پهرين
تون صوف کاءُ.....
الطاف شيخ
وڏو عرصو ٻاهر رهي پنهنجي وطن ايندڙ ماڻهوءَ کي پنهنجي شهر يا پنهنجي ملڪ ۾
آيل جن خامين خرابين جو يڪدم احساس ٿئي
ٿو، انهن مان هڪ موبائيل فون پڻ آهي، جنهن
اسان جي ماڻهن لاءِ وڏومٿي جو سور پيدا ڪيو آهي.
ٻاهرين ملڪن ۾ موبائيل فون هڪ
سهوليت ۽ ذاتي ملڪيت آهي، جنهن ۾ ٻئي ڪنهن جو آسانيءَ سان access نٿو ٿئي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انڊيا ۽ بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ به
موبائيل فون جي سِم حاصل ڪرڻ لاءِ خريدار کي پنهنجي تفصيلي شناخت ڏيڻي پوي ٿي. يعني پوليس کاتو هر
نمبر جي مالڪ جي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي، گهر جي ائڊريس ۽ تصوير حاصل ڪري ٿو ۽ پڪ ڪرڻ
خاطر اها Sim مالڪ
جي گهر رجسٽرڊ پوسٽ ذريعي موڪلي وڃي ٿي جيئن وٺ پڪڙ جي حالت ۾ ان جي گهر ڀاتين کي
پڻ جوابدار ٺهرايو وڃي. توهان وٽ آيل گار گند جو نياپو (SMS) يا دڙڪي دامان (Threat) جي فون جي يڪدم
خبر پئجي سگهي ٿي ۽ شڪايت تي پوليس کي ان
همراهه کي سوگھو ڪرڻ ۾ دير ئي نٿي لڳي.
ملائيشيا، سنگاپور، ايران يا ويندي
انڊيا ۾ اسان ٽوئرسٽن کي اتي جي فون جي ڪنهن به سسٽم جي سم مليو وڃي پر ان لاءِ
پنهنجي پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي ۽ پنهنجي تصوير دڪاندار وٽ جمع ڪرائڻي پوي ٿي جيڪو
يڪدم پوليس ڊپارٽمينٽ کي ٻڌائي ٿو ۽ اهو اميگريشن کاتي ذريعي پڪ ڪري ٿو ته هن
پاسپورٽ نمبر وارو همراهه واقعي هن فلائيٽ ذريعي ملڪ ۾ داخل ٿيو آهي يا نه؟ هاڻ
اهو ڌاريو به جيڪڏهن پنهنجي موبائيل فون ذريعي ڪنهن کي تنگ ٿو ڪري ۽ عارضي طور هو
ڀلي پنهنجي رهائش وارو گهر يا هوٽل بدلائيندو وتي پر هو ملڪ ڇڏڻ وقت جڏهن ايئرپورٽ
تي پنهنجي پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو هڻائڻ
مهل پهچي ٿوته پڪڙجيو پوي، ڇو جو شڪايت
ملڻ تي پوليس کاتو ان سِم جي مالڪ جو پاسپورٽ نمبر ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪريو ڇڏي ۽ ايئرپورٽ
تي اميگريشن آفيسر جيئن ئي ان مسافر جي پاسپورٽ جو نمبر دخول (Exit) لاءِ جيئن ئي ڪمپيوٽر ۾ فيڊ ڪري ٿو ته ڳاڙهي بتي
ٻريو وڃي ته ان پاسپورٽ وارو ”جاني نا پائي.“ وڏا وڏا طرم خان يا اميرن وزيرن جا
پٽ جيڪي فون ذريعي ڇوڪرين کي تنگ ڪن ٿا يا غريبن کي ڌمڪيون ڏين ٿا اهي اهڙا ٻِپيرا
(Red Handed) ڦاسي
پوندا آهن جو ڪلاڪ اندر ڪانچن ۾ هنگي ڏيندا آهن. پر اسان وٽ اهي پهلوان ٿيو پيا
هلن.
اسان وٽ جيئن ته آسانيءَ سان، بنا پنهنجي شناخت ٻڌائڻ جي سِم
مليو وڃي، ان ڪري ان جو غلط استعمال ڪيو وڃي ٿو. چوري ۽ اغوا جي ڪيسن کان هڪ ٻئي
سان گارگند ڪرڻ، اخلاق کان ڪريل SMS ڪري ڇوڪرين کي
تنگ ڪرڻ وغيره، اسان وٽ سڀ کان وڏي پِٽَ SMS آهي. ٻين ملڪن
۾ ورلي ڪو نياپو ملندو. ماڻهو موبائيل فون کان تار (telegram) جو ڪم وٺن ٿا. يعني ڪنهن ضروري ڪم لاءِ ننڍڙو ميسيج Send ڪن ٿا. پر هتي شاعري، چرچن لطيفن کان صبح ۽ شام جا سلام موڪليا
وڃن ٿا. خبر ناهي ڇو انهن ڳالهين پٺيان وقت ضايع ڪيو وڃي ٿو. اديبن ۽ شاعرن جي
ائڊريس گوگل ۽ فيس بڪ تي هجڻ ڪري مونکي به هر وقت SMS ملندا رهن ٿا. نه ڄاڻ نه سڃاڻ............ ميسيج پيو اچي. ٻيو نه
ته صبح جو سلام سائين Good
Morning......... آئون وري ڪڏهن ڪڏهن “Aap Kon?” لکي ميسيج ڪرڻ واري جو نالو معلوم ڪندو
آهيان.
”سائين فلاڻو، ڌڱاڻو بوزدار کان“
دل ۾ چوندو آهيان ته نه ڄاڻ نه
سڃاڻ....... ميسيج ڪرڻ تي پيا خرچ ڪن. پر شڪر آهي جو ڌڱااڻي بوزدار، چوهڙ جمالي ۽
ڇلگرين جا ماڻهو موبائيل فون جي ايجاد ڪري انگريز ٿي ويا آهن. اسان مسلمان انگريزن
جي شهر لنـڊن ۾ رهي به هڪ ٻئي کي اسلام عليڪم چئون..... هي سائين گڊ مارننگ ۽ گڊ
نائيٽ پيا ڪن.
ان ڏينهن شامَ جو امر جليل وٽ پهتس
ته پڇيائين ته فلاڻو ڪتاب آندءِ؟
”نه، چئين ها ته کڻي اچان ها.“
وراڻيو مانس.
”مون صبح ساڻ توکي SMS ڪيو ته جيئن توکي ياد رهي
ڇو جو فون تي چيل ڳالهه وسريو به وڃي
......... خاص ڪري پاڻ پوڙهن کان.“
ڳالهه اها آهي ته ڪم جي ضروري
ميسيج مٿان پنجاهه کن جيڪي غير ضروري ميسيج اچيو وڃن انهن ۾ اهو اهم ميسيج دٻجيو
وڃي. پوءِ ڪنهن کي آهي وقت جو ويهي اڻ واقفن جا غير ضروري SMS ڊليٽ ڪري. آئون
ته چوندو آهيان ته اهي صبح جا سلام يا اوٽ
پٽانگ جا شعر ۽ Quotation موڪلڻ وارا ظلم ٿا ڪن ۽ منهنجي ننڍڙي Capacity واري فون جي ميسيج واري جاءِ هميشه فل ڪريو ڇڏين. اهڙي طرح اهم
نياپي حاصل ڪرڻ کان محروم ڪريو ڇڏين.
قوم جو هن ريت وقت ضايع ڪرڻ ۾
موبائيل فون ڪمپنين جو به ڏوهه آهي جيڪي اشتهارن ذريعي ماڻهن جي همٿ افزائي ڪن ٿيون ته فقط هيترن ٿورن پئسن ۾ توهان روزانو
200 ايس ايم ايس ڪري سگهو ٿا. هاڻ هن پئڪيج وٺڻ واري کي ته ميسيج موڪلڻ ذري گهٽ
مفت ۾ پيو پر جنهن وٽ ميسيج (SMS) پهچي ٿو ان کي موٽ
۾ فقط Thanks جو ايس ايم ايس ڪرڻ سان چار رپيه ڀرڻا پون
ٿا. يعني ان ٺڳيءَ ذريعي فون ڪمپني ڪمائي ٿي. عوام جو پئسو ۽ وقت ضايع ٿئي ٿو.
جيتوڻيڪ سڌريل ملڪن ۾ فون تي وقت وڃائڻ عيب سمجھيو وڃي ٿو. سئيڊن جهڙن امير ملڪن ۾،
جن جي حڪومتن کي بي انتها ناڻو reserve ۾ آهي. انهن
فون تي وڏا ٽئڪس هڻي ماڻهن کي دل شڪستو ڪيو آهي ته فقط ضرروري ڪم تي فون ڪريو يا SMS ڪيو. هتي اسان وٽ يونيورسٽين ، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا شاگرد پڙهائيءَ کي وقت ڏيڻ بدران هر وقت SMS پيا ڪن يا چئٽ پيا ڪن.
پاڪستان ۾ مهينو کن رهڻ دوران مون
ڏهاڪو کن سڃاڻو ماڻهن کي (جن ۾ مون جهڙا پوڙها، جوان آفيسر۽ ٽي کن سنڌ جي يونيورسٽي جون شاگردياڻيون ۽ ليڪچرار
صاحبه به اچي وڃي ٿي)، منٿ ميڙ ڪئي ته مهرباني ڪري توهان وٽ جيڪي SMS اچن ٿا اهي مون ڏي فارورڊ ڪيو،
موڪليندڙن جا نالا ڀلي نه ٻڌايو. هزار کن گڏ ڪيل SMS ۾ ڪي مزاحيه شعرن جا به آهن جيڪي ”فراز“ نالي ٿاڦيا وڃن ٿا، ڪچين
گارين جا ۽ Sex سان واسطو رکندڙ ڳالهين جا جملا وينا ملڪ
سان وابسته ڪيا وڃن ٿا....... وينا ملڪ پشاور ۾ پنهنجي تقرير دوران اتي جي مردن کي
مخاطب ٿي چيو....... وينا ملڪ سنڌ جي چيف منسٽر اڳيان ڳوڙها ڳاڙيندي چيو......
وغيرهه وغيرهه. ڪيترا SMS اهڙا آهن جن جي آخر ۾ تاڪيد ٿيل آهي ته هي SMS گهٽ ۾ گهٽ ڏهن ماڻهن کي فارورڊ ڪرڻ ضروري آهي. نه ڪرڻ واري کي غيب
مان نقصان رسندو...... وغيرهه. اسان ننڍا هئاسين ته اهڙا خط ملندا هئا ته هيترا
دفعا لکي ورهائڻ سان فائدو ٿيندو ٻي صورت ۾ ڪو مائٽ مري ويندو. اسان جي ڪلاس ۾ شمن
نالي پڙهندڙ شرارتي ڇوڪري (هاڻ ته اهو به ماشاءَالله اسان وانگر 70 سالن جو وڃي
ٿيو آهي)، اهو خط ڏهه دفعا لکي پنهنجي ڪلاس ۾ ورهايو پر ان جي آخر ۾ ڪنهن جي مائٽ
جي موت بدران لکيو ته ”هي خط نه لکڻ واري جو ڪلاس ٽيچر هفتي اندر مري ويندو.“
ڇوڪرن جي SMS ۾ زبردست قسم جي عشق محبت جي شاعري آهي. زبردست ته نه پر ٽرڙي ۽ Cheap قسم جي چئي سگهجي ٿي.
سڄڻ منهنجي سر جو، پرين تون پيارو
منهنجي جان جگر تون، منهنجو جيءُ جيارو
توکي نه لڳي سيءُ، ڀلي هجي سيارو
الله ڪري زال ملئي، رنگ هجيس ڪارو
نڪي پچائي ماني، نڪي ڏئي ٻهارو
اچي ڪو مهمان ته ڪري روڄ راڙو
جي ٿئي پريشان پاڙو، ته قربان ڪجانس اضحيٰ واري عيد تي.
پر ڪي ڪي شعر سٺن شاعرن جا به SMS ڪيا وڃن ٿا.
”خواب منهنجا خوابن ۾ ئي رهجي ويا
حسين چهرا نقابن ۾ رهجي ويا
مئخاني جو منظر اهڙو هو
شوق منهنجا شبابن ۾ رهجي
ويا......“
نموني خاطر هڪ ٻيو.
”نه مونسان ڪرين ٿو پرين اڄ
پچارون،
نه کِل ڀوڳ ماڻان، نه مرڪون چپن تي......“
يا استاد بُخاريءَ جو هي شعر:
اها پڪ اٿم ته هو پرچي وري رسي
ويندو
ڪجهه گهڙين لاءِ ٺاهه ڪجي ته ڪهڙو ڪجي....“
سڀ کان گهڻو ڏک مونکي اهي SMS رسائيندا آهن جيڪي ڪنهن قوم، برادري يا مذهب جي ماڻهن تي چٿر يا
چرچو هوندا آهن. اهڙن سان ٻين جي ڪيڏي دل آزاري ٿي ٿئي. ٻي ڳالهه ته اهو چرچو جيڪو
اسان پٺاڻن، ميمڻن يا شڪارپورين سان منسوب ڪريون ٿا اهو اسان سنڌين، پنجابين يا سيدن
پيرن تي به فِٽ ٿي سگهي ٿو. جيڪي چرچا
اسان هندن نالي لکي گد گد ٿيون ٿا اهي مسلمانن نالي به صحيح ثابت ٿي سگهن ٿا. سٺ
واري ڏهي ۾ جڏهن اسان جهاز هلائي ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ پهچندا هئاسين ته اتي جا
ملئي ماڻهو اتي رهندڙ سکن تي ڏاڍيون ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا هئا. ملائيشيا ۾ رهندڙ سک ان
وقت بيحد غريب هوندا هئا. هو ڍڳيون چاريندا هُئا يا بئنڪن ۽ دڪانن اڳيان گارڊ ۽
چوڪيدار جي ڊيوٽي ڪندا هئا. اڄ سمورا سِکَ وڏا وڏا سرجن، انجنيئر، فوجي آفيسر،
قومي ٽيمن جا رانديگر ۽ ڪاروباري ماڻهو آهن ۽
ملائيشيا کي خوشحال بنائڻ ۾ هنن جو وڏو هٿ آهي.
SMS ذريعي
سياستدانن تي به خوب ڇوهه ڇنڊيا وڃن ٿا. ڀلي ڇنڊيا وڃن جو اهي ووٽ وٺي وعدا ڪري ڪم
نٿا ڪن ته عوام کي به حق آهي انهن کي
سڌيون ٻڌائڻ جو.
”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڪي،
ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.“
يا وري:
”حيران ٿي پڇيم هاريءَکان
هي کيت ڪنهن اجاڙيا آهن؟
چيائين ڏوهه ناهي گدڙن جو
پنهنجي گهر جا ڪتا ڀاڙيا آهن.
اسان جا درويش صفت ماڻهو، هر
اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ مهل سوچين ڪونه ته ووٽ صحيح
ماڻهوءَ کي پيا ڏيون يا غلط کي، بعد ۾ حبيب جالب جا شعر SMS ڪري اندر جي باهه ڪڍن.
”جيني ڪا حق حڪمرانون ني ڇين ليا
اٺهو مرني ڪا حق استعمال ڪرو“
يا وري:
”اصول بيچ ڪر مسند خريدني والو،
نگاههِ اهلِ وفا مين بهت حقير هو
تم.
ان معاملي ۾ اسين سنڌي هيڪاندو
گهڻو ڏکويل آهيون. اهوئي سب آهي (شايد)، جو اڄ ڪلهه هي شعرتمام گهڻو SMS ٿي رهيو آهي:
”نه پڇ سنڌُ جو نه پڇ سنڌين جو،
ڪجهه هيل وڪاڻا، ڪجهه پَر وڪامي
ويا.“
ان نوعيت جو هڪ ٻيو ايس ايم ايس،
جيڪو آزاد نظم ۾ آهي:
”سنڌي کدڙي،
سياسي اڳواڻ جو فوٽو ڏسي،
تاڙي وڄائيندي چيو:
اسان ته رڳو نالي جا کدڙا آهيون...“
نه رڳو سياستدان پر مرد حضرات به
ان بمباريءَ کان بچيل نه آهن. ظاهر آهي انهن تي ٺهيل چرچا عورتن ئي جوڙيا هوندا.
نموني خاطر توهان به پڙهو:
·
زال (مڙس
کي): توهان قربانيءَ جو جانور ڪڏهن آڻيندئو؟
مڙس: بيگم مونکي ئي کڻي ذبح ڪر.
زال: گڏهه جي فقط ڪمائي حلال آهي،
قرباني هرگز نه.
·
جيڪڏهن
توهان جي زال..... توهانجو چيو نٿي مڃي ته..... ته.....
ايڏي غور سان نه پڙهو
ڪنهن جي به زال نٿي مڃي.
اس پرچم ڪي سائي تلي هم ايڪ هين،
هم ايڪ هين!
·
هڪ ٻيو SMS
چانهه جي پتي ۽ پتي (مڙس) ۾ ڪهڙي
هڪجهڙائي آهي؟
”ٻنهي جي نصيب ۾ سڙڻ ۽ ٽهڪڻ آهي!
۽ اهو به عورت جي هٿان..........“
مرد صاحبن ته عورتن تي هيڪاندا طنز
و مزاح جا SMS ٺاهيا آهن جن کان توهان به
واقف هوندائو. سئمپل طور هڪ لکان ٿو:
هڪ ڪنواري مرد طرفان:
تقدير هي مگر قسمت نهين کُلتي
تاج محل بنانا چاهتا هون، مگر
ممتاز نهين ملتي
هڪ عاشق جي آهه:
تقدير هي مگر قسمت نهين کلتي
ممتاز مل گئي هي، مگر شادي نهين
ڪرتي
شادي بعد فرياد:
تقدير هي مگر قسمت نهين کلتي
تاج محل بنانا چاهتا هون، مگر
ممتاز نهين مرتي
انهيءَ نوعيت جو هڪ ٻيو SMS
شاهجهان بادشاهه پنهنجي پياري
محبوبا جي ياد ۾ ٺهرايل تاج محل جي هڪ هڪ دري، در، مينار ۽ ڀتين کي وڏي حسرت مان
ڏٺو ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيو:
”وڏو خرچ ٿي ويو رَنَ جي چڪر ۾!“
ڪجهه اهڙا به SMS آهن جن مان محسوس ٿئي ٿو ته لکڻ واري کي تمام گهڻو Sense of Humor آهي، ان جو مثال هي نياپو آهي:
”چون ٿا سهڻيون شيون ڏسڻ سان انسان پاڻ به سهڻو ٿيو
پوي.........
خبر ناهي ته تو وٽ،
منهنجي تصوير آهي يا نه..........“
ڪيترن ۾ گهمائي ڦيرائي SMS ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي
آهي:
روز هڪ صوف....... نو ڊاڪٽر
روز پنج بادام ....... نو ڪئنسر
روز هڪ ليمون ....... نو فئٽ
روز هڪ گلاس کير ....... نو بون
پرابلم
روز ٽي ليٽر پاڻي ....... اسڪن صاف
روز منهنجو SMS ....... موڊ فريش!“
اهڙي ريت هي پڻ آهي:
صوف کاءُ.........!
هن سان طاقت ايندءِ
طاقت ايندءِ ته همت ٿيندءِ
همت هوندءِ ته جذبو پيدا ٿيندءِ
جذبو پيدا ٿيندءِ ته شرم ايندءِ
شرم ايندءِ ته SMS ڪندين،
پر......
پهرين تون صوف کاءُ.....
No comments:
Post a Comment