Thursday, September 24, 2015

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ - الطاف شيخ

ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءِ چتاءُ
الطاف شيخ
منهنجا ڪالم پڙهندڙ هڪ پروفيسر صاحب جو ڪالهه لطيف آباد کان فون آيو ته سوچيم ته هن کي منهنجو فون نمبر ڪٿان  هٿ آيو آهي ۽ هو  مون کان هڪ مشورو يا کڻي چئجي ته صلاح وٺڻ ٿو چاهي.
”ضرور! ضرور!“ مون وراڻيومانس.  پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته ان قسم جا فون ايندا رهندا آهن جيڪي اڪثر ٻاهر وڃڻ يا نوڪري بابت هوندا آهن. آهي ته سڄي دنيا ۾، پر اسانجي ملڪ ۾ هيڪاندي بيروزگاري وڌي وئي آهي. ماڻهو مجبور ٿي ويا آهن ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ بدران ڪيترا پنهنجا پروا اهڙا ظالم آهن جو انهن کي نوڪرين جا ڏٽا ڏيئي بيوقوف بنائين ٿا ۽ کين اجھو ۽ لٽو به وڪڻڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. هن پروفيسر صاحب  جو به ڪجهه ان قسم جو مسئلو هو.

پهرين تون صوف کاءُ..... الطاف شيخ

پهرين تون صوف کاءُ.....
الطاف شيخ

وڏو عرصو ٻاهر رهي پنهنجي وطن ايندڙ ماڻهوءَ کي پنهنجي شهر يا پنهنجي ملڪ ۾ آيل جن خامين  خرابين جو يڪدم احساس ٿئي ٿو، انهن  مان هڪ موبائيل فون پڻ آهي، جنهن اسان جي ماڻهن لاءِ وڏومٿي جو سور پيدا ڪيو آهي.
ٻاهرين ملڪن ۾ موبائيل فون هڪ سهوليت ۽ ذاتي ملڪيت آهي، جنهن ۾ ٻئي ڪنهن جو آسانيءَ سان access نٿو ٿئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انڊيا ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ به موبائيل فون جي سِم حاصل ڪرڻ لاءِ خريدار کي پنهنجي  تفصيلي شناخت ڏيڻي پوي ٿي. يعني پوليس کاتو هر نمبر جي مالڪ جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي، گهر جي ائڊريس ۽ تصوير حاصل ڪري ٿو ۽ پڪ ڪرڻ خاطر اها  Sim مالڪ جي گهر رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي موڪلي وڃي ٿي جيئن وٺ پڪڙ جي حالت ۾ ان جي گهر ڀاتين کي پڻ جوابدار ٺهرايو وڃي. توهان وٽ آيل گار گند جو نياپو (SMS) يا دڙڪي دامان (Threat) جي فون جي يڪدم خبر پئجي سگهي ٿي ۽ شڪايت تي  پوليس کي ان همراهه کي سوگھو ڪرڻ ۾ دير ئي نٿي لڳي.

اسان جو ۽ ملائيشيا جو وڏيرو - الطاف شيخ

اسان جو ۽ ملائيشيا جو وڏيرو
الطاف شيخ
ٽن ڏينهن جي سيمينار لاءِ ڪئالالمپور ۾ آيل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ملائيشيا جي ترقي ڏسي چيو ”اسانجي سنڌ ۾ ترقي ان ڪري نٿي ٿئي جو سنڌ ۾ وڏيراشاهي  (Feudalism)آهي“
”وڏيرا شاهي! توهان جو ڇا خيال  آهي ته ملائيشيا ۾ نه آهي؟“ مون کانئس پڇيو.
”شايد نه آهي.“ هن جواب ڏنو.

اندرُ ساڙڻ جهڙيون ڳالهيون - الطاف شيخ

اندرُ ساڙڻ جهڙيون ڳالهيون
الطاف شيخ
اسان جي ملڪ جي ٽي وي چئنلن تان ڪي عجيب قسم جا ٽرڙا، شرمناڪ ۽ چڙ ڏيارڻ وارا اشتهار ڏنا وڃن ٿا. مزي جي ڳالهه اها ته اسان جا اٻوجھه سنڌي هر ڳالهه تي خوش ٿي تاڙيون وڄائيندا وتن. جيئن اڳ ۾ هڪ ڪالم ۾ هڪ سنڌي فنڪشن بابت لکيو هوم ته راڳي اسٽيج تي بيهي ڳائي رهيو هو:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا.........

ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ جون ڳالهيون.... الطاف شيخ


ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ جون ڳالهيون....
الطاف شيخ
هي ڳالهيون پڪ توهان سان به ٿينديون هونديون ۽ توهان به مون وانگر سفر ڪندا هوندئو يعني انگريزيءَ وارو Suffer.
اڪثر منجھند مهل جڏهن دل ٿوري دير سمهڻ لاءِ چوندي آهي ته فون جي گهنٽيءَ تي ننڊ رفو چڪر ٿي ويندي آهي.
”آپ الطاف شيخ هين؟“ ٻئي طرف کان هميشه ڪنهن ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ جو آواز ايندو آهي.

هاءِ جواني، ٿو ساري تو کي هرڪو- الطاف شيخ

هاءِ جواني، ٿو ساري تو کي هرڪو
الطاف شيخ
اسانجي ڪاليجي ڏينهن ۾، يعني هيءَ 1960ع ڌاري جي ڳالهه آهي، صبح جو پي ٽي (ورزش) لاءِ پوري ڇهين وڳي سيٽي وڄندي هئي ۽ اسان سڀ شاگرد سُفيد نِڪر (چڍيءَ) ۾ هاسٽل جي ميدان تي اچي حاضر ٿيندا هُئاسين. اسان جي ڏينهن ۾ نه فقط پي ٽي ۽ رانديون پر ڪلاس ۾ بِه نڪر ۾ وڃبو هو.
ڪمرو ڇڏي ميدان ۾ اچي بيهڻ لاءِ وڄندڙ سيٽيءَ کان 15 منٽ اڳ بيوگل (گهگهو) وڄندو هو جيڪو ننڊ مان اٿڻ جو اطلاع هوندو هو. جيئن پندرنهن منٽن ۾ اسان هٿ منهن ڌوئي، سليپنگ سوٽ لاهي چڍي، گنجي، جوراب ۽ رٻڙ جو بوٽ پائي سگهون.

حجامن سان واسطو - الطاف شيخ

حجامن سان واسطو
الطاف شيخ
وار ڪترائڻ مهل ڪيترا ماڻهو چاهيندا آهن ته حجام هنن سان خبرون چارون ڪندو رهي. آئون اهوئي چاهيندو آهيان ته هو مونکي منهنجي حال تي ڇڏي ڏئي ۽ بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي جلدي هيئر ڪٽ مڪمل ڪري مونکي آزاد ڪري.
”مشين سان وار ننڍا ڪريان يا ڪئنچيءَ سان؟“ هر نئون حجام  ان قسم جو سوال ضرور ڪندو آهي.