ٽوئرزم
مان ملڪ امير ٿي ويا
الطاف شيخ
ٽوئرزم به هڪ وڏي انڊسٽري چئي
سگهجي ٿي، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ٿائلنڊ، برمودا، بهاما جهڙا ٻيٽ ۽ ملڪ به ٽوئرزم
ڪري امير ٿي ويا. ملائيشيا جهڙو ملڪ جنهن وٽ قدرتي دولت ڇا گهٽ آهي؟ سال ۾ ٻه دفعا
فصل ڏيڻ واريون ٻنيون، مفت جو پاڻي..... ٻارهوئي پيو مينهن وسي، پيٽرول ۽ گئس، پام
آئل، بي انتها ناريل جنهن مان کوپري جي تيل کان وٺي مرسيڊيز ڪارن جون سيٽون ٺهن ٿيون،
فروٽ ايترو جو ايڪسپورٽ ڪندا وتن، ان کان علاوه سون ۽ قلعي (tin) ايتري جو ختم ئي نٿي ٿئي، پر ان هوندي به هنن کي اها اڻ تڻ لڳي
رهي ٿي ته اسانجي ملڪ ۾ ٽوئرسٽ اچن....... گهمڻ لاءِ ماڻهو اچن ته ڪمائي ٿئي. ڪمائي ان ڪري ٿئي ٿي جو گهمڻ لاءِ جيڪو
اچي ٿو اهو وڏي دل ڪري خرچ ڪري ٿو، هوٽلن ۾ رهي ٿو، کاڌي پيتي ۽ بسين، ٽئڪسن ۽
ريلن ۾ چڙهي ٿو. مزور ڪُوليءَ کان وٺي هوٽل جو مالڪ ڪمائي ٿو. ان جو احوال توهان
انهن وڏيرن پيرن کان پڇي سگهو ٿا ته هو پنهنجي ڳوٺ ۾ سال ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن ميلو
هڻائڻ سان ڪيڏو ڪمائي وٺن ٿا! ۽ سوچيو جن ملڪن ۾ ٻارهوئي ميلو متل رهي ٿو اهي ڪيڏو
ڪمائيندا هوندا.
هڪ اهڙو وقت هو جو ملائيشيا جي حڪومت
دنيا جي رسالن ۾ اشتهار ڏيندي رهي ته ملائيشيا گهمڻ لاءِ اچو. آئون جنهن رياست
ملاڪا (انگريزي نالو Malacca ۽
مڪاني نالو Melaka) ۾ رهندو هوس،
ان جو وزير اعليٰ ۽ گورنر منهنجا سٺا ۽ پراڻا دوستَ هُئا. هو هر وقت اها ڳالهه کڻي
وهندا هئا ته اسان پنهنجي رياست ملاڪا ۾ ڪيئن ڪشش پيدا ڪريون جو دنيا جا ماڻهو اسان
وٽ گهمڻ لاءِ اچن. هيءَ گذريل صديءَ جي اسي واري ڏهي جي ڳالهه آهي. آئون کلي چوندو
هوسان ته يارو ڳالهه ٻُڌو: سڄي ملاڪا رياست ۾ اسان ڪل 19 فارينر رهون ٿا جن جا 30
کن ٻار ملاڪا جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ آهن. هاڻ هتي رهندڙ اسان ڌارين به ڪڏهن ملاڪا
گهمڻ جو شوق نه ڪيو ته ٻيا هلي ملي هتي ڇا ڏسڻ ايندا؟
پر پوءِ مون ڏٺو ته هن رياست جا سڀ
واسطيدار عملدار ان ڪم کي عملي جامو پهرائڻ ۾ لڳا رهيا. هنن پنهنجي ملڪ کي سنگاپور
وانگرTourist Spot ٺاهڻ ٿي چاهيو. سٺ جي ڏهي تائين سنگاپور ۾ به ڪير نه پئي آيو. اسانجو جهاز
سنگاپور پهچندو هو ته ڏينهن جو به اڪيلو نه ڇڏيندا هئا. ايڏي بدامني هُئي. دنيا جي
هر بُرائي سنگاپور ۾ موجود هئي. پوءِ نئين آيل وزير اعظم لي ڪُئان يوءَ پهريون ڪم اهو ڪيو جو قانون جي سختي ڪئي ۽ امن
امان قائم ڪيو. بهرحال ملائيشيا ۾ امن امان جي حالت ته بهتر هئي ملاڪا ۾ يڪدم ٻه
کن فائيو اسٽار هوٽلون ٺهي ويون. رهڻ وارو ڪو به نه هر هفتي روٽري ڪلب جون ميٽنگون
ٿينديون هيون يا چيف منسٽر اسان دوستن کي دعوت ڪندو هو. ”ٽوئرسٽ لڀن ڪونه زوز سندن
رهائش تي“ مون کلي هڪ ڏينهن چيو هئومانس.
”يار ڪجهه سوچيو ته ٽوئرزم ڪيئن
وڌائجي“ چيف منسٽر چوندو رهيو ٿي.
پر پوءِ مون ڏٺو ته هر سال ٽوئرسٽ
وڌندا ويا ۽ هاڻ.... يعني اڄ 28 سالن بعد ڏسان ٿو ته ملاڪا شهر جي گهٽي گهٽي ۾
دنيا جي ملڪن جي ٽوئرسٽن جي پيهه پيهان لڳي پئي آهي.ملاڪا حڪومت هي ڪرتب ڪيئن
ڪيو؟! ملائيشيا گهڻ قومي ۽ گهڻ مذهبي ملڪ آهي. ملاڪا حڪومت شهر جا سڀ مندر، مسجدون،
گوردوارا، گرجا گهرَ، جين ڌرم وارن جا ٽيمپل ۽ ٻڌن جا پگوڊا... مطلب ته هر عبادت
گهر کي هنن مرمت ڪري خوبصورت بنايو جيئن هر مذهب جا ماڻهو اچي ڏسن ۽ انهن اڳيان
فوٽو ڪڍرائين.
شهر ۾ هڪ پورچوگالين جي ڏينهن جو
قلعو هو... قلعو ڇا هو، ٻه کن عمارتون ۽ ٿوري ڀت هئي ان کي رنگ روغن ڪري ايڏي
اشتهاري بازي ڪيائون جو هر هڪ چوڻ لڳو ته اهو ته ڏسڻ ئي ڏسڻ کپي. سچي ڳالهه اها
آهي ته حيدرآباد وارو قلعو ته الائي ڇا آهي پر آهي ڪو ٽوئرسٽ؟ بهرحال ملاڪا حڪومت
ٽي چار نيون شيون به ٺاهيون: هڪ ته چڙيا گهر....بيحد صاف سٿرو ۽ صحتمند جانورن ۽
پکين وارو جنهن ۾ گهمندي مزو اچيو وڃي. هڪ ”مِني ملائيشيا“ ٺاهيائون جنهن ۾
ملائيشيا جي هڪ هڪ رياست جو حصو رکيو ويو. هر هڪ رياسيت جو ان نموني جو گهر، ماڻهو
۽ انهن جا ويسَ وڳا وغيره. ڪيترا ٽوئرسٽ ملائيشيا جي هڪ هڪ رياست ۾ وڃڻ بدران هتي
ملاڪا ۾ اچي مِني ملائيشيا ڏسڻ لڳا.
ملاڪا جي حڪومت ٽوئرسٽن جي کاڌي
پيتي لاءِ نه فقط مڪاني هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن جي همت افزائي ڪئي پر ڌارين ملڪن جي
فاسٽ فوڊ جهڙوڪ KFC مڪڊونالڊ وغيره کي کولڻ ڏنو ۽ انهن جي حفاظت
جو به ذمو کنيو. ملڪ ۾ کڻي ڇا به ٿي وڃي پر مجال آهي جو ڌارين ملڪن جي انهن
ريسٽورينٽن يا سپر مارڪيٽن تي ڪو حملو ڪري يا هڪ پٿر به هڻي. شهر ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي
هنڌ وڃڻ لاءِ بسين ۽ ٽئڪسين کان علاوه پراڻي زماني جون سائيڪل رڪشائون به رکيون
ويون جن کي ماڻهو هلائين ٿا. هنن رڪشائن کي گلن سان سينگاريو وڃي ٿو ۽ هر ٽوئرسٽ،
ملاڪا ۾ اچي هنن رڪشائن ۾ ضرور وهي ٿو ۽ هڪ عدد فوٽو ڪڍرائي ٿو. شهر ۾ ڪيترن هنڌن
تي پارڪ ٺاهيا ويا آهن جيئن ٽوئرسٽ شهر ۾ گهمندي ڦرندي ٿڪجي پون ته ساهي پٽي سگهن.
پارڪن، بس اسٽاپن ۽ شاپنگ سينٽرن وٽ مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار Toilets ٺهرايا ويا. هڪ شهر کان ٻئي ڏي وڃڻ لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ بس سروس
رکي وئي جيئن جنهن کي جنهن وقت وڻي اهو ان وقت روانو ٿي وڃي. انڊيا ۾ به اهوئي
سسٽم آهي. ڏينهن رات ٽوئرسٽ پيا گهمن! مجال آهي جو ڪنهن جي چوري ٿئي يا اغوا جو
ڪيس درپيش اچي! امن امان ۽ انصاف بعد جيڪا ٽوئرسٽن لاءِ اهم شيءِ آهي اها کاڌو
پيتو آهي. سعودي عرب توڙي ايران يا هيڏانهن ملائيشيا ۾ ان تي تمام ڪڙي نظر رکي وڃي
ٿي. ڪو ڌاٻي وارو، ڪو گاڏي وارو هجي يا وڏي هوٽل وارو، مجال آهي جو کاڌي ۾ ملاوٽ
ڪري يا پاروٿو کاڌو رکي. ڇو جو ڪو به توئرسٽ اهو نٿو چاهي ته پرديس ۾ وڃي بيمار
ٿيان. ان ڳالهه تي انڊيا وارا اڃان مڪمل طرح ڪنٽرول ڪري نه سگهيا آهن. هونءَ ڪوشش
ڏاڍي ڪن پيا ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي نصيب ٿي اٿن ۽ ٽوئرسٽن جو تعداد به وڃي پيو
وڌندو. ايتريقدر جو انڊيا وارن به جپان سنگاپور، ملائيشيا ۽ ايران وانگر بسين ۽
ٽرينن جي آمدرفت کي وقت جو پابند بنائي ورتو آهي. اسان وٽ ته ان معاملي ۾ ترقي
بدران تباهي ٿي رهي آهي. بسون ته پري جي ڳالهه آهن. ريل گاڏيون به نه صحيح ٽائيم
تي هلن ٿيون ۽ نه صحيح ٽائيم تي پهچن ٿيون ڪي ته اڌ تي پهچيو بيهيو رهن جيسين
ڪراچي يا روهڙي کان ڊيزل اچي.
اسان جي ملڪ ۾ تاريخي جايون: موهن
جو دڙو، ڪوٽڏيجي کان ٺٽو ۽ ڀنڀور جهڙيون ڪيتريون ئي آهن جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا
جا ٽوئرسٽ اچي سگهن ٿا پر ڪٿي آهي امن امان، صحيح رهائش ۽ صاف سٿرين هوٽلن جهڙيون
بنيادي شيون؟!
هونءَ ڏٺو وڃي ته هر ٽوئرسٽ ٻاهرين
ملڪن ۾ ڪجهه ڏينهن سڪون ۽ آرام لاءِ وڃي ٿو. ٻه ٽي سال اڳ تائين اسانجي ملڪ جا
ماڻهو، ٻارن جي موڪلن ۾ کين اتراهن علائقن: ڪوهه مري، گلگت، شاهه ملوڪ وغيره وٺي
ويا ٿي. هاڻ دهشتگردي ڪري ڪو به اوڏانهن جو رخ نٿو ڪري. ڪراچي جهڙي شهر جا ماڻهو
ڪيڏانهن وڃن؟ سنڌ جي ٻين ضلعن کان وري به ٿر ڏي سڪون آهي ته ڏسو ته ڪراچي جا ماڻهو ڏينهن ٻن لاءِ به مٺي،
عمر ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي جو رخ ٿا رکن. ڪاش سڄي ملڪ ۾ بهتر امن امان ٿي وڃي ته
اسان ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ ئي گهمڻ ڦرڻ جون جايون جام آهن... پراڻيون تاريخي
عمارتون آهن، باغ باغيچا آهن، جبل ۽ ماٿريون آهن، رڻ پٽ ۽ قديمي غارون آهن، درياهه
۽ نديون آهن، آبشار ۽ چشما آهن، ڪوهه مري، ايوبيه ۽ گورک هل جهڙيون Hill
Stations تفريحي جايون آهن جتي جون ۽ جولاءِ ۾ به سيءُ
رهي ٿو.
No comments:
Post a Comment