Friday, December 04, 2020

برناڊ شا جي ڏيهه ۾ اٺاويهه ڏهاڙا - سدا حيات جلباڻي

برناڊ شا جي ڏيهه ۾ اٺاويهه ڏهاڙا

سدا حيات جلباڻي



مون کي نوڪري ڪندي اڃان اٺ نو مهينا مس ٿيا هئا، جو انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جينيوا پاران سندن خرچ پکي تي آئرش ايڪسپورٽ بورڊ ڊبلن جي زير اهتمام اٺاويهن ڏينهن جي ”ايڪسپورٽ مارڪيٽ ڊيولپمينٽ پروگرام“ لاءِ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو کان اهل آفيسرن جا نالا طلب ڪيا ويا. سرڪاري آفيسن جي عام طريقيڪار جي ابتڙ وائيس چيئرمين ماتحت ڪامورن کان نالا وٺڻ بنا، سڌو سنئون منهنجو ۽ هڪ ٻئي آفيسر جو نالو پاڻ ئي تجويز ڪري واسطيدار ڊائريڪٽر کي لکيو ته اسان کان فارم ڀرائي ضروري منظوري لاءِ اسلام آباد ڏياري موڪلي. ٻئي همراهه ته ان ڪري فارم ڀرڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي جو کيس خدشو هو ته اهڙن پروگرامن جا اڪثر ڪيس اسلام آباد ۾ ئي رُلي ويندا آهن يا وري لاڳاپيل ڌرين وٽ تڏهن پهچندا آهن، جڏهن مقرر ڪيل آخري تاريخ گذري چڪي هوندي آهي. مون اهڙين ناڪاري ڳالهين تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. زندگيءَ ۾ پهرين فارين ٽريننگ جو موقعو ملڻ تي خوش ٿي پنهنجو فارم ڀري جمع ڪرائي ڇڏيم. جيڪو ترت ئي اسلام آباد موڪليو ويو. تڏهن محمد خان جوڻيجو صاحب ملڪ جو وزيرِاعظم هو. ڪراچي ۾ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو پاران هڪ نمائش جي افتتاحي تقريب ۾ بيورو جي چيئرمين حميد ڊي حبيب جي گذارش تي وزيرِاعظم فورن اعلان ڪيو ته اڄ کان پوءِ ايڪسپورٽ پروموشن بيورو جي چيئرمين کي اهو اختيار هوندو ته اهڙن فارين ڪورسز لاءِ، جن ۾ حڪومتِ پاڪستان تي ڪا مالي ذميواري نه هجي ۽ ٽريننگ جو سمورو خرچ پرڏيهي ادارا ڀري رهيا هجن، هو (چيئرمين) پنهنجي اداري جي آفيسرن جا ڪيس پاڻ ئي منظور ڪري واسطيدار غيرملڪي ادارن ڏانهن ڏياري موڪلي. وزيراعظم جي انهي اعلان کانپوءِ ٻن ڏينهن بعد مون وارو فارم اسلام آباد کان واپس ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ڪراچي پهچي ويو، جيڪو چيئرمين جي رسمي منظوري کان پوءِ انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جينيوا ڏانهن اماڻيو ويو.

Thursday, November 26, 2020

ٻلهڙيجي جي ياترا ۽ ادبي سنگت جي خيالي گڏجاڻي - عطيه دائود

ٻلهڙيجي جي ياترا ۽ ادبي سنگت جي خيالي گڏجاڻي

عطيه دائود



هيءَ ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن رمپا پلازه جي ڪڏهن ٽيئن ته ڪڏهن نائين ماڙ تي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي لاءِ خميس جي ڏينهن اسان ملندا هئاسين. لفٽ جي انتظار بدران ڏاڪڻيون چڙهڻ ۽ لهڻ کي ترجيح ڏيندا هئاسين. اسان جا ٽهڪ عمارت ۾ گونجندا هئا. دستوري گڏجاڻي شروع ٿيڻ کان اڳ ۽ ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ ۾ مذاق مشڪري هلندي رهندي هئي..۽ ٻلهڙيجي لٽل ماسڪو جو ذڪر ٿيو ۽ مون پڇيو ته اها وري ڪٿي آهي؟ امير، چندر مذاق ڪرڻ لڳا.. انور صاحب عطيه کي سکڻي صلاح به نه ڪئي ٻلهڙيجي گهمڻ لاءِ..انور جوش ۾ چوندو هو ته پوءِ اسان گڏيل پروگرام ٺاهيون ٿا. هلون ٿا. اتان جي عورتن جي ادبي سرگرمين جو ذڪر ڪندو هو.

Thursday, October 01, 2020

ڪپاڊوڪيا جو تاريخي پسمنظر

ڪپاڊوڪيا جو تاريخي پسمنظر

ڊاڪٽر صلاح الدين پنھور



ويھ سيپٽمبر ۲۰۱۹ تي صبح سوير ارشد ملڪ، سنگھار سنڌي، عامر ميمڻ، حنسي بوجواني ۽ مان انقره کان ڪپاڊوڪيا گھمڻ نڪتاسين، گاڏيءِ جي ڊرائيونگ عامر ڪئي، ڇو جو هو ڊرائيونگ لائسنس ھجڻ سان گڏ گاڏي ھلائڻ ۾ ڪافي مھارت رکي ٿو. ڪپاڊوڪيا ترڪي جي اوڀر طرف کان واقع ھڪ قديم شھر آهي، ھي شھر لکين سال اڳ زمين مان نڪرندر لاوا جي ڪري وجود ۾ آيو ۽ يونسيف انھي شھر کي سٺ ھزار سال قديم ڄاڻايو آهي، جڏھن ۱۹۶۵ع ۾ ترڪي جي جوڌي جبل تان حضرت نوح عليه سلام جي ٻيڙي جا نشان مليا، پوءِ دنيا جي سائنسدانن انھي جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته جڏھن دنيا ماھا ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ھئي ته انھي کانپوءِ انسانن جي ٻيھر پيدائش ڪپاڊوڪيا ۽ قونيا کان ٿي ھئي. انھيءِ شھر ۾ انسانن جبلن کي تراشي گهر ٺاھيا، جيڪي اڃان تائين انھي حالت ۾ توهان کي ڏسڻ لاءِ ملندا ۽ اڄ به جديد دور ۾ ماڻھن جا گهر ۽ ھوٽلون انھن تراشيل جبلن ۾ آهن.

پرِين جي ديس ڪيوِ يوڪرين ۾ ڪيل رولاڪيون

پرِين جي ديس ڪيوِ يوڪرين ۾ ڪيل رولاڪيون

عبدالله عثمان مورائي



گذريل سال هن ئي سيپٽمبر جي مهيني ۾ جهاز يوڪرين جي گاديءَ واري شهر ڪيوِ ۾ جيڪو نيپرو درياهه جي ڪناري آباد آهي، صبح جو لڳ ڀڳ ساڍِي اٺين وڳي لٿو. هوائي اڏي کان جيئن ئي ٻاهر آيس ته خبر پئي ته شهر وڃڻ واري ريل گاڏي تائين يا ته ايئرپورٽ جي لوڪل بس پڪڙيو، جيڪا اتي مفت ۾ مسافرن جي سهولت لاءِ هلي ٿي يا وري پنڌ وڃو. پنڌ به گهڻو ڪونه هيو، پنڌرهن ويهن منٽن ۾ آءٌ شهر وڃڻ واري ريل گاڏي وٽ پهچي ويس. مون کي تڪڙ به ڪانه هئي، هوٽل ۾ منهنجو چيڪ ان هونئن به ٻارهين وڳي ٿيڻو هو، سو آرام سان پي هيڏانهن هوڏانهن جي ماحول جو مشاهدو ڪيم. 

Thursday, June 11, 2020

انقره کان انطاليا ۽ پموڪلي تائين


انقره کان انطاليا ۽ پموڪلي تائين
ڊاڪٽر صلاح الدين پنھور


آگسٽ ۲۰۱۹ جي عيدالاضحيٰ کان ھڪ ڏينهن پھريان مان شاھنواز راھمون، فرجاد، عامر ميمڻ، محمد علي ۽ ارشد ملڪ ترڪيءَ جي ڳچ تاريخي ۽ خوبصورت شھر گھمڻ لاءِ پروگرام ٺاھيو. ۱۱ آگسٽ تي صبح جو سوير ناشتو ڪري انقره کان انطاليا ڏانهن روانا ٿياسين. ھي اسان جي گڏيل پھرين ٽرپ ھئي. انھي کان پھريائين ارشد ۽ مان ترڪيءَ جا ڪافي شھر گھمي چڪا ھئاسين پر سنگت سان گھمڻ جو پنھنجو ئي مزو آ. عامر ۽ شاھنواز گاڏي جي ڊرائيونگ ڪئي. ترڪيءَ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ جا مھينا ڪجھ گرم ھوندا آھن، خاص ڪري انطاليا ۾ گرمي ٿيندي آهي. ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ ۽ انهن ئي مھينن ۾ اڪثر اتان جا مقامي ماڻهو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو ھتي ايندا آھن. ڏٺو وڃي ته ترڪي سياحت لاءِ بھترين ملڪ آھي ۽ سياحت ۾ ھي ملڪ وڏي قد ڪاٺ واري حيثيت رکي ٿو. صرف انطاليا ۾ ھر سال لڳ ڀڳ ڏھ ملين سياح ايندا آھن. انقره ۽ انطاليا ۾ ۴۸۰ ڪلوميٽرن جو مفاصلو آھي ۽ انهيءَ سفر جي وچ ۾ ڪيترا ئي ننڍا شھر آھن. طويل سفر جي ڪري ڪجھ دوستن فرمائش ڪئي ته چانھ پيئجي، اسان به چانھ جو سامان گڏ کنيو ھو پوءِ ھڪ ننڍي ڳوٺ وٽ گاڏي کي سائيڊ تي بيھاري وڻ جي ھيٺان ڪجھ دير لاءِ ويٺاسين ۽ چانھ به پيتي. کير جي لاءِ فرجاد، عامر ۽ محمد علي کي موڪليوسين ته ڳوٺ مان کير وٺي اچن. باقي شاھنواز، ارشد ۽ مون ڪاٺيون گڏ ڪيون. فرجاد ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ دڪان بند ھجڻ ڪري کير ڳوٺ جي ڪنهن گهر مان مليو ۽ قيمت وٺڻ کان انڪار ڪري چيائون ته توھان مسافر آھيو. ترڪش ٻوليءَ ۾ مسافر کي مسافر چوندا آھن. فرجاد کي ترڪش ٻوليءَ تي ڪافي عبور آھي. بهرحال چانھ پي ڪري پنهنجي منزل ڏانھن روانا ٿياسين. ڪجھ دير جي سفر کان پوءِ اسپارتا شھر پھتاسين، جيڪو انقره کان ۱۳۵ ڪلوميٽر پري آھي. اسپارتا شھر جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ھي شھر ترڪن کان پھريان باذنتائين شھنشايت جي سلطنت ۾ ھو. ھن شھر کي گلن جو شھر سڏيو ويندو آھي. ڪجھ گھڙيون شھر جا خوبصورت نظارا ڏٺا ۽ تصويرون ڪڍرايون. ھن شھر جي روڊ رستن جي ٻنھي پاسن کان ساوا جھنگل ۽ خوبصورت منظر ھئا.

Wednesday, May 06, 2020

بسماني گار کان ايفس شھر تائين - سھيل صديقي


بسماني گار کان ايفس شھر تائين
ترڪي جو سفرنامو
سھيل صديقي
رات جو هڪ بجي اچي استبول ايئرپورٽ تان جهاز ۾ چڙهياسين. مون سان گڏ امجد علي پنهور هو. جيڪو بحرين هوائي اڏي تي مون سان گڏيو هو. پاڻ اصل ڄامشوري سان تعلق رکي ٿو پر گذريل ڏهاڪو سالن کان سعودي عرب جي رياض شهر ۾ پرنسيس نورا يونيورسٽيءَ ۾ ميٽرو سروس جي سار سنڀال جو انجينئر آهي ۽ Hitachi ڪمپني جو ملازم آهي. هن سان ۽ Hitachi ڪمپني سان منهنجي تمام پراڻي ڄاڻ سڄاڻ آهي. مان جڏهن ننڍو هوندو هيس ته اسان جي گهر ۾ هڪ بليڪ ائنڊ وائيٽ ٽيليويزن هوندي هئي. اها ٽيليويزن انهي ڪمپني جي هوندي هئي ۽ چئن پاون تي زمين مٿان بيهي اسان کي تفريح فراهم ڪندي هئي. هاڻي سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا جڏهن به امجد سان ملاقات ٿيندي آهي ۽ انهي هٽاچي ڪمپني جو ذڪر ٿيندي ئي مون کي پنهنجي ننڍڙائپ سان جُڙيل ٽي وي جو خيال به ضرور ايندو آهي.

Tuesday, February 04, 2020

بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا ۾ گذاريل گهڙيون - عبدالله عثمان مورائي


بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا ۾ گذاريل گهڙيون
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
Image result for bosnia and herzegovina"
بس صبح سوير ئي ڪروشيا جي شهر دبرونوڪ کان نڪتي ۽ اسان جي منزل بوسنيا ائنڊ هرزيگووينا جو شهر موستار هيو. ڊرائيور ۽ سونهي جنهن جو نالو آدم هيو، هر هڪ کان هر هر پئي پڇا ڪئي ته اوهان پنهنجو پاسپورٽ يادگيري سان کڻي آيا آهيا آهيو يا نه؟ اها ڳالهه انهن ان بنياد تي پئي ڪئي جو ڪنهن هڪ جي پاسپورٽ وساري اچڻ جي ڪري ٻين سياحن جو سفر به خراب ٿي پئي سگهيو. بھرحال هر ڪنهن وٽ پنهنجو پاسپورٽ هيو ۽ ننڍي بس موستار جي طرف هلڻ شروع ڪيو. بس ۾ آمريڪا، برطانيا، ڏکڻ ڪوريا، ملائيشيا، انڊيا ۽ آسٽريليا جا سياح ويٺل هيا، آءٌ ئي رڳو اڪيلو پاڪستاني سنڌي هيس.

Tuesday, January 28, 2020

سفر سھاڻو - پنڌ پراڻو - نصير مرزا


سفر سھاڻو - پنڌ پراڻو
نصير مرزا
تازو حيدرآباد مان جو آئون نڪتس ۽ سفر ۾ جُڳن جيڏي ننڊ بعد اکيون جو کوليم ته يارو ڇا ڏسان؟ سامهون اروڙ جا جبل ئي جبل! ڪار جي ڦيٿن هيٺان ڪاري نانگ وانگر وٽ سٽ کائيندڙ کڙ کٻڙ رستو هو ۽ جنهن جي ڪُلهي سان اجگر جيڏا پهاڙ ۽ ٻئي پاسي ڪوراڙ جي وات جهڙو نارا ڪئنال جو ڦاٽ، جنهن جو ”اونهو وارياسو، پاڻيءَ بنا خالي پيٽ“ جنهن ۾ دور دور تائين واريءَ جون ميٽوڙي ڀِٽون ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڀوائتا ڪُن به صاف صاف نظر پئي آيا، تڏهن منهنجو ته ساهه مٺ ۾ اچي ويو. اڙي يار نظر ملاح رانديڪي جيڏي هن ”ڪلٽس ڪار“ کي بابا احتياط سان هلاءِ، جو هن هنڌ هنڌ تان کاڌل رستي تان جو ٿڙياسين ته وڃي سکر بئراج جي ڪنهن ڪُن ۾ ڦاسنداسين.

Wednesday, January 08, 2020

گلگلت بلتستان جي حسين ماٿرين ڏانهن


گلگلت بلتستان جي حسين ماٿرين ڏانهن
خادم رند
Image result for Gilgit Baltistan
پاڪستان ھڪ پاسي پنهنجي مخصوص جاگرافيائي بيهڪ ڪري دنيا ۾ اھم ملڪ سمجهو وڃي ٿو ته ٻي پاسي ھتان جون فطري حُسناڪيون به ڏيھي ۽ پرڏيھي سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿيون. دنيا ۾ اھڙا ٿورا ئي ملڪ ھوندا جن وٽ پاڪستان جيان درياءَ، سامونڊي ڪنارا، سرسبز ميداني علائقا، وارياسا ميدان، گليشيئر ۽ سڄو سال برف جي تھن سان ڍڪيل پھاڙي چوٽيون ھونديون. سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي فطري سونهن به پنهنجو مٽ پاڻ آھي پر گلگت بلتستان پاڪستان جو ھڪ اھڙو حسين علائقو آھي جتي فطرت سان پيار ڪندڙ پاڻ کي فطرت ماءُ جي ڀاڪر ۾ محسوس ڪن ٿا.