Saturday, October 08, 2011

هڪ ڌاڙيل جو 1000 صفحن جو ناول - الطاف شيخ


هڪ ڌاڙيل جو 1000 صفحن جو ناول
الطاف شيخ
گل حسن ڪلمتيءَ جو ڪاڇو پبليڪيشن وارن ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ نالي ڪتاب ڇپيو آهي جيڪو 700 کن صفحن جو ٿيندو. ائين ته حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن وارن قاضي خادم جي ساروڻين جا ٻه واليوم ”دل جي دفتر مان“ ڇپيا آهن جن جا ٽوٽل صفحا اٺ سئو کن ٿيندا ۽ پير علي محمد راشدي جي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب جا ٽي واليوم يا رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي يادگيرين جي ڪتاب ”ڪئين ڪتاب“ جا ٻه جلد جوڙجن ته هزار صفحن جي لڳ ڀڳ وڃيو ٿين. اهڙي طرح اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ به نسيم حجازيءَ ۽ ڊومِنق (Dominiaqe lapierre) ست ست اٺ اٺ سؤ صفحن جا ناول لکيا آهن. هڪ انڊين ليکڪ ”وڪرم سيٺ“ انگريزيءَ ۾ هزار صفحن کان به مٿي “Suitable Boy” نالي ناول لکيو آهي.


مٿين سڀني ليکڪن ۾ هڪ ڳالهه ڪامن آهي ته هو سڀ پڙهيل ڳڙهيل هئا. منجهائن ڪنهن کي جي يونيورسٽي جي ڊگري نه هئي ته به علم هو. علي محمد راشدي جا جنگ ۾ ايندڙ ڪالم يونيورسٽين جا پروفيسر به پڙهندا هئا. هو ايوب خان جي ڏينهن ۾ چين جو سفير ٿي رهيو. پر هڪ ڳالهه سوچيو ته جي ڪڏهن سنڌ جو ڪو ڌاڙيل محب شيدي، پرو چانڊيو يا شريف ڪالرو هزار کن صفحن جو ناول لکي ۽ ان ۾ پنهنجي دور جي تاريخ هجي، عام ماڻهوءَ جي زندگي جو احوال هجي ۽ ان ۾ اهڙا دلچسپ جملا ۽ ڳالهيون هجن، جو ڇهن مهينن اندر هن ناول جون ويهه لک ڪاپيون وڪرو ٿي وڃن، ته واقعي حيرت جي ڳالهه سڏبي ۽ هن ناول ڇپجڻ بعد خبر پوي ته محب شيدي يا ڪو ٻيو ناول لکڻ وارو ڌاڙيل جنهن لاءِ عوام ۽ حڪومت ته اهو ئي سوچيندي رهي ته هو ڪچي جي ٻيلي ۾ لڪل آهي، خبر پوي ته هو ته نالو بدلائي ڏهن سالن کان مٽياري، هالا ۽ حيدرآباد جي مختلف ڳوٺن ۾ مڪاني ماڻهن سان زندگي گذاريندو رهيو ۽ هو حيدرآباد جي علي بابا، انڊس يا سٽي گيٽ جهڙن هوٽلن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي اتي ايندڙن ويندڙن جو احوال قلمبند ڪندو رهيو، ته اهڙي انڪشاف بعد پڪ اسان لاءِ اها هوٽل يا ڪيفي به اهم ٿي پوندي.
انگريزي ناول Shantaram جو انگريز گورو ليکڪ گريگري ڊئوڊ رابرٽس جنهن پنهنجو نالو بدلائي ڏهه سال کن ممبئي جي مڪاني ماڻهن سان زندگي گذاري، هڪ ڌاڙيل ئي ته هو، جيڪو پنهنجي وطن آسٽريليا ۾ بئنڪن ۽ امير ڪمپنين جون ڦرون (Robberies) ڪندو رهيو. هيروئن، نشي جو سخت عادي هو. رابرٽس جو ناول شانتا رام فڪشن (افسانو) به آهي ته سندس زندگي جي حقيقت ۽ آتم ڪٿا به، ان ڪري ڪيترا پڙهندڙ هن ناول کي Faction  سڏين ٿا، يعني Fiction ۽ Facts جو مڪسچر.
رابرٽس (سڄو نالو گريگري ڊئوڊ رابرٽس)، 1952ع ۾ آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ڄائو. مون رابرٽس لاءِ انگريز لکيو آهي جو آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ ۾ رهندڙ گورا انگريزن جو ئي اولاد آهي. سوئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ تعليم دوران ”جهازن جي ايڪانامڪس“ پڙهائڻ وارو برٽشر (انگريز) پروفيسر ڪڏهن موڊ ۾ اچي پنهنجي ئي قوم جي گلا ڪندو هو. چوندو هو ته اسين انگريز وڏا ٺڳ آهيون ۽ آسٽريليا ۾ رهندڙ اسان جا گورا مائٽ ته اڃان به وڌيڪ آهن.
”اهو ڀلا ڪيئن؟“ اسان کانئس پڇيو هو.
”ڏسو نه آسٽريليا تي جڏهن اسان انگريزن جو قبضو ٿيو ته انگلينڊ ڇڏي اوڏانهن رهڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو، جو اهو هڪ ڏورانهون ڏيهه هو، جتي انهن ڏينهن ۾ اهي سُک نه هئا جيڪي يورپ پاسي هئا. پوءِ انگريز سرڪار ڇا ڪيو جو جيڪو انگريز وڏو ڏوهه ڪندو هو، قتل جو، ڌاڙي جو ته ان کي سزا طور آسٽريليا موڪليو ويندو هو، جتان هو موٽي نه سگهي، جيئن هندستان جي ڏوهارين ۽ باغي سياستدانن کي انڊامان ٻيٽن (ڪاري پاڻي) ڏي موڪليو ويندو هو.“
۽ پوءِ اسان جو پروفيسر صاحب ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو؛ ”هاڻ مڙيئي آسٽريليا ماڊرن ٿي ويو آهي ۽ اسان جي وڏن جو اولاد شريف ٿيو پيو هلي.“
رابرٽس جو ناول شانتا رام پڙهندي مون کي هميشه مٿيون پروفيسر صاحب ياد آيو ٿي، جيڪو چوندو هو ته آسٽريليا ۾ رهندڙ سندس وڏن جو ٻيو اولاد ضرور سڌري ويو پر رابرٽس نه، جنهن لاءِ مشهور آهي ته 1977ع ۾ فقط ٽن مهينن اندر هن هٿيارن جي زور تي مختلف بئنڪن، دڪانن ۽ آفيسن مان 24 ڦرون ڪيون.
 رابرٽس لاءِ چون ٿا ته هو پهرين کان چرسي (هيروئن نشي جو عادي) نه هو پر سندس شادي ختم ٿيڻ تي ۽ ڪورٽ طرفان سندس ڌيءَ سندس حوالي نه ٿيڻ تي، هو سخت نشئي ٿي پيو ۽ پوءِ ته نه چاهيندي به، نشي جي پورت لاءِ، هن کي ڌاڙا هڻڻا پيا ٿي. رابرٽس ”جينٽلمئن بئنڊٽ“ ۽ ”بلڊنگ سوسائٽي بئنڊٽ“ جي نالن سان به سڏيو ويو ٿي. جو هن فقط انهن بئنڪن، دڪانن ۽ بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جي آفيسن جي ڦر ڪئي ٿي جيڪي ويمو (Insurance) ٿيل هيون. هو هميشھ ٿري پيس سوٽ (ڪمپليٽ سوٽ) پائي پوءِ ڦر لاءِ نڪرندو هو ۽ جن ماڻهن کي ڦريو ٿي انهن سان فضيلت سان ڳالهايو ٿي ۽ کين ’پليز‘ ۽ ’ٿئنڪ يو‘ چيو ٿي.
1978ع ۾ هي پڪڙجي پيو ۽ کيس آسٽريليا جي بدنام جيل پيٽرج ۾ سخت پورهئي سان 19 سال ٽيپ اچي وئي. هي جيل آسٽريليا جي وڪٽوريا شهر ۾ آهي، جتي وڏا ڌاڙيل ۽ خوني رکيا وڃن ٿا ۽ جتي تمام سخت سيڪيورٽي جو بندوبست رهي ٿو. رابرٽس اهڙين حالتن جي باوجود 1980ع ۾ ڏينهن ڏٺي جو جيل مان ڀڄي ويو ۽ کيس آسٽريليا جي ”موسٽ وانٽيڊ“ ڏوهارين مان هڪ قرار ڏنو ويو. بعد ۾ رابرٽس ٻڌايو ته هو جيل مان هرگز نه ڀڄي ها، پر هن کي جيل ۾ نه فقط اڪيلو رکيو ويو پر سخت ٽارچر به ڪيو ويو.
جيل مان غائب ٿي وڃڻ بعد آسٽريليا جي پوليس هن اشتهاري مجرم کي آسٽريليا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليندي رهي ۽ هي نالو ۽ ويس بدلائي ممبئي کان اچي نڪتو.
هو دراصل پهرين نيوزيلئنڊ ويو، جيڪو ٻيٽ آسٽريليا جي بلڪل ويجهو آهي ۽ جتي آسٽريليا کان نه فقط هوائي جهاز پر پاڻيءَ جا جهاز ۽ ٻيڙيون به اينديون وينديون رهن ٿيون. نيوزيلئنڊ تي به انگريزن جي حڪومت هجڻ ڪري آسٽريليا جي رهاڪوءَ کي نيوزيلئنڊ وڃڻ تي ڪا جهل پل ناهي. انهن ڏينهن ۾ اميگريشن جا قاعدا قانون سخت نه هئا، ويندي اسان پاڪستانين کي 1980ع تائين ملائيشيا ۽ ٿائيلنڊ جهڙن ملڪن جي ته ويزا وٺڻي نٿي پئي، پر جپان ۾ به پهچڻ بعد ايئرپورٽ تي ٽن شهرن جي ويزا آرام سان ملي وئي ٿي. رابرٽس نيوزيلئنڊ مان جرمني وڃي رهيو هو. رستي تي هن کي ممبئي ۾ ٻن ڏينهن جو Stop Over هو. ممبئي ۾ اڌ ڪلاڪ اندر هن کي هي شهر اهڙو وڻي ويو جو هن جرمني وڃڻ بدران ممبئي ۾ ترسڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو.
رابرٽس پنهنجي ناول ’شانتا رام‘ جي اهم ڪردار جي به هوبهو اها ئي ڪهاڻي لکي آهي ته هو جيل مان ڀڄي لنڊسي فورڊ نالي همراهه جي جعلي پاسپورٽ تي ممبئي پهچي ٿو. ان ڪري ڪيترا پڙهندڙ  هن ناول کي ليکڪ جي آتم ڪٿا سمجهن ٿا ۽ هن ڪهاڻيءَ کي حقيقت سمجهن ٿا. ممبئي پهچڻ بعد جلد ئي هن جي ملاقات پرڀارڪر نالي هڪ مڪاني مرهٺي سان ٿئي ٿي جنهن کي هو گائيڊ طور پگهار تي رکي ٿو ۽ جلدي هو سٺا دوست ٿي وڃن ٿا. پرڀارڪر ڳوٺ وڃڻ تي هن گوري پرديسيءَ کي به پاڻ سان وٺي وڃي ٿو، جتي هن جي ماءُ پنهنجي پٽ جي انگريز دوست کي هندستاني نالي شانتا رام سان سڏي ٿي. ممبئي موٽڻ وقت رستي تي، رات جي وقت پرڀارڪر ۽ شانتا رام جي ڦر ٿئي ٿي. شانتا رام جو الهه تلهه کسجي وڃي ٿو ۽ هن کي ڪنهن غريب علائقي جي جهڳي پاڙي (Slums) ۾ رهڻو پوي ٿو. ايتري قدر جو شانتا رام وٽ ان جهوپڙيءَ ۾ رهڻ جي مسواڙ به ناهي ۽ حڪومت طرفان هن کي ان ۾ مفت رهڻ جي اجازت ملي ٿي. جنهن ڏينهن شانتا رام ان جهوپڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ اچي ٿو، ان ڏينهن ان علائقي ۾ باهه لڳي ٿي ۽ اتي جي رهندڙ غريبن جو ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو. شانتا رام اتي جي غريبن جي مدد لاءِ مفت جي ڪلينڪ کولي ٿو، جيئن هو ان غريب ڪميونٽي جي مدد ڪري سگهي. بهرحال هو ان غربت واري ماحول ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪري ٿو. مڪاني ماڻهن جي رسم و رواج ۽ ثقافت کان واقفيت حاصل ڪري ٿو. هو جلدي ئي مرهٺي زبان سکي وٺي ٿو.
هن ناول ۾ ڪجهه ٻين به فارينرن ۽ مڪاني انڊين جو ذڪر ٿيل آهي. شانتا رام جو ڪارالا نالي هڪ سوئز آمريڪن عورت سان عشق به ٿئي ٿو، پر هوءَ هن کي لفٽ نٿي ڪرائي ۽ پوءِ هو آهستي آهستي ممبئي جي ڏوهارين سان ملي نشي جي شين ۽ غير قانوني هٿيارن جو ڌنڌو ڪري ٿو ۽ نيٺ جهلجي پوي ٿو ۽ ممبئي جي آرٿر روڊ واري جيل ۾ قيد جي سزا کائي ٿو. جيل ۾ هن کي سخت مار موچڙو ٿئي ٿو، جنهن کان جيل جو هڪ افغاني مافيا ڊان عبدالقادر خان گارڊن کي رشوت ڏئي هن کي بچائي ٿو. جيل مان آزادي ملڻ تي هو عبدالقادر لاءِ بليڪ مارڪيٽ ۽ جعلي پاسپورٽ ٺاهڻ جو ڪم ڪري ٿو. هو افغانستان به وڃي ٿو، جتي هو افغان مجاهدين لاءِ هٿيار اسمگل ڪري ٿو، سندس ليڊر عبدالقادر جي قتل ٿيڻ تي هو سخت ڊپريشن ۾ هليو وڃي ٿو. هو نيڪ ماڻهوءَ جي زندگي گذارڻ جي جدوجهد لاءِ سري لنڪا وڃڻ جو پروگرام ٺاهي ٿو ۽ اتي هي ناول ختم ٿئي ٿو.
اصل زندگيءَ ۾ به هن ناول جو ليکڪ رابرٽس ائين ئي ڪندو رهيو. انڊيا جي جيل مان هڪ مافيا جي ليڊر جيل وارن کي ڳريون رشوتون ڏئي رابرٽس کي آزاد ڪرايو. جيل مان نڪرڻ بعد هن ان مافيا لاءِ چرس ۽ هيروئن جي اسمگلنگ ڪئي ۽ جعلي پاسپورٽ ٺاهڻ جو ڪم ڪيو. هن افغانستان وڃي مجاهدين سان گڏ لڙائي به ڪئي. ان بعد نيڪ ماڻهوءَ جي زندگي گذارڻ لاءِ هو سري لنڪا ته نه ويو پر جرمني ڏي هيروئن اسمگل ڪري رهيو هو، ته فرئنڪفرٽ ايئرپورٽ تي جهلجي پيو. هيءَ سال 1990ع جي ڳالهه آهي. کيس سندس ملڪ آسٽريليا extradite (روانو) ڪيو ويو، جتي هن کي پنهنجي پراڻي سزا جا ڇهه سال جيل ۾ گذارڻا  پيا، جن مان ٻه سال کيس اڪيلي(Solitary Confinement) ۾ رکيو ويو. رابرٽس جو، ڪنهن رسالي (شايد انگلينڊ جي Mirror رسالي) ۾ انٽرويو پڙهيو هيم جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته ان 6 سالن جي جيل دوران هو هڪ دفعو وري جيل مان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو، پر ٻاهر نڪري هن کي يڪدم احساس ٿيو ته لڪ ڇپ جي زندگيءَ کان بهتر آهي ته سزا جو مدو پورو ڪجي. ان بعد پوليس ۽ جيل جي واسطيدار عملدارن کي رشوتون ڏئي پنهنجو پاڻ کي چپ چاپ جيل اندر اسمگل ڪرايائين. ڇو جو جيل جو عملو هن جي ڀڄڻ جي واويلا ڪري ها ته ان ڏوهه ۾ کيس وڌيڪ سال ٻه سزا اچي وڃي ها.
آسٽريليا جي جيل ۾ رابرٽس جڏهن ٻيو دفعو آيو ته هن کي هي ناول لکڻ جو خيال پيدا ٿيو. جيل ۾ لکڻ دوران جيل وارڊن هن ناول جي اسڪرپٽ (Manuscript) ٻه دفعا ضايع ڪري ڇڏي. بهرحال جيل مان نڪرڻ بعد رابرٽس ان کي مڪمل ڪري ”شانتا رام“ نالي هي ناول ڇپرايو. هن ناول کي قمر شهباز چواڻي Philosophical Thriller به  چئي سگهون ٿا جو هي رابرٽس جي تجربن جي بنياد تي لکيل آهي، جيڪي هن ڏهه سال ممبئي ۾ رهڻ دوران حاصل ڪيا. قمر شهباز هي ڪتاب مون سان گڏ پڙهيو هو ۽ هن جو ارادو هو ته دبئي واري سنڌي بزنيس مئن رام بخشاڻي جي آتم ڪٿا ”آکيرا آڪاس ۾“ ترجمو ڪرڻ بعد هن ناول ”شانتا رام“ جا ڪجهه حصا سنڌي ۾ ترجمو ڪيا وڃن.
هن ناول تي هي نالو ”شانتا رام“ دراصل اهو نالو آهي جيڪو ممبئي ۾ رابرٽس جي مرهٺي دوست جي ماءُ رابرٽس تي رکيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”امن جو انسان“ رابرٽس پنهنجي انٽرويو ۾ اهو به ٻڌايو آهي ته هو هن سيريز جا ٽي ٻيا ڪتاب به لکي رهيو آهي، جن مان هڪ “The Fountain Shadow” سال 2010ع جي آخر تائين مارڪيٽ ۾ اچڻو هو. ممبئي ۾ رهائش دوران ممبئي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر منوهر ٻڌايو ته سال ڏيڍ اڳ اخبار ۾ هن ڪتاب جي تبصري سان گڏ اهو پڻ ڄاڻايو ويو هو، ته هن ناول ۾ رابرٽس جو جيڪو پرڀارڪر نالي دوست ٻڌايو ويو آهي، ان جو حقيقت ۾ نالو ڪشور آهي. هو اڄ به ممبئي ۾ ٽئڪسي ڊرائيور آهي ۽ رابرٽس تي اهو نالو (شانتا رام) ممبئي ڀرسان سندر نالي ڳوٺ ۾ ڪشور جي رهندڙ ماءُ رکيو هو. اهو پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هن ناول تي مبني بالي ووڊ جو ڊائريڪٽر ميرا نير فلم پڻ ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ اهم ڪردار اميتاڀ بچن کي ڏيڻ جو ارادو آهي. ٿي سگهي ٿو منهنجي هن سفرنامي ڇپجڻ کان اڳ اها فلم ٺهي وڃي ۽ توهان ڏسي چڪا هجو.
شانتا رام ناول جو ڌاڙيل ليکڪ رابرٽس (گريگري ڊئوڊ رابرٽس) باقي پنهنجي سزا جو قيد آسٽريليا جي جيل ۾ گذارڻ بعد هو ڪجهه عرصو ميلبورن (آسٽريليا) ۾ رهيو، ان بعد جرمني ۽ فرانس ۾ رهڻ بعد هتي ممبئي موٽي آيو ۽ هاڻ ممبئي ۾ ئي رهي ٿو. شهر جي غريبن جي صحت جي خيال لاءِ، هن هڪ ادارو ٺاهيو آهي. سندس وڇڙي ويل ڌيءَ به هاڻ ساڻس گڏ رهي ٿي. رابرٽس پنهنجي انٽرويو ۾ اهو به ٻڌايو ته؛ ”ڌاڙيل ٿيڻ کان اڳ آئون ليکڪ هوس. مون کي ننڍي هوندي کان لکڻ پڙهڻ جو شوق هو.“
رابرٽس کان جڏهن پڇيو ويو ته هن ممبئي ۾ رهڻ ڇو پسند ڪيو ته هن وراڻيو:
“It was the freedom that I saw around me. It’s a city that manifests a huge degree of freedom compared to the freedoms I had experienced in my life”
رابرٽس هن انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته هو هڪ ڌاڙيل هو، هو ڏوهاري هو، پر ممبئي جي دوست ۽ ان جي ماءُ کي اها خبر نه هئي. هنن هن کي شريف ماڻهو سمجهيو ٿي ۽ جڏهن دوست جي ماءُ هن تي شانتا رام ”امن جو انسان“ نالو رکيو ته رابرٽس ٻڌائي ٿو ته هو ان ڏينهن اڪيلو اڪيلو جنگل ۾ هليو ويو، جتي هو سڏڪا ڀري رنو ته هنن غريب ماڻهن شايد هن ۾ ڪا نيڪي ڏٺي هجي، جنهن جي هن کي ڄاڻ ناهي.
بهرحال رابرٽس جو هي ناول بقول ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي جي پڙهندڙن کي Educate ڪري ٿو تهEntertain  پڻ ڪري ٿو. هڪ هزار کن صفحن جي هن ناول لکڻ تي رابرٽس کي 13 سال لڳي ويا. هي ناول پڙهڻ دوران پڙهندڙن کي هر وقت اهو تاثر ملي ٿو، ته ليکڪ هر وقت پنهنجي من ۾ ٻه ڳالهيون اڳيان اڳيان رکيون آهن جيڪي بقول ليکڪ جي، (جنهن ممبئي ۾ رهي مرهٺي ۽ هندي سٺي ڳالهائي ٿي) اُهي آهن: سچ اور همت.

No comments:

Post a Comment