“ميرا
رنگ دي بسنتي چولا” وارو شهيد
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته ممبئي
جو ڏاکڻو حصو جنهن ۾ فورٽ، ناريمن پوائنٽ ۽ ڪولابا وارا برٽش راڄ جا
جهونا علائقا اچي وڃن ٿا، باقي
ممبئي کان بلڪل مختلف آهي. هتي توهان کي سئنٽا ڪروز، انڌيري، کار، سيان، دادر ۽
ڌروي وارو گوڙ شور، ٽرئفڪ،
ماڻهن جي پيهه پيهان، پيٽرول، ڊيزل، رستن تي ڪيل ماڻهن جي
مُٽَ ۽ ڍڳين جي ڇيڻن جي ڌپ نه ملندي، پر خاموشي ڪري هتي توهان کي فٽ پاٿ
تان هلندي مٿي وڻن تي ويٺل پکين جون لاتون به ٻڌڻ ۾ اينديون. ڪنهن گهر اڳيان تازي ڪٽيل ڇٻر جي سڳنڌ
به ايندي.هتي توهان کي ڪوبه جلدي ۾ نظر نه ايندو. ڪن ڪن گهٽين مان لنگهندڙ پوڙهي
پارسي جوڙي کي يا اسڪرٽ ۾ ملبوس ڪرسچن ڇوڪريءَ کي پنهنجي بواءِ فرينڊ سان هٿ هٿ ۾
ملائي هلندو ڏسي مون کي سٺ جي ڏهائيءَ وارو ڪراچي جو صدر ۽ ڪلفٽن ياد آيو ٿي يا وري هانگ ڪانگ ٻيٽ جو وڪٽوريا هِل
(پهاڙي) وارو ۽ لورينزو مارڪس (جيڪو اڃا ’مپوتو‘ نه ٿيو هو) ان جو پارڪ لين جو
علائقو 1970ع يا ان کان اڳ وارن سالن جو ياد آيو ٿي. جڏهن نه هانگ ڪانگ کي انگريزن ۽
نه اڃان آفريڪي ملڪ موزمبيق کي پورچوگالين آزادي ڏني هئي. هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾
انگريز، لارينزو مارڪس (موپوتو) ۽ لئانڊا ۾ پورچوگالي ۽ بيروت ۾ فرينچ، جنهن سڪون
سان پنهنجين مخصوص ريسٽورنٽن ۽ بار هائوسن ۾ اندر يا ٻاهر فٽ پاٿ تي رکيل ڪرسين تي
ويهي ڪاري ڪافي يا ٿڌي بيئر جون چسڪيون ڀريندا هئا، اڄ به هن ڏکڻ ممبئي جي انگريز
دور جي ڪيفي موديگار (Mondegar)، ڪيفي ليو پولڊ (Leopold)، نيو مارنٽي بار جهڙين هوٽلن ۾ هندستان جا امير واپاري، رٽائرڊ
سرڪاري ڪامورا ۽ فوجي جرنيل زندگيءَ جون پرسڪون گهڙيون
گذارين ٿا.