نابين ماءُ لاءِ گهنٽا گهر
ٺهرايو
الطاف شيخ
گذريل مضمون ۾ ممبئي يونيورسٽي جي
لائبريري بابت پڻ لکيو اٿم ته ان ۾ ڪتابن جو تعداد ۽ ورائٽي ڏسي بيحد متاثر ٿيس.
مون هن کي هڪ عام لائبريري ٿي سمجهيو. جهڙي طرح اسان جي نيول اڪيڊمين يا مئريٽائيم
يونيورسٽي جي ٿئي ٿي. جنهن ۾ فقط پنج ڇهه هزار ڪتاب، واسطي
واري سبجيڪٽ يا جهاز راني يا جهاز سازيءَ جا ٿين. پر پوءِ چڱو جو ٻئي ڏينهن ”ڊاڪٽر
پروفيسر صاحب علي“ سان گڏ هليو ويس. ڊاڪٽر صاحب علي ممبئي يونيورسٽي ۾ اردو
ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهي. پاڻ 1963ع ۾ يو. پي. صوبي جي اعظم ڳڙهه شهر جي ڀرسان ”بستي“
نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. علي ڳڙهه يونيورسٽي مانPh.D ڪيائين. ان ڏينهن ممبئي يونيورسٽي جي FM ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ٿيو هو، سو اسٽيشن ڪنسلٽنٽ پنکج اٿاوالي مون
کي مئرين انجنيئرنگ سبجيڪٽ تي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني، جنهن ۾ ٻڌندڙن ڪجهه سوال جواب به ڪيا، جنهن بعد اردو ڊپارٽمينٽ ۾ آيس ته
پروفيسر صاحب علي يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري مان ڪجهه ڪتاب اِشو ڪرائڻ لاءِ
نڪري رهيو هو. مون کي ڏسي موٽيو ٿي ته مون کيس منع ڪئي.
”میں بھی آپ کی لائبریری دیکھنے چلتا ہوں.“ مون چيومانس ۽ اسان واڪ ڪندا
لائبريري کان اچي نڪتاسين، جنهن جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ جواهر لعل نهرو لائبريري لکيل آهي. رسيپشن هال ۾ نهرو صاحب جو پتلو (Bust) رکيل آهي. پروفيسر صاحب سان گڏ ٿوري
دير اردو سيڪشن ۾ ڪتاب ڏسي پوءِ پالي، سنسڪرت ۽ مراٺي زبانن وارن سيڪشنن مان ڦرندو
سنڌي واري حصي ۾ پهتس. ان بعد انگريزي ڪتابن واري پاسي جو چڪر هيم. سچي ڳالهه اها
آهي ته آئون حيران ٿي ويس. جيئن ڪو ڪنهن دلپسند شهر جو خاص سهڻو ۽ پرسڪون علائقو
ڏسي خواهش ڪندو آهي، ته جيڪر هتي گهر وٺي رهجي، تيئن
منهنجي دماغ ۾ اهو ئي ڦرندو رهيو، ته
ممبئيءَ ۾ مهينو کن رهي ٻيو ڪجهه نه ڪجي فقط هتي رکيل آڳاٽا ڪتاب ڏسجن ۽ اهم شيون
نوٽ ڪجن. ائين ناهي ته ڪو هن کان اڳ مون لائبريريون نه ڏٺيون هيون. آمريڪا،
ڪئناڊا، جپان، چين ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي لائبريريون ڏٺيون هوندم. هڪ دفعو
ته سڄو هفتو هالينڊ جي شهر راٽرڊم ۾ اتي جي لائبريري ۾ ويندو رهيس. سوئيڊن جي شهر
مالمو جي ميونسپل لائبريري به تمام وڏي آهي ۽ مالمو ۾ ٻه سال رهڻ دوران اتي ويندو
رهيس، پر اتي ڇا هو جو فقط هڪ زبان انگريزي
جا ڪتاب هئا. ٻي زبان سوئيڊش، ڊچ يا جرمن جا هئا. جيڪي اسان لاءِ بيڪار هئا، جو اسان انهن زبانن کان اڻ واقف
آهيون. هتي جواهر لعل نهرو لائبريري ۾ نه فقط اسان کي سمجهه ۾ ايندڙن ٽن زبانن
(انگريزي، اردو، سنڌي) جا ڪتاب آهن، پر هر زبان ۾ تمام گهڻا ڪتاب آهن.
اردو سيڪشن ۾ پنهنجي دلپسند ليکڪ مشتاق يوسفي جا ڪتاب ڏٺم، ته چراغ تلي کان وٺي خاڪم بدهن، آبِ
گم ۽ زرگزشت سڀ رکيا هئا. سنڌي سيڪشن ۾ ابراهيم جويو، تاج جويو، امر جليل، عثمان منگي، منصور ملڪ، آغا سليم جا مڪمل سيٽ ڏسي حيرت ٿي، ته سنڌيءَ ۾ چڱا ڪتاب ڇپيا آهن جيڪي
هن کان اڳ مون نه ڏٺا نه ٻڌا هئا.
هن لائبريري جي انچارج ڊاڪٽر مئڊم راج
هنس جيڪا لائبريري سائنس ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ به آهي، تنهن
ٻڌايو ته ممبئي يونيورسٽي 1857ع
۾ فورٽ واري علائقي ۾ قائم ٿي. ڇهه ست سالن کان پوءِ ممبئي جي هڪ مشهور گجراتي سيٺ
پريمچند راءِ چند جيڪو ”ڪاٽن ڪنگ“ يعني ڪپهه جو راجا ۽ سون جو شهنشاهه سڏبو هو، تنهن يونيورسٽي وارن کي هڪ لائبريري
قائم ڪرڻ لاءِ ٻه لک رپيا ڏنا. ان وقت جي اها رقم اڄ پنجن ڪروڙ رپين برابر سمجهي
وڃي ٿي. ٻن مهينن بعد هن ساڳي سيٺ يونيورسٽي وارن کي ٻه لک رپيا ٻيا به ڏنا ته هن
جي ماءُ راجا ٻائيءَ جي ياد ۾ هڪ گهنٽا گهر (Clock Tower) به
ٺاهيو وڃي.
لائبريري ۽ ڪلاڪ ٽاور جو بنياد پهرين
مارچ 1869ع تي رکيو ويو ۽ نومبر 1878ع ۾ ٻئي شيون ٺهي تيار ٿيون. هي ٽاور 26 چورس
فٽن جي صندل (Porch) مٿان ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي اوچائي
280 فٽ آهي. ان وقت هي ٽاور ممبئي جو اتاهون ٽاور هو. اڄ به اوسي پاسي کان
هر لنگهندڙ جو ڌيان ڇڪائي ٿو. لائبريري جي شروعات ڪرڻ لاءِ منجهس ايسٽ انڊيا ڪمپني
جا سرڪاري ڪتاب ۽ ڊاڪٽر جان ولسن جي خريد ڪيل لائبريري جا سفر ناما ۽ مذهبي ڪتاب
رکيا ويا. هر مهيني پريمچند 400 رپيا ڪتابن جي خريداري ۽ ٻئي خرچ پکي لاءِ ڏيندو
هو.
پريمچند گجرات جي شهر سورت جي هڪ
سوداگر راءِ چند ديپچند جو پٽ هو ۽ 1831ع ۾ ڄائو. پاڻ اڃا ننڍو ئي هو ته سندس پيءُ
سورت ڇڏي فئملي سان گڏ ممبئي اچي رهيو، جتي پنهنجي پٽ پريمچند کي پڙهايائين. اهو
رڪارڊ تي آهي ته پريمچند پهريون ديسي دلال/ ڀلاوڻو (Broker) هو
جنهن انگريزي ڳالهائي، پڙهي ۽ لکي ٿي. هي ”بامبي اسٽاڪ ايڪسچينج“ جي سرپرستن مان
هڪ ٿي گذريو آهي. اڄ ڪلهه ڪراچي جو هڪ سيٺ عقيل ڊيڊي، جيڪو سعودي قونصل وٽ رهي ٿو،
رمضان ۽ عيدون وڏي جوش خروش سان ملهائي ٿو. رمضان جو سڄو مهينو سندس گهر جي ٻاهران
ميل کن ڊگهي قطار ۾ ويٺل ماڻهن کي افطاري ڪرائي ويندي آهي. قرباني جي عيد تي ٻه
هفتا کن اڳ پنجاهه کن آسٽريليا جي ڀلن نسلن جون ڍڳيون ۽ ڍڳا اچي ويندا آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ڪٽڪ اچي گڏ
ٿيندا آهن ۽ عيد واري ڏينهن انهن جو گوشت حاصل ڪرڻ لاءِ ميل ڏيڍ جي ڊگهي قطار
هوندي آهي ۽ هر هڪ جي زبان تي هن سيٺ جي اميرپڻي ۽ سخيپڻي جو ذڪر هوندو آهي، جيڪو
گهر جي هر ڀاتيءَ نالي ڏهين هزار واري ٻڪري قربان ڪرڻ بدران ڏهين لکين
جو آسٽريلوي ڍڳو قربان ڪندو آهي. بهرحال پريمچند راءِ چند به اوڻويهين صدي جو عقيل
ڊيڊي هو جنهن جي مئزگائون واري محل کي هر جشن ۽ خوشيءَ جي موقعي تي ڏيئن سان
جرڪايو ويو ٿي ۽ خير خيرات حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا لشڪر اچي گڏ ٿيندا هئا. چون ٿا
ته پريمچند جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو به وقت آيو جو غلط صلاحن ۽ فيصلن ڪري هن جن ڌنڌن
۾ پئسو لڳايو ان ۾ کيس ايڏو ته نقصان ٿيو جو هڪ ٽڪو به نه بچيس پر پوءِ وري آهستي
آهستي ڀاڳ اهڙو پلٽو کاڌس، جو
اڳئين کان اڳرو ٿي ويو. ايتريقدر جو هن شخص لاءِ دنيا ۾ مشهور آهي ته هن اسٽاڪ
مارڪيٽ جي سَٽن ۾ هڪ دفعي ساڍا يارهن ڪروڙ رپيا لڳايا جيڪي اڄ جي پاڪستاني رپئي
موجب 20 ارب رپيا ٿيا. ان جيڪو هڪ وقت ۾ سودو (Single Pay-in) ڪيو، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن نه ڪيو آهي.
چون ٿا ته پريمچند راءِ چند جي ماتا
”راجا ٻائي“ جنهن جي نالي هن ممبئي يونيورسٽي ۾ ”راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور“ ٺهرايو، نابين هئي. سندس جين ڌرم سان
واسطو هو، جنهن موجب هن کي رات جي ماني (ڊنر)
شام جو سج لهڻ کان اڳ کائڻي پوندي هئي. راجا ٻائي گهنٽا گهر ۾ شام جا وڄندڙ گهنڊ
ٻڌي، وقت جي ڄاڻ حاصل ڪئي ٿي ۽ ان ڪم لاءِ هن کي ڪنهن کان پڇڻو نٿي پيو. هي ٽاور مشهور انگريزي
آرڪيٽيڪٽ سر جارج گلبرٽ اسڪاٽ ڊيزائين ڪيو. هن گهنٽا گهر جي طرز لنڊن جي ”بِگ بين“
ڪلاڪ ٽاور سان ڪافي ملي ٿي.
انگريزن جي ڏينهن ۾ هن گهنٽا گهر مان
مختلف ساز (Chimes) وڄايا ويا ٿي جهڙوڪ Rule Britannia گاڊ سَيو دي ڪنگ، هوم! سوئيٽ هوم،
وغيره. هاڻ پندرنهن پندرنهن منٽن بعد هڪڙو ئي ساز وڄي ٿو. شروع
شروع ۾ هر هڪ کي مٿي تائين وڃڻ جي اجازت هئي، جيئن دهليءَ ۾ قطب مينار جي چوٽيءَ
تائين ماڻهو هليا ويا ٿي، پر
پوءِ جيئن ئي ماڻهن مٿي پهچي خودڪشي ڪرڻ شروع ڪئي ته بندش پئجي وئي.
هتي اهو به لکندو هلان ته لنڊن جي
ويسٽ منسٽر محل جي اتراهين پاسي لڳل هي
گهنٽا گهر (جيڪو اڄڪلهه نظر اچي ٿو) راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور کان 20 سال جهونو آهي، جنهن جي هينئر 150 هين سالگرهه ملهائي
وئي. دراصل اصلوڪو بگ بين جنهن جي جاءِ تي هي اڄ وارو ٽاور ٺاهيو ويو آهي، 1288 ۾
ٺهيو. اهو پراڻو وارو بگ بين 15 آڪٽوبر
1834ع واري باهه ۾ تباهه ٿي ويو هو.
بهرحال پاڻ ممبئي يونيورسٽي جي لائبريري
جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا
فورٽ واري ڪئمپس ۾ راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور سان گڏ، ان وقت جي گجراتي سيٺ پريمچند
ٺهرائي. جڳهه جي سوڙهه ڪري هن يونيورسٽي جو نئون ڪئمپس 1968ع وديا نگري (ڪالينا) ۾
ٺهرايو ويو ۽ 1971ع ۾ لائبريريءَ جي هيءَ نئين عمارت ٺهرائي وئي، جيڪا جواهر لعل نهرو لائبريري جي نالي
سان سڏجي ٿي، جنهن ۾ اڄ 8 لک کن ڪتاب، رسالا ۽ قلمي نسخا رکيل آهن ۽ جن مان هتي جا
شاگرد، ماستر، اسڪالر ۽ اسان جهڙا ڌاريان فيض حاصل ڪن ٿا.
هتي اهو به لکندو هلان ته ممبئي
يونيورسٽي جي هن لائبريري ۾ نه فقط معياري ڪتاب
آهن، پر پڙهندڙن جي مدد ۽ رهنمائيءَ لاءِ
تمام قابل اسٽاف رکيل آهي. خاص ڪري گرائونڊ فلور تي انچارج مئڊم چادران (Ms Chadaran) ۽
ميزنين فلور تي ڊيوٽي ڏيندڙ مئڊم پنٽو (Ms Pinto) جو ٿورائتو آهيان، جن وقت جي کوٽ سبب، گهربل ڪتاب جلدي هٿ ڪري
ڏيڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ٿي.
No comments:
Post a Comment