Tuesday, September 27, 2011

ممبئي جي رستن تي مسلمانن جا نالا - الطاف شيخ


ممبئي جي رستن تي مسلمانن جا نالا
الطاف شيخ
ممبئي ۾ پهچڻ سان انڊيا جي قانون موجب پاڪستان جي ٽوئرسٽ کي اتي جي پوليس آفيس ۾ پنهنجي پهچ جو اطلاع ڪري پنهنجي Residential Permit واري فارم تي ٺپو هڻائڻو پوي ٿو، جيئن انڊيا جي اميگريشن وارن کي خبر پوي ته پاڪستاني شهري ڪهڙي شهر ۾ ۽ ڪڏهن داخل ٿيو ۽ ڪڏهن ڇڏيو. ان ڪم لاءِ مون کي پهرين پوليس رجسٽريشن آفيس وڃڻو هو. ممبئي شهر جي اها اڪيلي آفيس (CST ڇترا پتي شيواجي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن وٽ آهي. ممبئي ۾ منهنجي ميزبان جئه موتياڻي پنهنجي هڪ دوست مهيش منيال کي ان ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪرڻ لاءِ فون ڪيو، جيڪو مون سان سيان سينٽر وٽ ملڻ آيو ۽ هاڻ پنهنجي آفيس وٺي پئي هليو. مهيش جو ڪاغذ جو ڪاروبار آهي. “اوم پيپر مارٽ نالي” ڪاغذ سپلاءِ ڪرڻ جي هن جي ڪمپني نه فقط ٻاهرين ملڪن کان اڇو ۽ رنگين ڪاغذ امپورٽ ڪري ٿي پر انڊيا جي ڪيترين ئي ڪاغذ ٺاهڻ جي ڪارخانن جي هول سيلر آهي. سندس آفيس فورٽ علائقي جي رگوناٿ دادا جي اسٽريٽ جي J.B هائوس بلڊنگ ۾ آهي. 




ممبئي جو فورٽ وارو علائقو CST ريلوي اسٽيشن وٽ آهي. يعني پوليس رجسٽريشن آفيس به اتي آهي، جتي مون کي پنهنجي لاءِ ممبئي ۾ داخل ٿيڻ جو اطلاع (رپورٽنگ) ڪرڻي هئي. سيان سينٽر کان، جتان آئون مهيش جي ڪار ۾ چڙهيو هوس، فورٽ تائين ڪو گهٽ فاصلو ناهي. هونءَ بيهڪ جي حساب سان بلڪل ائين آهي ڄڻ مون کي لياقت آباد ڏهه نمبر کان بولٽن مارڪيٽ پهچڻو هو. اهڙيءَ طرح سيان، ڪرلا، ماٽونگا يا دادر کان فورٽ ڏي اچڻ آهي جيڪو بلڪل هيٺ ڏکڻ ۾ آهي ۽ جيئن ڪراچي ۾ بولٽن مارڪيٽ بعد ٽاور، نيٽي جيٽي ۽ آخر ۾ ڪياماڙي اچي ٿي، جنهن بعد سمنڊ آهي. تيئن ممبئي ۾ فورٽ بعد نريمن پئانٽ ۽ آخر ۾ ڪولابا (Colaba) اچي ٿو. پر اهو آهي ته ممبئي آدم شماري توڙي پکيڙ ۾ ڪراچي کان ٽيڻو چوڻو ٿيندو ۽ سيان سينٽر کان فورٽ تائين ڪار يا بس ۾ پهچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ ڏيڍ لڳيو وڃي. ان ڏينهن ته اهو منجهند جو وقت هو، يعنيRush Hour  هو، ان ڪري ڪيترن ئي هنڌن تي ٽرئفڪ جام ملي رهي هئي ۽ مهيش کي ڪيترا ئي دفعا رستا بدلائي اندروني گهٽين مان هلڻو پيو ٿي. ممبئي ۽ دهلي ۾ گذريل پنج ڇهه سالن ۾ ڪافي پليون ٺهي ويون آهن. جيئن اسان وٽ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ٽن چئن سالن کان ٺهي رهيون آهن پر ممبئي ۾ عوام ۽ گاڏيون ايتريون آهن جو ممبئي بعد ڪراچي پهچڻ تي ڪراچي ائين سانت ۽ سڪون وارو شهر لڳي ٿو، جيئن ڪراچي بعد اسلام آباد. بهرحال منزل تي پهچڻ لاءِ اسان کي اهي سڀ رستا گذارڻا هئا. مهيش هن ٽرئفڪ ۽ ڊرائيورنگ جو عادي ٿي لڳو، پر مون لاءِ هڪ نئين ڳالهه هئي. ڪار جي آهستي آهستي هلڻ تي رستن، چوواٽن ۽ عمارتن اڳيان لڳل بورڊ پڙهي ٿي ورتم ۽ ڪجهه نالا ڪاپيءَ تي نوٽ ڪندو ويس. جيئن سڀاڻي ان روڊ يا علائقي جي ڳالهه نڪري ته آئون ساري سگهان ته ٻيلي انهن واٽن تان منهنجو به لنگهه ٿيو هو.
سيان سرڪل  (Sion Circle)
وستنت راءِ نائڪ روڊ.
هڪ هنڌان لنگهندي لوڪ مانيا تلڪ ميڊيڪل ڪاليج به نظر آيو. هندستان جي هن قوم پرست ٽيچر ۽ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ويڙهاڪ ۽ مشهور ليڊر جو احوال شروع ۾ ڪري چڪا آهيون.
وسنت رائو نائڪ هن رياست مهاراشٽرا جو 1963ع کان 1975ع تائين چيف منسٽر رهيو. ان بعد سندس ڀائٽيو سڌاڪارائو چيف منسٽر ٿيو. وسنت رائو نالي هن رياست جي هڪ شهر Yavatmal ۾ ميڊيڪل ڪاليج به آهي.  ٿورو اڳيان اسين رفيع احمد قدوائي روڊ تي اچون ٿا. مون سمجهيو ٿي ته انڊيا جي روڊن تي نالا فقط هندو اهم شخصيتن جا هوندا، پر فورٽ تائين پهچڻ ۾ نه فقط مٿيون نالو قدوائي روڊ نظر آيو، پر ٻين به ڪجهه رستن جا نالا مسلمانن جا هئا، جيئن ته مولانا آزاد روڊ جنهن ڀرسان مصطفيٰ بازار آهي ۽ اڳيان J.J اسپتال ۽ پارسي ‘جمشيد جي جيجا ٻائي’ روڊ بعد مولانا شوڪت علي روڊ آيو. ان بعد برگيڊيئر عثمان روڊ ۽ ابراهيم رحمت الله روڊ به آيا.
ابراهيم رحمت الله جي پٽ حبيب ابراهيم رحمت الله نالي ڪراچي ۾ به روڊ آهي، جيڪو شاهراهه فيصل کانPNS  ڪارساز وڃي ٿو. حبيب ابراهيم قائداعظم محمد علي جناح جو ويجهو ساٿي هو. هو پاڪستان ٺهڻ بعد انگلينڊ ۾ پهريون پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ان کان علاوه هو فرانس ۾ به پاڪستاني سفير ٿي رهيو. سنڌ ۽ پنجاب جو گورنر ٿيو ۽ ڪامرس ۽ انڊسٽري جو فيڊرل وزير ٿي رهيو. حبيب ابراهيم رحمت الله جو تعلق بزنس گهراڻي سان هو. پاڻ UBL بئنڪ، (EFU ايسٽرن فيڊرل يونين) انشورنس، بروڪ بانڊ، پاڪستان آڪسيجن (هاڻ اها BOC پاڪستان جي نالي سان سڏجي ٿي)، ائسپرو نڪولس ۽ پاڪستان ڪيبلز جهڙين ڪمپنين جو چيئرمين يا مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿي رهيو .
برگيڊيئر محمد عثمان انگريزن جي ڏينهن ۾ انڊين آرمي ۾ سڀ کان وڏي رئنڪ جو مسلمان فوجي هو. هندستان جي ورهاڱي بعد گڏيل هندستان جي فوجين مان مسلمان فوجي پاڪستان آيا پر برگيڊيئر محمد عثمان پاڪستان آرمي جوائن ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هو انڊيا ۾ ئي رهي پيو. 1948ع واري انڊو پاڪستان لڙائي ۾ برگيڊيئر عثمان “50 پارا برگيڊ” جي برگيڊ ڪمانڊر جي حيثيت سان جمون ڪشمير بارڊر تي مقرر هو، جتي نوشيرا وٽ پاڪستان جي فوج سان مقابلو ڪندي مارجي ويو. پاڻ نوشيرا جو شينهن (Lion of Nowshera) جي لقب سان به سڃاتو وڃي ٿو. کيس سندس وفات بعد انڊيا سرڪار “مهاوير چڪر” ايوارڊ پڻ ڏنو هو. هندستان جي مشهور ڊائريڪٽر اپيندر سود برگيڊيئر عثمان جي زندگيءَ تي فلم به ٺاهي آهي.
رفيع قدوائي، جنهن جي نالي واري روڊ جي پاڻ مٿي ڳالهه ڪئي، انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ وارن مان مشهور جاکوڙي آهي، جنهن لاءِ هن جيل به ڪاٽيا. رفيع قدوائي انڊيا جي رياست ( UPيونائيٽيڊ پرونسز ۽ هاڻ اتر پرديش ٿو سڏجي) ۾ 1894ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ زميندار ۽ سرڪاري ڪامورو هو. پاڻ عليڳڙهه جي محمدن ائنگلو اورينٽل ڪاليج مان تعليم حاصل ڪيائين، جنهن بعد هو خلافت تحريڪ معرفت سياست ۾ داخل ٿيو. ٻه سال کن جيل ۾ رهڻ بعد 1922ع ۾ الهه آباد هليو آيو، جتي نهرو فيملي جي خدمت ۾ رهيو. پهرين موتي لعل نهرو ان بعد سندس پٽ جواهر لعل نهروءَ جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ 1930ع کان هندستان جي آزادي (1947ع) تائين هو ڪانگريس جو اهم ليڊر ٿي رهيو. ان دوران هو 1937ع ۾ UP رياست جو روينيو ۽ جيلن جو وزير ۽ 1946ع ۾ هوم منسٽر ٿي رهيو. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد رفيع قدوائي صاحب انڊيا جو پهريون وزير مواصلات ٿي رهيو. ياد رهي ته قدوائي ۽ ابوالڪلام آزاد نهرو جي ڪابينا جا ٻه مسلمان وزير هئا. 1954ع ۾ تقرير ڪندي رفيع قدوائيءَ کي دل جو دورو پيو ۽ وفات ڪيائين. رفيع قدوائي نالي انڊيا سرڪار هر ٻئي سال “قدوائي ايوارڊ” نالي سونو ميڊل ۽ ٽي لک رپيا ان کي ڏئي ٿي جيڪو ائگريڪلچر، ائنيمل هسبنڊري، فشريز ۽ پبلڪ هيلٿ مائڪرو بالاجي جهڙي فيلڊ ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام ڏئي ٿو.
هتي ڪجهه سٽون ننڍي کنڊ جي مسلمان مفڪر ۽ اسڪالر ابوالڪلام آزاد نالي پڻ لکڻ ضروري سمجهان ٿو جنهن جي نالي واري رستي ‘مولانا آزاد روڊ’ تان پڻ ان ڏينهن اسان جو گذر ٿيو.
مولانا ابوالڪلام آزاد 1888ع ۾ جنم ورتو. پاڻ انڊيا جي آزادي جي تحريڪ جو اهم سياسي ليڊر ٿي گذريو آهي. هن ننڍي کنڊ کي انگريزن جي چنبي مان ته ڇڏائڻ چاهيو ٿي پر هو ان جي حق ۾ نه هو ته مسلمان ۽ هندو ڌار ملڪ ٺاهي رهن. پاڻ سٺو جرنلسٽ به هو ۽ برطانوي راڄ جي خلاف تنقيدي مقالا لکندو رهيو. هو شاعر پڻ هو ۽ “آزاد” سندس تخلص هو. پاڻ 35 ورهين جي ڄمار ۾، 1923ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جو ننڍي ۾ ننڍو صدر چونڊيو ويو. پاڻ جيئن ته هندستان جي ورهاڱي جي سخت خلاف هو، ان ڪري هن چاهيو ٿي ته هندو ۽ مسلمان ٻڌي ڪري رهن. پاڪستان ٿيڻ تي هو انڊيا ۾ ئي ترسي پيو ۽ انڊيا حڪومت جو پهريون وزير تعليم ٿيو. انڊين انسٽيٽيوٽس آف ٽيڪنالاجي ۽ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ٺاهڻ ۾ مولانا آزاد جو وڏو هٿ آهي ۽ اڄ به انڊيا جا ماڻهو کيس ان جو ڪريڊٽ ڏين ٿا. مولانا آزاد جي والده جو مڪي جي عرب گهراڻي سان واسطو هو ۽ پيءُ فارسي ڳالهائيندڙ تاجڪستاني خاندان مان هو. مولانا آزاد کي ڪيتريون ئي زبانون آيون ٿي، جيئن ته اردو، عربي، هندڪو، انگريزي، هندي ۽ فارسي وغيره. ان کان علاوه مولانا صاحب فقه حنفي، شريعت، مئٿس، فلسفي، دنيا جي تاريخ ۽ سائنس جهڙن سبجيڪٽن جو پڻ ماهر هو. جيئن اسان جي ملڪ جي 1973ع واري آئين ٺاهڻ ۾ سکر جي وڪيل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حفيظ پيرزادي جو وڏو حصو آهي، تيئن انڊيا جي آئين (Constitution) ٺاهڻ ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جو هٿ آهي. پاڻ 1952ع ۽ 1957ع واري اليڪشن ۾ انڊيا جي پارليامينٽ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو هو. پاڻ زندگيءَ جا آخري سال (India Wins Freedom) لکڻ ۾ گذاريا، جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. اڄ جي يونيورسٽي شاگرد، سياستدان ۽ نوجوان ڪاموري (بيوروڪريٽ) ۽ ڊپلومئٽ کي هي ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏيندس.

2 comments:

  1. thanks to Allah i have read India wins freedom. very nice book and shows an independet pic of creation of Pakistan.

    ReplyDelete
  2. Dear Nadir

    Thanks for putting your comments over this post.

    ReplyDelete