Friday, October 14, 2011

جسلوڪ اسپتال ۽ لتا منگيشڪر - الطاف شيخ


جسلوڪ اسپتال ۽ لتا منگيشڪر
 الطاف شيخ
انگريزن جي دور جو ٺهرايل هي ممبئي جوPedder  روڊ، اڄ ڪلهه جنهن سماج سڌارڪ گوپال راءِ ديشمک نالي ڪيو ويو آهي، اهو انڊين ميڊيڪل ائسوسيئيشن جو پهريون صدر ٿي گذريو آهي. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد گوپال راءِ ديشمک ممبئي جو پهريون ميئر بڻيو. پاڻ هن پيڊر روڊ تي ئي رهيو ٿي. مون کي هن روڊ جي ٺهيل جسلوڪ اسپتال ۾ وڃڻو هو. منهنجي ممبئي جي ميزبان جئه موتياڻي صاحب مون کي ٻڌايو ته واسواڻي ٽرسٽ وارن سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ مان سنڌ گرئجوئيشن ”سگا“ جي سهڪار سان ڪجهه ٻار گهرايا آهن، جن کي دل جي تڪليف آهي، جن جو جيئن ته اتي علاج ممڪن نه آهي، ان ڪري انهن جي آپريشن لاءِ پوني جي ساڌو واسواڻي مشن وارن هن اسپتال ۾ بندوبست ڪيو آهي.
 
جسلوڪ اسپتال ممبئي جي هڪ تمام ناليواري ۽ ماڊرن اسپتال آهي، جيڪا ستر واري ڏهي جي شروعات ۾ سيٺ لوڪومل چنرائي نالي هڪ مخير(Philanthropist)  پنهنجي خرچ تي اڏرائي. اسپتال جو هي نالو Jaslork سيٺ لوڪومل ۽ سندس زال شريمتي جسوتي ٻائي جي شروع وارن اکرن کي ملائي رکيو ويو آهي. اڳئين دفعي انڊيا جي دهلي، امرتسر، احمد آباد، بڙودا ۽ ٻين شهرن ۾ آيس ۽ هن ڀيري پوني ۽ ممبئي ۾ رهڻ دوران هڪ ڳالهه ڏسان پيو، ته انڊيا ۾ سرڪاري اسپتالون ۽ اسڪول ته صحيح ڪم پيا ڪن پر پرائيويٽ به ڪيترائي آهن، جيڪي اسان جي ملڪ جي وڏن شهرن جي اسپتالن ۽ اسڪولن جهڙا ناڻي ڪمائڻ جون مشينون نه آهن. انڊيا ۾ ڪيترائي اسان جي عمران خان جهڙا مخير حضرات آهن، جن پنهنجو پئسو خرچ ڪري غريبن لاءِ اسڪول ۽ اسپتالون کوليون آهن، جن کي اسان وارن ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ڊاڪٽر صالح ميمڻ جهڙا نيڪ ماڻهو ايمانداري سان هلائين ٿا. ڪيترا اسڪول ۽ اسپتالون ته بيحد غريب ۽ هيٺين درجي جون نوڪريون ڪرڻ وارن جي علائقن ۾ آهن ۽ هڪ ڀنگي، ڏهاڙيءَ تي پورهيت، ريل تي ڪم ڪندڙ قلي ۽ ڪنهن بيواهه مسڪين عورت جا ٻار به پرائمري ليول کان اعليٰ درجي جي انگريزي تعليم حاصل ڪري، پنهنجي ملڪ ۽ ولايت ۾ بهترين نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري سگهن ٿا.
زڪوات، خيرات، صدقو، خمس اسان مسلمانن لاءِ ضروري آهن. جيئن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي، پر هيڏانهن انڊيا ۾ ڏسان پيو، ته صحيح معنيٰ ۾ اهو ڪم پارسي، عيسائي، سنڌي هندو، گجراتي، مرهٺا ۽ سک ڪري رهيا آهن. جسلوڪ اسپتال ٺهرائڻ واري سيٺ لوڪو مل لاءِ چيو وڃي ٿو ته نه فقط پاڻ پر سندس ٻيا مائٽ مِٽ به جن جو ڪيترن ئي ڌارين ملڪن ۾ بزنيس آهي، انڊيا ۾ خير جي ڪمن لاءِ وڏو پئسو لڳائين ٿا ۽ انسان ذات جي خدمت ڪن ٿا. مون کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته ڪيتريون ئي بيماريون جن جو علاج پاڪستان ۾ ممڪن ناهي، هتي ٿيو وڃي. ڪجهه اهڙا پاڪستاني به نظر آيا جن ٻڌايو ته هو پنهنجن مائٽن کي ممبئي يا مدراس (چنائي) علاج ۽ آپريشن لاءِ ان ڪري وٺي آيا آهن، جو انڊيا ۾ وڌيڪ سهولت ۽ سستائي آهي. سيٺ لوڪو مل جي هيءَ جسلوڪ اسپتال، جيڪا ڊاڪٽر ديشمک مارگ (پيڊر روڊ) تي آهي، هڪ مڪمل Multi-Specialist اسپتال سڏي وڃي ٿي، جنهن ۾ 364 بسترا آهن، جن مان 75 آءِ سي يو بيڊس آهن. منجهس 264 ڪنسلٽنٽ ڪم ڪن ٿا، جن مان 140 فل ٽرينڊ ريزيڊنٽ ڊاڪٽر آهن. اسپتال کي پنهنجو نرسنگ ڪاليج به آهي.
جسلوڪ اسپتال ڏيکاريندي هن اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته، ننڍي کنڊ جي مشهور سنگر لتا منگيشڪر ۽ آشا ڀوسلي جو گهر به هتي هن پيڊر روڊ تي ئي آهي ۽ هو پڻ ڪڏهن ڪڏهن تپاس لاءِ هتي اچن ٿيون.
”يار هاڻ ٿو ڳالهه ڪرين جڏهن آئون ممبئي ڇڏڻ جي تيارين ۾ آهيان،“ مون کيس کلندي چيو، ”پهرين ڏينهن ٻڌائين ها ته آئون توکي ضرور منٿ ميڙ ڪريان ها ته مون کي انهن مان ڪنهن هڪ سان ملاءِ يا گهٽ ۾ گهٽ انهن جي گهر جو دروازو ئي ڏيکار.“
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته سال 2000ع ۾ لتا منگيشڪر ۽ ساڻس گڏ رهندڙ ڀيڻ آشا ڀوسلي هتان لڏي ٿي ويون.
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
”انهن ڏينهن ۾ پيڊر روڊ تي هيءَ فلاءِ اوور (پل) ٺهي رهي هئي، جنهن جي خلاف هن روڊ تي رهندڙ ماڻهن سان گڏ لتا به مظاهرو ڪيو هو ته ان جي ٺهڻ سان گوڙ ۽ آلودگي وڌندي.“
انڊيا ۾ اها به ڳالهه عام آهي ته ڪيترائي امير ائڪٽر، رانديگر، ڳائڻا ۽ آرٽسٽ جوانيءَ ۾ ڪمايل پئسو جوا، شراب ۽ عيش عشرت ۾  وڃائي پوءِ پيريءَ ۾ کٽل سرڪاري ادارن اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو خير خيرات جي ڪمن ۾ لڳائين ٿا. خاص ڪري اسڪول، اسپتالون، ڌرم شالائون ۽ پارڪ ٺهرائين ٿا،جتي سندن ملڪ جا ڏکويل ۽ غريب انسان سک ۽ خوشي حاصل ڪري سگهن. ممبئي اچڻ کان اڳ پوني ۾ هوس اتي به هڪ اهڙي خيراتي اسپتال گهمڻ جو موقعو مليو، جنهن جو نالو ”ماسٽر ديناناٿ“ هاسپيٽل آهي. هيءَ اسپتال لتا منگيشڪر پنهنجي پيءُ ديناناٿ منگيشڪر جي ياد ۾ سن 2001ع ۾ ٺهرائي، جيئن غريب ٻارن ۽ بي سهارا عورتن جو مفت ۾ علاج ٿي سگهي.
منهنجي خيال ۾ لتا منگيشڪر اها ڳائڻي آهي، جنهن جا گانا مون ٻئي ڪلاس کان وٺي ٻڌڻ شروع ڪيا ته هيءَ اچي عمر ٿي آهي، گهر ۾، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو، مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ ۽ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سوئيڊن) جي هاسٽلن ۾، جهازن تي، دنيا جي مختلف بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي لتامنگيشڪر کي گذريل سٺ سالن کان ٻڌندو اچان. هن 1942ع کان، جڏهن هوءَ تيرهن ورهن جي هئي ته باقاعدگيءَ سان ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سندس ٽيهه هزار کان مٿي گانا آهن ۽ ويهن کان مٿي زبانن ۾ ڳايو اٿس. 1974ع ۾ سندس نالو Guinness Book ۾ آيو هو ته هن دنيا ۾ سڀ کان گهڻا گانا رڪارڊ ڪيا آهن. آشا ڀوسلي جيڪا پڻ سندن مقابلي جي سنگر آهي، سندس ننڍي ڀيڻ آهي. ان کان علاوه سندس ڀاءُ هِري ديناناٿ ۽ ٻيون ڀينرون اوشا منگيشڪر ۽ مينا منگيشڪر به ڪيترين ئي فلمن ۾ گانا رڪارڊ ڪرايا آهن.
لتا منگيشڪر جو مهاراشٽرا صوبي سان واسطو آهي، جنهن جا مشهور شهر ممبئي، پوني، سولاپور، لاتور، سنڌو درگ، ناگپور، جلگائون، احمد نگر وغيره آهن. سندس مادري زبان مراٺي آهي. پاڻ 1929ع ۾ ڄائي. سندس پيءُ پنڊت ديناناٿ منگيشڪر هڪ ڪلاسيڪل ڳائڻو ۽ ٿيئيٽر جو ائڪٽر هو، جنهن وٽ لتا شروع جا سال سبق ورتو. لتا وارن جي ذات جيتوڻيڪ هارديڪر هئي، پر لتا جي پيءُ پاڻ کي پنهنجي ڳوٺ منگيشي جي نالي سڏائڻ شروع ڪيو. هي ڳوٺ گوا ۾ آهي.
اسڪول جي تعليم بابت لتا لاءِ مشهور آهي ته هوءَ فقط هڪ ڏينهن وئي. پهرين ڏينهن ئي هن ٻين ڇوڪرين کي ڳائڻ سيکارڻ شروع ڪيو جنهن تي مس دڙڪا ڏنس ته ٻئي ڏينهن کان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنائين. ڪن جو چوڻ آهي ته هوءَ پنهنجي ننڍي ڀيڻ آشا ڀوسلي کي به اسڪول وٺي وئي، جنهن کي مس ڪلاس ۾ ويهڻ نه ڏنو ان ڪري هن اسڪول ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو.
لتا منگيشڪر پهرين مرهٺي فلمن لاءِ مرهٺي (مراٺي) گانا ڳايا ان بعد هندي/ اردو فلمن لاءِ ڳائڻ شروع ڪيا. سندس پهرين مرهٺي فلم 1942ع جي ”ڪيتي ساحل“ آهي ۽ هندي فلم 1946ع جي ”آپ کي سيوا مين“ آهي. انهن ڏينهن ۾ ٽاپ جون ڳائڻيون هيون نورجهان (جيڪا پوءِ پاڪستان آئي)، شمشاد بيگم ۽ زهره ٻائي انبالا والي. لتا جي مشهوري 1949ع ۾ محل فلم جي گاني ”آئيگا آني والا“ کان پوءِ ٿي، سندس ڪن فلمن جا گانا اڄ به ٽاپ جا سمجهيا وڃن ٿا. جهڙوڪ بيجو باورا، (1952ع)، مغل اعظم (1960ع)، ڪوه نور (1960ع)، آگ، آه (1953ع)، شري 420 (1955ع)، چوري چوري (1956ع) وغيره. لتا جا ڪجهه گانا مون ممباسا، سنگاپور، ڪوالالمپور، بيروت، ڪولمبو ۽ قاهره جي هوٽلن ۾ اتي جي مڪاني ماڻهن کي شوق سان ٻڌندي ڏٺا. جيتوڻيڪ کين گاني جي معنيٰ به ڪا پوري ساري آئي ٿي. اهي ئي گانا اسان جي جهازن جي ريڪريشن روم ۾ به وڄندا رهيا ٿي، جهڙوڪ:
·  نينا برسي رم جهم.... (وه ڪون تهي).
·  عجيب داستان هي يه.... (دل اپنا اور پريت پرائي).
·  انهي لوگون ني.... (پاڪيزه)
·  رنگيلا ري... (پريم پجاري)
·  کلتي هين گل يهان... (شرميلي).
مون سندس پهريون ڪنسرٽ لنڊن جي ”ميرا ٻائي رايل البرٽ هال“ ۾ ڊاڪٽر جمالي، شوڪت جماڻي ۽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم سان گڏ 1974ع ۾ ڏٺو هو، جڏهن اسان جو جهاز لنڊن جي ٽلبري ڊاڪس ۾ بيٺل هو.
سال 2001ع ۾ لتا کي انڊيا جو اعليٰ سويلين ايوارڊ ڀارت رتنا مليو. لتا جي نالي تي هڪ فرينچ عطرLata Eau De Perfum  پڻ آهي. 1999ع ۾ لتا هندستان جي قومي اسيمبلي ”راج سڀا“ جي ميمبر چونڊي وئي، پر هن راج سڀا جي ڪابه سيشن باقاعدگي سان اٽينڊ نه ڪئي.
سال 2005ع ۾ لتا جوئيلري ڊيزائين ڪئي جنهن جو نالو ”سوارنجلي“ رکيو ويو. ڪرسٽي واري نيلام ۾ هن جوئيلري جي پنجن ڳهن جا کيس هڪ لک پائونڊ مليا، جنهن جو ڪجهه حصو هن پاڪستان واري (2005ع واري) زلزلي جي ستايلن جي مدد لاءِ موڪليو.

No comments:

Post a Comment