڏانهن چڪر هڻڻ لاءِ ڪافي ٽائيم پُڇي پيو.
”هلو ته آزاديءَ جو مجسمو ڏسڻ هلون.“ هيمونءَ
صلاح ڏني پر مون ڪجهه دير سوچي انڪار ڪيو.
”اتي آئون اڪيلي سر به پهچي سگهان ٿو. تنهنجي
رستن جي ڄاڻ ۽ گاڏيءَ مان فائدو وٺي، ڪنهن اهڙي هنڌ هلجي، جتي مون لاءِ اڪيلو بس ۾
پهچڻ ڏکيو ڪم هجي.“
”ڪو ميوزيم، ڪو پارڪ، ڪو سامونڊي ڪنارو؟“ ضمير
پنهنجي گاڏي Murrayاسٽريٽ تان موڙي Barclay اسٽريٽ تي آڻيندي پڇيو.
”هلو ته ڪنهن مسجد ۾ هلون. فوٽو به ڪڍون ته ظهر
جي نماز به پڙهون.“
”پڙهون به ۽ ٻين کي به پڙهايون.“ هيمونءَ ٺهه
پهه وراڻيو ۽ اسان ٻئي کلڻ لڳاسين. گذريل هفتي نيو جرسيءَ جي بيٽرس علائقي ۾،
هيمونءَ جو هڪ عرب دڪاندار ۾ بزنيس جي سلسلي ۾ ڪم هو. چانهه پي اٿياسين ته اهي
لبناني عرب به اسان سان گڏ اٿيا، ته هلي ٿا نماز پڙهون. ٻه ٽي گهٽيون اڳيان هڪ
ڪراچيءَ جي ميمڻ جو دڪان هو، جنهن جي پٺيان هن ڪجهه حصو اوسي پاسي جي مسلمانن لاءِ
نماز لاءِ ٺاهي ڇڏيو هو، جيئن گاڏيءَ ۾ چڙهي پري مسجد ۾ وڃڻ بدران هتي ئي پڙهن.
اسان اتي پهتاسين ته هنن مون کي وڏو سمجهي امامت لاءِ وري چيو ۽ مون وري هيمونءَ
کي کڻي اڳيان ڪيو، جو هو ننڍي هجڻ باوجود امام ٿي جماعت کي نماز پڙهائيندو رهي ٿو.
سو هتي به پڙهايائين پر هڪ غلطي ڪري ويو، جنهن جي هونءَ اسان کي ته خبر نه پوي ها
پر پاڻ ئي ان جو اعتراف ڪيائين. دراصل ان ڏينهن سخ جهڙ هو ۽ رکي رکي بارش به پئي
ٿي ۽ وقت گذرڻ جو احساس ئي نه پئي ٿيو، ڄڻ اڃان هاڻ منجهند ٿي هجي پر شام ٿي چڪي
هئي ۽ هيمونءَ ان نماز کي وچئين بدران اڳئين (ظهر) جي نماز سمجهيو ۽ ان جي ئي نيت
ڪئي هئائين. بهرحال سڀني چيو ته ان قسم جي ڀل چڪ ٿيندي رهي ٿي. بعد ۾ گهر اچي هيمونءَ جي
اها ڳالهه سڀني کي ٻڌائي سڀ کليا هئاسين، ته اهي مصري ۽ لبناني عرب هيمونءَ کي وري
ڪڏهن به امام نه ٺاهيندا. بهرحال اها ته ٿي چرچي جي ڳالهه، حقيقت اها هئي جو هنن هيمونءَ
جي سچ ڳالهائڻ ۽ معصوميت کي ساراهيو هو، ايتري قدر جو هڪ دڪاندار مون کي چيو ته
مسٽر ضمير جي انهن سچائي وارين ڳالهين ڪري، اسان پنهنجي دڪان جو سامان هن جي
ڪمپنيءَ کان ئي وٺون ٿا، جو هر شيءِ بابت صحيح ڳالهه ٻڌائي ٿو.
هونءَ مون سمجهيو پئي ته پيٽرسن جهڙي ڪمرشل
علائقي جي مشغول دڪاندارن کي ڪٿي آهي ٽائيم جو نماز ۽ مذهب جهڙين ڳالهين کي ڏين پر
مون ڏٺو ته اها چوڻي صحيح ثابت ٿي ٿئي ته Where there is a will, There are ways. نه فقط ايترو پر مون کي تعجب لڳو ته هڪ
گجراتي ميمڻ هيمونءَ کي نصيحت ڪندي چيو ته، پٽ هڪ ڪم ٿو چوانءِ ڪندين ته پنهنجي
زندگي سڦل سمجهندين.
”ڪهڙو؟“ هيمونءَ پريشان ٿيندي پڇيس. هو
گهٻرائجي ويو ته الائي ڇا ٿو چوي. هن هيمونءَ کي ڀاڪر پائيندي چيو. آئون اهو چوڻ
ٿو چاهيان ته، ”نماز ڪڏهن به نه ڇڏجانءِ. نماز ڪيترين ئي براين کان بچائي ٿي.
نيويارڪ جهڙي رنگين دنيا ۾ نماز اسان تي نگهباني ڪري ٿي.“
”ڀلا ڪهڙي مسجد ۾ هلون؟“ هيمونءَ مون کان پڇيو.
”گاڏي موڙي سٽِ هال جي هن پاسي هل ته ٻڌايانءِ
ٿو.“ مون ٿورو سوچڻ ٿي چاهيو.
”مسجد العابدين؟ مسجد ابوبڪر؟ الفاروق مسجد؟
مسجد الارقام، مسجد المسلمين، الور، دائودي؟“ هيمون مسجدن جا نالا کڻڻ لڳو. دراصل
اهو نيويارڪ جنهن ۾ ٽيهارو کن سال اڳ ٽي مسجدون به ڪي مس هيون، اڄ اُتي ٻه سئو کان
مٿي آهن ۽ سڄي آمريڪا ۾ ٻارهن هزارن کان مٿي مسجدون آهن. هتي آمريڪا ۾ ڪيتريون
مسجدون اسلامڪ سينٽر سڏجن، جتي نماز سان گڏ قرآن جو درس، مذهبي گڏجاڻيون، نڪاح،
نون ڄاول ٻارن تي نالا رکڻ، زال مڙس جو سرچاءُ (ڪائونسلنگ) جهڙا ڪم پڻ ٿين ٿا.
مون کي واشنگٽن کڻي وڃڻ لاءِ ڪجهه اسلامي ڪتاب
کتا ٿي. بروڪلن جي بي رج (Bay
Ridge)
واري علائقي جي مسجد معسب بن عمير (جيڪا اسلامي سوسائٽي آف بي رج جي نالي سان به
سڃاتي وڃي ٿي) ان جي ڀر ۾ هڪ اسلامي ڪتابن جو دڪان پڻ آهي. هن مسجد ۾ پهچڻ لاءِ
اسان کي بروڪلن يا مئن هٽن برج ٽپي، بروڪلن اچڻو هو. هي پليون نيويارڪ جي اصل شهر
مئن هٽن کي بروڪلن سان ڳنڍين ٿيون. بروڪلن پهچڻ تي فورٽ ايوينيو ڏيئي، هيٺ ڏکڻ طرف
اچڻو هو. هيٺ اچڻ تي گهٽين جو نمبر وڌي ٿو، جيڪو ڇهانوي ستانوي تائين وڃيو پهچي.
هيءَ مسجد معسب 68 هين گهٽيءَ ۾ آهي. جتان “R”
ٽرين لنگهي ٿي. منهنجو جڏهن اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ نيويارڪ اچڻ ٿيندو هو ته
هن قسم جون مسجدون جتي ڪٿي نه هونديون هيون ۽ نه ايڏا مسلمان هئا. ڪجهه ڪجهه
ايراني، انڊين، پاڪستاني هئا، تن ۾ به گهڻائي گهمڻ ڦرڻ ۽ عيش ڪرڻ وارن جي هئي. عرب
يا ٻيون قومون ته ورلي نظر آيون ٿي، جيئن ڪراچيءَ ۾ ٽيهارو کن سال اڳ سنڌين جو حال
هو. پوءِ سنڌ ۾ بيروزگاري وڌي ۽ ان کان وڌيڪ امن امان جي حالت خراب ٿي، چورن،
ڌاڙيلن ۽ اغوا ڪندڙن کي هشي ملي، وڏيرن، پيرن، سردارن، حڪومت ۾ وزارتون ۽ عهدا
ماڻڻ باوجود پنهنجي راڄ جي خدمت ڪرڻ بدران، انهن کي جاهل ۽ بيحال رکيو، ته ماڻهو
گهر گهاٽ ڇڏي، بهتر جايون ڳولڻ لڳا. اهڙيءَ طرح عرب دنيا ۾ تيل آيو، ان سان گڏ
ليڊرن جون سختيون ٿيون پوءِ ڪي شهنشاهه ايران جي ڳجهي پوليس جي ظلمن کان، ته ڪي
خمينيءَ جي سڌاري کان، ڪي سادام جي اونڌين ابتين سوچن کان ته ڪي عيدي امين جي خفن
کان، ڪي اسرائيل جي قبضي کان ته ڪي لبنان جي جنگي حالتن کان ڀڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾
ٽڙي پکڙي ويا ۽ هي کيپون عياشن جون نه، پر پورهيتن جون هيون، جن پنهنجي مذهب کي
ڏورانهن ڏيهن ۾ پڻ پاڻ سان سانڍي رکڻ ٿي چاهيو.
بروڪلن جي هيءَ ڏاکڻي ڪنڊ جيڪا Bay Ridge سڏجي ٿي، اسان وارن ڏينهن تائين به هڪ قسم جي
يورپي Settlement هئي، جنهن ۾ يورپ جي ملڪن جا گهڻا رهيا ٿي. هاڻ
عربن جو تعداد وڌي ويو آهي ۽ ڪيترا يورپي پنهنجا گهر گهاٽ وڪڻي ٻين علائقن ڏي لڏي
ويا آهن. خاص ڪري لبناني عرب ته ايترا آهن جو باقي بچيل پاڙي جا اطالوي، نارويجن،
آئرش قومون ڪڏهن ڪڏهن چڙ مان چونديون آهن:
“This Ani’t Bay Ridge Anymore, It’s Beirut.”
No comments:
Post a Comment