ريل بدران بس ۾ ممبئي وڃڻ
الطاف شيخ
اڱاري ڏينهن صبح جو پوني کان ممبئي
وڃڻ لاءِ، آئون ٻه ڏينهن اڳ، ڇنڇر ڏينهن ئي پرگتي ايڪسپريس نالي ٽرين ۾ سيٽ رزرو
ڪرائي ٽڪيٽ وٺي آيس ۽ اچي سڪون جي ننڊ سُتس. ٻيو ڏينهن آچر جو گهمڻ ڦرڻ لاءِ هو ۽
سومر ڏينهن آفيسون کلڻ تي مون کي پوليس آفيس رپورٽنگ ڪرڻي هئي، ڇو جو انڊيا جي
قانون موجب انڊيا جو ڪو به شهر
ڇڏڻ وقت آخري 24 ڪلاڪن اندر پوليس کي رپورٽ ڪرڻو پوندو آهي ته آئون توهان جو شهر
ڇڏي پنهنجي ملڪ واپس پيو وڃان يا توهان جي ملڪ جي ڪنهن ٻئي شهر ڏي روانو پيو ٿيان.
آئون اهو سوچي رهيو هوس ته سومر ڏينهن صبح جو يارهين بجي پوليس آفيس پهچي مقرر
فارم تي انچارج آفيسر کان صحيح ۽ ٺپو
هڻائيندس، جيئن هو پنهنجي رجسٽر تي به لکي ڇڏي ته آئون سندس شهر مان نڪري ويس.
سومر ڏينهن جو باقي حصو به مون کي هي شهر پوني گهمڻ لاءِ ملي ويندو ۽ ٻئي ڏينهن
صبح جو اٿڻ سان پرگتي ايڪسپريس ۾ ممبئي روانو ٿي ويندس. پر پوءِ اوچتو اهو خيال
اچي ويو ته سومر ڏينهن پوليس رپورٽنگ جو ڪم جيڪڏهن نٿو ٿي سگهي، يعني آئون ته آفيس
پهچي وڃان پر خبر پوي ته پوليس آفيسر غير حاضر آهي ۽ سومر ڏينهن بدران مون کي ٻئي
ڏينهن يعني اڱاري ڏينهن گهرايو ويو ته
منهنجي ٽرين جي ٽڪيٽ ته بيڪار ٿي وئي، ڇو جو پوني اچڻ وقت به مون کي ٻه ڏينهن
پوليس آفيس جا چڪر هڻڻا پيا هئا، جو
انچارج آفيسر پهرين ڏينهن تي غير حاضر هو يا بقول هن جي کيس ٻئي ڪنهن اهم ڪم لاءِ
موڪليو ويو هو. اهو سوچي مون ريل رستي ممبئي وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. ”ان کان بهتر
آهي ته بس رستي وڃجي. پوني مان ڪيترين ئي ڪمپنين جون بسون- ايئرڪنڊيشنڊ، ساديون،
ننڍيون، وڏيون اوچيون- هر اڌ ڪلاڪ بعد ممبئي لاءِ نڪرن ٿيون. سومر ڏينهن رپورٽنگ
جو ڪم رهجي ويو، ته اڱاري ڏينهن جيئن رپورٽنگ جو ٺپو
لڳي ملندو، ته ان بعد جيڪا بس ملي ته ان ۾ هليو
ويندس.“ اهو سوچي ٽڪيٽ کنيم ۽ ريلوي اسٽيشن تي وڃي مقرر دريءَ تي اها واپس ڪيم.
منهنجي خيال ۾ پنج سيڪڙو يعني هڪ سئو رپين تي پنج روپيا ڪٽيا ويا ۽ باقي ٽي سؤ
رپيا کن مون کي موٽايا ويا. اها 320 روپين جي ٽڪيٽ هئي.
سومر ڏينهن پوليس آفيس رپورٽنگ
(اطلاع) لاءِ پهتس. منهنجي اميد جي خلاف سمورو ڪم ڏهن منٽن ۾ ٿي ويو. بلڪ مرهٺي
پوليس انسپيڪٽر کي جڏهن مون سان گڏ هلندڙ چندر موهيناڻيءَ ٻڌايو، ته آئون رائيٽر آهيان ته هن مون کي
زبردستي چانهه به پياري ۽ مون کي پوني جي پوليس بابت پنهنجو رويو بدلائڻو پيو...
پر ڪجهه ڪجهه! آئون هينئر به اهو ئي چوندس ته انڊيا
۾ توڙي اسان جي ملڪ ۾ ٽوئرسٽن لاءِ هي رپورٽنگ جو سلسلو سخت دشواري پيدا ڪري
ٿو. هڪ ٽوئرسٽ کي پرديس ۾ اڳهين ڪيترا مسئلا درپيش رهن ٿا، ان سان گڏ هيءَ هڪ
اجائي فالتو ٽينشن آهي. چندروءَ کي به افسوس ٿيو ته مون اجائي ٽرين جي ٽڪيٽ واپس
ڪئي.
”توهان کي ٽرين ۾ ممبئي وڃڻ جو شوق
هو،“ چندروءَ مون کي چيو، ”اها هينئر به آئون حاصل ڪري سگهان ٿو.“ ”نه نه مڙيئي
خير آهي.“ مون چندروءَ کي چيو. ”منهنجا ريلوي ۾ دوست آهن، اهي توهان لاءِ هڪ ٽڪيٽ
جو بندوبست ڪري سگهندا. توهان انڊيا جي ريل ۾ به سفر جو تجربو حاصل ڪريو.“ چندروءَ
چيو پر مون بس ۾ وڃڻ بهتر سمجهيو ۽ چندروءَ کي ٻڌايم ته آئون دهلي کان بڙودا اوٽ
موٽ ٽرين ۾ سفر ڪري چڪو آهيان، ان ڪري هاڻ بس ۾ ئي هليو ٿو وڃان. ان ڏينهن شام جو
آئون چندرو جي والدين ليکراج ۽ ايشوري کان به موڪلائي آيس. پوني جي گيسٽ هائوس وارن (مهيش، مينو ۽ نريش
وارن) کي به پنهنجي روانگي جو ٻڌايم، ته آئون صبح ساڻ هليو ويندس. مون سمجهيو ته
هو خوش ٿيندا ته آئون هاڻ ٽران پيو جو هنن مون کي ٽن ڏينهن لاءِ گهرايو ۽ آئون
هفتي کان مٿي رهي پيس. پر مون ڏٺو ته هنن کي ان ڳالهه جو ذرو به خيال نه هو ۽ بار
بار مون کي پنهنجو عزتماب مهمان سڏيندا رهيا. آئون سندن پير يعني دادا جشن کي ڏسڻ
لاءِ پوني آيو هوس، پر دادا پنهنجن ماڻهن کي منهنجي خيال
رکڻ لاءِ ايڏو ته چيو جو ماڳهين آئون هنن جو پير بنجي پيس. منهنجي رهائش ۽ کاڌي
پيتي جو هو هڪ هڪ ڏينهن ڇا هڪ هڪ ڪلاڪ خيال ۽ اونو ڪندا رهيا.
صبح جو اٿڻ سان سامان پئڪ ڪيم ۽ پوءِ
ڪمري جي هر شيءِ چادر ۽ ٽوال کان ٿرماس، چمپل ۽ ٽي ويءَ جو ريموٽ ۽ ٻيون شيون
پنهنجي جاءِ تي سيٽ ڪري رکيم. ڪٻٽ ۽ ميز جا خانا آخري دفعو کولي چيڪ ڪيم ته منهنجي
ڪا شيءِ، پئسي ڏوڪڙ کان پاسپورٽ يا ڪو پنو رهجي ته نه ويو آهي ۽ پوءِ رستي تي يا
ممبئي پهچڻ تي پريشاني ٿئي. ممبئي ۾ جن وٽ رهڻ لاءِ وڃي رهيو هوس، يعني جئه
موتياڻي ۽ پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي فون نمبرن جي هڪڙي پرچي کيسي ۾ وڌم ۽ ٻي ٺاهي بئگ ۾ وڌم. جيئن هڪ گم ٿي
وڃي ته ٻي ته هجي. آئون هميشھ پنهنجن نيوي جي شاگردن توڙي دوستن کي اها ئي صلاح
ڏيندو آهيان ته ڌارين ملڪن يا شهرن ۾ جن وٽ توهان وڃو ٿا، انهن جا ٽيليفون نمبر ۽
ائڊريسون هڪ بدران ٻن پنن تي لکو ۽ اهي ٻن مختلف هنڌن تي رکو. جيئن هڪ پنو گم ٿي
وڃي، ته ان جي ڪاپي ته توهان وٽ هجي. تصور
ڪريو ته آئون ممبئي پهچي وڃان ۽ مون وٽ ميزبانن جا نمبر نه هجن، ته اهڙي صورت ۾ ته ڄڻ هڪ ماڻهو رڻ ۾ رلي ويو. پاسپورٽ ۽
پئسي ڏوڪڙ جو خيال رکڻ لاءِ ته آئون هر وقت خبردار ڪندو رهان ٿو.
توهان چاهي ڪٿي گهمڻ لاءِ وڃو، نوڪري
تي وڃو يا حج زيارتن تي، پاسپورٽ ۽ پرس جي چوري يا گم ٿيڻ بعد هڪ مسافر جهڙو لولو
لنگڙو ٿيو پوي ۽ اهو مسافر جي پاڪستاني آهي ته هن جو سر هلي ويو. توهان کي ڪو پنج
ڊالر اوڌر يا خيرات ۾ ڏيڻ لاءِ به ڏهه دفعا سوچيندو جو افسوس جو ان بهاني سان اسان
جي ڪيترن ئي پاڪستانين پنڻ جو ڌنڌو کڻي اختيار ڪيو آهي. اسان جا سفارتخانا به ان
ڏس ۾ مجبور آهن، جو هو روز روز ڪنهن ڪنهن جا ڏکڙا ٻڌن
۽ ڪنهن ڪنهن جا مسئلا حل ڪن. ان ڪري بهتر آهي ته هر مسافر کي ان معاملي ۾ خبردار
رهڻ کپي، جيئن پرديس ۾ هن کي پريشاني نه ٿئي.
بئگ کڻي ڪمرو ڇڏڻ وقت هيٺ رسيپشن تي
فون ڪيم ته آئون وڃان پيو، توهان چاهيو ته ڪمرو اچي چيڪ ڪريو.
”توهان فڪر ئي نه ڪريو، چاٻي به اتي
ئي ڇڏي ڏيو.“
رسيپشن تي موجود مهيش آئيداسانيءَ وڏي
دل سان چيو ۽ هڪ دفعو وري پوني اچڻ لاءِ دعوت ڏني. ”اسان توهان کي ياد ڪنداسين.“
هن چيو.
هفتو سوا هتي رهڻ بعد آئون به ڪافي
قرب ۽ ڳانڍاپو محسوس ڪري رهيو هوس. هن گيسٽ هائوس ۾ ڪم ڪندڙ نَوين، ڪويتا کتري، ريکا توڙي آفيس ۾
ڪم ڪندڙ رجني، نريش ۽ ڀاڳيشوري کي هڪ وڏي عرصي تائين وساري نه سگهندس. صبح جا ست
کن ٿيا هئا. ٻاهر ٽرئفڪ جو گوڙ گهمسان عروج تي هو، اندر پهرين ماڙ تي شيلا سِپي ۽ ٻيون
عورتون ساڌو واسواڻي جي وڏي پوسٽر اڳيان
ڀڄنون ڳائي رهيون هيون. مون هٿ لوڏي پنهنجي پر ۾ کانئن موڪلايو ۽ ٻاهر نڪري ساڌو
واسواڻي چوڪ تي اچي بيٺس. چوڪ جي وچ ۾ ساڌو صاحب (ٽانورداس ليلارام واسواڻي) جي
وڏي مورتي هيٺيان سندس سنڌيءَ ۾ لکيل چوڻي پڙهيم:
اي دل نه ڪر فڪر،
ڪر شڪر، ڪر شڪر!
ٿي سگهي ٿو اها چوڻي، اهو شعر دادا
جشن جو هجي جو ان جي هيٺان ”دادا واسواڻي“ لکيل آهي.
هن چوڪ جي ڪنڊ تي، يعني گيسٽ هائوس
سان گڏوگڏ هڪ ريسٽورنٽ ۽ بس سروس جي
آفيس آهي. اتي اچي ويٺس ۽ چانهه جو آرڊر ڏنم. هونءَ به ايندي ويندي هن هوٽل جي
ڌوڌپتي چانهه پيئندو رهيس ٿي. انگريزن نه فقط ننڍي کنڊ تي پر ملايا، سنگاپور ۽
هانگ ڪانگ کان ڪينيا، نائيجريا ۽ گهانا تي حڪومت ڪئي پر ڪرڪيٽ ۽ چانهه پڻ انٽروڊيوس ڪرائي. ڪرڪيٽ ته جتي ڪٿي
هلي ٿي، ويندي مينهوڳي واري موسم واري ملڪ سنگاپور ۾ پڻ، پر چانهه جو مزو فقط پاڪستان، انڊيا ۽
بنگلاديش جي شهرن ۾ آهي. انگريزن واري اسپيشل چانهه کان علاوه جتي ڪٿي ڌوڌپتي
چانهه جا هنڊا چڙهيا پيا آهن. اسان به اهڙا عادي ٿي ويا آهيون، جو جيسين ان چانهه
جو ڪوپ نه پيون تيسين ڄڻ ته ڏينهن ئي شروع نٿو ٿئي. انڊيا جي سرڪاري آفيسن توڙي
دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙن کي وقت جي پابنديءَ جو خيال ڪرڻو پوي ٿو. سو گهڻي ڀاڱي
ماڻهو گهر ۾ نيرن ڪرڻ بدران اهڙين ننڍين ريسٽورنٽن ۽ دڪانن تي چانهه جو
ڪوپ ۽ ٻه پاپا وٺي نيرن ڪن ۽ ڊيوٽي تي وڃيو حاضر ٿين.
منهنجي اڳيان چانهه رکندڙ بئري منهنجي
پڇڻ تي مون کي صلاح ڏني ته بهتر ٿيندو ته هن بس ڪمپنيءَ ذريعي ممبئي نه وڃان.
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
”ان ڪري جو هنن وٽ ٿوريون ۽ ساديون
بسون آهن ۽ ڪلاڪ ڪلاڪ بعد نڪرن ٿيون، جيتوڻيڪ ٽڪيٽ کڻي گهٽ اٿن.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ ڀلا ڪهڙي بس ۾ وڃان؟“ مون پڇيو.
”اڳيان پوني اسٽيشن وٽ هڪ شهر جو وڏو
بس اسٽاپ آهي، جتان هر قسم جي بس مهابليشور، ڪولهاپور ۽ گُوا ڏي وڃي ٿي ۽ ممبئي
لاءِ Asiad ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ جون ڊيلڪس جون بسون هر
اڌ ڪلاڪ بعد ممبئي روانيون ٿين ٿيون.“
”زبردست.“ مون چانهه جا پئسا ٽيبل تي
رکي چيو ۽ بئگ جي ڳن ۾ هٿ وجهي کيس پوني جي ساڌو واسواڻي سان منسوب واسواڻي روڊ تي
ڇڪڻ شروع ڪيو. هي روڊ انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪناٽ روڊ سڏبو هو. اڄ به ڪيترا ماڻهو ان
کي پراڻي نالي سان ئي ياد ڪن ٿا، جيئن اسان وٽ آءِ آءِ چندريگر روڊ کي اڃان تائين
ڪيترا مئڪلوڊ روڊ ۽ شاهراههِ فيصل کي ڊرگ روڊ سڏين ٿا.
ڊيوڪ آف ڪناٽ دراصل تخلص يا کڻي چئجي
ته رتبو آهي، جيڪو برطانيا جي مهاراڻي وڪٽوريا
پنهنجي ٽئين نمبر پٽ شهزادي آرٿر کي عطا ڪيو هو. پوني جو هي روڊ هن شهزادي ڪناٽ
نالي هو. ڪناٽ روڊ هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ به آهي پر انڊيا وارن نه فقط پوني جي هن
روڊ جو نالو بدلايو آهي پر دهلي جي مشهور تجارتي ۽ بزنس سينٽر ڪناٽ پليس جو به
نالو بدلائي ”راجيو چوڪ“ رکيو آهي.
هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته ستر ۽
اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسان جو جهاز هانگ ڪانگ ويندو هو ته اتي جي ڪناٽ روڊ تي جتي
پيڊر اسٽريٽ اچي لڳي ٿي، مهاراڻي وڪٽوريا جي هن پٽ شهزادي آرٿر، ڊيوڪ آف ڪناٽ جي
وڏي مورتي (Statue) لڳل هو پر هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن کان
هانگ ڪانگ 1997ع چين حوالي ٿيو آهي، ته هي Statue اتان غائب آهي. هانگ ڪانگ جي هن روڊ
جو نالو ڪناٽ روڊ 1890ع ۾ رکيو ويو جڏهن هي ڊيوڪ آف ڪناٽ هانگ ڪانگ گهمڻ آيو هو.
No comments:
Post a Comment