ممبئي جي روڊن تان
هلندي...
الطاف شيخ
مهيش جي آفيس ممبئي جي ڏاکڻي علائقي
فورٽ ۾ آهي، جتي پهچڻ لاءِ اسان کي ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا روڊ پار ڪرڻا پيا. ڪٿي
ٽرئفڪ جام هجڻ ڪري گهٽين مان لنگهياسين ٿي، جيڪي ائين هيون جيئن ڪراچي جي ايم اي
جناح روڊ تي ٽرئفڪ جام ٿيڻ تي ڪو جميله اسٽريٽ يا اردو بازار واري گهٽي اختيار
ڪري. بهرحال ڪجهه ٻيا روڊ ۽ گهٽيون جيڪي ان ڏينهن نوٽ ڪيم ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن کان
ريل، بس يا ٽئڪسي رستي اتان لنگهڻ ٿيندو هو يا اتي جي ڪا خاص تاريخي جاءِ ڏسڻ لاءِ پهچندو هوس،
هن ريت آهن:
·
ابراهيم رحمت الله روڊ کان پوءِ ڪلبا
ديوي روڊ آيو. جنهن بعد هڪ چڱو ويڪرو رستو مهاتما گانڌي روڊ هو. ممبئي ۾ روڊن جا
نالا روڊن جي ڀرسان لڳل بورڊن تي انگريزي ۽ مرهٽي زبانن ۾ لکيل نظر اچن ٿا. دهلي ۾
اردو ۽ هندي ۾ پڻ لکيل آهن. بهرحال ٻيا روڊ هن ريت هئا:
·
وادبي روڊ (Waudby Road)
·
مر زبان روڊ.
·
دادا ڀائي نورو جي روڊ.
·
والچند هيرا چند روڊ.
·
هڪ چوراهي وٽان لنگهياسين جنهن جو
نالو ”بيدي چوڪ“ لکيل نظر آيو ۽ هڪ گهٽيءَ وٽان لنگهه ٿيو، جنهن جو نالو پينن ناريمن اسٽريٽ هو ۽
پوءِ سگهو ئي رگهو ناٿ دادا جي گهٽي اچي وئي، جنهن ۾J.B هائوس نالي هڪ بلڊنگ جي چوٿين ماڙ تي
مهيش جي ”اوم پيپر مارٽ“ نالي آفيس آهي.
فورٽ ايريا جي هيءَ رگهوناٿ ’دادا جي‘ اسٽريٽ توڙي ڀر واريون
گهٽيون ۽ انهن جون عمارتون انگريزن جي ڏينهن جون لڳن ٿيون. عمارتن جي هيٺيان ننڍا
ننڍا دڪان ۽ شوروم ۽ انهن جي اڳيان فٽ پاٿ تي سنگ، پي نٽ، ڪيلا ۽ ٻيون شيون وڪڻڻ
وارن جا ريڙها (گاڏا) ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان هوبهو اهڙو نظارو پيش ڪن ٿا، جهڙو اسان جي بولٽن مارڪيٽ ۾ آهي. هڪ
دفعو سنڌ مدرسي ۾ اتي جي هڪ پروفيسر ۽ سنڌي اديب انور ابڙو سان ملڻ ويو هوس.
واپسيءَ تي پاسي واري گيٽ کان نڪتس جتي ڪيترائي فوٽو اسٽيٽ وارا نظر آيا ۽ فٽ پاٿ
تي ٽائين ۽ قميضن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي شيون وڪامي رهيون هيون. هيءَ گهٽي
ممبئي جي فورٽ وارين گهٽين سان گهڻو ملي ٿي. ٻنهي هنڌن تي کاڌي پيتي جون ننڍيون
هوٽلون به آهن ته اوچي معيار جون به. مهيش هڪ اهڙي گجراتي ريسٽورنٽ تان پيزن وارو
ڀت، پاپڙ ۽ مڪسڊ ڀاڄي گهرائي، جيڪا
سندس زال گيتا، گهران پچائي آندل مانيءَ سان گڏ ٽيبل تي رکي. گيتا دال ۽ ڀينڊين جو
ٻوڙ ۽ ماني (جنهن کي سنگاپور توڙي انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي ’ڦلڪا‘ سڏين ٿا) آندي هئي، هندو ماڻهو گهڻو ڪري ويجيٽيرين ٿين ٿا. هو ڪنهن به قسم جو گوشت يا
مڇي نٿا کائين، پر هو ڀاڄين ۽ دالين جا مختلف ڊش ٺاهڻ
جا ماهر آهن. اهڙي طرح هو ٻاهر جي ماني به اهڙي هوٽل تان گهرائيندا جيڪا صحيح ۽صاف
سٿري هجي. ان ڏينهن بک به ڏاڍي هئي پر ”موتي ريفريشمينٽ“ نالي ريسٽورنٽ تان گهرايل
پيزن وارو ڀت به واهه جو هو. ملائيشيا بعد هتي انڊيا ۾ ئي گارڊن پيز نظر اچن ٿا
جيڪي نرم، چهچ ساوا ۽ مٺيڙا ٿين ٿا. اسان وٽ ڀڳڙن ۽ چڻن جهڙا پيز ملن جيڪي رڌڻ بعد
به سخت رهن.
مهيش ٻڌايو، ته ممبئي جي هن پراڻي علائقي فورٽ ۾
اڄ جي دور ۾ ڪو ننڍڙو دڪان يا هڪ ڪمري جي آفيس ملڻ به مشڪل آهي. سندن آفيس گهٽ ۾
گهٽ اڌ صدي پراڻي آهي، جيڪا سندس پتا لکميچند منيال ورهاڱي کانپوءِ يڪدم هتي اچي
حاصل ڪئي هئي. مهيش جو ڏاڏو ڪشن داس شڪارپور ۾ سيڌي جي سامان جو مشهور واپاري هو.
بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته
ممبئي جو فورٽ وارو علائقو انگريزن جي ڏينهن کان وٺي ائين مشهور ۽ ڪمرشل اسپاٽ
آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ بولٽن مارڪيٽ وارو
علائقو، جنهن جو هڪ هڪ چورس وال لکن جي حساب سان وڪامي ٿو. ممبئي ۾ رهائش دوران
منهنجو ٻه ٽي دفعا هن علائقي ۾ هتي جون مشهور ۽ تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ اچڻ ٿيو ۽
هن علائقي Fort جو احوال لکڻ کان اڳ مٿي بيان ڪيل
روڊن بابت ڪجهه سٽون لکڻ چاهيان ٿو، جيڪي وٺي اسين فورٽ ۾ پهتاسين. دراصل انهن
روڊن جي بيهڪ ۽ صفائي سٿرائي بابت ڪو جاگرافيائي احوال لکڻ نٿو چاهيان. بس انهن
روڊن تان لنگهندي ڪي ڳالهيون ياد اچي ويون جي پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو.
جيئن دادا ڀائي نورو جي روڊ تان لنگهندي ياد آيو، ته هن پارسي پروفيسر ۽ سياستدان نالي
ڪراچي ۾ به هڪ روڊ آهي. اسان جو قائداعظم محمد علي جناح هن جي تمام گهڻي عزت ڪندو
هو ۽ کيس پنهنجو ٽيچر سمجهندو هو. ڪراچيءَ ۾ دادا ڀائي نورو جي روڊ نمائش وٽ جناح جي مزار ڀرسان ئي آهي. دادا
ڀائي جي زندگيءَ جو احوال آئون انڊيا جي اڳئين سفر نامي ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۾ ڏئي
چڪو آهيان.
ممبئي جي هن فورٽ واري علائقي ڏي
ايندي هڪ رستو ’والچند هيراچند روڊ‘ پڻ آيو. اهو نالو پڙهي مون کي ڪالاباغ پل ياد
آئي جيڪا درياههِ سنڌ تي آهي. اها پل هن شخص والچند جي ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ ٺاهي هئي.
والچند (سڄو نالو سيٺ والچند هيراچند دوشي) 1882ع ۾ مهاراشٽرا جي شهر شولاپور ۾
ڄائو. هن جا وڏا ڪي گهڻا امير
يا وڏي بزنس جا مالڪ نه هئا. هنن جي هلڪي ڦلڪي ٽريڊنگ ۽ وياج تي پئسو ڏيڻ جو ڌنڌو
هو. والچند 1899ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ بعد نه وڌيڪ پڙهائي ڪئي ۽ نه اباڻو ڌنڌو اختيار ڪيو.
هن ريلوي ۾ ٺيڪيداري جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان بعد آهستي آهستي هن حڪومت جي ٻين کاتن ۾
ٺيڪيداري شروع ڪئي. هن پنهنجي هڪ فرم ٺاهي، جنهن ذريعي هن ڪالاباغ پل ۽ برما ۾ اتي
جي مشهور اراوادي ندي مٿان پل ٺهرائي.
سيٺ والچند هيراچند دوشي جي بايوگرافي
پڙهڻ جهڙي آهي، جنهن نه رڳو پليون ٺهرايون پر پاڻي جا جهاز خريد ڪيا ۽ تن ڏينهن ۾
انگريزن ۽ يورپين جي جهازران ڪمپنين BI (برٽش انڊيا) ۽ P&Oسان
مقابلا ڪيا. هن 1939ع ۾ هوائي جهاز ٺاهڻ جو ڪارخانو قائم ڪيو. انشورنس جو ڪاروبار
شروع ڪيو. پاڻي جي جهازن جي مرمت لاءِ وِشانا پٽنام بندرگاهه ۾ شپ يارڊ ٺاهيو جتي
نوان جهاز به ٺـهڻ لڳا. ان شپ يارڊ جو نالو ”هندستان شپ يارڊ لميٽيڊ“ رکيو. هن انڊيا جي برلا فئملي سان ملي
ممبئي جي ڀرسان ”پريميئر آٽو موبائيلس“ نالي موٽر ڪارن جو ڪارخانو قائم ڪيو. 1950ع
۾ ڏينهن لڳڻ (Stroke) ڪري سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي رٽائرمينٽ
اختيار ڪئي. 1953ع ۾ 71 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ڏٺو وڃي ته هن شخص اڌ صديءَ
اندر انڊيا جي قسمت بدلائي ڇڏي. اڌ صدي جو عرصو ئي ته ٿيو هو! 1899ع ۾ مئٽرڪ ڪري
پوءِ 1900ع کان والچند ڌنڌي جي شروعات ڪئي ۽ 1950ع ۾ بيمار ٿي کٽ اختيار ڪئي. هن
زيرو کان شروعات ڪئي ۽ تعليم فقط مئٽرڪ هيس. 1947ع ۾ جڏهن انڊيا کي خودمختياري
ملي، ته والچند ڪمپنين جو گروپ سڄي ملڪ ۾
ڏهين نمبر تي وڏي ۾ وڏو بزنس گروپ هو. هي پهريون انڊين هو جنهن پهريون انڊين جهاز S.S (اسٽيم شپ) لائلٽي خريد ڪيو ۽ سندس
جهاز 5 اپريل 1919ع تي پنهنجي پهرين سفر (Maiden Voyage) تي
ممبئي کان لنڊن لاءِ روانو ٿيو، جنهن سفر ۾ پاڻ والچند به موجود هو. والچند هيراچند
جي خدمتن جي مڃتا ڪارڻ انڊيا حڪومت خودمختياري ملڻ تي، 5 اپريل کي ”نئشنل
مئريٽائيم ڊي“ قرار ڏئي والچند کي مان ڏنو. چيو وڃي ٿو ته پٽ ٻار نه هجڻ ڪري
والچند جو قائم ڪيل ڪاروبار اڄ ٽڙي پکڙي ويو آهي. اهو به چيو وڃي ٿو ته سيٺ والچند
جي زندگيءَ جو مقصد پئسو ڪمائڻ نه پر ائڊوينچر ڪرڻ هو. هو هر نئين شيءِ کي ڏسي ان کي پنهنجي
ملڪ ۾ ٺاهڻ جي جدوجهد ڪندو هو. ايتري قدر جو
هن جڏهن آمريڪا ۾ هالي ووڊ جا فلمي اسٽوڊيوز ڏٺا ته انڊيا اچي يڪدم هڪ وڏو اسٽوڊيو
ٺهرايو. مهاراشٽرا صوبي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نه فقط سندس نالي سان والچند هيراچند
روڊ آهن، پر پوني ۾ هيراچند نگر به آهي، جتي
سندس ڪيترائي ڪارخانا ۽ مِلون ”والچند انڊسٽريز“ جي نالي سان آهن.
No comments:
Post a Comment