Sunday, April 28, 2013
Wednesday, April 17, 2013
سلوواڪ - مٺڙي ۽ ٻاتڙي ٻولي - اسحاق انصاري
سلوواڪ
مٺڙي ۽ ٻاتڙي ٻولي
اسحاق انصاري
صبح جو اسلم مون کي ڪائيتنڪا هاسٽل جي ٻي بلاڪ ۾ ايجوڪيشن ڊپارٽميٽ جي
آفيس وٺي هليو، جتي هنن ٻڌايو ته منهنجي داخلا پراگ ۾ نه پر سلوواڪيا جي شهر براتيسلاوا
۾ ٿي آهي، انڪري مون کي اوڏانهن وڃڻو پوندو. اسلم، مون کان پڇيو ته؛ اڄ ويندين يا پوءِ؟
مون کيس چيو ته؛ اڄ ئي ويندس. منهنجي ٽرين ڏيڍ بجي هئي. ٻولي سمجھندڙن جي ڪجھه ڪلاڪن
جي ساٿ کان پوءِ وري هڪ ڀيرو مان ڌارين جي
هٿ هيس. مون کي ٽرين اسٽيشن تي، ايجوڪيشن وارن جو هڪ آفيسر ڇڏڻ آيو. ان کي به انگلش
نه پئي آئي. هن مون کي ٽڪيٽ ۽ ڪجھه پيسا ڏنا. هن مونکي اشارن سان واچ تي ٽرين وڃڻ جو
ٽائيم ٻڌايو ۽ پهچڻ جو به ٽائيم ٻڌايو ۽ مون کي ان ٽائيم ته ان اسٽيشن تي لهي پوڻ جو
چيو. مون کي، منهنجي سيٽ تي ويهاري، هن مون کان موڪلايو. ٽرين واقعي به ٻڌايل ٽائيم
تي سيڪنڊ ضايع ڪرڻ کان بغير هلي پئي. هڪ سليپر جهڙو ڪمرو هو، اتي سلواوڪ همراهه مون کان گونگن جي ٻولين ۾ حال احوال
وٺڻ لڳو، هن پنهنجي سيني تي هٿ رکي چيو “سلوواڪيا”، مان سمجھي ويس ته هو منهنجو ملڪ
پڇڻ ٿو چاهي. کيس جواب ڏنم، هن وري بنهي هٿن جا مڪا ٺاهي، هڪ کي پاڪستان بڻايو ۽ ٻي
کي افغانستان ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائڻ لڳو. مطلب هيس ته اسان ٻئي ملڪ پاڻ ۾ دشمن آهيون ته مون
کيس چيو ته نه دوست آهيون. ايئن حال احوال ٿيندا رهيا. چئن ڪلاڪن کانپوءِ ٻڌايل ٽائيم
تي گاڏي، هڪ اسٽيشن تي پهتي مان به الله توهار ڪري اتي لهي پيس.. هئي ته شام پر سياري
جي شام هجڻ ڪري جلدئي اوندهه پکڙجي وئي هئي. اسٽيشن تي لهي، مون هڪ ٽيڪسيءَ واري کي
ايڊريس ڏيکاري. هن مونکي ۱۰ منٽن جي ڊرائيو کان پوءِ هڪ پراڻي بلڊنگ وٽ ڇڏيو. وڏو ڪاٺ
جو دروازو کولي اندر داخل ٿيس ته رسيپشن تي هڪ پوڙهي ويٺي هئي. ان پوڙهيءَ کي به انگريزي
نه پئي سمجھه ۾ آئي، هن مائڪروفون تي ڪو اعلان ڪيو، ٿوري دير ۾ هڪ قداور، سهڻو جوان
آيو جنهن جي انگلش سٺِي هئي هن ٻڌايو ته هو ٽيچر آهي ۽ هاسٽل تي هن جي ڊيوٽي آهي. هن
رسيپشنسٽ ۽ منهنجي وچ ۾ ترجمان جا فرض ادا ڪيا. پروفيسر، ڀرسان گذرندڙ عرب کي منهنجو سامان کڻڻ لاءِ چيو ۽ رسيپشنسٽ
منهنجي چادر، ڪمبل ۽ ٽوئليٽ پيپر هڪ ويتنامي گڏيءَ کي ڏنا ۽ مون کي ڪمري تي پهچائڻ
لاءِ چيو. اتي رهڻ کان پوءِ خبر پئي ته هر ڪمري ۾ ننڍا لائوڊ اسپيڪر لڳل هيا ۽ رسيپيشن
تان جڏهن اعلان ڪيو پئي ويو ته هر هنڌ ٻڌو پئي ويو ۽ گھربل ماڻهو اتي پهچي پيو، پراگ
۾ به حميرا کي رسيپشنست ان نموني گھرايو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان اسپيڪر تان موڪل واري ڏينهن
گانا به هلايا ويندا هيا.
Tuesday, April 16, 2013
ڏوهاري ٽولن کان محتاط رهجي - الطاف شيخ
ڏوهاري ٽولن کان محتاط
رهجي
الطاف شيخ
هتي (آمريڪا ۾) امن امان آهي. پوليس سخت آهي. چور جي وٺ-پڪڙ لاءِ، حڪومت
وڏو خرچ ۽ بندوبست ڪري ٿي. جيئن ڏوهاريءَ کي سزا ملڻ يقيني ٿي وڃي. سفارش تي ڪو ڏوهاري
معافي نٿو حاصل ڪري سگهي. ملڪ جي (C.I.D) ۽ انٽيليجنس ڏوهن جي پاڙ تائين وڃيو پهچي ۽
ڏوهارين کي عبرتناڪ سزائون ملن ٿيون. پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته، آمريڪا ۾ ڪو
ڏوهه ڪو نه ٿو ٿئي ۽ هر وقت سُک ۽ شانتيءَ جي فِضا ڇانيل آهي. هيڏي سختي هوندي به آمريڪا
ڏوهن جي دنيا کان مشهور آهي. بقول هڪ عالم جي؛ ان جو وڏو سبب شراب نوشي آهي. اڄ جو
پڙهيل ڳڙهيل گورو انگريز، يورپي يا آمريڪن به مڃي ٿو ته؛ شراب، جسماني بيمارين سان
گڏ اخلاقي بيمارين کي به جنم ڏئي ٿو. سوشل جي پئسي تي پلجندڙ هڪ بيروزگار، هتي جو ڪارو
(شيدي) ٺري جي بوتل چاڙهي، جڏهن هوش وڃائي ويهي ٿو ته، پوءِ هن کي ڪنهن جي به پرواهه
نٿي ٿئي. يا نشي جي ٻاڙ کڻڻ تي هن وٽ جڏهن کيسي ۾ پئسو ناهي ته هو عورتن کان پرس به
ڦُري ٿو، گاڏيءَ جا شيشا ڀڃي، ان جي ڊئش بورڊ جي به چڪاس وٺي ٿو ته ڪنهن بئنڪ يا پيٽرول
پمپ جي به ڦُر ڪري ٿو. ڪيترا ته مريض يا خطرناڪ پاڳل، عادت کان مجبور ٿي، يا پهلواني
ڏيکارڻ لاءِ ڦر ڪن ٿا، عورتن کي اغوا ڪن ٿا ۽ جنسي ڏاڍائي ڪن ٿا. ان ڪري هن ملڪ ۾ پوليس
جي سختي ۽ امن امان جي حالت بهتر هوندي به هڪ عام ماڻهو، خاص ڪري ڌارئين آيل کي، ممڪنه
وارداتن کان آگاهه ڪيو وڃي ٿو. بقول هڪ Email جي جيڪا
هتي جي هڪ آمريڪن عورت ڪئي آهي، جيئن عورتون خبردار رهن. هن پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته؛ ”هي توهان پنهنجين زالن، ڀينرن ۽ مائرن
کي پڙهايو ۽ پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن کي به پڙهايو، جيئن انهن کي ڌيان ۾ رهي ته، هيءَ
دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا، ان ۾ ديوانن جي به کوٽ ناهي. اڳتي هلي افسوس جا هٿ ملڻا
پون، ان کان بهتر آهي ته، محتاط رهجي ۽ پنهنجي بچاءَ جا اُپاءَ وٺجن.“
Wednesday, April 10, 2013
سکر کان مريءَ تائين محبت جو سفر خالد ٻانڀڻ
سکر کان مريءَ تائين محبت
جو سفر
خالد ٻانڀڻ
اسان جي ڪوچ، رات جي وقت مريءَ جون پهاڙيون چڙهڻ لڳي ته بس ۾ خيال مٽائڻ
لاءِ ”او بلما“ جي گاني تي سمورا دوست خوب انجواءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳاسين. ڇو جو مريءَ
جو ڏکيو ۽ ور وڪڙن وارو رستو، رات جي اونداهيءَ ۾ اڃا وڌيڪ خوفائتو لڳي رهيو هو. اڃا
ڪجهه هزار فوٽن جي اوچائي تي مس چڙهيا هونداسين ته آسمان ۾ ڇانيل ڪڪرن مان ڪرندڙ برف
جي ڳڙن اسان جو استقبال ڪيو، جيڪي سنبل جي ڊگهن وڻن، پهاڙن ۽ روڊ مٿان ائين ڪري رهيا
هئا، ڄڻ ڪو ئي ڪپهه جا ٻڙا ڇٽي رهيو هجي. رات جي وقت، مريءَ جي شهر ڏانهن ويندڙ هن
روڊ جو سفر، اسان لاءِ انتهائي پرڪشش هو. پري پري تائين ڏهرن، پهاڙن جي چوٽين تي رنگ
برنگي بتيون ٽمٽائي رهيون هيون. اسان جي اڳلي منزل پنجاب هائوس هيو، جتي پنجاب حڪومت
پاران صحافين جي وفد لاءِ بندوبست ڪيو ويو ھيو. هتي هڪ ٻي ڳالهه چوڻ ضروري سمجهندس
ته هن مهل تائين اسان جيترو به سفر ڪيو هو، ان ۾ نصرالله وسير، مدثر ڪلهوڙو ۽ عمران
شيخ جا ڀوڳ چرچا ۽ صلاح الدين جي ڪڪڙ وارن آواز ڪڍڻ تي ٽهڪن جا ٽاڪوڙا متل هئا. شايد
رات جا ۹ ٿيا
هئا، اسان پنجاب هائوس جي گيٽ تي پهتاسين. مون کي برف تي هلڻ جو تجربو نه هيو.
جنھن سبب الاهي وزني بريف ڪيس، ريلنگ تي ڇڪيندو، هائوس جي چاڙهي چڙهي رهيو هئس ته پير
نڪري ويا. وڃي برف مٿان ڦهڪو ڪيو. هٿن گوڏن ۾ ڏاڍا ڌڪ لڳا. ان کان پوءِ هڪ مان نه پر
ڪافي سنگت جون قطارون لڳي ويون، رڳو ڦهڪا هئا. مون کي فاروق سومري، بريف ڪيس ڇڪرائي،
ڪمري تائين پهچرايو. ها هڪ ٻي ڳالهه ته سکر پريس ڪلب جي صحافين واري وفد ۾ پنوعاقل
جا صحافي دوست جنهن ۾ فقير پريل دايو، عبداش ڊيهو، منير شيخ ۽ مولانا عبدالله چاچڙ
به گڏ هئا. اسان پنجاب هائوس پهچي ڪري، سي ايم واري اين اي ايڪس اي ۾ ٺهيل ڪمرن تي
پنهنجو سامان اڃا مس رکيو هو ته ٻاهر سنوفال شروع ٿي وئي. دوستن جي رڙين تي مان ٻاهر
نڪري آيس. ڇو ته مون کي سنو فال ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ اها سنوفال جيڪا پهريان رڳو ٽي
وي تي ڏٺي هئي، اڄ نه رڳو ان کي ڏٺو پر سنوفال سان سڄو پاڻ کي اڇو ڪري ڇڏيو. ائين لڳي
رهيو ھيو، ڄڻ جسم تي اڇي چادر ويڙهي ڇڏي آهي.
Sunday, April 07, 2013
ڪافڪا جو چيڪوسلواڪيه - اسحاق انصاري
ڪافڪا جو چيڪوسلواڪيه
اسحاق انصاري
سال ۱۹۸۹ ۾ اسلام آباد يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۾ منهنجي ڪمپيوٽر
سکڻ جي ٽريننگ لڳي. اها ٽريننگ اصل ۾ هئي ته ايٽامڪ انرجي ڪميشن وارن جي پر جيئن ته
اهي يو جي سي، جي عمارت استعمال ڪندا هيا تنهنڪري انهن پاڻ ۾ اهو معاهدو ڪيو هو ته
هنن جي پنهنجن آفيسرن کان علاوهه پاڪستان جي يونيورسٽين جا ۱۰
استاد به هر بيچ ۾ شامل هوندا.
ان ئي سلسلي ۾ مان به اتي ٽريننگ ڪري رهيو هيس ته ۱۹۹۰ جو نئون سال به اچي پهتو.
نئين سال ملهائڻ ۽ ڪنهن جي جي وارن جي ڇانو ۾ ڪجھه ڏينهن سڪون سان گذارڻ لاءِ مان لاڙڪاڻي
۽ خيرپور پهتس. ان ئي ڏينهن دوران جڏهن لطيف يونيورسٽي جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجي
آفيس ۾ ويٺو هيس ۽ وڏن وارن واري به مون سان گڏ ويٺي هئي ته ٽپالي هڪ لفافو منهنجي
هٿ ۾ ڏئي ويو. لفافي جي ٻاهران منسٽري آف ايجوڪيشن اسلام آباد لکيل هو. مون لفافو کولي
خط پڙهيو ته ان ۾ لکيل هو ته مون کي پي ايچ ڊي ڪرڻ لاءِ چيڪوسلوواڪيا جي حڪومت طرفان
اسڪالرشپ منظور ڪئي وئي آهي. منهنجو من خوشي مان جهومڻ لڳو. پر مون سان گڏ ويٺل اداس
ٿي وئي، انڪري جو مان کانئس پري هليو ويندس. مان وري سوچن ۾ گم هيس ته مون ان ملڪ لاءِ
ڪڏهن درخواست ڏني ئي نه هئي پر پوءِ مونکي ياد آيو ته منسٽري آف ايجوڪيشن جي هڪ اشتهار
جي موٽ ۾ مون به ڪلچرل ايڪسچينج اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏني هئي، جيڪا گھڻن ملڪن لاءِ
هئي ۽ شايد منهنجي سبجيڪٽ جي حساب سان مون کي ان ملڪ ۾ داخلا ملي هئي. سچ ته ان وقت
ان ملڪ جي باري ۾ مون کي ڪا گھڻي ڄاڻ نه هئي، سواءِ جيولس فيوچڪ جي ڊائريءَ جي يا وري
ٿوري گھڻي ڪافڪا جي باري ۾ معلومات هئي. ٻيو وري هڪ دوست ٻڌايو ته اتان جا رومال سٺا
ٿيندا آهن ۽ هتي ملندا آهن. هڪ شڪاريءَ وري اتان جي بندوق جي تعريف ڪئي. پر منهنجي
ته يونيورسٽيءَ ۾ ٽيچر ٿيڻ کان پوءِ هڪ ئي خواهش هئي ته ٻاهران ڪٿان پي ايڃ ڊي ڪيان.
انڪري مون کي اهو فڪر نه هو ته ڪهڙي ملڪ جي اسڪالرشپ ملي ٿي. هونئن ان اسڪالرشپ ملڻ
جو هڪ وڏو سبب اهو هو ته سفارشن وارا سڀ همراهه آمريڪا، برطانيا، ڪيناڊا يا آسٽريليا
وڃڻ لاءِ ڪوششون ڪندا آهن انڪري ان ملڪ ڏي ڪنهن وڃڻ جو سوچيو ئي نه هوندو تنهنڪري اسان
جهڙن کي موقعو ملي ويو.
سن آنٽونيو جا جن - فيض کوسو
سن آنٽونيو جا جن
فيض کوسو
ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته آمريڪا جي شهر هوسٽن وڃڻ ٿيو. هونئن ته هوسٽن ڪيئي
ڀيرا وڃڻ ٿيو آهي، پر هن دفعي ڪجهه ڳالهه ئي ٻي هئي، جنهن مون کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو
آهي. اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ته جن/ ڀوت يا انهن جو اثر اڪثر ماڻهن تي رهندو آهي،
پوءِ اهي سچا هجن يا ڪوڙا، ليڪن شهر جي هر هڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جن ۽ ڀوت ڪڍڻ وارا ٺڳ ۽ پيسا
ڦرڻ وارا اوهان کي جٿي ڪٿي ملندا، ٺڳيون ڪري جاهل، اڻ پڙهيل ۽ غريب ماڻهن کان پيا پئسا
ڦريندا يا انهن سان طرح طرح جون زيادتيون ڪندا. ليڪن سن آنٽونيو San Antonio جا جن ۽ ڀوت يا انهن کي ڀڄائڻ وارا اڃا اتي ڪو نه
پهتا آهن. اچو ته اوهان کي انهن ڀوتن جو احوال ٻڌايان ته اهي ڇا ڪندا آهن ۽ ڪهڙي قسم
جا ٿيندا آهن.
Monday, April 01, 2013
سنڌ جي ڇوڪرين کي خبردار رهڻ گهرجي - الطاف شيخ
سنڌ
جي ڇوڪرين کي خبردار رهڻ گهرجي
الطاف
شيخ
منهنجا پڙهندڙ اڪثر ٽيليفون يا اي ميل ذريعي مختلف قسمن جا
سوال پڇندا رهن ٿا. هڪ ميڊيڪل جي چوٿين سالَ جي شاگردياڻيءَ پڇيو آهي ته هن جو
مڱڻو ٿيو آهي ۽ گهوٽ وارا چون ٿا ته وڌيڪ
نه پڙهان جو هو پئسي وارا زميندار آهن ۽ هو عورتن جي نوڪري ڪرڻ کي پنهنجي گهٽتائي
سمجھن ٿا. منهنجو ان قسم جي سوال جو جواب هوندو آهي ته ڇوڪريءَ لاءِ شادي ڪرڻ به
ضروري آهي ۽ پنهنجي ٿيڻ واري مڙس ۽ ساهرن جو چيو مڃڻ ۽ عزت ڪرڻ به اسان جي دين ۽
اخلاق ۾ آهي پر ان قسم جي ڪوڙي انا ۽ کوکلي شان، اسان سنڌين کي ڪجهه وڌيڪ ئي پٺتي
ڪري ڇڏيو آهي. اهڙين شاگردياڻين تي مون کي ڏک ٿيندو آهي ته ان کان بهتر هو ته هو
ميڊيڪل يا انجنيئرنگ جهڙن پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا نه وٺن ها ته سٺو. انهن جي جاين
تي ڪي غريب ڇوڪريون اچن ها جيڪي پڙهي ڳڙهي نوڪري ڪري پنهنجي ڪٽنب ۽ قوم جي خدمت ڪن
ها. ساڳئي وقت مون کي اهڙن وڏيرن، زميندارن ۽ پئسي وارن جي حال تي افسوس ٿيندو آهي
جيڪي علم کان وڌيڪ پئسي کي مانُ ڏين ٿا. مون کي اڄ کان ۵۰ سالَ اڳ جا ڏينهن ياد اچن ٿا ته ۱۹۶۳ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد مون کي جهازن جي انجنيري (Marine Engineering) پڙهڻ لاءِ چٽگانگ وڃڻو پيو ٿي.
ڳوٺ جو عورتون مبارڪون ڏيڻ کان وڌيڪ منهنجي ماءُ کي اهو چوڻ لڳيون ته تون ڪهڙي ماءُ آهين جو پٽ کي هيڏو پري
ٿي موڪلين! توهان وٽ ته ايڏيون زمينون آهن جو ست پيڙهيون گهر ۾ ويهي کائين. پوڙهين جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي به دل سست ٿيڻ
لڳي پر چڱو جو والد صاحب مونکي دڙڪو ڏيندي چيو: ”آئون پيءُ جو اڪيلو پٽ ۽ وارث
هوندي به تعليم لاءِ اُٺن تي چڙهي بمبئي ۽ پوني ويندو رهيس. توکي هوائي جهاز ۾
ويندي به مونجھارو ٿئي ٿو“...... ۽ پوءِ مون
ڏٺو ته اها زمين جنهن لاءِ ست
پيڙهيون ٿي گهر ۾ ويٺيون اها منهنجي اڳيان سِم ۽ ڪَلر جو شڪار ٿي وئي ۽ رب جو شڪر
ٿو ڪريان ته تعليم ۽ هنر حاصل ڪري ورتم جنهن مان گذر سفر ٿيندو رهيو.
Subscribe to:
Posts (Atom)