Monday, February 15, 2016

ڪاڇو - امجد برهماڻي

ڪاڇو
جتي اڄ به جھالت جنم وٺي ٿي
امجد برهماڻي
انسان هن جديد هڪ نئين دنيا ۾ چنڊ جو سفر ڪري رهيو آهي ۽ دنيا جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري بلندين کي ڇُهي رهيا آهن. دنيا هن وقت ڪيتري ترقي ڪري چُڪي آهي، ان جو اندازو توهان پاڻ ئي لڳائي سگھو ٿا، جتي ڪيترن ئي نون تجربن سان گڏ نوان اُوزار ايجاد ڪيا ويا آهن، جن جي ذريعي ان ٻار جي ماءُ کي پنهنجي پيٽ اندر پلجندڙ ٻار  جيڪو هن دنيا جي اچڻ کان اڳ ان جي باري ۾ ان جي ماءُ کي ٻڌايو ويندو آهي ته اهو پُٽ آهي يا ڌي!!

Sunday, February 14, 2016

گڏيل قومن جي پاڪستاني مشن جو دؤرو - ياسر قاضي

گڏيل قومن جي پاڪستاني مشن جو دؤرو
ياسر قاضي
هن سفرنامي جي پوئين ڀاڱي ۾ اسين آسمان سان ڳالهيُون ڪندڙ عمارتن واري امريڪي شهر نيُويارڪ ۾ ڏيڍ ڏهاڪو اڳ پيش آيل دهشتگرديءَ جي هانءَ ڏاريندڙ واقعي ”نائين-اليون“ جو يادگار ڏسي ۽ گھُمي چُڪا هُئاسِين. اهو يادگار ڏسڻ کان پوءِ ان جي حدن مان نڪرڻ لاءِ الڳ گيٽ هُئي. يعني جنهن دروازي کان اسان داخل ٿياسِين، اُن کان ڌار دروازي کان اسان ”گرائُونڊ ـ زِيرو“ (نيشنل ميموريل آف سيپٽمبر اليون 2001) مان منجھند جي سوا 12 لڳي ڌاري ٻاهر نڪتاسِين، جيڪو بنهه ڌار گھٽيءَ ۾ کُلي رهيو هو. اسان پنهنجي گائيڊ، ڏکايل ماءُ ”ٽريسِي گزانيءَ“ کان ان کان اڳ ئي موڪلائي چُڪاهُئاسِين. اسين اُن گھٽيءَ مان وري ڦري ”ڪيڊر اسٽريٽ” ۾ آياسين. هيءَ اها ئي گھٽي آهي، جنهن مان هن قومي يادگار ۾ داخل ٿيڻ وارو دروازو آهي، جتان ٿوري دير اڳ اسين هن يادگار اندر سخت سيڪيُورٽِيءَ جا مرحلا طئي ڪندي گذري آيا هُئاسِين. ان ئي گھٽيءَ (ڪيڊر اسٽرِيٽ) ۾ ”فائرفائيٽرس ميموريل“ (جيڪو ٿوري دير اڳ ڏٺوسِين) جي ڀر ۾، ”گرِين وچ“ ۽ ”ٽرِينٽي“ جي وچ ۾ واقع ”رِچي“ نالي هندستاني ريسٽورنٽ تي پهتاسِين، ڇاڪاڻ ته نيرن کي ڳچ وقت گذري چُڪو هو ۽ مانجھاندي جو وقت به ٿي چُڪو هو ۽ ان کان اڳ جو اسِين پنهنجي ايندڙ منزل (گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مِشن جي دفتر) پهچئُون، وچ ۾ ايترو وقت هو جو مانجھاندو ڪري سگھجي، بلڪه اسان جي ڇاپي شيڊيُول مُوجب به اسان جو مانجھاندو ”رُچِي“ (ريسٽورنٽ) تي ئي شيڊيُول ٿيل هو، جتي اسان مڙني کي پنهنجي پنهنجي مُنهن (پنهنجي پنهنجي خرچ تي) ماني کائڻي هئي. هيءَ هڪ سوڙهِي هوٽل هُئي، جنهن ۾ هڪ ئي ننڍو هال هو، جنهن ۾ ٽيبلُون نهايت گھٽ وٿيءَ سان هڪ ٻئي ڀرسان رکيل هيُون ۽ مُشڪل سان 15 کن ٽيبلُون رکيل هُونديُون، جن جي پَريان ڪائُونٽر ٺهيل هو، جنهن تي هڪ موُرتي رکيل هُئي. ڪائُونٽر تي ويٺل توڙي آرڊر وٺڻ لاءِ ايندڙ ڇوڪريُون سانوريُون ڀارتي سُندريُون هيُون، جن سان مُون ۽ اِشفاق آذر ”نمشڪار“ ڪري هندِي اردُوءَ ۾ ئي ڳالهائڻ شرُوع ڪيو. هُنن به اسان کي ”هَم ڀاشا“ ڏسي سرهائيءَ جو اظهار ڪيو. اسان وارِيءَ ٽيبل (ٽيبل نمبر 11) تي مُون ۽ اشفاق سان گڏ اسان جو معصُوم پٺاڻ دوست، اڪرام الله مهمند به اچي ويٺو. باقي ٻيا ساٿي ٻين ٽيبلن تي ٽڙِي پکڙِي ويٺا. اشفاق پنهنجي لاءِ چڪن مکني، مُون ٻاڪري گوشت واري ڪَرِي ۽ اڪرام، ٻاڪري گوشت ۾ ٺهيل برياني آرڊر ڪئي. ماني مهانگي هئي، پر واشنگٽن کان پوءِ مسَ ڪنهن انڊين ريستوران ۾ گھڙيا هُئاسِين، تنهنڪري کاڌن مان پنهنجائپ جو واس پئي آيو. اوهان ان مان اندازو لڳايو ته 9 اپريل 2014ع تي هن ريسٽورنٽ تي چڪن مکني 6.98 امريڪي ڊالرن، ٻاڪرِي ڪَرِي (Curry) 7.98 امريڪي ڊالرن ۽ ٻاڪري برياني 8.98 ڊالرن جي هُئي، جڏهن ته ماني (چپاتي) لڳ ڀڳ ڏيڍ ڊالر جي هئي. يعني اسين پنهنجي ڪراچيءَ ۾، پاڙي جي تنُور واري کان تن ڏينهن ۾ جيڪا چپاتي 7 روپين ۾ وٺي ايندا هُئاسِين، اها نيُويارڪ ۾ 150 روپين ۾ وٺي کاڌي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اسين ڏيڍ ڊالرن مان پُوريُون 25 چپاتيُون وٺي ٿي سگھياسِين، جن مان گھٽ ۾ گھٽ 8 ڄڻن جو ويلو چڱي چوکي انداز ۾ ٽرِي ٿي سگھيو. صحيح چوندا آهن ته ڪڏهن به پنهنجي مُلڪ جي ڪمائيءَ مان اولهه جي مُلڪن ۾ خرچ ڪري، پوءِ اهو حساب نه ڪرڻ گھرجي، ته اهو خرچ اسان جي مُلڪ جي ڪرنسِيءَ جي حساب سان ڪيترو ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهو سوچي سوچي اوهان جو مٿو خراب ٿي ويندو. هن ريسٽورنٽ جي خاص ڳالهه (بلڪه سڀني کان سُٺي ڳالهه) هتان جي چانهه هُئي، جنهن لاءِ اسين امريڪا ۾ ايئن ٿي سِڪياسِين، جيئن فراق وندو، پنهنجي محبُوب جي هڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ پيو ترسندو آهي. مُون اڳ وارين قسطين ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، ته هن سڄي سفر ۾ اسان کي ڪِريم مليل ڪاري چانهه جي صُورت ۾ چانهه“ جي نالي ۾ جيڪو مليو ٿي، اهو بسم الله ڪري پئي پيتوسِين، پر اصل ڪراچيءَ جي پٺاڻ وارِيءَ چانهه جي جيڪا سِڪَ مُون کي لڳي هُئي، ان جو اندازو منهنجو ڪوبه پڙهڻ وارو نه ٿو ڪري سگھي. ته ”رُچِي“ (انڊين ريستوران) تي اسان مينيُو ۾ ”مصالحه چانهه“ جو نالو ڏٺو ته اها به آرڊر ڪئي. 3 امريڪي ڊالرس (لڳ ڀڳ پاڪستاني 300 روپين) جي اها چانهه اهڙي چانهه ته ڪانه هُئي، جهڙي اسين پيئڻ لاءِ سِڪياسِين ٿي، پر پوءِ به هن جو سُواد پنهنجو هو. مصالحه چانهه ڀارت جي گھڻن حصّن ۾ مقبُول اها چانهه آهي، جنهن ۾ خاص مصالحا ملايا ويندا آهن ۽ هر ڍُڪ ڀرڻ مهل انهن مصالحن جو پُورو پُورو سواد ان ۾ محسُوس ٿيندو آهي. اڪرام الله اها چانهه نه پِيتي، پر مُون ۽ اشفاق ان جو پُورو پُورو مزو ورتو. اسان جي هتي کاڌل ڪُل کاڌي جو بل 47.37 امريڪي ڊالر آيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 10 ڊالرس مختلف ٽيڪسز به شامل هُئا.

بنارس جا اشنان ۽ شمشان گھاٽ الطاف شيخ

بنارس جا اشنان ۽ شمشان گھاٽ
الطاف شيخ
ان ڏينهن جھڙ هجڻ ڪري يڪدم آٽو رڪشا ۾ چڙهڻ بدران ڪجهه دير بنارس جي رستن تي واڪ ڪرڻ تي دل چاهيو. آئون اسٽيشن روڊ تي هوس.... ٿورو اڳيان هلڻ تي کاٻي کان يعني اتر کان پٽيل روڊ ۽ ڏکڻ کان فئٽ مئن روڊ اچي ٿو ملي. مون کي اسٽيشن روڊ وٺي اڳيان وڃڻو هو پر پوءِ ساڄي پاسي فئٽ مئن روڊ تي لهي پيس جنهن جي منڍ ۾ ئي هنومان مندر آهي ۽ ٿورو اڳيان گورنمينٽ گرلس انٽر ڪاليج، ان بعد يڪدم راج ٻالڪا انٽر ڪاليج آهي. پهرين به لکي چڪو آهيان ته بنارس ۾ جيئن مندر ۽ گهاٽ گهڻا آهن تيئن تعليمي ادار پڻ! سچي ڳالهه ته اها آهي ته انڊيا جو ڪهڙو شهر آهي جنهن ۾ ڪاليجن ۽، اسڪولن جي کوٽَ آهي. هڪ ته جيڪي انگريز ڇڏي ويا اهي جيئن جو تيئن... بلڪه وڌيڪَ بهتر معيار سان هلن پيا ۽ نه رڳو انهن جو پر جيڪي نوان اسڪول پيا کلن انهن جو به ميڊيم انگلش آهي. ويندي اهي خيراتي اسڪول جيڪي ولايت ۾ رهندڙ امير انڊين جي سهڪارَ سان هلن پيا انهن ۾ به انگريزي هلي ٿي. مفت ۾ تعليم وٺندڙ اوسي پاسي غريب ڪميونٽين (مزورن، مهاڻن، هارين ويندي گهٽيون ۽ ٽئاليٽ صاف ڪندڙ ڀنگين) جا ٻار به ان ئي معيار جي تعليم وٺـي رهيا آهن جيڪا اسان وٽ گرامر اسڪول،  بحريا ڪاليج ۽ ڪانوينٽ نموني جي اسڪولن ۾ ملي ٿي. اهوئي سبب آهي جو  اندِا جو ولايت نوڪري ڪرڻ وارو هر اميدوار چاهي ڪهڙي به اسڪول يا ڪاليج مان پڙهيو آهي سٺي انگريزيءَ سان عربن، ملئين، جپانين، يورپين ۽ آمريڪي مالڪن کي متاثر ڪريو وٺي ۽ اسان جو انگلش سبجيڪٽ ۾ گرئجوئيشن حاصل ڪيل يونيورسٽي جو شاگرد به نه پنهنجي ڳالهه صحيح طرح انگريزيءَ ۾ سمجھائي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن انگريز جي تڪڙي ڳالهايل انگريزي سمجھي سگهي ٿو. ڇو جو اسان وٽ سڄو زور بلڪه ضد ان ڳالهه تي آهي ته يونيورسٽي ليول تائين سنڌي/اڙدو ئي هجي جيتوڻيڪ اهي اسان جون مادري/قومي زبانون آهن جن ۾ اسين هونءَ ئي ماهر ٿيو وڃون.... ويندي ڳوٺن جون اڻ پڙهيل عورتون به اڄ ڪلهه رومن اڙدو ۾ SMS پيون ڪن... جڏهن اسين چئون ٿا ته دنيا هڪ ڳوٺ ٿي ويو آهي ۽ اسان ولائت ۾نوڪري به ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ان بين الاقوامي ڳوٺ جي ٻولي ”انگريزي“ سکڻ ته تمام ضروري آهي.... ۽ اها ڳالهه اسان سڀ سمجھون ٿا تڏهن ته هرهڪ جو زور ٽاءِ وارن اسڪولن ڏي آهي.... تڏهن ته جپان، ترڪي، عرب ملڪ، ملائيشيا، سنگاپور ۽ يورپ جا ملڪ جن جون ٻوليون ٽيڪنيڪل ۽ سائنسي لفطن۾ اسان کان امير آهن ته به انگريزي کي اهميت ڏين ٿا..... هو سمجھن ٿا ته دنيا سان واپار ڪرڻ توڙي نوڪري ۽ پورهيو ڪري پئسو ڪمائڻ..... يعني معاشي حالت بهتر بنائڻ لاءِ انگريزي ضروري آهي. پر هِتي سائين ڪير ڪڇي.... ڪير صحيح صلاح ڏئي.... اسان وارو حليم بروهي ان بابت ڳالهه ڪندو هو ته ماڻهو گهٽ وڌ چوندا هئا.... اسان جو ملڪ بلڪه اسان جو صوبو به عجيب آهي! اسان جو سياستدان به سنڌ سنڌ جا نعرا ۽ سنڌين جي ڀلي لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري عوام کي فقط بيوقوف بنائي ٿو پر بند ٿيل اسڪول به نٿو کولرائي. اسان جي ملڪ جي سياستدانن، اميرن، سرڪاري ڪامورن، فوجي آفيسرن ۽ وڏن ماڻهن جا  ٻارَ انگريزي پڙهي پيا نوڪريون حاصل ڪن ۽ اسان جي عوام سنڌي سنڌي، اڙدو اڙدو پئي ڪري! ملائيشيا وارن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ انگريزي زبان بدران پنهنجي قومي زبان ملئي ڪرڻ چاهي. فقط ٻن سالن بعد وري انگريزي ڪري ڇڏيائون. هڪ دعوت ۾ مون هڪ وزير، جنهن سان منهنجي سٺي دوستي هئي تنهن کان ان جو سبب پڇيو. ٽهڪ ڏيندي چيائين ”انچڪ (مسٽر) الطاف! اها زبان (يعني هن جي مادري ٻولي ملئي) جنهن ۾ ريفريجريٽر لاءِ ئي پنهنجو لفظ ناهي ان ۾ ڇا سائنس ۽ جاگرافي، ميڊيڪل ۽ انجنيرنگ پڙهائي سگهبي.... ماڳهين دنيا کان ٿي ڪٽياسين.“

ڇا گهمي سگهندؤ.- الطاف شيخ

ڇا گهمي سگهندؤ... ... .
الطاف شيخ
هڪ ڏينهن ڪلاڪ ڏيڍ بنارس جي اسٽيشن تي ويهي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي ڏسندو رهيس. ريل گاڏي آئي ٿي ته سوين ماڻهن جو ريلو لنگهي ويو ٿي. انهن ۾ ڪجهه مڪاني به نظر آيا ٿي جيڪي پنهنجي گهر هليا ويندا هوندا پر بنارس ۾ گهڻي ڀاڱي ٽوئرسٽ اچن ٿا... .. انڊيا جي مختلف شهرن ۽ ٻاهرين ملڪن جا هندو، غير هندو ٽوئرسٽ، امير ماڻهو، غريب ماڻهو... . واقعي بنارس وڏو ٽوئرسٽ اسپاٽ آهي جِتي سال جا سمورا ڏينهن ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا. ٽوئرسٽن ڪري هِتي بنارس توڙي انڊيا جي ٻين شهرن ۾ هوٽل انڊسٽري به ترقي ڪئي آهي. دهلي ۽ بمبئي ۾ به جِتي ڪٿي هوٽلون نظر اچن ٿيون پر هِتي بنارس ۾ ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي... . امير ماڻهن جي رهائش لاءِ فائِو ۽ فور اسٽار هوٽلن کان وٺي غريبن لاءِ سستيون ۽ ساديون هوٽلون ۽ گيسٽ هائوس آهن جن جي وڏن ڪمرن ۾ ٽي ٽي چار چار گيسٽ به رکيا وڃن ٿا. جِتان لنگهه اتي هوٽلون ۽ گيسٽ هائوس نظر اچن ٿا. ڪجهه جا نالا دلچسپ ۽ عجيب لڳن ٿا. هڪ ڏينهن شهر جي مختلف گهٽين ۾ چڪر هڻندي ڪجهه گيسٽ هائوسن جا نالا نوٽ ڪيم. توهان کي انهن بابت آئيڊيا ڏيڻ خاطر توهان سان Share ڪري رهيو آهيان:

ٺاروشاھه - نصير اعجاز

ٺاروشاھه
سنڌ جي تانسين ماسٽر چندر جي جنم ڀُوميءَ ۽ سندس گَھر جي ياترا
نصير اعجاز
ٺاروشاھه شھر جي تباھه ٿيل ۽ گندگيءَ سان ڀريل رستن کي ڏسي ھن تاريخي شھر جي شاندار ماضيءَ جون ڳالھيون ڪندي مان، انجنيئر ماجد علي سومرو ۽ پروفيسر اصغر ڀٽي انھيءَ پاڙي جي گيٽ ٽپي ھڪ سنھي گھٽيءَ ۾ گھڙياسين جتي سنڌ جي تانسين سرڳواسي ماسٽر چندر جو اباڻو گھر ھو. “ھيءُ ماسٽر چندر جو گھر آھي جنھن ۾ رھندڙ حاجي اختر حسين خانزادي ان کي ڪوشش ڪري ساڳي شڪل ۾ رکيو آھي ۽ سنڌ جي وڏي ھستيءَ جي گھر کي سنڀالڻ تي فخر اٿس،” مون سان آيل دوستن ان گھر ڏانھن اشارو ڪندي چيو جنھن جو در ته لوھي ھو ۽ پراڻي زماني جو نٿي لڳو پر گھر جي مُھاڙ بلڪل ساڳي ھئي جنھن جي بناوت مان ئي ان جي قدامت ظاھر ھئي. در جي مٿان واري حصي تي کُرچي لکيل ماسٽر چندر جي والد آسنداس ۽ چاچي ڪنگومل جي نالن وچ ۾ ماربل جي تختيءَ تي چندر ۽ سندس سئوٽ وليرام جا نالا سنڌيءَ ۾ ايئن ئي موجود ھئا جيئن ويھين صديءَ جي شروع ۾ لکرايا ويا ھئا. سنڌيءَ ۾ نالن جي مٿان انگريزيءَ ۾ ماسٽر چندر جي نالي ڀرسان HMV به لکيل ھو جيڪوان وقت جي مشھورگراموفون ڪمپني ھِز ماسٽرس وائس His Master’s Voice جو مختصر نالو ھو. چندر 7 ڊسمبر 1907 تي جنم ورتو ھو ۽ اھو گھر سندس والد انھيءَ کان اڳ ٺھرايو ھو. گھر جي مُھاڙ تي ٿيل رنگن مان به اندازو ٿيو ته گھر جي موجوده مالڪ ان تاريخي اھميت جي جاءِ جو ساڳيو تاثر قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

Thursday, February 04, 2016

”اوآهُو“جو قديم ماڳ ”الُوپو هِي آيُو - ياسر قاضي

”اوآهُو“جو قديم ماڳ ”الُوپو هِي آيُو“
پئسفڪ جي پاڙي ۾ ۱۶
ياسر قاضي
هن ”سفر ـ ڪٿا“ جي گذريل ڀاڱي ۾ اسان امريڪا جي هوائي (رياست) جِي ”اوآهُو“ ٻيٽ جي تارِيخي، ثقافتي توڙي جاگرافيائِي سير دؤران، ”نوآنُوپالي لُڪ آئُوٽ“ (پولي ڪِلف) جو زبردست سير ڪري ان سفر کي جاري رکندي، اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاهُئاسُون، جيڪا پنهنجي تيز رفتارِيءَ سان ”دِي پالي هاءِ وي“ (”هوائِي اسٽيٽ هاءِ وي“ کي تيزِيءَ سان لتاڙِيندِي، ”هونولُولُو“ شهر جي مرڪز (ڊائُون ٽائُون هونولُولُو) ڏانهن رُخ رکندي، اسان کي اسان جي ايندڙ ماڳ ڏانهن نِيَڻ لڳِي. اسان جو ايندڙ اسٽاپ، هڪ قديم ماڳ (آرڪيالاجِيڪل سائِيٽ) هو، جنهن جو نالو ”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) آهي. هن ماڳ کي هوائي (رياست) جي ”قومي ورثي“ طور سنڀاليل ماڳ (اسٽيٽ هسٽارِيڪل سائِيٽ) جو درجو حاصل آهي. اُن ماڳ ڏانهن ڊوڙندڙ ڪوسٽر ۾ سفر ڪندي، اسان سان اسان جي گائِيڊ ”ڊيرڪ فيرار“ (ڊيرِيءَ) هڪ نهايت عجِيب ڳالهه ڪئي. هُن چيو ته: ”هِي هڪ اهڙو عجيب ماڳ آهي، جتي ڪنهن دؤر ۾ جانور توڙي ماڻهُو پنهنجو رت دانَ طور ديوتائُن کي ڏيندا هُئا ۽ اُها رسم اڄ ڏينهن تائين نڀائبي پئِي اچي. ڪوبه پڙهيو ڳڙهيو ماڻهُو يا ماڻهُن جو ٽولو اُتي ويندو آهي، ته اُنهن ماڻهن جي ٽولي منجھان ڪنهن نه ڪنهن هڪ جو خُون ضرُور ٿيندو آهي ۽ اهو خُون به اهڙي عجِيب نمُوني سان ٿيندو آهي جو اُهو ماڻهُو پاڻ پنهنجِي سسِي لاهي اُن ديوتا کي پنهنجي خُون جو دان پيش ڪندو آهي، جنهن جي نالي ۽ حوالي سان هي ماڳ مڪان سُڃاتو وڃي ٿو. اوهان به پڙهيل ڳڙهيل آهيو، تنهن ڪري اڄ اوهان مان به ڪنهن نه ڪنهن هڪ کي اها قرباني ڏيڻي پوندي.“ اسان منجھان گھڻا ساٿي ته ڊيرِيءَ جِي ان برِيفنگ دؤران هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪرڻ ۾ مَحو هُئا، پر جن جن به ڊيرِيءَ جِي ان ڳالهه کي غور سان ٻُڌو، اُن جو ساهه مُون وانگر سُڪو ضرُور... ! خاص طور تي امريڪي صحافِي لؤڻا ڦيرائي هڪ ٻئي کي حيرت مان ڏسڻ لڳا. ان کان اڳ جو اسين وڌيڪ پريشان ٿيُون ۽ اسان جو هانءٌ وات ۾ اچي وڃي، ڊيرِيءَ پنهنجي ڳالهه کي جارِي رکندي چيو ته ”... خير! اهو مُون پاران اوهان سان ڪيل ”اپريل فُول“ هو...  اوهان دل ۾ متان ڪريو! ۽ پريشان متان ٿيو... “ (اهو پهرين اپريل ۲۰۱۴ع جو ڏينهن هو) اهو ٻُڌي نه فقط اسان جي پيٽ ۾ ساهُه پيو، بلڪه اسان جي چپن تي مُرڪ به اچِي وئي. پوءِ ڊيرِيءَ اسان کي هن ماڳ جا تفصِيل ٻُڌايا. هُن جا ٻُڌايل تفصيل اڃا پُورا ئي ڪونه ٿيا هُئا ته اسِين اچي ”الُوپو هِي آيُو“ پهتاسِين. ”الُوپو هِي آيُو“، اوآهوُ ٻيٽ ۾ هونولُولُو شهر توڙي ڪائُونٽِيءَ ۾ ”ڪيئيلُوآ“ جي علائقي ۾ ”ڪوائِي نُوئِي مارش“ (نالي آلي مٿاڇري/Wet Land) جي بنهه اوڀارين ڇيڙي تي واقع آهي، جنهن جي پکيڙ لڳ ڀڳ ۲ ايڪڙ آهي. هي ”مينيهُوني“ نالي ماڻهن/لوڪن سان سلهاڙيل ڏند ڪٿائن سان واڳيل هوائِيءَ جو هڪ قديم ماڳ آهي، پر هن ماڳ جي حوالي سان ٻين ڪردارن جا ذڪر به عام جام ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ”مينيهونِي“ هوائي قصن ڪهاڻين جي روشنيءَ ۾ انهن بندرن (ڄامڙن) ماڻهن کي چيو وڃي ٿو، جيڪي ڪنهن دؤر ۾ هوائين ٻيٽن جي گھاٽن جھنگن (ٻيلن) يا ڳُجھيُن وادِين ۾ عام ماڻهن جي ديد کان گھڻو پري رهندا هُئا، جن جي پسنديده خوراڪ ڪيلو ٻُڌائِي وڃي ٿِي. ”بيڪ وِٿ“ جي هوائي ڏند ڪٿائُن مُوجب ”مينيهونِي“ کان سواءِ به جھنگلي ماڻهُن جا اهڙا ڪئين نسل آهن، جيڪي ان قسم جي ٻيلن ۽ واديُن ۾ جالِيندا رهيا آهن. اهڙن نسلن ۾ ”نوائو“ به هڪ اهم مخلُوق هُئي، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي اُوچي قد وارا ويڙهاڪ جهنگلي جانورن نُما مخلُوق هُئا.