مالٽا ۾ ڪجهه ڏينهن جي
مهماني!
Notes from Europe
عبدالله عثمان
مورائي
هونءَ ته هر ماڻهو
خواب ڏسي ٿو ۽ خواب ڏسڻ حق پڻ آهي، ڪي خواب ننڊ ۾ ڏسن ٿا ته ڪي وري جاڳ ۾. جاڳ ۾ ڏٺل
سپنا لفظن جي شڪل وٺن ٿا ۽ جيڪڏهن انسان ۾ همت هجي ته اهي لفظ وري ان خواب کي ساڀيان
واري پاسي وٺي وڃن ٿا. ڪن ماڻهن لاءِ انهن سپنن کي ساڀيان ڪرڻ سولو آهي ته ڪن لاءِ
وري تمام ڏکيو. سولائي ۽ ڏکيائي جو دارومدار ملڪي ۽ ذاتي معيشت، ملڪي جاگرافي ۽
تعليم تي هوندو آهي. بهرحال اهو هڪ وڏو بحث آهي جنهن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو.