Friday, September 23, 2011

ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته نه آهي - الطاف شيخ


ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته نه آهي
الطاف شيخ
پوني جي مين بس اسٽاپ تي پهچڻ لاءِ آئون پنهنجي ڦيٿن واري بئگ کي واسواني چوڪ کان ڦيرائي ڪناٽ روڊ تي جيڪو هاڻ واسواڻي روڊ سڏجي ٿو، هلڻ لڳس. رستي تي هڪ ٻه بس ڪمپنين جون آفيسون نظر آيون، جتي مختلف شهرن ڏي ويندڙ بسن جون ٽڪيٽون ائين وڪامي رهيون هيون، جيئن اسان وٽ هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ آفيسون آهن. ڪن جي ته اڳيان بيٺل سندن پگهاردار ايندڙ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مها بليشور، ڪولهاپور يا ڪنهن ٻئي شهر جو نالو وٺي رهيا هئا، جيئن پاڻ وٽ مختلف بسن جا ڪنڊيڪٽر يا ڪلارڪ بس جي آخري منزل مورو، ميرپورخاص، نوابشاهه يا سجاول جو هوڪو ڏيندا رهندا آهن. رستي تان هڪ ٻه رڪشا وارا مون کي بئگ سان گڏ واڪ ڪندو ڏسي اچي ڀر ۾ بيٺا ٿي پر مون اڄ پوني جي رستن تي آخري واڪ ڪرڻ چاهي ٿي، ڀلي ممبئي اڌ ڪلاڪ دير سان پهچان. ڪو زمانو هو جو بئگ کي مٿي کڻي هلبو هو يا ڪلهي يا مٿي تي رکبو هو. ان صورت ۾ بئگ سان گڏ هلڻ مصيبت هوندو هو، پر هاڻ ڏهاڪو سالن کان هي ڦيٿن واريون بئگون عام ٿي ويون آهن ۽ اهو بيوقوف هوندو جيڪو پرديس جي سفر ۾ بنا ڦيٿن واري بئگ کڻي نڪري ٿو ۽ اهو به لکندو هلان ته بئگ جا ڦيٿا جيڏا وڏا اوترو بهتر.
 
پوني جو هي واسواڻي روڊ (ڪناٽ روڊ) پرنس آغا خان روڊ سان اچيو لڳي، جيڪو ساڄي کان کاٻي وڃي ٿو. پوني جي ريلوي اسٽيشن ۽ بس اسٽاپ هن روڊ تي آهن، جنهن لاءِ آئون کاٻي مڙيس. ٻن ٽن منٽن جي واڪ بعد هن روڊ تي جيئن ئي بي جي ميڊيڪل روڊ (پراڻو نالو ساسون روڊ) اچي ٿو لڳي، ته ان کان پوءِ بس اسٽاپ آهي. چوڌاري ڪيتريون ئي بسون بيٺيون هيون. هڪ ڊگهي ۽ ڊيلڪس ٽائيپ بس ان وقت ڇٽي رهي هئي. ٽڪيٽ آفيس وارن ٻڌايو ته هن بعد ٻي اڌ ڪلاڪ بعد ڇُٽندي. مون اڍائي سؤ رپيا ڏئي ان پوءِ واري بس جي ٽڪيٽ ورتي ۽ ان آفيس ڀر ۾ هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويهي چانهه پيتي. اڊلي يا ڊوسا منهنجي ڪا فئوريٽ شيءِ ناهي پر هن هوٽل ۾ اهي ئي ٻه شيون هيون جيڪي اڦراٽي بدران مجبورن کائڻيون پيون.
بس پوري اٺين بجي، بس اسٽاپ ڇڏيو. جيتوڻيڪ مسافرن جو تعداد ڪو ٻارهن تيرهن مس هو. مون سمجهيو ته جيسين بس ڀربي نه، تيسين بس اسٽاپ نه ڇڏيندي. ٽڪيٽن تي سيٽ نمبر لڳل هئا پر پڇڻ تي ڊرائيور چيو ته ڪنهن به سيٽ تي ويهي سگهان ٿو، جو پوني شهر مان لنگهندي سٺ ستر سيڪڙو بس ڀرجي سگهندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صبح جو پنجين ڇهين بجي واريون بسون فل وڃن ٿيون، جو ان ۾ آفيسن جا ماڻهو ويهن ٿا جن کي ممبئي ۾ پنهنجي آفيس ۾ نائين ڏهين تائين پهچڻو پوي ٿو. پوني کان ممبئي پهچڻ ۾ بس کي چار ڪلاڪ لڳن ٿا، جو اڌ ڪلاڪ کن پوني شهر مان نڪرڻ وقت مختلف هنڌن تي بيهي وڌيڪ مسافر کڻي ٿي ۽ اهڙو رستي تي هڪ ٻن هنڌن تي مسافرن جي چانهه پاڻي لاءِ ترسي ٿي.
پوني جي هڪ ريلوي اسٽيشن واري بس اسٽاپ کان علاوه پوني شهر ۾ ٻه ٻيا به وڏا اسٽاپ آهن. هڪ شيواجي نگر وارو بس اسٽاپ ۽ ٻيو سوارگيٽ وارو. شيواجي نگر واري بس اسٽاپ کان گهڻو ڪري اورنگاباد (6 ڪلاڪن جو سفر)، ناسڪ، احمد آباد، وَدودرا، لونا والا ۽ نانگپور ڏي بسون وڃن ٿيون. سوار گيٽ بس اسٽاپ کان بئنگلور، مها بليشوار، سولاپور، مئنگلور ۽ انڊيا جي ڏاکڻي رياست ڪرناٽڪا جي شهرن ڏي وڃن ٿيون. بهرحال مون کي ممبئي وڃڻو هو ۽ نه رڳو بس آرام واري هئي پر مون کي ويهڻ لاءِ اڳين سيٽ ملي وئي هئي، جنهن ڪري نه فقط دريءَ مان پر در کلڻ تي ان مان به ٻاهر جو شهر، عمارتون، دڪان، ماڻهو صاف نظر اچي رهيا هئا. آئون هن شهر جي هر شيءِ غور سان ڏسندو رهيس. اڄ منهنجو هن شهر پوني ۾ آخري ڏينهن هو. بلڪ آخري گهڙيون هيون. هي شهر جنهن جو نالو مون ننڍپڻ کان پنهنجي ڏاڏيءَ جي واتان ٻڌو، جتي منهنجي پيءُ پنهنجي پسند جي سبجيڪٽ Agriculture ۾ گرئجوئيشن ڪئي، جتي دادا جشن رهي ٿو، جنهن کي هيستائين فقط ٽي وي جي اسڪرين تي ڏسندو هوس، هتي هيرآباد جي دادي ليلان جون ڪلاس ميٽ ۽ جيڏيون سرتيون؛ ايشوري جوتواڻي ۽ سندس ڀيڻ نرملا رهن ٿيون، جن پنهنجي سڄي زندگي ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي جي اصولن تي وقف ڪري ڇڏي. انھن بنيادي تعليم حيدرآباد سنڌ جي ڪندنمل اسڪول ۽ ميران ٻائي ڪاليج مان حاصل ڪئي. وري هيءُ شهر پوني اهو آهي، جتي حيدرآباد جي ان تعليمي اداري جو هم نام “سينٽ ميران گرلس اسڪول” آهي... اڄ اهو شهر ڇڏي پيو وڃان، جنهن جي ڏسڻ لاءِ سالن کان خواب ڏسندو رهيس.
بس آغا خان ۽ سنجي گانڌي روڊ تان ٿي، ڊاڪٽر امبيڊڪر روڊ تي آئي، جيڪو شهر جي وچ مان لنگهندڙ موٺا (Mutha) ندي تائين اچي ٿو ۽ ان هنڌ تي هي درياهه ٽپڻ لاءِ سنگم پل ٺهيل آهي. سنگم پل ٽپڻ وقت مون بس جي دريءَ مان موٺا نديءَ جي وهندڙ پاڻي ڏي ڏٺو جيڪو ٿورو اڳيان اتر ۾ مُولا (Mula) نديءَ سان وڃي ملي ٿو جنهن بعد هي ٻئي نديون هڪ ٿي اوڀر ڏي وڃن ٿيون ۽ اها مليل ندي “مُولا موٺا ندي” سڏجي ٿي. موٺا نديءَ جي ڪپر تي ڪجهه ڌوٻي ۽ گهرو عورتون ڪپڙا ڌوئي رهيون هيون.
“خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن کي نه فقط نديون آهن پر اهي پاڻيءَ سان ٽمٽار آهن. سٺ جي ڏهي ۾ حيدرآباد کان پيٽارو ويندي غلام محمد بئراج وٽان لنگهبو هو ته اسان جي سنڌوندي به هيئن هوندي هئي، بلڪ هن موٺا نديءَ کان به ٻيڻي ٽيڻي هوندي هئي پر هاڻ افسوس جو هن جي پيٽ مان ڌوڙ پئي اڏامي، ٻار ڪرڪيٽ راند پيا ڪن، موالي قسم جا ماڻهو شرطن تي ڪڪڙ ويڙهائي گد گد پيا ٿين!
مُوٺا نديءَ تي ٺهيل سنگم برج ٽپڻ بعد ڏٺم ته هن روڊ جو نالو “سنگم برج روڊ” هو. سنگم برج ٽپڻ کان هڪ روڊ جيڪو کاٻي پاسي لڙي پئي ويو، ان تي “جهونا بازار روڊ” جو نالو پڙهي مون کي ڪراچي جي پراڻي علائقي جي جهونا بازار، جوڙيا بازار، کجور بازار، لي مارڪيٽ ۽ کوڙي گارڊن مارڪيٽ ياد اچي وئي. بهرحال سنگم برج ٽپڻ بعد پوني جو ٻيو وڏو بس اسٽاپ “شيواجي بس اسٽاپ” آيو، جتي اسان جي بس پنج منٽ کن ترسي ڪجهه مسافر کنيا ۽ پوءِ اڳتي رواني ٿي. “سنگم برج روڊ” اڳيان هلي “يونيورسٽي روڊ” ٿيو، جتي جي بس اسٽاپ تان ڪجهه شاگرد بس ۾ چڙهيا. ٽي ڄڻا پشتو ڳالهائيندي منهنجي پٺيان وڃي ويٺا. هن اسٽاپ جي ڀر سان ائگريڪلچر ڪاليج، فرگوسن ڪاليج، وائڪنت مهتا نئشنل انسٽيٽيوٽ، پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۽ ٻيا تعليمي ادارا آهن جن ۾ نه فقط انڊيا جا پر دنيا جي ڪيترن ملڪن جا شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ اهي ڪاليج هڪ صديءَ کان به وڌيڪ پراڻا آهن. ان کان علاوه پوني يونيورسٽي به اتي آهي.
آچاريه چوڪ وٽ ڪجهه دير ترسڻ بعد، اسان جي بس وڌيڪ اتر ڏي يونيورسٽي روڊ وٺي هلڻ بدران اولهه ڏي پاشان روڊ تي آئي. يونيورسٽي روڊ ۽ هن روڊ جي وچ ۾ پوني جي مشهور سنڌي ڪالوني آهي. پاشان روڊ تي “گول مارڪيٽ” نالي هڪ بس اسٽاپ تان ڪجهه مسافر چڙهيا ۽ پوني شهر جو هي آخري اهم اسٽاپ هو جنهن تي اسان جي بس، پنج منٽ کن ترسي. ان بعد اها سڌو اچي ممبئي-پوني باءِ پاس روڊ تي چڙهي جيڪو ائين آهي جيئن حيدرآباد شهر کان ٻاهران رستو اچيو ٿو ڄامشوري ٽول پلازه سان ملي، جتان پوءِ ڪراچي وارو سپر هاءِ وي شروع ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح پوني ٻاهران ڦيرو ڪندڙ هي ممبئي پوني باءِ پاس اچيو ممبئي پوني ايڪسپريس وي سان ملي. ان بعد ممبئي تائين اسان جي بس فقط اڌ رستي تي لونا والا تي ترسي. هي اسٽاپ ائين آهي جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وچ ۾ نوري آباد جو اسٽاپ. لونا والا جي ڀرسان ئي هتي جي هڪ ٻي مشهور هِل اسٽيشن کنڊالا آهي. هتي جي حڪومت ٽوئرزم کي بهتر بڻائڻ لاءِ مسافرن جي سک جو چڱو بندوبست ڪيو آهي. هن پرائيويٽ سيڪٽر کي به خوب همٿايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انڊيا جي نوري آباد جهڙي جهنگل ۾ به اعليٰ قسم جون ديسي ۽ ولائتي فاسٽ فوڊ واريون هوٽلون جام آهن. ايشيائي ملڪن جي حساب سان سندن باٿ روم به ڪافي صاف سٿرا آهن. ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي به جتي ڪٿي سهولت آهي. وڏي ڳالهه ته هر شيءِ جي قيمت مناسب اگهه تي رکي وئي آهي. اسان وٽ اهڙن هنڌن تي، خاص ڪري ريلوي پليٽ فارم، بس اسٽاپ ۽ هوائي اڏن تي هر شيءِ مهانگي ڪئي وڃي ٿي. نتيجي ۾ سکيو ستابو مسافر به فقط چانهه پيئڻ لاءِ، ٻه دفعا سوچي ٿو. پر هتي مون ڏٺو ته غريب غربو بس مان لهڻ بعد چانهه ۽ ڪافي پيئڻ لڳو. ان سان گڏ بسڪيٽ، سموسا، ڪيڪ يا ڇولا، فروٽ وٺڻ لڳو. مون ايڪسپريسو نالي جي هڪ ولائتي ريسٽورنٽ تان ڪافي ورتي. اتي ئي منهنجي بس وارا پٺاڻ شاگرد پڻ چانهه پي رهيا هئا. هو جينز پتلونن ۾ هئا ۽ عمر ۾ ويهن کان پنجويهن سالن جا ٿيندا. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هو افغانستان کان هتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيا آهن. هنن پنهنجا نالا رياض خان، ايمل مرادي ۽ رحمت الله ٻڌايا.
“بي اي ۽ بي ايس سي لاءِ توهان هيترو پري پوني يونيورسٽي ۾ آيا آهيو. اهو ته توهان پشاور پنڊي جي به ڪنهن يونيورسٽي ۾ پڙهي سگهو ٿا؟” مون به عجيب بيوقوفن وارو سوال ڪيو پر چڱو ٿيو جو هنن ٻارن مون کي ان قسم جو کتو جواب نه ڏنو ته “پوءِ توهان جي ملڪ جا سياستدان وڏيرا پنهنجن ٻارن کي ولايت ڇو ٿا موڪلين. اسان ته وري به پوني جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ آيا آهيون، جيڪي دنيا ۾ معياري تعليمي ادارا آهن. توهان جي ملڪن جا ٻار ته فلپين، ملائيشيا توڙي انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ٺڙڪو ڪاليجن ۽ ٺڳ يونيورسٽين مان جعلي ڊگريون وٺي اچن ٿا.” پر هِنن افغان شاگردن شرافت ۽ سچ وارو جواب ڏنو ته هو هتي ان ڪري آيا آهن جو انڊيا هنن کي اسڪالرشپ تي گهرايو آهي.
“ڀلا جي پاڪستان به توهان کي اسڪالر ڏئي ته اوڏانهن به ويندؤ؟” مون هي هڪ ٻيو بيوقوفيءَ جو سوال ڪيو. بلڪ ڪري ويٺس ۽ جواب ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي ويس. “پاڪستان جي اسڪالرشپ ڏيندو ته اوڏانهن به وينداسين.” رحمت الله چيو، “پر جي ٻنهي ملڪن مان Prefer ڪرڻو پيو ته پوءِ انڊيا بهتر آهي.”
مون کي ماٺ ۾ ڏسي ٻئي افغان شاگرد ايمل مراديءَ چيو ته “جي ترجيح جي ڳالهه ٿا ڪريو ته انڊيا هر لحاظ کان بهتر آهي. پاڪستان ۾ تعليمي ماحول خراب آهي ۽ ملڪ ۾ اهي ئي هنگاما ٿيندا رهن ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ افغانستان ۾ عام آهن.”
“ممبئي ڀلا خير مان پيا وڃو؟” مون ٽاپڪ بدلائڻ ۾ بهتري سمجهي.
“بس سَر ڪجهه چڪر هڻڻ، ڪجهه افغاني دوستن سان ملڻ، جيڪي ممبئي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهن ٿا.” رحمت الله چيو.
“ممبئي ۾ ڪٿي چڪر هڻو؟” مون پڇيو.
“سائين ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته نه آهي، جتي خشڪ زندگي هجي،” رحمت الله ئي وراڻيو، “ڏسڻ لاءِ عمارتون، پارڪ، ميوزم آهن، تفريح لاءِ سامونڊي ڪنارا، فلم ٿيٽر ۽ ناچ گانا آهن، کائڻ پيئڻ لاءِ هر قسم جون هوٽلون، ڪلب ۽ ريسٽورنٽون آهن، خريداري لاءِ وڏي کان وڏا شاپنگ سينٽر به آهن ته سستين شين لاءِ چور بازار به آهي.”
مون مختلف ڪنڊن تان سندن اڪيلا ۽ پاڻ سان گڏ فوٽو ڪڍيا. اڄ اهي فوٽو ڏسي ٻه اکر هنن تي ويهي لکيا اٿم.

No comments:

Post a Comment