Monday, September 05, 2011

آفريڪا بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون -الطاف شيخ


آفريڪا بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون
الطاف شيخ
نئروبي (ڪينيا) جي هوٽل ۾ جيڪا حبشي عورت منهنجو ڪمرو صاف ڪرڻ آئي ان کي ٿوري گهڻي انگريزي به آئي ٿي. اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي. ڪينيا، تنزانيا، نائجيريا، گهانا، يوگنڊا جهڙا آفريڪي ملڪ جتي انگريزن جي حڪومت رهي، اتي جي وڏن شهرن ۾ ٿوري گهڻي انگريزي هرڪو سمجهي ٿو. بهرحال هوٽل جا ڪمرا صاف ڪندڙ هيءَ عورت قد ۾ ڪجهه ننڍي هئي ۽ آمريڪا جي پهلوان حبشي عورتن جي قد بت جو سوچي هن کي ائين ئي چرچي ۾ کڻي چيم ته “خير ته آهي تون قد ۾ ننڍي آهين؟” هوءَ ڪا اڳهين ڀري ويٺي هئي. لڳي ٿو ڪجهه درجا پڙهيل ۽ تاريخ جاگرافيءَ کان به واقف هئي. بهرحال اهو ته چوندس ته هوءَ بيحد حساس ٿي لڳي. منهنجي ائين ئي هڪ بي خيالي قسم جي سوال تي هن سنجيدو ٿي چيو: “جي ها. اسين ننڍي سائيز جا آهيون ان ڪري جو جڏهن هنن غلاميءَ لاءِ کنيو ٿي ته ٿلهن متارن کي ئي کنيو ٿي.”

هن جي ڳالهه جو درد آئون سمجهي ويس. منهنجي اکين اڳيان تاريخ جا اهي صفحا ڦرڻ لڳا جن ۾ يورپي توڙي اسان جا عرب مسلمان، هن کنڊ جي صحتمند ۽ جانٺن جوانن کي جانورن وانگر جهلي سوگهو ڪيو ٿي ۽ پوءِ زئنزيبار ۽ ڊڪار جي مارڪيٽن ۾ واڪ ڏئي وڪرو ڪيو ٿي. هي خريد ڪيل غلام آمريڪا ۽ سنڌ، ترڪي ۽ عرب دنيا جي مارڪيٽن ڏي موڪليا ويا ٿي جتي هنن جي هڪ دفعو وري ٻولي لڳي ٿي. ڪمزور، ڏٻرن ۽ ننڍي قد وارن کي ڪنهن به خريدار پسند نٿي ڪيو جو اهي ائٽلانٽڪ سمنڊ يا هندي سمنڊ لتاڙيندي مري ٿي ويا، يا صحيح سلامت پهتا به ٿي ته مالڪ انهن مان ايڏو پورهيو وٺي نٿي سگهيا. ان ڪري اهي گهٽ اگهه تي نيلام ٿيا ٿي.
*        *        *        *
هڪ ڏينهن ممباسا جي بندرگاهه ۾ جتي ڀر واري ملڪ تنزانيا جو جهاز به بيٺو هو، ان جي هڪ آفيسر سان خبر چار پئي ڪيم. هو پنهنجو پاڻ کي ڪينيا جي رهاڪن کان وڌيڪ مهذب سڏائي رهيو هو. هن چيو ته ڪينيا جي مقابلي ۾ تنزانيا جا ماڻهو وڌيڪ Civilized ۽ سُلجهيل آهن. “جهيڙو جهٽو يا ڦڏو ڪرڻ هميشه ڪينيا جي رهاڪن جو ڪم آهي”، هن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، “ڪينيا وارن لاءِ ‘مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو’ ۽ جڏهن کين وڙهندو نه ڏسين ته پڪ سمجهه ته اهي ڪينيا جا نه پر تنزانيا جا آهن.”
*        *        *        *
اسان وانگر هتي جا ماڻهو به گورن کي گاريون ڏين ٿا پر Impress به انهن مان ئي آهن. ممباسا جي هن بندرگاهه ۾ 1973ع جي هڪ ڳالهه ياد ٿي اچي. اسان جي جهاز ايم وي چناب تي هڪ دعوت ۾ آيل مڪاني مهمانن ۾ هڪ پوڙهي عورت اسان جي جهاز مان متاثر ٿي چوي ٿي: “واهه جو آهي!” پوءِ مون سمجهيو ته هوءَ پڪ چوندي ته “شاباش هجي توهان کي جو هن لوهي آفت کي سمنڊ تي هلايو ٿا”. پر ان بدران پاڻ چيائين: “موزونگو! ڇا ته عظيم آهي!” هن انگريزن جي واکاڻ ڪندي چيو (جيئن پاڻ انگريزن کي گورا يا فرنگي سڏيون ٿا تيئن هتي جا ماڻهو انهن کي Muzungo چون ٿا) ۽ پوءِ چوڌاري نظر ڦيرائي چيو: “هنن ڇا ته ڪمال جي شيءِ ٺاهي آهي! اسان هڪ لوهه جي ٽڪر تي ويٺا آهيون تڏهن به نٿا ٻڏون.”
*        *        *        *
آفريڪا جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تمام گهڻي غربت آهي ۽ عورت ته ويتر بي وس نظر اچي ٿي. هن جو سڄو ڏينهن پنهنجي مڙس، ٻارن ۽ مڙس جي سواري واري وهٽ جي خذمت ۾ گذري ٿو. عياشيءَ جي شين جي ته ڳالهه ٿي پري، هن کي هر وقت جياپي لاءِ چند ضرورت جي شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ فڪر رهي ٿو. نئروبيءَ کان ممباسا ويندي واٽ تي Kibwazi ريلوي اسٽيشن تي رڌل گجرون وڪڻندڙ عورت کان پڇيم ته هن جي زندگيءَ جون ڪهڙيون ضروري شيون آهن ته هن ٺهه پهه وراڻيو:
“کنڊ، مڪئي، صابڻ ۽ رڌ پچاءَ لاءِ چرٻي يا تيل”.
*        *        *        *
ڪينيا جي هڪ ڳالهه آهي ته ڊوڙ جي عالمي مقابلن ۾ گهڻو ڪري ڪينيا جو همراهه کٽيو وڃي. مونکي ياد آهي ته 1988ع ۾ پريس وارن ڪينيا جي مشهور Runner نور دين مورسيليءَ کان جڏهن پڇيو تهDo you fear from other runner ته جواب ۾ هن وراڻيو:
The new Kenyans. There are always new Kenyans”.
*        *        *        *
ڪينيا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ۽ ملڪ جي پهرين وزيراعظم جومو ڪينياتا جي هيٺين چوڻي تمام مشهور آهي. آفريڪا کي غريب بنائڻ ۾ يورپين ۽ انگريزن کي ڏوهاري بنائڻ لاءِ هن Quotation جو سهارو ورتو وڃي ٿو.
When the missionaries Came to Africa they had the Bible and we had the land. They taught us to pray with our eyes closed. When we opened them, we had the Bible in our hand, and they had the land”.
“جڏهن هي عيسائي تبليغي، آفريڪا ۾ آيا ته هنن وٽ انجيل مقدس هئي اسان وٽ ٻنيون ٻارا. هنن اسان کي اکيون بند ڪري پڙهڻ سيکاريو ۽ پوءِ جڏهن اسان اکيون کوليون ته مذهبي ڪتاب اسان جي هٿن ۾ هو ۽ اسانجي ڌرتي هنن جي قبضي ۾ اچي وئي......”
*        *        *        *
اڄ ڪينيا جي وزير اطلاعات جو اخبارن ۾ تمام سٺو بيان آيو آهي ته “اسان ڪينيا جي رهاڪن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکڻ کپي، رڳو پِن ۽ قرض وٺڻ جي ڪلچر کي ختم ڪرڻ کپي.” منهنجي خيال ۾ اهو پيغام اسان جهڙن ڪيترن ملڪن لاءِ پڻ آهي.
هڪ دفعي ڪينيا جي صدر موائي ڪباڪيءَ عوام اڳيان تقرير ڪندي چيو هو ته؛ “حڪومت ڪرڻ قدرت طرفان ليڊرن کي موقعو ٿو ملي ته جيئن هو غريب عوام جي زندگي بهتر بڻائين ۽ نه پنهنجي هٻڇ جو پورائو ڪن”. ۽ پوءِ جلدي هر هڪ کي اها ڄاڻ ٿي وئي ته هنن ڪيڏا فراڊ ۽ ٺڳيون ڪري ملڪ جي خزاني جي ڀينگ ڪئي. موائي  ڪباڪي (Mwai Kibaki) ملڪ جو صدر ٿيڻ کان اڳ پنهنجي تقرير ۾ اعلان ڪيو هو ته؛Corruption will now cease to be a way of life in Kenya “ڪينيا جي روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪا ڪرپشن آهي، ان کي آئون ٻنجو ڏئي ڇڏيندس” ۽ پوءِ جڏهن صدر ٿيو ته فراڊ جي سڀ کان وڏي واردات ۽ اليڪشن ۾ ٺڳي ڪرڻ ۾ هو جهليو ويو.
*        *        *        *
ايشيا، آفريڪا توڙي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن کي انگريزن، فرينچن، پورچوگالين ۽ ٻين يورپين کان جڏهن آزادي ملي ته ڪن ملڪن ۾ اهڙا ته سٺا سياستدان ۽ حاڪم ٿيا جو هنن پنهنجن ملڪن کي سکيو ستابو بڻائي ڇڏيو.
سنگاپور ۽ ملائيشيا انهن ملڪن مان آهن. پر افسوس ته ڪيترن ملڪن ۾، خاص ڪري آفريڪا کنڊ جي ملڪن ۾ اهڙا ته اڳواڻ پيدا ٿيا جن پنهنجي ملڪ کي ٺاهڻ بدران ان کي ڦريو لٽيو. ملڪ جو خزانو هنن پنهنجي ۽ پنهنجن مائٽن ۽ دوستن جي ملڪيت سمجهي انهن تائين محدود رکيو. ان ڊپ کان ته متان عوام بغاوت ڪري ۽ کين هٿين خالي ملڪ مان ڪڍيو وڃي. هنن ان صورت کي ڌيان ۾ رکي ملڪ جي ملڪيت غير ملڪي ناڻي ۾ تبديل ڪري سئٽزرلئنڊ، انگلنڊ ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن جي بئنڪن ۾ رکي ڇڏي. نتيجي ۾ سندن ملڪ جي سڪي جو اگهه ڪري پيو، مهانگائي وڌي وئي ۽ غريب ويتر غريب ٿي ويو ۽ ملڪ جا چند سياستدان ۽ طاقتور ماڻهو ملينئر ۽ بلينئر ٿي ويا. ڪينيا جي هڪ هڏ ڏوکي سياستدان جي.ايم ڪاريئڪي (J.M.Kariuki) جنهن کي پوءِ جيئڻ نه ڏنو ويو ۽ قتل ڪيو ويو. ان جو پنهنجي ملڪ ڪينيا لاءِ چيل هي قول ٿو ياد اچي ته:
Kenya has become a country of ten millionaires & ten million Beggars.
“اسانجو ملڪ ڏهن ملينئرن ۽ ڏهه ملين فقيرن جو ملڪ بنجي ويو آهي”.
اها ڳالهه هن 1973ع يا 1974ع ڌاري چئي هئي. سچي ڳالهه اها آهي ته وري به تڏهن به ۽ هينئر ته وڌيڪ، ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا جهڙا ملڪ گهڻن کان بهتر آهن. آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جو ڪهڙو ويهي ذڪر ڪجي. سياستدانن ۽ حاڪمن هڻي پنهنجي ملڪن جي ستيا ناس ڪري ڇڏي آهي. ماڻهن کي هڪ ويلو رکيءَ مانيءَ جو ناهي، هو ڦاٽل ڪپڙن ۾ پيا هلن، دوا وٺڻ لاءِ هنن وٽ خالي شيشيءَ جا پئسا نه آهن ۽ سندن سياستدانن کي لنڊن ۽ يورپ جي ملڪن ۾ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ رهندو، هزارين روپيه سلائي وارا ٿري پيس سوٽ پائيندو ۽ ڪلبن ۽ بارن ۾ مهانگا شراب پيئندو ڏسي شرم ايندو آهي. هو ته پنهنجي پَر ۾ پاڻ کي انگريزن، فرينچن، اطالوين يا جرمنن جهڙو ٿا تصور ڪن پر يقين ڪريو ته اهي يورپي هنن تي کلندا رهن ٿا جو هنن کي خبر آهي ته اهڙا سياستدان ملڪ جي ماڻهن کي غريب ۽ بکيو رکي چوريءَ جي پئسي تي لئه ويٺا رکن.
*        *        *        *
آفريڪا جي نيل ندي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي جيڪا يوگنڊا، اٿوپيا، سوڊان ۽ مصر مان وهي ٿي. سندس ور وڪڙ جي سڌا ڪجن ته اها خط استوا کان اسڪاٽلنڊ تائين هلي وڃي. بهرحال هينئر به يوگنڊا (جتان شروع ٿئي ٿي) مصر تائين ماپيو وڃي ته 6700 ڪلو ميٽر ٿئي ٿي.
نيل ندي کي انگريزي ۾ دي نائيل (The Nile)، اڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ نيل ۽ عربي ۾ النيل سڏيو وڃي ٿو. نيل نديءَ کي هميشه مصر سان لاڳاپيو وڃي ٿو ۽ گهڻا ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا ته نيل ندي فقط مصر مان وهي ٿي جيئن سنڌو ندي پاڪستان ۾، گنگا ۽ جمنا انڊيا ۾ يا اراودي برما (ميانمار) ۾- پر ائين ناهي. نيل ندي جنهن جي ڊيگهه اٽڪل 6700 ڪلوميٽر آهي اھا فقط 22 سيڪڙو مصر مان وهي ٿي، باقي آفريڪا جي ٻين اٺن ملڪن سوڊان، يوگنڊا، تنزانيا، ڪينيا، اٿوپيا، روانڊا، زائر، برنڊي مان وهي ٿي. ائين ته مصر به آفريڪا جو ملڪ آهي ۽ جيئن ترقي ملڪ جو هڪ حصو يورپ کنڊ ۾ آهي ته ٻيو ايشيا ۾ تيئن مصر جو هڪ حصو آفريڪا ۾ آهي ته ٻيو ايشيا ۾.
هونءَ اهو ضرور آهي ته مصر لاءِ هيءَ ندي اهم آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مصر هن نديءَ جو تحفو آهي. هيءَ ندي نه هجي ته مصر به ائين رڻ پٽ هجي جيئن سنڌو ندي بنا سنڌ ٿي پوي. پنجاب، انڊيا، بنگلاديش يا برما ۽ ملائيشيا ۾ ته ٻيون به نديون آهن ته بارش به پوي ٿي. ٻي ڳالهه اها ته صدين تائين دنيا کي اها خبر ئي نه هئي ته نيل ندي ڪٿان شروع ٿئي ٿي. اڄ ڪلهه ته هوائي جهاز يا هيليڪاپٽر ذريعي هر ندي يا ٻي ڪنهن شيءِ جو مٿي وڃي نقشو ٺاهي سگهجي ٿو پر تن ڏينهن ۾ ڪير نيل نديءَ ۾ اوڀارو وڃي معلوم ڪري ته اها ڪٿان شروع ٿئي ٿي. رستي تي ميلن تائين اتر سوڊان جو رڻ پٽ آيو ٿي، ڏکڻ سوڊان ۽ يوگنڊا جا گهاٽا جنگل آيا ٿي. بهرحال هڪ صدي کن اڳ، انگريزن هن نديءَ جي سروي ڪئي ۽ هاڻ هر هڪ کي معلوم آهي ته مصر مان وهي، ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ نيل نديءَ کي ٻه نديون: سفيد نيل جنهن کي مڪاني ماڻهو النيل الابيض سڏين ٿا ۽ ٻي بلو نيل (جيڪا النيل الازق سڏجي ٿي) ملي ٺاهين ٿيون.
سفيد نيل، يوگنڊا جي وڪٽوريا ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي بلڪ ائين کڻي چئجي ته هيءَ ندي برنڊي ۽ روانڊا ملڪن مان شروع ٿي تنزانيا جي شهر بُوڪوبا وٽ وڪٽوريا ڍنڍ ۾ داخل ٿي پوءِ يوگنڊا جي شهر جنجا وٽان اڳتي وڌي ٿي. ياد رهي ته آفريڪا کنڊ جي مشهور، تاريخي ۽ سهڻن شهرن/ بندرگاهن واري هيءَ وڪٽوريا ڍنڍ ٽن ملڪن يوگنڊا، تنزانيا ۽ ڪينيا جي وچ ۾ آهي. يعني وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري اهي ٽي ملڪ آهن. بهرحال اتان پوءِ يوگنڊا مان لنگهندي هيءَ ندي ٻن ٻين ڍنڍن: ڪيوگا ۽ البرٽ کي به ڀري ٿي ۽ پوءِ سوڊان ۾ داخل ٿئي ٿي. اتي هن نديءَ کي بحرالجبل به سڏين ٿا جو اها يوگنڊا ۽ سوڊان جي جابلو علائقن مان ٿيندي اتي پهچي ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته سوڊان ۾ انگريزي ۽ عربي ڳالهائي وڃي ٿي. ان ڪري سوڊان ۾ ڪيترين ئي شين جا نالا عربي ۾ آهن.
هڪ ٻي نيل ندي جيڪا بلو نيل سڏجي ٿي. اها اٿوپيا جي جبلن مان شروع ٿي، اٿوپيا لتاڙي سوڊان ۾ اوڀر کان گهڙي ٿي. هيءَ ندي 1400 کن ڪلوميٽرن جو سفر طئي ڪري سوڊان جي گاديءَ واري شهر خارطوم ۾ سفيد نيل (بحرالجبل) سان ملي پوءِ سوڊان جو اتراهون حصو پورو ڪري مصر ۾ “النيل” جي نالي سان داخل ٿئي ٿي. اتان ئي اسان جا جهاز سئيز ڪئنال ۾ داخل ٿي ٻئي پاسي ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) ۾ پهچن ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته سوڊان جي هيٺين اڌ (ڏاکڻي) وارا، جتي يوگنڊا کان ايندڙ سفيد نيل کي بحرالجبل سڏين ٿا اتي اٿوپيا کان ايندڙ هن بلو نديءَ کي بحرالغزل سڏين ٿا.
قاهره، خارطوم، گونڊوڪورو، اسوان، ڪارناڪ، الينگزينڊرا ۽ Thebes هن نديءَ جا قديمي، تاريخي ۽ مشهور شهر آهن.

No comments:

Post a Comment