Monday, June 17, 2013

پراگ- اسحاق انصاري

پراگ
منهنجو محبوب شهر
اسحاق انصاري
جڏهن پاڪستان کان چيڪو سلوواڪيا پهتو هيس ته رڳو هڪ رات پراگ ۾ رهيو هيس ۽ ٻي ڏينهن تي سلوواڪيا جي شهر براتيسلاوا هليو ويو هيس، انڪري پراگ نه گھمي سگھيو هيس. ان ئي ڏينهن ڪائيتنڪا هاسٽل ۾ اسلم ٻڌايو هو ته پراگ ۾ هڪ سنڌي ابرار مري به رهي ٿو. سو ڪجھه ڏينهن کانپوءِ ويڪ اينڊ تي منهنجو يمني روم ميٽ پراگ لاءِ تيار ٿيو ته مان به ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس. اسان رات واري ٽرين ۾ چڙهي صبح جو سويل پراگ اسٽيشن تي پهتاسين، جتي پهريائين ته اسٽيشن جي ريسٽورنٽ ۾ نيرن ڪيئين. هتان جي اسٽيشن جي ريسٽورنٽ کي پنهنجين اسٽيشن جي ريسٽورنٽس سان نه ڀيٽڻ کپي. اسٽيشن جا ريسٽورنٽ به ايتري ئي اسٽينڊرڊ وارا هيا جيترا وچ شهر جا ريسٽورنٽ. منهنجي پارٽنر فهد کي ته ڪنهن ٻي هاسٽل وڃڻو هو پر جيئن ته مون کي پراگ جي ڄاڻ ڪو نه هئي، انڪري هو پهريائين مون کي اسلم جي ڪمري تي ڇڏڻ آيو. جنهن آڌرڀاءُ ڪيو، مون کيس چيو ته هو مري کي گھرائي وٺي. هن مريءَ کي فون ڪئي، جيڪو ڪلاڪ ٻن جي وقفي کان پوءِ پهتو، هن جي پهچڻ کان اڳ منهنجي ذهن ۾ خيال پيا اڀرن ته اهو مري وري الائي ڪهڙي طبيعت جو هوندو، شيروف جهڙي ڪا ور وڪڙ ڏاڙهي هوندس. پر مون سوچيو ته ڪهڙو به هجي پر گھٽ ۾ گھٽ سنڌي ڳالهائڻ وارو ته هوندو، ٻيون ٻوليون ڳالهائي ڳالهائي ته وات ئي ڦِڏو ٿي ويو آهي. اسلم وارا به مارڪيٽ وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هيا جو کين سڄي هفتي جي خريداري ڪرڻي هئي، هن جو پارٽنر انڊيا جو هو. سندن تيارين مان ۽ ڪمري جي صفائي مان ائين به محسوس پئي ٿيو ته سندس گرل فرينڊز به اچڻيون آهن تنهن ڪري انهن کان اڳ ۾ مون مان جان ڇڏائڻ چاهن پيا. ٿوري دير ۾ دروازو کڙڪيو ته اسلم دروازو کوليندي چيو“ آئو مري ڀائي آئو“، مون ڪنڌ ورائي در جي مٿين چانئنٺ ڏي ڏٺو ته ڏسان ته اهو مري ڪهڙو آهي پر دروازي جو ته سڄو فريم خالي هو، اڌ فريم ۾ هڪ سمارٽ نوجون نظر آيو، ڪلين شيو، مون چيو واهه مولا تنهنجا رنگ، مري اهڙا به ٿيندا آهن. پوءِ هو به مونسان مليو سندس ڀاڪر جي پيار ۽ گرميءَ مان محسوس ٿيو ته جوان دوستي رکڻ جي قابل آهي. ٿوري دير ۾ حال احوال ٿيا. هو سانگھڙ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جو آهي، تاج محمد مري جو مائٽ آهي. مونکي سندس شڪل ٿوري ٿوري ڏٺل لڳي، جڏهن کيس اهو ٻڌايم ته هن به مون طرف غور سان ڏٺو، پوءِ هن به اهڙو اظهار ڪيو،. نيٺ ڳوٽ اها ڀڳي ته هو به انهن ئي سالن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هيو، جن ۾ مان پڙهندو هيس ۽ شايد اتي ئي هڪٻئي کي ڏٺو هيوسين. مون واري روم پارٽنر موڪلايو، ابرار مريءَ کيس پنهنجي هاسٽل جي ايڊريس ٻڌائي ته وڃڻ واري ڏينهن تي اتي اچي ته جيئن پوءِ وري اسان گڏجي واپس براتيسلاوا وڃون. مان ۽ مري، اسلم کان موڪلائي سامان کڻي، ويترنيڪ هاسٽل تي آياسين جتي ابرار جي رهائش هئي. هاسٽل جون ٻه منزلون هيون. رسيپشنسٽ کي ابرار چيڪ ٻوليءَ ۾ الائي ڇا چيو. چيڪوسلوواڪيا ۾ هاسٽل تي مهمان رهائڻ لاءِ اجازت وٺڻي پوندي هئي پر گھڻو ڪري، فارينر شاگر، ريسپشنسٽ ۽ هاسٽل جي ٻي عملي سان دوستاڻو رويو رکڻ ڪري اها اجازت گھٽ وٺندا هيا، سو مريءَ به هن کي کِل کِل ۾ منهنجي رهڻ جو ٻڌايو. ڪمري تي پهچي، هن ڪافي ٺاهي، تيستائين مان وهنجڻ لاءِ ڪمري جي ڀرسان ئي ڪامن باٿ روم ۾ هليو ويس. وهنجي موٽيس ته مري، مون ڏانهن ڏسي مرڪي رهيو هو. مون کانئنس پڇيو ته ڇو ٿو کلين؟ ته هن چيو ته “وهنجڻ خاني ۾ تون اڪيلو هئين ڇا؟”

لنڊن جو ٽاور برج ۽ لانچ جو سفر - عبدالحي پليجو

لنڊن جو ٽاور برج ۽ لانچ جو سفر
عبدالحي پليجو
اسان لنڊن شهر ۾ سياحت جو لطف وٺي رهيا هئاسين، درياءَ ۾ ٻيڙين ذريعي ٿيندڙ سير ڪرڻ سان جيڪو لطف حاصل ٿئي ٿو. سو خشڪيءَ تي سير ڪرڻ سان هرگز حاصل ٿي نٿو سگهي. ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ ۾ معلوم ٿيندو ته، درياءَ جي ڪناري ۽ ان جي آسپاس شهر ڪيئن وڌيو. هتي ڪافي اهڙيون ڪمپنيون آهن، جيڪي ٽيمز نديءَ ۾ سير ڪرڻ لاءِ موٽر لانچون هلائينديون آهن، اهي لانچون ويسٽ منسٽر پل وٽ ٺهيل ٿلهين (Piers) کان پوري شهر ۾ درياءَ جو سير ڪرائين ٿيون. ويسٽ منسٽر کان گرين وچ تائين هلندڙ پيسنجر بوٽ سروس، ويسٽ منسٽر پيئر يعني ٿَلهي کان ٿئي ٿي ۽ اپريل، مئي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ ساڍي ڏهين بجي صبح کان هر اڌ ڪلاڪ ۾ ساڍي چار بجي شام تائين جاري رهندي آهي. جون ۽ آگسٽ مهينن ۾ روزانو ساڍي ڏهين بجي صبح کان ساڳئي وقفي سان پنجين بجي شام تائين اها سروس هلندي آهي. ويسٽ منسٽر پيسنجر ايسوسيئيشن لميٽيڊ طرفان اوڀاري وهڪرن ۾ هلندڙ لانچون ويسٽ منسٽر پيئر کان هلي ڪيو هيمپٽن ڪورٽ تائين وڃن ٿيون، هنن لانچن ۾ بارون پڻ آهن، هي سروس ايسٽر واري تهوار کان اڳ ۾ ايندڙ سومر کان شروع ٿئي ٿي ۽ آڪٽوبر جي آخر تائين روزانو کليل رهي ٿي. هن سروس ۾ ويسٽ منسٽر پيئر کان ڪيو تائين اڍائي کان چار ڪلاڪ کن وقت لڳيو وڃي. انهيءَ جو دارومدار وير تي هوندو آهي. بالغن لاءِ اوٽ موٽ ٽڪيٽ اٺن کان ٻارهن پائونڊ، چئن کان چوڏهن سالن جي ٻارن لاءِ چار کان ست پائونڊ آهي. مئي کان سيپٽمبر تائين هتان شام جو پڻ لانچون هلنديون آهن، اهي روزانو ساڍي ستين ۽ ساڍي اٺين بجي شام جو هلنديون آهن. اهي لانچون خاص آرڊر تي رات جو ساڍي نوين بجي پڻ هلايون وينديون آهن. انهن جو هڪ طرفو ڀاڙو بالغن لاءِ پنج  پائونڊ ۽ ٻارن لاءِ 3.50 پائونڊ آهي.

Tuesday, June 11, 2013

مِلينسڪا دولينا - اسحاق انصاري

مِلينسڪا دولينا
هِڪ پيار واري ماٿري
اسحاق انصاري
ٻوليءَ وارو اسڪول ختم ڪرڻ کانپوءِ، ميلنسڪا دولينا(چڪيءَ واري ماٿري)، ۾ مونکي هڪ هاسٽل ملي جنهنکي اتان جي ٻوليءَ ۾ Manželský internát چيو پيو وڃي. جنهنجي معنى آهي، شادي شده وارن لاءِ هاسٽل، اصل ۾ ان هاسٽل ۾ يونيورسٽي جي شادي شده شاگردن کي رهائش ڏني ويندي هئي. ڪِنِ يونيورسٽيءَ جي ڇڙن ملازمن کي به ان ۾ رهايو ويندو هو. ان کان علاوهه پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن کي به ساڳي هاسٽل ۾ رهايو ويندو هو(ڊاڪٽريٽ جي شاگرد کي هو پنهنجي يونيورسٽي جي ملازمن جو حصو سمجھندا هيا نه ڪي شاگرد). ڊاڪٽريٽ جي شاگرد هجڻ جي ناتي، مونکي به اتي ڪمرو مليو، هاسٽل ۾ هر فلور تي ٽي دروازا هيا جن ۾ اندر داخل ٿيڻ سان هڪ ورانڊو هيو، جنهن ۾ وري ٽي ڪمرا هيا، ٻن ڪمرن کي بالڪونيون هيون ۽ هڪ کي رڳو دريون. ان ورانڊي جي هڪ ڇيڙي تي بجليءَ تي هلندڙ ماني پچائڻ وارو هيٽر لڳل هو ۽ ٻي ڇيڙي تي وري واش روم ۽ ليٽرين هو. مونکي ساڄي هٿ وراو ڪمرو مليو، جنهن ۾ بالڪوني به هئي. منهنجو ڪمرو ڇهين ماڙ تي هيو ۽ ان جو نمبر هو H-623، مونکي ڪمرو وڻيو، پر منهنجي ڪوشش اها هئي ته ان ڪمري ۾ ٻيو ڪو پارٽنر نه اچي اڪيلو رهان. ان سلسلي ۾ وري ڊاڪٽر ذڪاءَالله، ڪم آيو جنهن، اتان جي ايڊمنسٽريٽر تومڪووا کي چيو ته في الحال ڪنهنکي به ان ڪمري ۾ نه موڪلي جيڪڏهن اهڙي ڪو زور پئي ته اسان کي ٻڌائي ته جيئن اسان ڪو ٻيو بندوبست ڪيون. ڊاڪٽر ذڪاءَالله، راولپنڊي جو آهي، هن اتان ئي ڊاڪٽري ڪئي ۽ شادي ڪري اتان جي هڪ ننڍي شهر چادسا ۾ رهندو آهي. پراڻي شاگرد هئڻ ڪري يونيورسٽي ۾ سندس سڃاڻپ هئي.  ٻي ڪمري ۾ شروع ۾ ڪوئي نه رهندو هو. باقي هڪ ڪمري ۾ ايٿوپيا جا ٻه ڊاڪٽر، بهارو، ۽ ٻيو (هاڻي نالو ياد ناهي) رهندا هيا جيڪي ميڊيڪل ۾ پي ايڇ ڊي ڪندا هيا.

Tuesday, June 04, 2013

ماتيتسا سلووينسڪا يا سلوواڪن جي ماءُ - اسحاق انصاري

ماتيتسا سلووينسڪا يا سلوواڪن جي ماءُ
اسحاق انصاري
گذريل ڀيري جيئن ته پهرين مئي ويجھي هئي انڪري ان موضوع تي لکڻو پيو. جڏهن ته اسان جون ڳالهيون ٻوليءَ واري اسڪول جي ٽوئر جون هليون پئي. اسان جي ٻي منزل سلوواڪيا جو پراڻو شهر مارتن هو. مارتن شهر 10 صديون پراڻو آهي. هي شهر انڪري به اهميت رکي ٿو جو هن شهر ۾ سلوواڪيا جي قومي ميوزيم، ماتيتسا سلووينسڪا ۽ پراڻي ڳوٺن جي هڪ اوپن ايئر ميوزيم آهي. انکان علاوه هن شهر ۾ سلوواڪيا جا فوجي ساز و سامان به ٺهندا هيا جن ۾ ٽينڪون به شامل آهن. يورپ جي هڪ عجيب ۽ سٺي ڳالهه اها آهي ته سندن وڏا شهر ته خوبصورت ۽ سهولتن سان ڀرپور هوندا آهن پر سندن ننڍا شهر يا ڳوٺ ته ان کان به وڌيڪ سٺا ۽ سهڻا هوندا آهن. هڪ ته اتان جي آدمشماري گھٽ هوندي آهي ٻيو ته اتن جون گھٽيون، روڊ، چونڪ، پراڻيون گرجائون، پب ۽ ريسٽورنٽ خوبصورت هوندا آهن. اهڙي ريت مارتن به سلوواڪيا جو اٺون يا نائون نمبر وڏو شهر آهي. پر اهي شهر وڏا ڳوٺ سمجھيا وڃن ته بهتر. ڇو جو پوري سلوواڪيا جي آبادي 54 يا 55 لکن کان مٿي نه آهي. ان حساب سان ڏسبو ته شهرن ۾ ڪيتري آبادي هوندي. مونکي وري الائي ڇو، گھٽ آبادي يا ٽريفڪ وارا هنڌ پسند ايندا آهن. جنهنڪري مارتن به مون کي ڏاڍو وڻيو.

براتيسلاوا - اسحاق انصاري

براتيسلاوا
حُسن ۽ سلوواڪيا جي گاديءَ جو هنڌ
اسحاق انصاري
چيڪو سلوواڪيا ۾ شهرن اندر ٽرانسپورٽ لاءِ بسون، ٽرالي بسون(جن جي مٿان ٻه ڏنڊا لڳل هوندا هيا ۽ اهي ڏنڊا وري بجلي جي تارن کي ڇهندا هيا جنهن تي اهي بسون هلنديون هيون)، ۽ ان کان علاوهه بجليءَ تي ئي هلندڙ ٽرامون به هونديون هيون. انهن تي سواري ڪرڻ لاءِ اسٽاپن تي مشينون لڳل هوندون هيون جن ۾ سڪا وجھي گھربل روٽ واري ٽڪيٽ حاصل ڪبي هئي، جيڪا وري بس يا ٽرام ۾ چڙهڻ وقت اتي ڪنهن ڏنڊي تي هڪ ننڍي مشين يا ايئن چئجي ته ڪاغذ کي فائيل ۾ هڻڻ کان اڳ پنچنگ مشين جي ذريعي جيئن سوراخ ڪري پوءِ لڳائبو آهي ته اهڙي قسم جي ننڍي مشين يا اوزار لڳل هوندو هو، جنهن ۾ ٽڪيٽ وجھي زور ڏبو هو ته ان ٽڪيٽ ۾ سوراخ ٿي ويندو هو(گھڻو پوءِ ڊجيٽل اوزار آيا) سواريءَ ۾ چڙهڻ سان هرڪو ڄڻو پهريون ڪم اهو ڪندو هو، جنهن مان هنن جي احساس جوابداريءَ جي خبر پوندي هئي. ننڍي ٻار کي پاڻ ڀاڪر ۾ ڀري مٿي کڻي ان اوزار ۾ ٽڪيٽ وجھي پنچ ڪرڻ سيکاريندا هيا ته جيئن اها هن جي عادت بڻجي وڃي. بسن يا ٽرامن ۾ ڪو به ڪنڊڪٽر وغيره نه هوندو هو. رڳو ڊرائيور هوندو هو. پر تڏهن به ڪو ٽڪيٽ جي چوري نه ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو انسپيڪٽر چڙهي، ماڻهن جي ٽڪيٽ چيڪ ڪندو هو ۽ نه هجڻ يا سوراخ نه هجڻ جي صورت ۾ ان تي ڏنڊ وجھندو هو. ڪڏهن ڪڏهن فارينر شاگرد بي ايماني ڪندا هيا. ٽڪيٽ هٿ ۾ کڻي ان ڏنڊي وٽ بيهي رهندا هيا ۽ جي ڪو انسپيڪٽر چڙهيو ته ان کي مشين ۾ وجھي سوراخ ڪندا هيا نه ته وري ٻي ڀيري لاءِ بچائي رکندا هيا. پر اتان جا ماڻهو يا شاگرد مهيني، ٽن مهينن يا ڇهن مهينن جا اڳواٽ پيسا ڏئي ڪارڊ حاصل ڪندا هيا ۽ پوءِ ان تي اڻ کُٽ ۽ سڄي شهر ۾ ڪنهن به سواري يعني بس، ٽرالي بس يا ٽرام تي سواري ڪري سگھندا هيا. سياح به جيڪڏهن چاهيندا هيا ته چوويهن ڪلاڪن، ٽن ڏينهن يا ستن ڏينهن لاءِ اهڙي ٽڪيٽ وٺي سگھندا هيا جيڪا مناسب قيمت تي هوندي هئي. سو شروع ۾ مان به اهڙي ٽڪيٽ وٺي سڄي شهر جا چڪر هڻندو هيس.

Monday, June 03, 2013

وِيخودِنا، رنگن ۽ رقصن جو ميلو - اسحاق انصاري

وِيخودِنا، رنگن ۽ رقصن جو ميلو
اسحاق انصاري
مئي ۽ جون جو مهينو، چيڪو سلوواڪيا ۾ گرميءَ جو مهينو ليکجي ٿو. پر اها موسم اسان واري گرمي جي موسم نه سمجھڻ گھرجي جنهن جي جھولن جي تپش وايو منڊل جي گرمي پد کي ۵۰ ڊگري کان به مٿي وٺي وڃي ٿي. جڏهن ته چيڪو سلوواڪيا جي اها گرمي ڏينهن جو ۲۸ يا ۳۰ تائين وڃي ته وري شام ۽ رات جو ۱۲ يا ۱۵ تائين به ٽيمپريچر کي پهچائي ٿي ڇڏي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جونڙاين جي سونهري جسمن تان لهندڙ ڪپڙن جي بار جي ڪري اسان جهڙن جي اندر جي گرمي پد کي ماپڻ لاءِ ڪي نوان ٿرماميٽر ايجاد ٿيڻ گھرجن. جون ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ سلوواڪيا ۾ اتان جي هِل اسٽيشن تاترا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ويخودنا، ۾ ٽن ڏينهن جو عالمي لوڪ موسيقي ۽ فن جو ميلو ٿيندو آهي. ۱۹۹۲ جي مهيني ۾ ادا اشتياق انصاري جي هڪ ٽريننگ انگلنڊ ۾ لڳي هئي، پوءِ مون کيس گھڻو زور بار ڀريو ته هو چيڪو سلوواڪيا گھمڻ اچي. شايد، هن جي به اها خواهش هئي، هو به اچي پهتو ۽ آمريڪا مان اسانجي يار نصرجان به اچي پاڻُ پڌاريو. منهنجي به ويڪيشن هئي انڪري، پوءِ ته چيڪو سلوواڪيا کي ڦلهورڻ نڪري پياسين. مون کين هڪ ڀيري چيو ته؛ هتان جي هل اسٽيشن جو چڪر هڻڻ ضروري آهي. ڇو جو اها وري اسان جي ڪوهه مري ۽ ٻين گليات کان ڪي قدر مختلف آهي. اسانجو پروگرام طئي ٿي ويو. منهنجي هِڪڙِي دوست به تيار ٿي ۽ ان جي چوڻ تي ئي ڪنهن مهانگي هوٽل ۾ رهائش جي چونڊ ڪرڻ بجاءِ اتانجي هڪڙي ننڍي ڳوٺ ۾ گھر جو مٿيون پورشن رهڻ لاءِ ورتو. براتيسلاوا کان اسان هڪ هڪ ننڍڙي بيگ، ۽ ڪيمرائون (هڪ هڪ کي ٻه يا ٽي ڪيمرائون هيون)، ۽ گرمي جي ڪري چڍا پائي پنهنجي منزل ڏانهن نڪري پياسين.
ريل رستي، اسان پنهنجي پهرين منزل ليپتووسڪي ميڪولاش هئي. هي شهر اسڪنگ يا هائڪنگ تي وڃڻ وارن لاءِ بيس ڪيمپ جو درجو رکي ٿو. اتان، تاترا جي مختلف هل اسٽيشنن تي وڃي سگھجي ٿو. هونئن ته هِل اسٽيشن تي بس ذريعي به وڃي سگھجي ٿو، پر گھڻا ماڻهو ٽرين جي چونڊ ڪندا آهن. اها ٽرين ننڍي گيج واري هوندي آهي جيئن، اسان وٽ راجا ٽرين جي هوندي هئي. اسان به ٽرين وسيلي وياسين. اصل ۾ تاترا، پهاڙين جو هڪ سلسلو آهي ۽ مختلف هنڌن تي، ڳوٺ، ننڍا ننڍا شهر آهن. منهنجي اها پسنديده جڳهه هوندي هئي. جڏهن به اونهاري ۾ واندڪائي ملندي هئي ته ان طرف نڪري پوندو هيس. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن ٽڪرين تي گھڻا ماڻهو سياري جي مند ۾ گھمڻ ايندا آهن. ڇو جو اهي وري اسڪنگ ۽ اسڪيٽنگ جا شوقين هوندا آهن. اسڪنگ، ۾ پيرن ۾ وڏيون پٽيون جيڪي اڳ ڪاٺ جو هونديون هيون پر هاڻي ته فائبر جون آهن، اهي پائي برف تي گھمبو آهي، ريس به ڪبي آهي ته هڪ لاهي تان ترڪندو پاڻ ڇڏي وڏي کان وڏو جمپ ڪندا آهن، اهڙي ريت انهن جي مختلف قسم جا مقابلا به ٿيندا آهن. اسڪيٽنگ وري بوٽ جي هيٺِان هڪ پٽي يا وڌيڪ ائين چئجي ته ڇُريءَ جيان لوھ يا فائبر لڳل هوندو آهي ۽ اها اسڪيٽنگ وري سخت برف تي ڪبي آهي يعني پاڻي ڄمي برف ٿي ويو هجي. خاص ڪري ننڍن ننڍن تلائن يا ڍنڍن جي ڄمي وڃڻ جي صورت ۾ ان تي اسڪٽينگ ڪبي آهي پر هاڻي ته اسٽيڊيم ٺهيل آهن جن ۾ برف ڄمائي ٿي وڃي. اسڪيٽنگ ۾ وري فگر اسڪيٽنگ ڏسڻ وٽان هوندي آهي جنهن ۾ موسيقي تي ڪنهن ڪوريوگرافي تي ڊانس ڪندا آهن. اڳ ۾ ته گھڻو ڪري ان تي ڪلاسيڪل ميوزڪ يا سيمفني هونديون هيون پر هاڻي پاپ ميوزڪ تي به فگر اسڪيٽنگ ڪئي وڃي ٿي. فگر اسڪٽينگ جا مقابلا به سڄي دنيا ۾ ٿين ٿا. نه رڳواهو پر اونهاري جي اولمپڪ جيان سياري جي اولپمڪ ٿئي ٿي جنهن جو بنياد به ۱۹۰۱ کان پيو پر ۱۹۲۴ کان مستقل طور تي ٿيندي رهي ٿي سواءِ مهاڀاري لڙاين وارن سالن جي، انهن سالن ۾ ته اونهاري واريون اولمپڪس به نه ٿيون هيون.
پر اسان فارينرس مان گھٽ شاگرد ئي اسڪنگ يا اسڪيٽنگ ڪندا هيا. اسان وارو هڪ عراقي دوست چوندو هو ”بردر، اهو ڪم ناهي ڪرڻو، ڇو جو هتي ته مصنوعي ٻانهون ڄنگھون به گورن جي لاءِ ٺهيل آهن، اسان لاءِ ته اسپيئر پارٽس به نه ملندا؟. هونئن ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها راند خطرناڪ آهي، ۽ ڪيترا ڀيرا گھڻن دوستن جا هٿ پير ٻڌل ڏٺاسين.“
ٽرين ۾ ماڻهو اوسي پاسي جا نظارا سهڻي نموني ڏسي سگھي ٿو. حقيقت اها آهي ته هر نظارو ڏسي اتي رهڻ تي دل چاهيندي آهي. برسات شروع ٿي چڪي هئي، ۽ اسانجي هٿن ۾ پڪڙيل بوتلون به ختم ٿي رهيون هيون، ته منهنجي سنگت پنهنجي سونهري وارن وارو سِر منهنجي ڪلهي تي رکي اهلي پئي ۽ مونکي شاهه سائينءَ جو شعر ياد آيو، جنهن جو اصل مقصد ۽ ماڳ ته پيو آهي پر ياد ڪري مزو اچي ويو.
اڱڻ تازي، ٻهر ڪنڍيون، پکا پٽ سونهن
سُرهي سيج پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن
اسان ۽ پرين، شال هون برابر ڏينهڙا
نصر، مون ڏانهن ڏسي کنگھر ڪئي، ته مون کيس چيو؛ ”استاد ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪا رِيس.“
ته وراڻيائين؛ ”اهو جملو ٻڌو ٿي، حُور ۽ لنگور وارو؟“
مون چيو؛ ”ها ٻڌو آهي ۽ اميد ته تو به اهو ٻڌو هوندو؛ گدڙ ڊاک تي نه پڄي پوءِ آکي ٿو کٽا!“
اشتياق انصاري، اسان جي ڳالهين مان محظوظ ٿي رهيو هو. پر نصر نه مڙيو، تنگ ڪندو رهيو. چيائين؛ ”ٽين!“
مون کيس جواب ۾ چيو؛ ”گابي“. اهي، لاڙڪاڻي ۽ خاص ڪري لاهوري محلي جا چيڙائڻ جا فقرا آهن. نيٺ مايوس ٿي پنهنجو ڪنڌ، اشتياق انصاريءَ جي ڪلهي تي رکندي چيائين؛
مين ڪيا ڪرون رام، مجھي بڍا مِل گيا اسان جي هنيان ڦاڙ ٽهڪن تي ٽرين جي دٻي جي سڀني اسان ڏانهن ڏٺو ته سنگت به اٿي پئي. پوءِ نصر ڳائڻ شروع ڪيو برسات ڪا موسم هئي... اسان ٻئي ڊانس واري انداز ۾ اشارا ڪرڻ لڳاسين، فلمن ۾ ته ان موقعي تي هيروئڻ ارهه به لوڏائيندا آهي پر اسان وٽ هجن ته لڏن، انڪري اسان ٻنهي هٿن سان ارهن کي پئي هيٺ مٿي ڪيو ته مون واري سنگتياڻي جلدي مان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ته ڪوئي ڏسي ته نه رهيو آهي، ڇو جو کيس اهو ڊپ هو ته ڪٿي اسان کي ماڻهو “گي“ نه سمجھي وٺن.
خير اسان جي منزل اچي وئي. ليپتووسڪي ميڪولاش ۾ لهي، شهر جو واءُ سواءُ وٺڻ نڪتاسين شهر تمام گهڻو خوبصورت هو، اهو شهر تيرهين صديءَ ۾ وجود ۾ آيو هو، انڪري اتان جون ڪجھه عمارتون ۽ خاص ڪري چرچ ته تمام گھڻي پراڻي ۽ خوبصورت هئي.
اتان پوءِ وري ويجھي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين جتي اسان پنهنجي لاءِ گھر بوڪ ڪرايو هيو. اتان جي اسٽاپ تي لهي، ٻنين ۽ ٻيلن مان پنڌ ڪندا ان ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين. ڪن ٻنين ۾ ڪڻڪ جو فصل هو، پس منظر ۾ تاترا جون برف سان ڍڪيل چوٽيون نظر اچي رهيون هيون. بهرحال خوبصورت منظر ڏسندا ڳوٺ پهتاسين، ڳوٺ ڪهڙو هو، ٻه يا ٽي کن گھٽيون هيس مطلب ته ڪي پنجاهه کن گھر مَس هيس. اتفاق سان اها رات ڪا چانڊوڪي جي هجي، ٻنيون ڪڻڪن جي سونهن سنگن سان سهڻيون لڳي رهيو هيون. ڳوٺ جي ڪنهن ڪنهن گھر مان رات جو ڪڪڙ جي ٻانگ اچي رهي هئي. ته ڪڏهن وري ڪتا ڀونڪي رهيا هيا، مون کي ته اهي ڳالهيون گھڻو مزو ڏئي رهيون هيون ڇو جو گھڻي وقت کان پوءِ مان اهو سڀ ڪجھه ٻڌي ۽ ڏسي رهيو هيس. سهڻي رات جي گذرڻ ۾ ڪهڙي دير ٿي لڳي!
صبح جو وري اسان پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي، اسانجو سفر، ڳوٺ ويخودنا ڏانهن هيو. اتي پهچڻ ۾ ڪا گھڻي دير نه لڳي، شهر تمام ننڍو هو، پر شهر ۾ رش به هئي ڇو جو ان ميلي کي ڏسڻ لاءِ دنيا مان گھڻا ماڻهو ڪهي اچن ٿا. اندازي موجب ان ميلي کي ڏيهين ۽ پرڏيهين کي ملائي ٽن ڏينهن دوران ۷۰، ۸۰ هزار کن ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. ان کان علاوه سراسري طور تي ۱۵۰۰ فنڪار حصو وٺن ٿا. اسان به پنهنجو رخ ان اميفي ٿيئٽر ڏانهن رکيو جتي اهو ميلو مچندو آهي، هونئن گھڻو ڪري ٻين سڀني جو به ان طرف رخ هيو. سلوواڪيا جا ماڻهو پنهنجن ٻارن ٻچن سميت آيل هيا ۽ مونکي خوشي ٿي ته هو پنهنجي ثقافت سان ايترو پيار ڪن ٿا. هنن خاص ڪري پنهنجي ٻارڙن کي سلوواڪيا جي ٽريڊيشنل ڊريس پهرائي هئي، جنهن تي به اسانجي سنڌي ڀرت جيان ڪم ٿئي ٿو. ان کي هو ڪروئِي سڏين ٿا. ٻار ته هونئن ئي پيارا ٿين ٿا پر ان ڊريس ۾ اڃان وڌيڪ پيارا پئي لڳا، نه رڳو ٻار پر جوان ڇوڪريون به ان ڊريس ۾ ڪُهڻ لاءِ آتيون هيون. گھڻو ڪري اها ڊريس وڏي فراڪ جيان ٿئي جڏهن ته مردن کي پينٽ، ٽوپي ۽ واسڪٽ پهريل ٿئي ٿو. هر حصي جي ڊريس ۾ وري ٿورو ٿورو فرق آهي. ڊريس جو اهو فرق سندن معاشرتي مقام، علائقي ۽ شادي شده ۽ غير شادي شده هجڻ کي به ظاهر ڪري ٿو.
شهر کان ميلي ڏانهن ويندڙ رستي تان مختلف شهرن، ڳوٺن جا ثقافتي ٽولا، ميلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ اچي رهيا هيا، هر ٽولي جي اڳيان ڪنهن ٻار کي ان شهر جو نالو هيو ۽ پويان اهو ٽولو ڳائيندو ۽ ناچ ڪندو هال طرف اچي رهيو هيو. اهو بالڪل اهڙي ريت هيو جيئن اولمپڪ ۽ ٻين راندين ۾ دنيا جا ملڪ پريڊ ۾ حصو وٺندا آهن.
اسان اچي ان هنڌ تي پهتاسين، ٽڪيٽ واري، ڪيمرائون ڏسي چيو ته اهي جمع ڪرايو يا وري انجي الڳ في ٿيندي، في به ڳاٽي ٽوڙ هئي. مون کيس ٻڌايو ته اسين صحافي آهيون ته هن ٻي هنڌ ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڪيو، جتي، صحافين جي لاءِ ڊيسڪ رکيل هئي. مان به ان طرف وڌيس ۽ ڪائونٽر تي ويٺل حسينا کي ٻڌايم ته اسين صحافي آهيون ۽ هن ميلي جي ڪوريج ڪرڻ لاءِ سنڌ، پاڪستان کان ڪهي اچي هتي پهتا آهيون. هنن منهنجو ڪارڊ گھُريو، ڪارڊ ڏسي هنن اسان ٽنهي کي ٻانهن تي بڌڻ لاءِ بينڊز ڏنا جن تي پريس لکيل هيو. انڪري اسان جي ٽڪيٽ به بچي پر انسان گڏ، مختلف هنڌن تي فوٽوگرافي ڪرڻ جي به کُلي اجازت ملي وئي، جيڪا عام ڏسندڙن کي نه هئي. هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته مون دوستن وسيلي هڪ اخبار جو ڪارڊ ٺهرايو هيو، ڇو جو لکڻ جو سلسلو ته گھڻي وقت کان جاري آهي ۽ وري اتي فوٽو ڪڍڻ يا وڃڻ جي هر هنڌ هر ڪنهن کي اجازت نه هئي. جنهنڪري مون سنڌ ۾ پنهنجي هڪ دوست کي لکيو، جنهن مونکي ڪارڊ ٺهرائي موڪليو ۽ مان وري اتي جي وزارت اطلاعات ۾ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي هئي، جن وري پنهنجو اڪريڊيٽيڊ ڪارڊ ٺاهي ڏنو هو، جنهنتي هڪ ته پهچ آسان ٿي وئي، ٻيو ته ميوزيم، ميلن ۽ نمائشن ۾ داخلا مفت ٿي وئي هئي. سو هتي به اسان کي اهو ڪارڊ ڪم آيو، نه رڳو في بچي پر فوٽو ڪڍڻ جي به اجازت ملي وئي. اسان ايمفي ٿيئٽر ۾ داخل ٿياسين، ماڻهن جي لاءِ ڪاٺ جو بينچون ٺهيل هيون ته ڪي وري ڇٻر تي ويٺل هيا، اسٽيج به ڪاٺ جي ٺهيل هئي، ان جي پويان ديوار به ڪاٺ جي ڊگھن بنڊن کي بيهاري ٺاهي وئي هئي. ماحول تمام خوبصورت هو. ٿوري دير ۾ پروگرام شروع ٿيو، جنهن ۾ پهريائين ٻارڙن جي ٽولن کي گھرايو ويو. جيڪي ٻارن جي راندين کي پيش ڪري رهيا هيا ۽ وچ ۾ ناچ به ڪري رهيا هيا، ايئن کڻي چئجي ته اسانجي راند هيٺينئڙو ڪن مٿينئڙو هجي ۽ پوءِ وري ان جي ڪنهن ٻاراڻي گيت تي ڊانس ۽ وري ڪنهن ٻي راند جي علامت طور پرفارمنس، بهرحال تمام سٺِي پرفارمنس هئي. يا جيئن ٻاراڻا ٻول ٿين ٿا، پر انهن ٻاراڻن ٻولن کي هنن سٺي موسيقيءَ ۾ ترتيب ڏنو آهي ۽ ان جي موسيقي اهڙي ريت رکي آهي جو ان تي ناچ به ٿي سگھي. جيئن اسان وٽ پيسو لڌم پٽ تان آهي، انکي اهڙي موسيقيءَ ۾ ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن ان تي ناچ به ٿي سگھي.
سندن هڪ ٻاراڻو ٻول آهي پر ان کي هنن ناچ جي رڌم ۾ ڪمپوز ڪيو آهي.
چار قدم اڳتي
چار قدم پوئتي
مان هِت ڏسان، هُت ڏسان
انڪري مان جهومان ٿو

ٽي قدم اڳتي
ٽي قدم پوئتي
مان هِت ڦِران، هُت ڦران (ڪِرو ڪسُوم)
انڪري مان جهومان ٿو

ٻه قدم اڳتي
ٻه قدم پوئتي
مان هِت ٽپان، هُت ٽپان
انڪري مان جهومان ٿو

هڪ قدم اڳتي
هڪ قدم پوئتي
هِت ڌڌڪو، هُت ڌڌڪو
انڪري مان جهومان ٿو
(هنن ٻولن ۾ سلوواڪيا جي هڪ ڊانس Kroksum يا ڪِروڪسُوم جو لفظ استعمال ٿيل آهي جيڪا هڪ ڊانس جي ٽيڪنڪ آهي ۽ ان جو رڌم يا قدمن جي چال هن ريت آهي... ۱..۲.۳...۲..۲.۳... ۳..۲.۳...۴..۲.۳... هِڪ..ٻه..ٽي...ٻه..ٻه..ٽي... ٽي..ٻه..ٽي... چار..ٻه..ٽي...
انکان پوءِ وري مختلف شهرن جا ٽولا ناچ ڪندا رهيا، سندن ناچ مجموعي جي صورت ۾ ٿين ٿا. ٽولي ۾ يا جوڙي جي صورت ۾ اهي ناڄ آهن، جن ۾ ڪن ناچن ۾ ته هڪٻئي جو هٿ پڪڙي ڊانس ڪن ٿا نه انهن لوڪ ڊانسن ۾ گھڻو ڪري عورت ۽ مرد، پارٽنر جي صورت ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ڊانس ڪن ٿا.
سندن روايتي سازن ۾ وائلن، بيس، بانسري، شامل آهي جڏهن ته ڪن هنڌن تي مون هنن کي چنگ نما هڪ ساز به وڄائيندي ڏٺو. سندن هڪ ٻيو ساز فويارا ٿئي ٿو، جيڪو هڪ وڏي بين وانگر ٿئي ٿو، ان جي ڊيگھه ساڍن پنجن کان ساڍن ڇهن ڦوٽن تائين ٿئي ٿي. اهو ساز ريڍارن جو ليکيو ويندو آهي. بهرحال رنگن، سازن ۽ رڌم جو هڪ اهڙو ماحول هيو، جيڪو ماڻهو کي هڪ اهڙي جهان ڏانهن وٺي پئي ويو جتي رڳو سونهن ۽ موسيقي هئي.
جڏهن اسان وٽ ٻيو ڀيرو ٽوپي ڊي ملهايو پئي ويو، ته مون پنهنجي فيس بوڪ پيج تي ان ميلي (جنهنکي کي ويخودنا فوڪ فيسٽيول سڏيو ٿو وڃي) جا فوٽو رکيا هيا ۽ ان ميلي جي باري ۾ پوري ڄاڻ به رکي هئي، ان ۾ منهنجو چوڻ هيو ته ڇا ان ڏينهن کي رڳو ريلين، يا گانن جي بچاءِ هڪ ڏينهن جي ثقافتي ميلي ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگھجي؟ جنهن ۾ نه رڳو لوڪ گيت هجن، لوڪ کاڌا هجن، لوڪ رانديون هجن پر مختلف اصلي هنرن جي نمائش پڻ هجي. ان سان اسان پنهنجن نوجوانن کي ان طرف مائل ڪري سگهنداسين ۽ لوڪ فنڪارن ۽ ثقافت جي مالڪي به ڪري سگھنداسين. نه ته اسان سال به سال، ريلين واري جذباتيت کي گھٽائيندا وينداسين، جيڪو هڪ قدرتي عمل آهي. آخرڪار، ڪنهن کي اهو ڏينهن به ياد نه رهندو، پر جي ان ان کي هڪ ثقافتي ڏڻ طور تي ملهايون ته شايد اسان انکي قائم به رکي سگھنداسين ۽ ان مان هڪ لاڀائتو ڪم به وٺي سگھنداسين.


Sunday, June 02, 2013

درياءِ ٽيمس جا نظارا، بالم ۽ بئنڪاڪ - عبدالحي پليجو

درياءِ ٽيمس جا نظارا، بالم ۽ بئنڪاڪ
عبدالحي پليجو 
جوانيءَ ۾ هر سال يا ته ڪڏهن سال ۾ ٻه دفعا به بئنڪاڪ وڃڻ ٿيندو هو. پهرين ته بئنڪاڪ ۾ هوٽلن ۾ رهڻ ٿيندو هو، پر پوءِ آخر ۾ هڪ دوست جي گهر رهبو هو، جنهن جي ڪري بئنڪاڪ وڃڻ ٿيندو هو. ڪڏهن ته ايئر پورٽ کان سڌو انهيءَ جي گهر ڏهه ٻارهن ڏينهن صرف انهيءَ هڪ گهر تائين محدود رهبو هو، واپسيءَ ۾ بئگ هٿ ۾، سڌو ايئرپورٽ ۽ پوءِ واپس ڪراچي. صرف هڪ ڀيرو اسان ٻئي گڏجي سنگاپور وياسين. اهو ٻيو ماڻهو هو ڪيسرا سينگڪسم جاد، جنهنڪري ايترا دفعا بئنڪاڪ ويس، انهيءَ ڳالهه کي به ڪيترائي سال ٿي ويا آهن. هاڻي ته نيو ايئر جو ڪارڊ به هڪ ٻئي ڏانهن ڪونه موڪليون. آخري خط 1998ع ۾ لکيائين، جنهن ۾ لکيائين ته، منهنجي شادي ٿي وئي آهي ۽ سندس نئين گهر جي ائڊريس ۽ فون نمبر به موڪليائين ۽ چيائين ته جڏهن بئنڪاڪ اچين ته مونسان ضرور ملجان. آئون توکي پنهنجي گهوٽ سان به ملائينديس. انهيءَ کانپوءِ صرف هڪ  دفعو نيو ايئر جو ڪارڊ مليو، جنهن کانپوءِ وري نه آئون بئنڪاڪ ويس ۽ نه ڪو رابطو ٿيو. پنهنجي دل تي هي شعر لکي ڇڏيم ته:
اب ڪي هم بڇڙي، تو شايد خوابون مين ملين.
جس طرح هوئي پهول ڪتابون مين ملين.

Saturday, June 01, 2013

چين ياترا جون يادون - مدد علي سنڌي

چين ياترا جون يادون
مدد علي سنڌي
جولاءِ ۱۹۸۵ع جي ڳالهه آهي، آئون پنهنجي دوست مجاهد بريلوي سان گڏ گريٽ وال آف دي پيپلز يعني عظيم ديوار چين ڏسڻ لاءِ بيجنگ کان ٻاهر نڪتو هوس، رستي ۾ عظيم مقبرا ڏسڻ کان پوءِ چوپاسي چهچ سائن ٻنين کي ڏسندي يقين اچي رهيو هو ته ايندڙ مستقبل چين جو آهي، اسين ٻين دوستن ارشاد الحق حقاني، حميد هارون، جاويد جبار، شيرا رحمان، غازي صلاح الدين، صادقا صلاح الدين، آغا مرتضيٰ خان، پويا صلاح الدين حيدر ۽ اقبال احمد خان سان گڏ ٿرڊ ورلڊ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيا هئاسين. اهو منهنجو پهريون پرڏيهي سفر هو، ان ڳالهه کي ۲۸ ورهيه لنگهي چڪا آهن. اهو دورو ڪرڻ لاءِ مون کي منهنجي دوست ۽ برک صحافي غلام نبي مغل همٿايو هو. سندس ئي زور ڀرڻ تي مون ان ٽوئر لاءِ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ورتي هئي.