Saturday, September 17, 2011

ممبئي وڃڻ لاءِ ريل جي ٽڪيٽ ورتم - الطاف شيخ


ممبئي وڃڻ لاءِ ريل جي ٽڪيٽ ورتم
الطاف شيخ
(نوٽ: الطاف شيخ جو انڊيا بابت ھيءُ نئون سفرنامو آهي. هن کان اڳ وارا، ھندستان بابت سفري ڪالم ھئا جيڪي سندس ڪتاب؛ ‘هلي ڏسجي هندستان’ ۾ شايع ٿي چڪا آهن)
ڪجهه ڏينهن پوني ۾ ڇا رهڻ ٿيو، پوني جي ماڻهن خاص ڪري ساڌو واسواڻي مشن سان وابسته ماڻهن (جيڪي منهنجا ميزبان به هئا) ڇا پيار ڏنو، جو پوني ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳ واري شام جو پوني جي رستن تي واڪ ڪندي ۽ هاڻ نيتو وولوو ڪمپني جي بس ۾ پوني جون گهٽيون ڇڏيندي ڏک پيو ٿئي. گذريل ستَ اَٺ ڏينهن جا واقعا اکين اڳيان پيا ڦرن. پوني ۾ اچڻ وقت پاڻ کي هن شهر ۾ ڪيترو اجنبي محسوس ڪري رهيو هوس. هاڻ هفتي کن بعد پوني ڇڏيندي ائين پيو لڳي، ڄڻ آئون سالن کان هتي هوس. سالن کان هنن رستن تي هلندو رهيس. ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته ايتري گهٽ وقت ۾ منهنجو دنيا جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ شايد ايترو گهڻو هلڻ ٿيو هجي. پيدل پنڌ، آٽو رڪشا ۾، بسن ۾، جئه موتياڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ جي ڪارن ۾، ۽ ويندي چندرو موهيناني جي موٽر سائيڪل تي، پوني جي رستن تي ايترو هليو آهيان جو هيءَ بس جڏهن پوني ڇڏي رهي آهي، ته خاص چوراهن ۽ روڊن جا نالا منهنجي زبان تي ائين اچي رهيا آهن، ڄڻ پوني نه پر حيدرآباد مان گذري رهيو هجان. ريلوي اسٽيشن، گاڏي کاتو، حيدر چونڪ، رسالا روڊ، پٺاڻ ڪالوني، هيرآباد، سٽيزن سوسائٽي، راجپوتانا اسپتال وغيره وغيره.
 
ممبئي وڃڻ لاءِ مون باءِ ٽرين وڃڻ چاهيو ٿي، سو پوني ڇڏڻ کان ٽي ڏينهن اڳ سُميت گيهاڻي سان گڏ پوني جي ريلوي اسٽيشن تان وڃي ائڊوانس ۾ ٽڪيٽ وٺي آيس. هتي اهو لکندو هلان ته هتي انڊيا ۾ ريل گاڏيون ته بلڪل مقرر وقت تي ٿيون هلن، پر بسون به ڪافي حد تائين پنهنجي مقرر شيڊول (پروگرام) تي هلن ٿيون ۽ اڳواٽ ٽڪيٽ وٺڻ سان ماڻهو بي فڪر ٿيو وڃي، جو ڪيڏي به رش هجي، هن جي Reserve ٿيل سيٽ تي ڪو ٻيو قبضو نٿو ڪري سگهي.
ڪار ذريعي پوني اچڻ وقت مون اهو ئي ارادو ڪيو هو، ته واپس ممبئي بس يا ڪار ذريعي وڃڻ بدران ٽرين ۾ ويندس. پوني انڊيا جي تمام پراڻي اسٽيشن آهي، جيڪا اڄ کان ٽي سؤ کن سال اڳ 1720ع ۾ انگريزن ٺهرائي. اڄ اها هڪ تمام مشغول ۽ ماڊرن ريلوي جنڪشن سڏجي ٿي، جتان نه فقط ڪيتريون ئي ريل گاڏيون ٻين شهرن ڏي روانيون ٿين ٿيون، پر هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏي ويندڙ گاڏيون پڻ هتان لنگهن ٿيون. يعني مون کي ممبئي وڃڻ لاءِ ڪنهن وقت به ريل گاڏي ملي سگهي ٿي. اسان لاءِ ڪراچي يا لاهور جون ريلوي اسٽيشنون مشغول سمجهيون وڃن ٿيون، پر انهن جو پوني جهڙين اسٽيشنن سان مقابلو ڪجي ٿو ته اهي ٻهراڙيءَ جون اسٽيشنون لڳن ٿيون. انڊيا هڪ ته تمام وڏو ملڪ آهي، آدمشماري به گهڻي اٿس ۽ ريلوي نظام به سٺو، وقت جو پابند ۽ سستو آهي سو هر ڪو ماڻهو پهرين ترجيح ريل جي سفر کي ڏئي ٿو ۽ پوني جهڙي ريلوي اسٽيشن ته جاگرافيائي طرح اهڙي هنڌ تي آهي، جتان چؤطرف مسافر وڃن ٿا. اتر ڏي احمد نگر، ناسڪ، مالگائون، ڀوپال، لکنئو کان ويندي دهلي، امرتسر، ڪشمير تائين ۽ ڏکڻ ۾ چنائي، حيدرآباد دکن، بئنگلور، ڪيرالا تائين ريلون هليون وڃن ٿيون. اوڀر طرف رائپور، ڀوبنيشور، رانچي، پٽنا ويندي ڪلڪتي تائين وڃن ٿيون ۽ ڏکڻ طرف گوا توڙي احمد آباد، بڙودا ۽ جئپور تائين اينديون وينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه ممبئي ڏي ڊائريڪٽ ته خبر ناهي ڪيتريون ريلون هلن ٿيون. ڪيترا سرڪاري ڪامورا، واپاري ۽ گهمڻ ڦرڻ وارا پوني ۾ رهن ۽ پوءِ روزانو صبح جي ريل گاڏين ۾ ممبئي روانا ٿين ۽ شام جو جاپانين وانگر گاڏين ۾ ننڊون ڪندا يا اخبار رسالو پڙهندا پوني موٽن. منهنجي چوڻ  تي سُميت گيهاڻيءَ ريلوي انتظاميا وارن کان پڇي ٻڌايو ته روزانو پوني کان 180 ريل گاڏيون مسافر کڻن ٿيون، جن جو تعداد لکن ۾ ٿئي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماڻهن جا هر وقت هشام نظر اچن ٿا. هيڏي وڏي اسٽيشن هوندي به ماڻهن سان ڦاٽي ٿي. گاڏي اچڻ تي ماڻهن جا هڪڙا ريلا لهي پوني اسٽيشن کان ٻاهر نڪتا ٿي ته ٻيا اندر گهڙيا ٿي. عورتون، مرد، پوڙها، ٻار، يونيفارمن ۾ فوجي ۽ اسڪولن ڪاليجن جا ڇوڪرا ڇوڪريون، سامانن جي ڀريل، بئگن، هڙن ۽ ٿيلهن سان چوڌاري پکڙيا پيا هئا جن ۾ ڪيترا ئي غريب هئا ته امير ۽ پئسي وارا به. يعني هتي هر قسم جو ماڻهو ريل ۾ سفر ڪري ٿو ۽ هڪ پڪنڪ جو سماءُ نظر اچي ٿو. پوني اسٽيشن بابت ڪيترن انگريزن جي ناولن ۽ هندي فلمن ۾ پڙهيو ۽ ڏٺو هوم، اڄ آئون ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي ميزبان گيهاڻي صاحب سان قطار ۾ اچي بيٺو آهيان. منهنجي والد جيئن ته هن شهر پوني مان ائگريڪلچر سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي، ان ڪري هو هميشھ پوني اسٽيشن مان ريل ۾ چڙهڻ جو ٻڌائيندو هو. هو پوني کان ڪڏهن ممبئي ايندو هو يا گجرات جي شهر احمدآباد يا بڙودا ۾ لهندو هو. 1999ع ۾ وفات کان هفتو کن اڳ به هو پوني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن ڏينهن جو احوال ڪندو رهيو. پنهنجي ڪاليج (جيڪو هاڻ ائگريڪلچر يونيورسٽي آهي) بابت، پنهنجن مرهٺن، گجراتي ۽ سنڌي ڪلاس ميٽن بابت، پنهنجي پروفيسرن بابت ۽ ان وقت جي پوني شهر بابت جيڪو انهن ڏينهن ۾ فقط ايترو مختصر هو، جيترو ان وقت ڪراچي فقط کارادر، ميٺا در، لي مارڪيٽ ۽ صدر تائين محدود هو. بيماريءَ ڪري منهنجو پيءُ بيحد ڪمزور ٿي ويو هو پر منهنجي پڇڻ تي هو نه فقط ڌيمي آواز ۾ پوني ۽ ان بعد سنڌ ۾ نوڪريءَ جو احوال ٻڌائيندو رهيو، پر منهنجي ماٺ ڪرڻ تي بار بار چوندو رهيو ته اڃا به ڪجهه پڇڻو آهي ته پڇ. مون کي يا ٻين کي اها ڄاڻ نه هئي ته منهنجي پيءُ جي ڳالهائڻ جو اهو آخري ڏينهن هو. ٻئي ڏينهن کان هن صفا ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ ڪي ٻه ٽي ڏهاڙا مس حيات رهيا ۽ موڪلائي ويا. اڄ پورن ڏهن سالن بعد هن پوني جي اسٽيشن تي بيهي سوچي رهيو آهيان ته بابا کان اهو ته پڇان ها، ته هو ريل ۾ ڪڏهن ممبئي ته ڪڏهن بڙودا پهچي پوءِ سنڌ باءِ روڊ ايندا هئا يا آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ پاڻي واري جهاز) ذريعي. اڄ سندن فقط هڪ ڪلاس ميٽ پير گوهر شاهه حيات آهي، جن کان پڇي سگهجي ٿو. پوني جي هن اسٽيشن تي منهنجي والد جو ته هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ اچڻ ٿيو پر هتي، هن اسٽيشن سان هن ننڍي کنڊ جي ڪيترن اهم ماڻهن جو واسطو رهيو ۽ انهن ماڻهن جي حوالي سان پوني ريلوي اسٽيشن کي هڪ اهم ۽ تاريخي ماڳ جو درجو به ڏئي سگهون ٿا. هندستان جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سياستدان واسديو بلونت فادڪي (Phadke) کي 1879ع ۾ هن پوني اسٽيشن تي ماڻهن جي انبوهه آڌرڀاءُ ڪيو هو. جتان هن کي انگريز سرڪار جي پوليس، جيل جي سزا ڪاٽڻ لاءِ عدن وٺي وئي هئي. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ يمن جو بندرگاهه عدن انگريزن جي ملڪيت هو ۽ بمبئي پريزيڊنسي ۾ ائين شامل هو، جيئن سڄي سنڌ هڪ ضلعي جي روپ ۾، يا جيئن سنگاپور جو ٻيٽ (جيڪو انگريزن ملئي راجا کان ڏوڪڙن تي خريد ڪيو هو) مدارس پريزيڊنسي ۾ شامل ٿيو هو. واسديو بلونت کي پوني اسٽيشن تي جڏهن هٿڪڙيون هڻي آندو ويو، ته انگريز سرڪار Embarrassing حالت ۾ ماڻهن جي هجوم کي ڏسي ٿي، پر ان کان وڌيڪ ڳالهه ڪري ٿي جو ان هجوم ۾، هڪ انگريز عورت واسديو کي هندستان جو هيرو هجڻ جي مڃتا ۾، گلدستو اچي پيش ڪيو! 
پوني ۾ واسديو تي ڪيس هلڻ دوران هن کي ۽ هن جي ساٿين کي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جيل بلڊنگ ۾ رکيو ويو هو. هيءَ سنگم پل جي ڀرسان اها بلڊنگ آهي جنهن ۾ هينئر مهاراشٽرا رياست جي CID ڊپارٽمينٽ جي آفيس آهي. واسديو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدن جي جيل ۾ قيد دوران هو هڪ ڏينهن قيد خاني جي دروازي جا انجيس (Hinges) ڪڍي، ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر ٻي ڏينهن ئي جهلجي پيو ۽ کيس واپس قيد حوالي ڪيو ويو، جتي پوءِ لڳاتار بک هڙتال ڪري 17 فيبروري 1883ع تي گذاري ويو. سندس ڄم 1845ع ۾ پوني ۽ ممبئي ضلعن جي وچ واري ضلعي راءِ گاد ۾ ٿيو. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ واسديو بلونت فادڪي کي به هڪ اهم شخصيت مڃيو وڃي ٿو ۽ هندستان سرڪار  سن 1984ع ۾ هن جي ياد ۾ ٽپال جي ٽڪلي به جاري ڪئي هئي. ممبئي ۾ ميٽرو سئنيما وٽ سندس نالي چونڪ آهي ۽ سندس نالي تي 2007ع ۾ مرهٺي فلم پڻ ٺهي هئي.
هيءَ پوني جي ئي اسٽيشن آهي جتي مهاتما گانڌي مختلف شهرن ڏي وڃڻ لاءِ گاڏيءَ جو انتظار ڪندو هو ۽ آخري ڏينهن ۾ انگريز سرڪار، کيس پوني جي آغا خان محل ۾ نظربند رکڻ لاءِ هن اسٽيشن تان وٺي ويا ۽Quit India  (انڊيا مان نڪرو) تحريڪ دوران 1942ع ۾ هن پوني جي اسٽيشن تان جواهر لعل نهرو کي جيل لاءِ وٺي ويا هئا. هن پوني جي اسٽيشن تي انڊين قوم پرست، ٽيچر، هندستان جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ ۽ مشهور ليڊر لوڪ مانيا تلڪ کي لالا لجپت راءِ کي Deport ڪرڻ جي خبر ٻڌائي وئي هئي، جنهن تي هن اهو مشهور جملو چيو هو ته:
 “Lalji deported & Minto still alive!”
لوڪ مانيا تلڪ جو اصل نالو بال گنگا ڌر تلڪ هو، پر عوام کي پسند هجڻ ڪري هو لوڪ مانيا سڏجڻ لڳو هو. پاڻ 1856ع ۾ هتي ڀر واري ڏاکڻي ضلعي رتنا گري ۾ ڄائو. پوني جي دکن ڪاليج مان 1877ع ۾ گرئجوئيشن ڪيائين، ان بعد ڪجهه سال پوني جي فرگوسن ڪاليج ۾ مئٿس جو ٽيچر ٿي رهيو پر پوءِ سگهو ئي صحافت ۾ گهڙيو ۽ هڪ مرهٺي اخبار (ڪيسري نالي) ۽ هڪ انگريزي اخبار The Maratha ڪڍيائين. انگريزن خلاف وڙهندڙ قوم پرستن جي بچاءَ لاءِ پنهنجي اخبار لکڻ ڪري، انگريز سرڪار مٿس ڪيس هلايو. هيءَ 1908ع جي ڳالهه آهي. لوڪ مانيا محمد علي جناح نالي هڪ نوجوان وڪيل ڪيو. ان وقت جناح جي عمر 32 سال هئي. (محمد علي جناح سن 1876 ۾ ڄائو ۽ 1948ع ۾ وفات ڪيائين.) انگريز جج لوڪ مانياکي هر صورت ۾ ڏوهاري قرار ڏئي برما جي شهر منڊالي جي جيل ۾ ڇهن سالن لاءِ سخت پورهئي سان ٽيپ ڏني. اهو هڪ تاريخي ڪيس هو. جج جي فيصلي تي لوڪ مانيا تلڪ جيڪي آخري لفظ چيا اهي هندستان توڙي انگلستان جي تاريخ ۾ اڄ به وڏي اهميت رکن ٿا.
“In spite of the verdict of the jury, I maintain that I am innocent. There are higher powers that rule the destiny of men and nations and it may be the will of providence that the cause which I represent may prosper more by my suffering than my remaining free”
لوڪ مانيا تِلڪ جون مٿيون سٽون توهان اڄ به بمبئي هاءِ ڪورٽ جي ڪمري نمبر 46 ۾ ڀت تي لکيل ڏسي سگهو ٿا. تِلڪ صاحب جو پوني جي ريلوي اسٽيشن جي حوالي سان کڻي ذڪر نه ڪريان ها، پر هتي پڙهندڙن کي ان ڳالهه جو به احساس ڏيارڻ چاهيان ٿو، ته محمد علي جناح صاحب ۾ ٻي ڪا کڻي ڪمزوري هجي پر هو ننڍي هوندي کان ذهين ۽ مشهور وڪيل هو. نه ته هڪ طرف لوڪ مانيا تلڪ هندو ۽ مرهٺي ڳالهائيندڙ هو ۽ ان وقت ٻيا به ڪيترائي هندو ۽ پارسي وڪيل هئا، پر هنن هي ڪيس هلائڻ لاءِ هڪ مسلمان وڪيل جي چونڊ ڪئي جيڪو گجراتي ڳالهائڻ وارو هو. تلڪ جو هي ڪيس تمام حساس قسم جو هو ۽ 1905ع کان 1908ع تائين پوني ۾ هلندو رهيو ۽ فقط هن ڪيس لاءِ جناح صاحب کي خبر ناهي ڪيترا دفعا پوني اچڻ لاءِ هن ريلوي اسٽيشن تي اچڻو پيو. اڄ جتي آئون ٽڪيٽ لاءِ بيٺو آهيان، اتي پورا 105 سال اڳ محمد علي جناح صاحب به ٽرين ۾ چڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪئي هوندي.
هندستان جي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۾ لوڪ مانيا تلڪ هڪ اهم ماڻهو مڃيو وڃي ٿو، جنهن جي نالي حيدرآباد ۾ ”تلڪ چاڙهي“ آهي جيڪا سري گهاٽ کان هيٺ سينٽ بونا وينچر اسڪول تائين آهي. تلڪ صاحب ڪيترائي مرهٺي ۽ انگريزي زبان ۾ ڪتاب پڻ لکيا. منهنجي پڙهندڙن ۾ ڪو اهڙن ماڻهن جا ڪتاب پڙهڻ جو شوقين هجي ته هو گهٽ ۾ گهٽ تلڪ صاحب جي خطن جو لکيل انگريزي مجموعو:Letters of Lokamanya Tilak ضرور پڙهي. خطن جي مجموعي تان مٺي (ٿرپارڪر) جو مشهور وڪيل ۽ سنڌ جو ڪامريڊ روچي رام ياد اچي رهيو آهي، جنهن جي خطن جو مجموعو ”ڏنم هوت هٿن سين“ جيڪو هن سال سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي وارن ڇپيو آهي، پڻ پڙهڻ لاءِ Recommend ڪندس، جيڪو مون هن هفتي ئي پڙهي پورو ڪيو آهي.
”ڪهڙي ٽڪيٽ بڪ ڪرائڻي آهي؟“ قطار ۾ بيٺي بيٺي منهنجو وارو اچڻ تي سيٽ رزرويشن جي دريءَ تي ويٺل ٽڪيٽ ڪلارڪ پڇيو. مون صبح پهر پوني ڇڏڻ چاهيو ٿي ۽ صبح جو ٻه ريل گاڏيون هتان پوني کان هلڻ شروع ٿين ٿيون. هڪ دکڻ ڪُئين (Deccan Queen) جيڪا پوني مان پوري سوا ستين بجي ڇٽي ٿي ۽ ڏهه لڳي يارهن منٽن تي ممبئي جي ريلوي اسٽيشن دادر تي پهچي ٿي. ٻي پرگتي ايڪسپريس جيڪا پوني کان 7 لڳي 50 منٽن تي نڪري ٿي ۽ پوڻي يارهين بجي دادر پهچي ٿي. ممبئي ۾ منهنجي ميزبان جئه موتياڻيءَ مون کي چيو هو، ته ٽرين يا بس ۾ ممبئي اچڻ وقت آئون دادر ۾ لهي کيس فون ڪريان، جيڪو ٻاهران ايندڙ ريل گاڏين ۽ بسن جو آخري اسٽاپ آهي. مون پرگتي ايڪسپريس ۾ سيٽ رزرو ڪرائي ٽڪيٽ خريد ڪئي. ظاهر آهي مون کي ٻن ڏينهن کان پوءِ ممبئي روانو ٿيڻو هو، سو هڪ کان پنج سيٽون به خالي ملي سگهيون  ٿي. سفر واري ڏينهن تي اچي ٽڪيٽ وٺڻ ته مشڪل ضرور ٿئي ٿو پر انڊيا ويندڙ ٽوئرسٽن لاءِ هتي انڊيا جي ريلوي ڊپارٽمينٽ جي هڪ سٺي ڳالهه اطلاع طور لکان ته انڊيا جي هر وڏي اسٽيشن تي هڪ ٽوئرسٽ ڊيسڪ آهي، جتي ڌارين ملڪن جي سياحن کي سفر جي آساني ڏني وڃي ٿي. هنن جي هٿ ۾ ڪجهه سيٽون رهن ٿيون جيڪي ٽوئرسٽن کي مهيا ڪن ٿا. سو جيڪڏهن توهان کي پوني، ممبئي، دهلي وغيره جي ريلوي اسٽيشن جي عام ٽڪيٽ واري دريءَ تان ٽڪيٽ نه ملي سگهي، ته پاسپورٽ ڏيکاري توهان ٽوئرسٽ واري سهوليت حاصل ڪري سگهو ٿا. بهرحال، ان ڏينهن ممبئي وڃڻ جي ٽڪيٽ ٻه ڏينهن ائڊوانس ۾ وٺي ڪمري تي اچي سڪون جي ننڊ ستس.

No comments:

Post a Comment