زئمبيا، گئمبيا ۽ مختلف
گِني ملڪ
الطاف شيخ
آفريڪا جا اهي ملڪ جن جا نالا
مونجهارو پئدا ڪن ٿا، انهن ۾ زئمبيا ۽ گئمبيا به آهن. آفريڪا جو نقشو جي ماڻهوءَ
جي منهن وانگر سمجهيو وڃي ته گئمبيا توهان جي سامهون بيٺل ماڻهوءَ جي کاٻي پاسي
واري ڳل جي مٿين حصي ۾ آهي ۽ زئمبيا هن جي هيٺين چپ وٽ آهي. زئمبيا اسانجو ڪڏهن به
وڃڻ نه ٿيو جو اهو ملڪ افغانستان وانگر Land Locked آهي. يعني هن جي چوڌاري ٻيا ملڪ آهن،
سمنڊ ناهي، ان ڪري پاڻيءَ جو جهاز اتي وڃي نٿو سگهي.
زئمبيا جي چوڌاري هي ملڪ آهن: ڪانگو (DRC)، تنزانيا، ملاوي، موزمبق، زمبابوي، بوٽسوانا، نميبيا ۽ ائنگولا.
لوساڪا (Lusaka) سندس گاديءَ وارو شهر آهي جتي ملڪ جي
آدمشماريءَ جو وڏو حصو رهي ٿو.
زئمبيا ان ڳالهه کان آفريڪا ۾ مشهور
آهي ته هتي سڀ کان اڳ موبائيل فون ٺهيا ۽ اڄ به سڄي آفريڪا ۾ زئمبيا اڪيلو ملڪ آهي
جتي موبائيل فونن جا ڪارخانا آهن. هن ملڪ تي انگريزن جو 18 صديءَ ۾ قبضو ٿيو ۽
جڏهن 1964ع ۾ کيس خودمختياري ملي ته هتي جي رهاڪن پنهنجي ملڪ جو نالو زئمبيزي
نديءَ تان زئمبيا رکيو. ملڪ جو پهريون صدر ڪينيٿ ڪائونڊا 1964ع کان 1991ع تائين
ٿيو جنهن جو واسطو يونائيٽيڊ نئشنل انڊپينڊنس پارٽي سان هو. ان بعد 1991ع کان
2002ع تائين زئمبيا تي صدر فريڊرڪ چِلوبا جي حڪومت رهي جنهن جو واسطو ملٽي پارٽي
ڊيموڪريسي سان آهي. ٻين آفريڪي ملڪن وانگر زئمبيا ۾ به غربت ۽ ائڊز جي بيماري گهڻي
حد تائين آهي. ملڪ جو جيڪو حاڪم ٿئي ٿو اهو عوام جي بهتري بدران پنهنجي خاندان کي
امير بڻائي ٿو ۽ ملڪ جي مري جان ڇڏي ٿو يا کيس، کانئس وڌيڪ لوفر فوجي جنرل يا
سياستدان ڌڪا ڏيئي ملڪ کان ڪڍي ٿو. زئمبيا کي خود مختياري ملڻ وقت هن ملڪ ۾ 70
هزار يورپي رهيل هئا پر پوءِ انهن مان ڪيترا ملڪ ڇڏي ويا. بهرحال ملڪ جو ڪاروبار
اڄ به ڪيترن ئي چيني ۽ ايشيا ئي واپارين جي هٿ ۾ آهي. ملڪ جي سرڪاري زبان انگريزي
آهي جنهن ۾ هر قسم جو ڪاروبار هلي ٿو. اسڪولن ڪاليجن ۾ به هر سبجيڪٽ انگريزيءَ ۾
پڙهايو وڃي ٿو. هونءَ هتي جون اهم مڪاني زبانون ٻه آهن. نيانجا ۽ بيمبا. ان کان
علاوه 13 dialects ۽ 72 ٻيون زبانون آهن. هڪ خيال کان
ڏٺو وڃي ته هن ملڪ جي ماڻهن کي انگريزي زبان ئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو آهي جيئن
ملائيشيا ۾ مختلف زبانون ڳالهائيندڙ چينين کي ملئي زبان ڳنڍيو آهي.
گئمبيا اولهه آفريڪا جو ملڪ آهي جنهن
جي جاگرافيائي شڪل عجيب آهي. سندس ٽن پاسن کان سينيگال آهي ۽ هڪ پاسي کان ائٽلانٽڪ
سمنڊ آهي. بلڪ ائين کڻي چئجي ته گئمبيا سينيگال اندر ملڪ آهي. ائين سمجهو ته هڪ
وڇايل دوپٽو سينيگال ملڪ آهي، جنهن تي ويٺل نانگ گئمبيا آهي گئمبيا نانگ وانگر
ڊگهو ملڪ آهي جيڪو گئمبيا نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي آهن. هي ملڪ ڪنهن به هنڌ 30 ميلن
کان وڌيڪ ويڪرو ناهي. سندس ٽوٽل پکيڙ 1500 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آدمشماري 18 لک آهي.
آفريڪا جو سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو ملڪ آهي. هي ملڪ انگريزن جي قبضي ۾ هو جن هٿان 18
فيبروري 1965 تي خودمختياري مليس. زرعي ملڪ آهي. ظاهر آهي وچ مان ندي وهي ٿي ۽ ندي
جوهر طرف 15 ميل ڪپر ته سرسبز هجڻ کپي. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد ملڪ سانت ۾ هلي
رهيو آهي. 1994ع ۾ مڙيئي هڪ فوجي ڊڪٽيٽر مسخري ڪئي ۽ ملڪ جي ڀينگ ڪئي پر بچاءُ ٿي
ويو. امن امان هجڻ ڪري ڪافي يورپي سياح اچن ٿا ۽ سندس ٽوئرزم مان ڪمائي آهي. ان
کان علاوه مڇي ۽ گانگٽن جي فارمن مان به ڪمائي اٿس. پر تنهن هوندي به ملڪ جي
آدمشماريءَ جو ٽيون حصو غربت واري ليڪ کان گهڻو هيٺ آهي جنهن جي روزانو ڪمائي 100
رپين کان به گهٽ آهي.
گئمبيا ۾ ڏهين صدي کان پهرين عرب عالم
۽ سوداگر آيا. هنن سون ۽ عاج جو واپار ڪيو ٿي. پورچوگالي 15 ۽ 16 صديءَ ۾ آيا. ان
بعد انگريز آيا. کين خود مختياري ملڻ وقت مٿن انگريزن جي حڪومت هئي ۽ ڀر واري ملڪ
سينگال تي فرينچن جي هئي.
مونکي ياد نه پيو اچي ته اسانجو ڪو
جهاز گئمبيا ويو پر ڪيترائي دفعا سينيگال جي بندرگاه ڊڪار ۾ وڃڻ ٿيو ۽ گئمبيا گهمڻ
لاءِ باءِ روڊ ڊڪار کان وڃڻو پيو ٿي.
گئمبيا غلامن جي وڪري کان به ڪافي
بدنام رهيو آهي. ٽي صديون کن اولهه ڪناري جي ملڪن جي غلامن جو هتي وڪرو ٿيو ٿي ۽
هتان هنن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرائي آمريڪا جي نيلام مارڪيٽن ۾ نِيو ويو ٿي. چون
ٿا ته هتان لڳ ڀڳ 30 لک غلام آمريڪا موڪليا ويا. هن واپار ۾ يورپين سان گڏ مڪاني
شيدي وڏيرن، ڀوتارن ۽ سردارن پڻ حصو ورتو. هنن هِتان هُتان مضبوط قد ڪاٺ وارا شيدي
پڪڙي يورپين کي وڪرو ڪيو ٿي، جن جهازن رستي، کين سمنڊ جي ٻي پار آمريڪا موڪليو ٿي.
آفريڪا ويندڙن لاءِ گني (Guinea) جو
ملڪ به مونجهارو پيدا ڪري ٿو جو ان نالي وارا آفريڪا کنڊ ۾ ٻه ٽي ملڪ آهن. جيڪڏهن
ڪو فقط گِني جي ڳالهه ڪري ٿو ته هن جو مطلب ريپبلڪ آف گني سان آهي جيڪو سندس وڏي
شهر ڪوناڪري (Konakry) ڪري ”گني
ڪوناڪري“ به سڏجي ٿو. هي ملڪ آفريڪا جي کاٻي ڪناري تي آهي. سندس ئي ڀرسان يعني
پاڙي ۾ هڪ ٻيو ننڍڙو ملڪ گني نالي آهي جيڪو سندس بسائو شهر ڪري ”گني بسائو“ سڏجي
ٿو. گني بسائو جي ٻئي پاسي سينيگال آهي ۽ کاٻي پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي.
گني (يعني ڪوناڪري) جي پکيڙ اڍائي لک
چورس ڪلوميٽر آهي. سندس چوڌاري سينيگال، گني بسائو، مالي، سيرياليون، لائبيريا ۽
ڪوٽا ڊي آوري (جيڪو پهرين آئوري ڪوسٽ سڏبو هو) آهن. اولهه پاسي کان ائٽلانٽڪ سمنڊ
اٿس. هن ملڪ تي مختلف حڪومتون راڄ ڪنديون رهيون. آخر ۾ فرانس حوالي ٿيو جنهن کان
کيس 2 آڪٽوبر 1958ع تي خود مختياري ملي. گني کي ان وقت کان وٺي ڊڪٽيٽر نموني جا
حاڪم نصيب ٿيا جن پاڻ کي ته امير ترين بنايو پر ملڪ کي غريب ترين بنائي ڇڏيو. دنيا
لاءِ اليومينم پئدا ڪرڻ وارو هي ملڪ اڄ يورپي ملڪن اڳيان ڪشتو جهليو بيٺو آهي.
گنيءَ کي 1958ع ۾ خودمختياري ملڻ تي
احمد سيڪاٿ توري ملڪ جو صدر ٿيو جنهن 1984ع تائين ملڪ کي خوب ڀيليو ۽ حڪومت کي
چهٽيو رهيو. ان بعد لانس ڪونٽي ملڪ ۾ ڪوڊي ٽئٽ (انقلاب) آندو ۽ پاڻ ٺهي ٺڪي ملڪ کي
28 سال چوسيندو رهيو ۽ ملڪ کي قرضي بڻائي ڇڏيائين. 2008ع ۾ مليٽري جو جرنل صدر ٿي
ويٺو جيڪو پوءِ سال بعد فوج جي گوڙ ڪرڻ تي لاٿو ويو ۽ جن ماڻهن هن صدر ڪامارا جي
حق ۾ مظاهرا ڪيا انهن کي گنيءَ جي فوج هن جهان مان ئي ختم ڪري ڇڏيو. هاڻ نائب صدر
سيڪوبا ڪوناٽي جيڪو هن ملڪ جو ڊفينس منسٽر به رهي چڪو هو اهو اڄڪلهه صدر آهي.
هوڏانهن ڀر واري ملڪ گني بسائو جو به
ڪجهه اهو ئي حال آهي. سخت غربت ۽ بدامني جو عالم آهي. سندس GDP دنيا ۾ هيٺائين ليول تي آهي. يورپين
جي اچڻ کان اڳ توڙي يورپين جي ڏينهن ۾ خوشحال گذاريندڙ هي ملڪ اڄ بک، بيحالي،
بيماري ۽ بيروزگاري ڪري دنيا ۾ عبرت جو مڪان آهن. سندن سياستدان، حاڪم فوجي ۽
بيروڪرئٽ اڄ به ڏسو ته توهان کي ائين محسوس ٿيندا ڄڻ ڪويت يا برونائي جي بادشاهن
جو اولاد هجن پر عوام جو حال ٿو ڏسجي ته اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. ههڙن ملڪن کي
ڏسي مون کي هڪ اڄاتو خوف هر وقت پنهنجي ملڪ جي مستقبل بابت پڻ ڊيڄاريندو رهي ٿو
جيڪو اڄ قرض ۾ غرق آهي. ڪڻڪ پيدا ڪندڙ اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو اٽي لاءِ قطارن ۾ چپجي
رهيا آهن، ڪپهه پيدا ڪندڙ اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو چتين لڳل ڪپڙن ۾ هلي رهيا آهن، اسان
جي دريائن جي ملڪ ۾ ماڻهو قطارن ۾ ٻاڙي پاڻيءَ لاءِ دٻا جهليو بيٺا آهن.
هي ملڪ (گني بسائو) آخري وقت ۾
پورچوگالين جي قبضي ۾ هو جن طرفان کيس 24 سيپٽمبر 1973ع تي خود مختياري ملي.
گِني ڪوناڪري ۽ گِني بسائو کان علاوه
هڪ ٽيون گِني نالي ملڪ آفريڪا کنڊ ۾ آهي جيڪو اڪيٽوريل گني يعني خط استوائي گني جي
نالي سان سڏجي ٿو. جيتوڻيڪ هن ملڪ جو خط استوا (Equitor) سان
ڪو واسطو ناهي. هي وچ آفريڪا ۾ هڪ ننڍڙو ملڪ آهي جنهن جي پکيڙ 28 هزار چورس
ڪلوميٽر آهي. هي هڪ امير ملڪ آهي پر ملڪ جي دولت چند سرڪاري ڪامورن، سياستدانن ۽
ڪارخانيدارن جي هٿن ۾ آهي. امير ته پاڪستان به آهي پر ڪٿي آهي عوام خوشحال؟ اهو ئي
حال آفريڪا جي هن ۽ ٻين ملڪن جو آهي. ڀليون زمينون، جبل معدنيات سان ڀريل، عوام
محنتي، ته به ڪيترن کي کائڻ لاءِ ٻه ويلا رُکي ماني به ميسر ناهي. UNO جي انگ اکرن موجب هن ملڪ جي 70 سيڪڙو
ماڻهن جي روزانو ٻه ڊالر به ڪمائي ناهي!
هن گني (Equitorial
Guinea) جي چوڌاري ڪئمرون، گئبن ۽ ائٽلانٽڪ
سمنڊ آهي. آفريڪا جي ملڪن ۾ انگريزي بعد فرينچ ۽ پورچوگالي زبانون ٻئي نمبر تي
آهن. پر هي ملڪ اهڙو آهي جنهن جي سرڪاري زبان هسپانوي آهي. ان کان علاوه هسپانوي
زبان آفريڪا جي فقط هڪ شهر سيوٽا ۾ هلي ٿي جيڪو جبرالٽر جي سامهون ۽ موراڪو جي
ڀرسان هڪ شهر آهي. هي شهر اڄ به اسپين جو حصو آهي جيئن ڪجهه عرصو اڳ تائين گوا
پورچوگال جو شهر سڏيو ويو ٿي.
هي ملڪ خط استوائي گني پهرين انگريزن
جي هٿ ۾ هو پر پوءِ 1843 ۾ برطانيا هن کي اسپين حوالي ڪيو ۽ 1968ع ۾ اٽڪل سوا
صديءَ جي حڪومت بعد پورچوگال هن ملڪ کي خودمختياري ڏني. نگيئيما (Nguema) سنگل
پارٽي ٺاهي ملڪ جو حاڪم ٿيو ۽ 1979ع تائين هن خون ۽ قتل جي حڪومت هلائي. ملڪ جي
آدمشماريءَ جو ٽيون حصو خوف کان ملڪ ڇڏي ويو. ٽي لک آدمشماريءَ مان 80 هزار ماڻهو
قتل ڪيا ويا. ملڪ جي معيشيت تباه ٿي وئي. 1979ع ۾ ٽيوڊورو اوبيانگ خوني انقلاب
ذريعي پاڻ حاڪم ٿي ويٺو آهي. پر ملڪ جا ساڳيا حال آهن پِنَ تي گذر ٿي رهيو آهي.
No comments:
Post a Comment