Monday, September 26, 2011

کنڊالا کان ڪيفي ورنداوان - الطاف شيخ


کنڊالا کان ڪيفي ورنداوان
الطاف شيخ
ممبئي ۽ پوني جي وچ ۾ هي لوناولا ۽ کنڊالا جو نوري آباد جهڙو اسٽاپ ان ڪري بهتر لڳو جو نوري آباد ايترو Developed ناهي. هاڻ مڙِيئي اسان جي پيٽارو جي دوست اي. ڊي خواجا ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي تي پيٽرول پمپ سان گڏ علي ريسٽورنٽ ٺاهي آهي، جنهن جي هر شيءِ کاڌي پيتي جي شين کان بئرن جا يونيفارم ۽ اخلاق سان ڳالهائڻ جو معيار ۽ واش روم بهتر نموني جا رکيا آهن پر ممبئي پوني ايڪسپريس وي تي هنن جاڙن شهرن لوناولا ۽ کنڊالا پويان تاريخ هڪ طرف آهي ته قدرت جي مهرباني ٻئي طرف. گهڻي بارش ڪري چوڌاري ماٿريون ۽ جبل سرسبز نظر اچن ٿا. سامونڊي سطح کان گهڻو مٿي هجڻ ڪري ڪوهه مري ۽ ايوبيا لڳن ٿا. هوڏانهن ممبئي ۽ پوني ۾ ڀلي پگهر پيو ٽمي ۽ ماڻهو برف جا ڳنڍا پيا کائين پر لوناولا ۽ کنڊالا پهچڻ سان اس ۾ بيهڻ تي دل چوي ٿي ۽ چانهه يا ڪافي پيئڻ ۾ واهه جو لطف اچي رهيو هو. ملائيشيا جو گنتنگ  آئيلئنڊ ياد اچي ويو. ڪوالالمپور ۾ گرميءَ ۽ گهم ڪري ماڻهو گنجي ۽ گوڏ ۾ پيا هلن پر ڪلاڪ جي سفر بعد گنتنگ پهچڻ تي سئيٽر پائڻو پوي ٿو.



لوناوِلا ۽ کنڊالا ائين جاڙا شهر آهن جيئن راولپنڊي ۽ اسلام آباد- پر اهي به ڪجهه پري ٿيا. ڄڻ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي سمجهو. هي ٻئي شهر پوني ضلعي ۾ سمنڊ جي سطح کان اٽڪل 630 ميٽر بلنديءَ تي ساهيادري (Sahyadri) جبلن ۾ آهن. ممبئي کان پوني ويندڙ ريل گاڏي توڙي ممبئي کان پوني ويندڙ بسون، هتان لنگهن ٿيون ۽ مسافر ڪجهه دير ساهي پٽين ٿا، ڄڻ هو مفت ۾ ڪوهه مريءَ جو سير ڪن ٿا. اسان وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ سپر هاءِ وي جي اڌ تي نوري آباد آهي، پر حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ نئشنل هاءِ وي، ٻيو پاسي وٺي وڃي ٿو جنهن جي تقريبن اڌ تي ٺٽو شهر آهي. هيڏانهن به ممبئي پوني ايڪسپريس وي توڙي پراڻو رستو نئشنل هاءِ وي الڳ الڳ هنڌن ۽ شهرن مان لنگهن ٿا پر ٻئي رستا لوناولا ۽ کنڊالا مان ضرور لنگهن ٿا. بلڪ ممبئي کان پوني هلندڙ ريل گاڏيءَ جي جنگشاهي به هي ٻه جاڙا شهر لوناولا ۽ کنڊالا آهن. هنن جابلو اسٽيشنن کان، هر هڪ واقف هو، پر اسان ڌارين جي هن هِل اسٽيشن کنڊالا سان واقفيت فلم ائڪٽر عامر خان جي هندي فلم ”غلام“ جي مشهور گاني ”آتي ڪيا کنڊالا (ڇا کنڊالا نه ايندينءَ) سان ڪرائي. هنن شهرن جي پکيڙ 40 کن چورس ڪلوميٽر چئي وڃي ٿي، جيڪا چڱي خاصي آهي. يعني جبل جي چوٽيءَ تي ايڏي سڌي (flat) ڌرتي هجڻ وڏي ڳالهه آهي، جتي گهر، بازاريون، آفيسون ۽ تعليمي ادارا آهن. هي ٻئي شهر 1871ع ۾ ان وقت بامبي پريزيڊنسي جي گورنر سر ايلفنسٽن ٺاهيا هئا. ٽوئرسٽن ۽ حڪومت جي ڪامورن جي اچ وڃ جي سهوليت لاءِ هتي ايئرپورٽ به آهي.
ممبئي شهر جيڪو دراصل ڇهه ست ٻيٽن جو مجموعو هو، اهو وقت سان گڏ اڄ هڪ يڪو پيس آهي. ٻيٽن جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ هو اهو گذريل ڏيڍ ٻه سؤ سالن ۾ انگريزن ۽ بعد ۾ انڊيا حڪومت مٽي ۽ پٿرن سان ڀرائي هڪ يڪو ٻيٽ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جي مٿان ريل گاڏيون ۽ بسون پيون هلن. هاڻ يڪو ممبئي (ٻيٽ) باقي انڊيا جي سرزمين سان پُلين ذريعي ڳنڍيل آهي. ممبئي پوني ايڪسپريس جيئن ئي ختم ٿيو ته اسان جي بس هڪ ٻيو ننڍي پئماني جو روڊ ”سيان پانويل ايڪسپريس“ اختيار ڪيو. جيڪو ايم جي ايم ميڊيڪل ڪاليج وٽان شروع ٿئي ٿو ۽ واشي پل (Vashi Bridge) ٽپي ممبئي جي علائقي چمبور مان ٿيندو سيان (Sion) ۾ اچي ٿو. سيان کان پوءِ ماتونگا اچي ٿو، ان بعد دادر جيڪو ٻاهران ايندڙ هنن بسين جو ممبئي ۾ آخري اسٽاپ آهي. سمجهو ته چمبور جي سهراب ڳوٺ آهي ۽ سيان ۽ ماتونگا لياقت آباد ۽ گرومندر آهي ته دادر ڄڻ ته صدر وارو علائقو آهي. جتي شالامار بس اسٽاپ حيدرآباد ۽ نوابشاهه کان ايندڙ بسين جو آخري اسٽاپ آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪو بولٽن مارڪيٽ يا ڪياماڙي وڃي ٿو ته رڪشا (آٽو)، ٽئڪسي يا ڪراچي شهر ۾ هلندڙ  ميٽرو يا ڪنهن ٻي بس ۾ وڃي سگهي ٿو. اهڙي طرح ممبئي ۾ به دادر (Dadar) پهچڻ بعد وڌيڪ ڏکڻ ڏي وورلي (Worli)، بائڪلا، مهالڪشمي، مئزگائون، مالابار، چرچ گيٽ، ويندي ڪولابا تائين شهر ۾ هلندڙ BEST ڪمپني يا ڪنهن ٻي ڪمپني جي بس ۾ يا ٽئڪسي ۾ وڃي سگهي ٿو. ڪولابا ممبئي جو ائين آخري ڇيڙو آهي جيئن ڪياماڙي ڪراچيءَ جو.
بس جيئن ئي ”ممبئي پوني ايڪسپريس وي“ مڪمل ڪيو ته مون کي مونجهارو شروع ٿيو ته هاڻ هيڏي وڏي شهر ۾ پنهنجي ميزبان کي ڪيئن ڳوليندس. ممبئي ۾ هفتو کن رهڻ لاءِ The Enterprise ڪمپني جي مالڪ جئه موتياني منهنجي لاءِ هوٽل ۾ بندوبست ڪيو هو. ساڳئي وقت ممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ ڪيو هو. پوني ۾ ٻئي ڄڻا مون سان گڏ هئا. مون کين اهو ٻڌايو ته ممبئي پهچڻ سان جئه موتيانيءَ سان ملندس، جيئن هو پوليس رپورٽنگ واري فارملٽي پوري ڪرائي ۽ پوءِ پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ کي فون ڪري ته آ يونيورسٽي واري گيسٽ هائوس ۾ اچي رهندس. ڇو جو ممبئي ۾ منهنجو خاص ڪم ممبئي  يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچر ڏيڻ هو ۽ منهنجي لاءِ يونيورسٽي جي ويجهو رهڻ بهتر هو. ممبئي يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي وانگر شهر (حيدرآباد) کان ڪٽيل نه آهي بلڪ وچ شهر ۾ آهي. جتان گيٽ جي ٻاهران مون کي هر وقت رڪشا، ٽئڪسي ۽ بس ملي سگهي ٿي ۽ ٿورو اڳيان ڪُرلا ريلوي اسٽيشن آهي.
جيئن جيئن ممبئي ويجهو ايندي وئي تيئن تيئن مون تي اجايو خوف طاري ٿيندو ويو ته هيڏي وڏي شهر ۾ جئه مون کي ڪيئن ڳولي سگهندو. ٿي سگهي ٿو ته جئه جو موبائيل بند هجي، بزي هجي، خراب هجي ته پوءِ؟ منهنجي شايد ان اجائي خوف کي محسوس ڪري جئه مون کي سندس زال نيلو ۽ ڌيءَ خوشبو جا نمبر به ڏنا هئا پر خبر ناهي ڇو آئون عجيب ٽينشن جو شڪار ٿي رهيو هوس. خير ان وقت منجهند جو هڪ ٿيڻ وارو هو پر آئون نٿو سمجهان ته ممبئي ۾ ايڏي گرمي هئي جو ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ به مون کي پگهر اچي رهيو هو. شايد آئون گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان يا گهٽ ۾ گهٽ محسوس ڪري رهيو آهيان جو اهڙن موقعن تي اڪيلو هجڻ ڪري چڪر محسوس ڪريان ٿو. آئون سوچڻ لڳس ته ڪجهه ٿي پيو ته جئه يا ٻلديو کي ڪهڙي خبر ته آ ڪهڙي بس ۾ ۽ ڪهڙي هنڌ آهيان. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ته ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪيم. بَس ڇا، جهاز هليو وڃي. گم ٿي ٻين شهرن کان وڃي نڪربو هو... دنگ اچي ڪنهن اسپتال يا پوليس اسٽيشن تي ڪبو هو، جيڪي اچي جهاز تي پهچائيندا هئا. اسان جو پاڻيءَ وارو جهاز جي لنگر کڻي هليو ويندو هو، ته ٽرين يا هوائي جهاز ذريعي ٻئي بندرگاهه ۾ وڃي اڳ وٺبو هوس. هر حال ۾ خوش پيو ٿبو هو. ائڊوينچر ۾ به مزو هو پر هاڻ هر وقت پاڻ کي ۽ پاڻ جيڏن کي اها ئي ڳالهه سمجهائيندو رهان ٿو ته هن عمر ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه نڪرجي. سفر ۾ پاڻ سان ٻيو به ساٿي شامل ڪجي ۽ جي هو ننڍي عمر جو هجي ته سٺو. واشي پل ٽپڻ بعد مون جئه کي فون ڪيو. جئه جو فون نه خراب هو ۽ نه بزي. ٻن گهنٽين بعد ئي هن هيلو ڪيو ۽ منهنجو آڌرڀاءُ ڪندي ڪنهن اسٽيشن تي لهڻ لاءِ چيو. هو مون کي آخري اسٽاپ دادر تي لهڻ بدران Sion جي ڪنهن اسٽاپ تي لهڻ لاءِ چئي رهيو هو، پر مون لاءِ اهي نالا نوان هجڻ ڪري سمجهه ۾ نه پئي آيا، جيئن ڪنهن ڌارئين کي چئجي ته گوليمار، تين هٽي يا لالو کيت جي بس اسٽاپ تي لهجانءِ، ته هن لاءِ ته مون وانگر اهي نالا ئي سمجهڻ ڏکي ڳالهه! آخر ڀر ۾ ويٺل مسافر کي پنهنجو فون ڏنم جنهن مون کي هاڻ ايندڙ اسٽاپ تي لهڻ لاءِ ٻڌايو. جتان جئه جي آفيس کار (Khar) وارو علائقو ويجهو هو. پر مون کي منجهيل ڀانئي جئه وري فون ڪري مون کي آخري اسٽاپ دادر تائين وڃڻ لاءِ چيو ۽ مون کي پنهنجي هڪ دوست مهيش منيال جو نمبر ڏنو ته هو مون کي وٺڻ ايندو جو هن جي ڪاغذ جي ڪاروبار جي آفيس ”اوم پيپر مارٽ“ ممبئي جي فورٽ علائقي ۾ آهي، جيڪو علائقو ان پوليس آفيس جي ويجهو ئي آهي، جتي مون کي ممبئي ۾ اچڻ جو اطلاع ڪرڻو هو. منهنجي بس اڃا Sion جي ويجهو پهتي ته مهيش منيال جو فون آيو، جنهن کي منهنجو نمبر جئه ڏنو هو. خير عافيت ڪرڻ بعد هن مون کي اڳتي دادر تائين وڃڻ بدران ايندڙ پهرين اسٽاپ تي لهي ٽئڪسي ڪرڻ لاءِ چيو. بس مان جنهن هنڌ لٿس اهو ڪراچي جي سائيٽ جهڙو علائقو هو. روڊ ويران ۽ ٻنهي پاسي فئڪٽريون نظر اچي رهيون هيون. بس مان لهي محسوس ڪيم ته ائين رستي تي لهي غلطي ڪئي اٿم پر ان ئي وقت ٽئڪسي ملي وئي. مهيش جو نمبر ملائي ٽئڪسي ڊرائيور کي ڳالهائڻ لاءِ چيم، تنهن ڳالهه ٻڌي ”اڇا جي“ چيو ۽ ڏهه ٻارهن منٽن اندر مون کي هڪ ڪراچي صدر جهڙي علائقي ۾ هڪ خيبر هوٽل جهڙي ڪنڊ واري هوٽل ”ڪيفي ورنداون“ جي اڳيان اچي لاٿو. اهو هڪ مشغول رستن جو چوڪ هو، جتي ماڻهن، بسين، ٽئڪسين، آٽو رڪشا وارن جي پيهه پيهان لڳل هئي. هن ڪيفي کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ريسٽورنٽون ۽ کاڌي پيتي جا دڪان هئا. دل چيو ته اندر وڃي چانهه پيئان پر اهو به ڊپ هوم ته مهيش مون کي ڪٿي ڳوليندو، جي آ اندر غائب ٿي ويس. مون کي ته اها به حيرت ٿي ته اهڙي مشغول علائقي ۾ جيڪو يقينن اسان جي صدر واري علائقي کان هر صورت ۾ گهڻو وڌيڪ ۽ وڏو آهي، ڪيئن ڳولي سگهندو. هڪ ته منهنجي اڳيان فٽ پاٿ تان ماڻهن جا انبوهه لڳاتار گذري رهيا هئا. يا رستو ڪراس ڪري رهيا هئا. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مهيش کي ڪار پارڪ ڪرڻ جي جاءِ به ڪٿي ملندي ۽ مون کي پري کان ڏسي سگهندو يا نه؟
آ پنهنجي ميزبان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس ته هڪ ويهن ورهن کن جي ڇوڪري، قد ۾ بنهه بندري پر شڪل ۾ سهڻي، شولڊر بئگ سان بس مان لٿي ۽ هن ڪيفي جي در مٿان لکيل نالو "Caf- Vrindavan" پڙهي، اتي ئي منهنجي ڀرسان ڪنهنجو انتظار ڪرڻ لڳي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ ۽ Curiousity خاطر مون کانئس پڇيو ته آيا هوءَ ممبئي جي مرهٺي ڇوڪري آهي، ته هن ٻڌايو ته هوءَ گوا جي رهاڪو گجراتي ڳالهائڻ واري آهي. هوءَ هتي جي ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ پهريون دفعو ممبئي آئي آهي. کيس سندس ماسي هتان وٺڻ ايندي، جنهن کيس هن هوٽل اڳيان اچي انتظار ڪرڻ لاءِ چيو آهي.
ٺهيو. چئبو ته هيءَ ڪيفي به صدر جي خيبر هوٽل ئي آهي، جنهن کان هر هڪ واقف آهي ۽ جڏهن هن بندري قد جي ڇوڪريءَ کي سندس ماسي ڳولهي ويندي ته پڪ مون جهڙي ڇهه فٽي کي مهيش منيال به ڳولي ويندو. اهو سوچي هاڻ آ سڪون سان هيڏانهن هوڏانهن ديدار ڪرڻ لڳس. سامهون Our lady of Good Counsel’ جي هاءِ اسڪول جو بورڊ لڳل هو ۽ شايد ان وقت موڪل ٿي هئي، جو ڪيترا ئي اسٽوڊنٽس نڪري رهيا هئا. ساڄي پاسي ”شيٺ آيور ويدڪ ڪاليج“ هو. هن هنڌ تي ڪيترا ئي روڊ اچي مليا ٿي. اين. ايس مامڪيڪر روڊ، وسنت رائو نانڪ روڊ (مون کي ان وقت خبر پئي ته ساونت ۽ بوندري وانگر نانڪ به مسلمانن توڙي هندن جي ذات آهي)، اسٽيشن روڊ ۽ ٿورو اڳيان لال بهادر شاستري روڊ هو.
هوٽل مان نڪرندڙ هڪ همراهه پڇڻ تي ٻڌايو ته هيءَ عمارت جنهن ۾ اها ڪيفي به اچي وڃي ٿي. ممبئي جي مشهور شام ڌام بلڊنگ سڏجي ٿي، جنهن جي ٻئي پاسي سيان ويسٽ جي ريلوي اسٽيشن آهي. آ هتي جي رستن جا نالا پنهنجي پاڪيٽ ڊائريءَ ۾ لکي رهيو هوس، ته ڪن تي آواز آيو ”ڀاءُ اوهان الطاف شيخ آهيو نه؟“ ڪاپي ۽ پين کيسي ۾ وجهي چيم ته توهان مهيش ئي آهيو؟ دل ۾ چيم مهيش منيال نه آهين ته به مون کي هاڻ هتان وٺي هل نه ته گوا جي هن ڊينڊي قد واري گجراتڻ جي ماسي اڳ اچي وئي ته مون کي ٻه ٽڪا ڏک ٿي پوندو. ڇوڪري به منهنجي چهري تي رونق ڏسي سمجهي وئي ته پوني کان ممبئي جي سفر ۽ مهيش جي انتظار مون کي ٿڪائي رکيو آهي. ”وش يو اي گڊ ڊي ان ممبئي“ هن مون کي وش ڪيو. انگريزي ڳالهائڻ توڙي Manners ۾ ته هي سڀ اسان کان تيز آهن. بهرحال کانئس موڪلائي ۽ سندس ڍري ماسيءَ جي جلد پهچڻ جون کيس دعائون ڏيندو، اچي مهيش جي ڪار ۾ ويٺس.

No comments:

Post a Comment