ممبئي جي يهودي فئملي: ساسون
الطاف شيخ
ڪيترا اهڙا ملڪ آهن، جن ۾ ننڍن توڙي
وڏن کي مطالعي جو نه شوق آهي ۽ نه عادت. ملائيشيا به اهڙن ملڪن مان هڪ آهي، بلڪ
هو. 1970ع ۽ 80ع واري ڏهي تائين ته سکر ۽ خيرپور جيڏي وڏي شهر ملاڪا ۾ نون ۽ پراڻن
ڪتابن جو دڪان ئي هڪڙو هو، جيڪو هندو گجراتيءَ 1970ع ۾ کوليو هو. آئون هميشھ
پنهنجن ملئي دوستن کي چوندو هوس ته پنهنجن ننڍن ٻارن کي ڪو ڪهاڻين جو ڪتاب وٺي ڏيو
ته ننڍي هوندي کان مطالعي جي عادت پوين. پنهنجي نيوي جي اڪيڊمي جي ڪئڊٽن کي ته
سختي سان ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندو هوس جو مطالعو اهڙي شيءِ آهي، جو سمنڊ تي ڊگهن سفرن
۾ اڪيلو بور ٿيڻ کان بچائي ٿو. منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي سياڻي حڪومت پڻ جلد ئي
ٻين ڳالهين سان گڏ ان ڳالهه تي 1990ع واري ڏهي جي شروع کان اهڙو ته زور ڏنو، جو اڄ
ڪلهه ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي لائبريريون ۽ بڪ شاپ نظر اچن ٿا. پر تڏهن به پڙهڻ جي
اڃايل لاءِ جيڪو سُک ممبئي، ڪلڪتي، لاهور، لنڊن، نيويارڪ، واشنگٽن ۽ دهلي جهڙن
شهرن ۾ آهي، اهو ڪوالالمپور، سنگاپور ۽ بئنڪاڪ جهڙن شهرن ۾ ڪٿي!
انگريزن کي لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتابن ۽ قلمي
نسخن جي حفاظت ڪرڻ جي عادت آهي. هو جتي جتي رهيا اتي جيمخانن، مئخانن ۽ ڪرڪيٽ جي
ميدانن سان گڏ هنن لائبريريون پڻ ٺاهيون ۽ ٻين ٺهرائڻ وارن جي به همٿ افزائي ڪئي.
ممبئي ته سندن ڳڙهه هو سو اتي ڀلا تعليمي ادارن ۽ لائبريرين جي کوٽ ڪيئن ٿي سگهي
ٿي. هتي جا رهاڪو هندو، پارسي، عيسائي، يهودي وغيره پڻ ڪتابن جا شوقين هئا ۽ ممبئي
جهڙن شهرن ۾ نه فقط انگريزن پر مڪاني ماڻهن به لائبريريون قائم ڪيون.
ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي خفن ۽ دوستن يارن
کان ڀڄي ملائيشيا جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ مهينن جا مهينا وڃي رهان ٿو، جيئن يڪ ٽڪ
ٿي لکڻ پڙهڻ جهڙو شوق پورو ڪري سگهان. ملائيشيا ۾ لکڻ پڙهڻ جو ٻيو سڀ سُک هوندي
اهو مشڪل ضرور آهي، ته جڏهن ريفرنس لاءِ ڪنهن ڪتاب جي ضرورت پوي ٿي ته اهو نٿو
ملي. ان خيال کان ممبئي ليکڪن لاءِ جنت آهي، جتي لائبريريون ئي لائبريريون آهن.
جتي مون جهڙي سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن جي واقفڪار لاءِ هر قسم جو ڪتاب موجود
آهي... پير علي محمد راشدي، لوڪرام ڏوڏيجا، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ کان پطرس
بخاري، جاويد چوڌري ۽ ڪرشن چندر جي ڪتابن تائين، سمر سيٽ ماهم، سولز نٽسن ۽
هيمنگوي کان ٽالسٽاءِ، ڪافڪا، مشيما ۽ پرلمس بَڪِ تائين جا ڪتاب لائبريرين، دڪانن
۽ سيڪنڊ هئنڊ مارڪيٽن مان مليو وڃن. ممبئي ۾ جڏهن ڪو واقفڪار چوي ٿو ته؛ سائين هڪ
دفعو وري ممبئي اچجو، ته بالي ووڊ جا فلم اسٽوڊيو، سامونڊي ڪنارا (Beaches) يا
فلاڻي فلاڻي ماڻهوءَ سان توهان کي ملايون ته منهنجي دل ۾ اها ئي خواهش پيدا ٿيندي
آهي ته ممبئي هڪ دفعو وري اچان ۽ هفتي ڏيڍ لاءِ نه پر مهيني ٻن لاءِ. پوءِ اهو
سمورو وقت فقط ممبئي جي لائبريرين ۾ ويندو رهان ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪمري ۾ بند رکي
لکندو رهان. ڇو جو ممبئي جي لائبريرين مون کي بيحد متاثر ڪيو آهي ۽ ڪن لائبريرين
جون عمارتون، خاص ڪري ڊئوڊ ساسون لائبريري جي
ته اهڙي آڳاٽي ۽ خوبصورت آرٽ ورڪ جي آهي، جو هڪ اڻ پڙهيل جاهل به هن لائبريري وٽ
پهچي ٻيو نه ته عمارت کي غور سان ڏسي ٿو ۽ ان اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائي ٿو. جيڪي
ڪجهه وقت مون کي ملي سگهيو اهو مون ممبئي يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ”جواهر لعل نهرو لائبريري“ ۾ گذاريو يا وري ڊئوڊ ساسون لائبريري ۾ جيڪا ڏکڻ ممبئي جي فورٽ واري
علائقي ۾ ايڪسيلسر سئنيما جي ڀرسان مهاتما گانڌي روڊ تي آهي. توهان جو ممبئي ۾ کڻي
ٻه ڏينهن اچڻ ٿئي، پر مون کي پڪ آهي ته توهان جو هن علائقي مان ضرور گذر ٿيندو. هي
علائقو ”ڪالا گهوڙا“ به سڏجي ٿو ۽ ممبئي
يونيورسٽي جي راج ٻائي گهنٽا گهر وانگر هن لائبريري (ڊئوڊ ساسون لائبريري) جي
ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جهڙي عمارت توهان جو ڌيان ضرور ڇڪائيندي. هتي ڪجهه سٽون
هن لائبريري ۽ لائبريري جي فائونڊر بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
ڊئوڊ ساسون لائبريري ممبئي جي هڪ
آڳاٽي لائبريري آهي، جيڪا شروع ته 1847ع کان ٿي پر سندس هيءَ اڄ واري خوبصورت
عمارت ٺهڻ جو ڪم 1863ع کان ٿيو، جنهن لاءِ 000،60 رپيا ممبئي جي يهودي بئنڪر ۽
مخيرPhilanthropist
ڊئوڊ
ساسون ڏنا ۽ باقي رقم 65000 انگريز راڄ جي حڪومت بامبي پريزيڊنسيءَ ادا ڪيا. هيءَ
بلڊنگ 1870ع ۾ ٺهي راس ٿي، جنهن جا آرڪيٽيڪٽ جي. ڪئمپبيل ۽ جِي. اِي. گوسلنگ وارا
هئا، جن ممبئي ۽ لنڊن جون ڪيتريون ئي مشهور عمارتون ڊيزائين ڪيون آهن. پڙهندڙن کي
حيرت ٿيندي، ته هن لائبريري جي ٺهرائڻ ۾ شهر جي عالمن، پڙهيل ڳڙهيلن ۽ پروفيسرن جو
نه پر ڊاڪيارڊ جي مسترين ۽ مڪينڪن جو هٿ هو، جن جي شوق کي ڊئوڊ ساسون عملي جامو
پهرايو. اهو ٻڌي مون کي سوئيڊن جا ڏينهن ياد آيا، جڏهن آئون اتي جي ڏاکڻي شهر
مالمو جي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس. درياهه جي ٻئي پار ڪوپن هيگن آهي، جتي اڄ به
مالمو جا پاڪستاني توڙي انڊين رهاڪو خريداري لاءِ وڃن ٿا، جو سوئيڊن کان ڊئنمارڪ
سستو آهي ۽ ڊئنمارڪ جي هن شهر ڪوپن هيگن ۾ اسان جي تَر جي ملڪن جا ڪيترا ئي غريب
مزدور ۽ پورهيت هوٽلن ۽ ڪارخانن ۾ نوڪري ڪن ٿا.
هڪ ڏينهن ڪوپن هيگن جي جامع مسجد ۾
مون سان چار پنج پنجاب پاسي جا پورهيت مليا جن ڀر واري ريسٽورنٽ ۾ ٿانو ڌوئڻ ۽ گرم
تيل ۾ ڪڪڙيون ترڻ جو ڪم ڪيو ٿي.
“اسان کي توهان ٽن چئن غريب پر هوشيار
شاگردن جي ڳولا ۾ مدد ڪريو، اسان هنن کي هر مهيني پڙهائيءَ جو خرچ ڏيڻ چاهيون ٿا.”
هنن چيو.
مون کي هنن جون ڳالهيون ٻڌي بيحد خوشي
ٿي ۽ حيرت ٿي؛ ”سائين اسان ته غربت ڪري پڙهي نه سگهياسين ۽ اڄ اسان وطن کان ڏور
سخت سرديءَ ۾ پورهيو ڪري رهيا آهيون.“ هنن ٻڌايو؛ ”پر اسان سوچيو آهي ته پنهنجي
ڪمائيءَ مان ڪجهه بچائي پنهنجي وطن جي ڪجهه غريب ٻارن جو مستقبل ٺاهيون جيئن هو
سڀاڻي ٻئي جي در تي ڌڪا کائڻ کان بچي وڃن.“
بهرحال ڊئوڊ ساسون لائبريري جيڪا چند
ڪتابن سان شروع ڪئي وئي، اڄ ناياب انگريزي ۽ علائقائي زبانن جي ڪتابن کان دنيا ۾
مشهور آهي. 2006ع ۾ دنيا جي ڪلاسيڪل لائبريرين جي سروي ۾ ممبئي جي هيءَ لائبريري
47 نمبر تي آئي. هن لائبريري ۾ پراڻي ۾ پراڻا ڪتاب 1798ع جا آهن. ڊئوڊ ساسون
لائبريري نه فقط مطالعي جي شوقينن لاءِ ڪشش جو مرڪز آهي پر دنيا کان ايندر ٽوئرسٽن
۽ عمارتسازيءَ جي شوقينن لاءِ پڻ.
هتي ڪجهه احوال ممبئي جي هن امير
بئنڪر ۽ سوداگر ڊئوڊ ساسون جو لکڻ ضروري
سمجهان ٿو، جنهن جي نالي پوني جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان هڪ اهم روڊ ۽ اسپتال پڻ آهي.
ڊئوڊ ساسون 1792ع ۾ بغداد شهر ۾،
بغداد جي هڪ امير واپاري ۽ بغداد جي گورنر جي خزانچي صالح ساسون جي گهر ۾ ڄائو.
صالح ساسون بغداد شهر جي يهودي ڪميونٽي جو ليڊر به هو. هيبرو زبان ۾ تعليم حاصل
ڪرڻ بعد هن 1818ع ۾ حنا نالي يهودي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه ٻار
ٿيا. ان بعد حنا جي وفات ٿي وئي ۽ ڊئوڊ، فرحا نالي هڪ ڇوڪريءَ سان، ٻي شادي ڪئي
جنهن مان کيس ڇهه پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ٿيون. 1830ع ڌاري بغداد جي گورنر دائود پاشا جي
يهودين خلاف وڌندڙ خونريزين ڪري ڊئوڊ ساسون بغداد ڇڏيو ۽ سال ڏيڍ ايران (پرشيا) ۾
رهڻ بعد 1832ع ڌاري بمبئي (ممبئي) ۾ اچي Settle ٿيو. ممبئي ۾ هن ٽيڪسٽائيل ۽ بندرگاهه
جي ڀر وارين زمينن جي خريداريءَ جو بزنيس ڪيو. ڊئوڊ پاڻ نه انگريزي پڙهيو هو نه
آخر تائين ڳالهائي سگهيو. هن مرڻ تائين پنهنجي پوشاڪ ۽ طور طريقا بغدادي يهودين
وارا رکيا، پر پنهنجي اولاد کي آزاد ڇڏيائين ته ڀلي انگريزن واريون عادتون ۽ ويس
وڳا اپنائين. ايتري قدر جو هن پنهنجي هڪڙي پٽ عبدالله جو به اهو نالو بدلائي البرٽ
رکيو ۽ کيس هميشھ لاءِ انگلينڊ رهڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. اڄ جيڪي به ساسون ذات جا
يهودي يورپ ۾ نظر اچن ٿا، انهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ڊئوڊ ساسون جو اولاد آهن.
ڊئوڊ ساسون بمبئي ۾ رهندڙ بغدادي،
توڙي بني اسرائيل ۽ ڪوچين وارن يهودين جو ليڊر ٿي رهيو. ممبئي جي فورٽ ۽ بائڪلا
وارن علائقن ۾ جيڪي يهودين جا معبد/ عبادت گهر (Synagogue) آهن، اهي هن شخص ڊئوڊ ٺهرايا ۽ هن جي
هر وقت اها ڪوشش هئي ته يهودي پنهنجي سڃاڻپ (identity) کي قائم رکن. ممبئي ۾ مٿي ذڪر ڪيل
لائبريريءَ کان علاوه هن اسڪول ۽ Mechanics
Institute پڻ
کوليو. پوني ۾ ڊئوڊ ساسون نالي اسپتال ۽ بيمارن جي لاءِ آرام گهر ٺهرايو. بمبئي جي
بندرگاهه جو هڪ حصو جيڪو ”ساسون ڊاڪس“ سڏجي ٿو اهو ڊئوڊ جي پٽ ٺهرايو. پاڻ 1864ع ۾
پوني ۾ وفات ڪيائين، جتي سندس مقبرو پڻ آهي.
ڊئوڊ ساسون جي وفات بعد سندس مال
ملڪيت جو مالڪ پهرين زال مان وڏو پٽ عبدالله ٿيو جنهن جو بعد ۾ انگريزي نالو البرٽ
رکيو ويو. مٿي بيان ڪيل ساسون ڊاڪس هن ٺهرايو. سر البرٽعبدالله ساسون ۽ سندس ٻيو ڀاءُ الياس ساسون بغداد ۾ ڄاوا، جن ڏينهن ۾ بغداد
(عراق) ۾ سلطنت عثمانيه (Ottoman
Empire) حڪومت
هئي. البرٽ عبدالله ۽ الياس انڊيا مان ئي تعليم حاصل ڪئي. الياس ڪجهه عرصو پنهنجي
پيءُ سان گڏ ممبئي ۾ ڪاروبار هلايو، پر پوءِ جيئن ئي هانگ ڪانگ انگريزن جي ور
چڙهيو ته هو 1844ع ۾ هانگ ڪانگ هليو ويو ۽ چين ۾ وڃي پنهنجو ڪاروبار پکيڙيائين. ڇهن
ستن سالن بعد، هو هانگ ڪانگ ڇڏي شنگهائيءَ ۾ وڃي رهيو. الياس 1880ع ۾ ڪولمبو (سري
لنڪا) ۾ وفات ڪئي.
هتي اهو به لکندو هلان ته شنگهائيءَ
جي مشهور Peace هوٽل
جيڪا ڪئٿي هوٽل جي نالي سان ٺهي هئي، اها الياس ساسون جي پوٽي ۽ ايڊورڊ ساسون جي
پٽ وڪٽر ساسون ٺهرائي. بهرحال يهودين جي هيءَ ساسون فئملي تمام وڏي بين الاقوامي
طور مشهور آهي ۽ هن جا ميمبر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ ”بغدادي يهودي“ سڏجن
ٿا. هنن جو مختلف واپارن ۽ خير جي ڪمن ۾ وڏو نالو آهي. برطانيا جي شهريت هجڻ جي
باوجود هو انڊيا جي شهرن ممبئي ۽ پوني سان ناتو نڀائيندا اچن. هنن جي فئملي طرفان
ٺهرايل لائبريري، اسپتالون، اسڪول، رستا ۽ ممبئي جو ساسون ڊاڪس ماڻهن جي دلين تي
هن يهودي فئملي ”ساسون“ جو نالو قائم رکندو.
No comments:
Post a Comment