Tuesday, October 18, 2011

ممبئي جو نانا چوڪ ۽ حاجي علي درگاهه - الطاف شيخ


ممبئي جو نانا چوڪ ۽ حاجي علي درگاهه
 الطاف شيخ
ممبئي ۾ رهڻ لاءِ مون وٽ ٻه آپشن موجود هئا. جن جو بندوبست ميزبانن جئه موتياڻي ۽ ممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ منهنجي اچڻ کان اڳ ڪيو هو. جئه موتياڻيءَ ٽاريڊو روڊ تي هوٽل روز-وڊ وارن سان ڳالهايو هو، جنهن لاءِ مون کي خبر پيئي ته هيءَ هڪ سنڌيءَ جي هوٽل آهي. مون کي لڳي ٿو ته دبئي ۾ رهندڙ بزنيس مئن مورج منگهناڻيءَ جي پٽ چندر جي آهي، جن جي جئه وارن سان به مائٽي آهي. هن هوٽل وارا جئه جي مهمانن لاءِ تمام گهڻو ڊسڪائونٽ ڏين ٿا. زور ڀرڻ تي جئه ٻڌايو ته ان هوٽل جي نارمل مسواڙ سنگل ڪمرو ساڍا ٽي هزار روپيه ۽ ڊيلڪس جيڪو ڊبل آهي ان جي ساڍا چار هزار روپيه آهي. پر هن کي 40 سيڪڙو گهٽ ڏيڻو پوي ٿو. بهرحال هيءَ هوٽل مسواڙ جي حساب سان نه رڳو بهتر آهي پر ممبئي جي بهترين هنڌ تي آهي. ڄڻ فاران هوٽل حيدرآباد ۾ يا جبيس هوٽل ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾ هجي.

پروفيسر مٽلاڻيءَ منهنجي رهائش جو بندوبست ممبئي جي سانٽا ڪروز علائقي ۾ ممبئي يونيورسٽي اندر انهن جي مهمانن لاءِ خاص گيسٽ هائوس ۾ ڪيو هو، جنهن کي مون شروع کان ئي ترجيح ڏني ٿي، جو ممبئي ۾ رهڻ دوران منهنجو اهم واسطو ممبئي يونيورسٽي سان هو، جتي مون کي ليڪچر ڏيڻا هئا. منهنجي ملائيشيا، جپان، سنگاپور يا ٻين هنڌن تي به اها ڪوشش رهي آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي پروفيسرن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن کي به اها ئي صلاح ڏيندس، ته ڪوشش ڪري ان اداري جي ويجهو رهن، جتي هنن کي ليڪچر ڏيڻو آهي، ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻو آهي يا ڪا ڊيوٽي ڏيڻي آهي، جيئن اسان کي جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ يا ريپيئر لاءِ مختلف بندرگاهن ۾ وڃڻو پوي ٿو. اهو ان ڪري ته جيئن صبح جو مقرر وقت تي پهچي سگهجي ۽ ڌارئين ملڪ جي ماڻهن کي اها شڪايت نه رهي ته پاڪستاني وقت جا پابند نه آهن. گهمڻ لاءِ وچ شهر (صدر) ۾ پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي وئي ته اهڙي ڪا نقصان جهڙي ڳالهه نه آهي. اهو ئي سوچي مون ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس WRIC ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو جيئن ئي پوليس رپورٽنگ کان واندو ٿيس ته ٽئڪسي ۾ بئگ رکي، ڊرائيور کي سانٽا ڪروز هلڻ لاءِ چيم، جتي ٻلديو مٽلاڻي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪو ممبئي گهمڻ لاءِ وڃي ٿو ته هن لاءِ واقعي Rosewood هوٽل يا ٽاريڊو علائقي جي ٻي ڪا هوٽل، جي هن جي بجيٽ اندر آهي ته، سڀ ۾ بهتر آهي جو هي ممبئي جو هڪ خوبصورت علائقو آهي. ٽاريڊو (Taredo) ممبئي جي سينٽرل اسٽيشن کان ڪو هڪ ڪلوميٽر ٿيندو. ممبئي جي وڏي اسٽيشن (CST) ڇتراپتيشيواجي ٽرمينس 5 ڪلوميٽرن تي آهي. ڇتراپتي شيواجي ٽرمينس CST ريلوي اسٽيشن، اڄ به پراڻي نالي ”وي ٽي“ يعني وڪٽوريا ٽرمينس سان ياد ڪئي وڃي ٿي. هيءَ ريلوي اسٽيشن جيڪا گوٿڪ عمارتسازيءَ جو نمونو آهي ۽ ٻاهران انگلينڊ يا هيلسنڪي (فنلئنڊ) جو ڪو ڪئٿيڊرل (گرجا گهر) لڳي ٿي، ڏسڻ وٽان آهي. جن لنڊن ڏٺو آهي، انهن لاءِ لکندو هلان ته ممبئيءَ جي هيءَ ريلوي اسٽيشن لنڊن جي سينٽ پانڪراس (St. Pancras) لڳي ٿي ۽ 1887ع ۾ ٺهي.
ٽاريڊو روڊ، جنهن کي فقط ٽاريڊو به سڏين ٿا، ڪراچي زم زما ايوينيو وانگر رهائشي علائقو به آهي ته ڪمرشل علائقو به، جتي ’ڪراس روڊ‘ نالي ممبئي جو سڀ کان وڏو شاپنگ مال آهي، جتان هر شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي. امپيريل ٽاور نالي ٻه 60 ماڙ اتاهيون عمارتون آهن، جيڪي انڊيا جون ڊگهي ۾ ڊگهيون عمارتون چئي سگهجن ٿيون. ٽاريڊو روڊ، ممبئي جو هڪ اهم روڊ آهي، جيڪو اتر ۾ حاجي علي درگاهه کان شروع ٿئي ٿو ته ڏکڻ ۾ نانا چوڪ تائين هليو وڃي. هن روڊ جو هاڻ سرڪاري طرح نالو پنڊت مدن موهن مال ويا روڊ رکيو ويو آهي، پر ماڻهن جي وات تي اڄ به ٽاريڊو روڊ آهي، جنهن جو سبب شايد اهو هجي جو نوان نالا ڊگها هجڻ ڪري ماڻهو پراڻن کي ئي چهٽيا پيا آهن. جيئن اسان وٽ مولوي تميزالدين خان روڊ جي مقابلي ۾ پراڻو نالو Queens Road آسان آهي يا سردار عبدالرب نشتر روڊ جي مقابلي ۾ لارينس روڊ سڏڻ سولو آهي.
مٿئين هوٽل Rose Wood کان علاوه هن علائقي ۾ ٻيون به ڪيتريون سهڻيون هوٽلون نظر اچن ٿيون. جهڙوڪ هوٽل ساحل، هوٽل هيريٽيج، هوٽل نگينه، هوٽل ڪيمپ ڪارنر، دي شاليمار هوٽل، دي ايمبيسيڊر وغيره. کائڻ پيئڻ لاءِ به ڪيتريون ئي سهڻيون ريسٽورنٽون نظر آيون. جهڙوڪ: هوٽل جيوتي، نوراني ريسٽورنٽ، هند ماتا هوٽل، ڪلپنا، ساگوئان، سواتي اسنيڪس، سردار پاوَ ڀاڄي، ماجي ساگر فاسٽ فوڊ، وغيره. هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن کان ته نه فقط ممبئي پر انڊيا جو هر شهر ڀريو پيو آهي جو هڪ ته سڄي دنيا مان ٽوئرسٽ تمام گهڻو اچن ٿا. ان کان علاوه امن امان ڪري مڪاني ماڻهو به خوب سير و تفريح ڪن ٿا. ذرا سوچيو اسان وٽ ڪوٽ ڏيجي ۽ موهن جو دڙو جهڙيون بهترين تاريخي شيون آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ ڪراچيءَ مان ئي روزانو هزارين ماڻهو اچن جو هنن لاءِ پڪنڪ به ٿي وڃي، ته مڪاني ماڻهن جو روزگار به ٿي وڃي. پر امن امان هڪ طرف نه آهي، ته ٻي طرف رهائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ معياري هوٽلون نه آهن. انڊيا انهن شين جو بندوبست ڪري ٽوئرزم مان هر سال اربين رپيا پيو ڪمائي. سڄي رات ٽوئرسٽن سان بسيون پيون هلن. اسان وٽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ به ڪيترا ئي پاڻ سان باڊي گارڊ کڻي ٿا هلن.
مٿي نانا چوڪ جي ڳالهه ڪئي اٿم. نانا چوڪ ائين آهي جيئن ڪراچي جي نانگن چورنگي يا پاڪستان چوڪ، جتي ڪيترا ئي رستا اچيو ملن. نانا چوڪ وٽ به مختلف هنڌن کان رستا اچيو ملن جيئن ٽارڊيو، Kemp’s Corner، گرگام چوپاٽي (جيڪا عام طرح فقط چوپاٽي سڏجي ٿي ۽ اسان جي سئنڊس پٽ وانگر سامونڊي ڪنارو يعني بيچ آهي)، مئرين ڊرائيو، اوپيرا هائوس، ڪينيڊي برج، گرانٽ روڊ برج ۽ گرانٽ روڊ اسٽيشن.
نانا چوڪ تي آدرش مٺائي مندر نالي مٺائيءَ جو دڪان مشهور آهي. جتي جا کيرپڙا (پيڙها) ۽ ميسور پاڪ (جيڪو اسان وٽ فقط ميسو پاڪ جي نالي سان سڏجي ٿو) بيحد مشهور آهن. ملائيشيا ۾ هوندا هئاسين، ته اسان جا انڊين ڪوليگ انڊيا ۾ موڪلون گذارڻ بعد موٽندا هئا ته نانا چوڪ جي هن دڪان تان اسان لاءِ ميسور پاڪ وٺي ايندا هئا. هتي جو بادامن جي ڀُرڪٽ سان ٻُرڪيل ۽ چانديءَ جي ورقن لڳل رنگين حلوو پڻ بيحد مشهور آهي. آدرش مٺائيءَ واري جي ڀرسان ئي سيفي پڪچر فريم جو دڪان فئنسي فريمن کان ائين مشهور آهي، جيئن حيدرآباد جي تلڪ چاڙهيءَ وٽ بمبئي فوٽو اسٽوڊيو هيو يا ڪراچيءَ جي صدر ۾ فوٽو فيمس آهي. نانا چوڪ وٽ ئي سائوٿ انڊين ٽائيپ ريسٽورنٽ  ”ڪرشنا اڌيپي“ مڪاني توڙي ڌارين ٽوئرسٽ لاءِ دلپسند ريسٽورنٽ چئي وڃي ٿي، جتي نيرن تي سائوٿ انڊين کاڌو ميڌو وادا، ڏوسا ۽ اڊلي تيار ٿئي ٿو. آدرش مٺائي واري ٻڌايو ته ڏينهن ٻن ۾ هندي فلمن جو هيرو جئڪي شيروف سندس ڀر واري دڪان تي اچڻو آهي، جتان هو هر سال هنن ڏينهن ۾ پنهنجي گهر لاءِ گنيش ڀڳوان جون ننڍيون مورتيون خريد ڪرڻ ايندو آهي. هن دڪاندار ٻڌايو ته هن هيرو جو ننڍپڻ بيحد غربت ۾ ۽ ڀر واري علائقي واڪيشور ۽ تين بتي ۾ گذريو.
نانا چوڪ ۾ مڪس ماڻهو رهن ٿا، جيئن ته گجراتي پارسي ۽ مرهٺي وغيره. هن چوڪ جو نالو ممبئي جي هڪ مخير همراهه (Philanthropist) جگن ناٿ شنڪر سيٺ تان پيو جنهن کي ماڻهن پيار مان نانا سڏيو ٿي. ٽاريڊو جي ٻي ڪنڊ تي حاجي علي درگاهه آهي، جيڪا وورلي علائقي واري ڪناري تي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي آهي. هتي ممبئي ۾ ڪنهن به هندو يا مسلمان کان جڏهن ممبئي ۾ گهمڻ لائق جاين جو پڇيم ٿي ته هنن حاجي علي درگاهه تي وڃڻ لاءِ خاص طور چيو ٿي ۽ هن درگاهه جا ڪئين معجزا ٻڌايا ٿي ته؛ ”هندو يا مسلمان يا ڪو ٻيو حاجي علي جي قبر کان جيڪي گهري ٿو اهو کيس ملي ٿو.“ ڇا ته شرڪ جي حد آهي! جنهن ٽئڪسيءَ ۾ ناريمن پوائنٽ کان حاجي علي درگاهه تي پهتس، ان جي ڏاڙهي واري رامپور جي مسلمان ڊرائيور کان جڏهن هن درگاهه جي ڪرامتن لاءِ پڇيم ته هن درگاهه ڏي ويندڙ انبوهه ماڻهن ڏي اشارو ڪري چٿر واري انداز ۾ مرڪيو ۽ چيو؛ ”مون کي ٻڌايو ته اسان مسلمانن ۽ هندن ۾ فرق ئي ڪهڙو رهيو آهي؟ ايمان جي ئي ڪمزوري آهي. ٻيو ڇا آهي.“
درگاهه جنهن ننڍڙي ٻيٽ تي آهي، اهو ”خليج وورلي“ واري ڪناري کان اڌ ڪلوميٽر کن جي فاصلي تي آهي. پنڌ وڃڻ لاءِ سمنڊ جو اهو حصو مٽيءَ سان ڀري ڪچو رستو ٺاهيو ويو آهي. هن رستي يعني Causeway تي ڪا بائونڊري يا ريلنگ لڳل ناهي، ان ڪري وڏي وير (هاءِ ٽائيڊ) اچڻ تي هي رستو سمنڊ هيٺان اچيو وڃي. جنهن وقت آئون لالا لجپت روڊ تي پهتو هوس (جتان هي سمنڊ ۾ ٺهيل ڪاز وي شروع ٿئي ٿو.) ان وقت Low Tide پڄاڻي تي پهتي هئي ۽ هاڻ هاءِ ٽائيڊ لاءِ سمنڊ اڀامڻ شروع ڪيو هو. حاجي علي درگاهه ۽ ڪناري کي ڳنڍڻ وارو رستو سنگاپور واري ’ڪاز-وي‘ وانگر آهي جيڪو ملائيشيا کي سنگاپور ٻيٽ سان ملائي ٿو. پر سنگاپور جي ڪاز-وي جي پاسن واري سمنڊ ۾ اها مستي نه آهي، جيڪا حاجي علي درگاهه واري ڪاز-وي جي سمنڊ ۾ آهي. هي اهو ئي عربي سمنڊ آهي جيڪو ڪراچي ۽ منهوڙي جي ڪنارن کي ڇهي ٿو. جيڪي ٽوئرسٽ سامونڊي ڪناري تي نٿا رهن يا جن سمنڊ نه ڏٺو آهي، انهن لاءِ سمنڊ ٽپڻ لاءِ هن رستي مٿان هلڻ سٺو تجربو ثابت ٿيندو. باقي حاجي علي جي درگاهه تي زيارت مان توهان کي ڪو فائدو رسي يا نه پر حاجي چوڪ ۽ ان جي آس پاس لالا لجپت راءِ روڊ تي قبرن جا پڙ، چادرون ۽ نذرانو ڦلا، بسڪيٽ ۽ ٻيون شيون، جنهن مهانگي اگهه تي وڪامي رهيو هو ۽ اسان جا درويش قسم جا زائرين جنهن اعتقاد سان خرچ ڪري رهيا هئا، انهن مان هي دڪاندار وڏو ناڻو ڪمائيندا هوندا. دڪان تي رکيل سيلزمئن کان علاوه هر دڪان واري پنهنجو هڪ يا ٻه ماڻهو دڪان ٻاهران بيهاري ڇڏيو هو، جنهن Aggressive سيلز مئن شپ ذريعي هر لنگهندڙ کي ڪجهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿي ڪيو. هڪ اهڙي سيلزمئن سان ته منهنجو جهيڙو به ٿي پيو جيڪو مون کي قميص کان ڇڪي پنھنجي هٿ ۾ جهليل پڙ خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هو.
”سائين قبر مٿان هيءُ پڙ چاڙهڻ سان توهان جي دل جون مرادون پوريون ٿينديون.“ هن مونکي خوشخبري ٻڌائي. منهنجي پويان بڙودا کان آيل هڪ گجراتي عورت مون کي سمجهائيندي چيو ته؛ “ائين نه ڪرڻ سان ماڻهوءَ جو 24 ڪلاڪن اندر ايڪسيڊنٽ ٿيو پوي.” پر الله جي فضل سان منهنجو ممبئي دوران نه ڪنهن بس، ٽئڪسي ۾ نه ٽرين ۾ ڪو حادثو ٿيو. آخري ڏينهن تي جيتوڻيڪ اسان جي اڏام دير سان هلي، پر ممبئيءَ کان ڪراچيءَ سلامتي سان پهچي وياسين. پر هيترن هزارن ماڻهن ۾ ڪنهن جو جي ٿي پوندو هوندو ته هن جو اولاد حاجي علي جو پڪو معتقد ٿي هنن دڪاندارن وٽ اچي پئسو وڃائيندو هوندو ۽ اوچي کان اوچو ڪپڙو هن قبر مٿان اچي چاڙهيندو هوندو، جنهن جي هيٺان خبر ناهي ڪو بني بشر آهي به يا نه. هيءَ درگاهه هڪ امير مسلمان سوداگر 1431ع ۾ ٺهرائي. چون ٿا ته ممبئي ۾ رهندڙ حاجي علي نالي هڪ درويش پنهنجو مال ملڪيت غريبن ۾ ورهائي حج لاءِ مڪي روانو ٿيو. ڪن جو چوڻ آهي ته جدي پهچڻ کان اڳ رستي تي حاجي علي وفات ڪري ويو ۽ کيس ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ وجهي جڏهن سمنڊ ۾ لاٿو ويو ته اها پيتي ٻڏڻ بدران ممبئي ڏي ترڻ شروع ٿي ۽ هن ٻيٽ تي اچي بيٺي. ڪن جو چوڻ آهي ته حاجي علي اتي ئي ٻڏو جتي دفن ٿيل آهي. هڪ اندازي مطابق خميس ۽ جمع جي ڏينهن اٽڪل اڌ لک ماڻهن جو حاجي علي جي درگاهه تي اچي ٿو، جنهن ۾ هر مذهب جا ماڻهو شامل آهن.


No comments:

Post a Comment