Tuesday, September 22, 2015

يُو ايس ڪيپيٽول هِل ۽ يُونين اسٽيشن - ياسر قاضي

يُو ايس ڪيپيٽول هِل ۽ يُونين اسٽيشن
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 33
ياسر قاضي
امريڪا جو سفر ڪندي اسين امريڪي راڄڌانيءَ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ آهيُون ۽ گذريل ٻن هفتن کان اسين وائيٽ هائُوس ۽ ان جي آسپاس وارا ماڳ، عمارتُون ۽ باغ گھمي رهيا هُئاسِي ۽ گذريل قسط جي پڇاڙيءَ تائين اسان ڇنڇر 5 اپريل 2014ع تي، وائيٽ هائُوس جي پاڙي ۾ امريڪي خزاني واري کاتي جي هيڊڪوارٽر جي عمارت آڏو ڪوسٽر ۾ ويهي، ”يُو ايس ڪيپيٽول هِل“ جي اهم ۽ تاريخي عمارت گھمڻ لاءِ روانا ٿي چُڪا هُئاسِين. اسان جو ٽُوئر گائيڊ ”ايليڪسي سوچينڪو“ بس ٿوري دير وڌيڪ اسان سان گڏ هو. اسين ڪوسٽر تي شام جو ساڍي چئين لڳي ڌاري، يُو ايس ڪيپيٽول هِل جي عمارت آڏو پهتاسِين. جنهن جي سامهُون واري اولاهين حصّي جي داخلي دروازي وٽ ڪوسٽر تان لهي، اسان هن عمارت جي سامهُون واريءَ وسيع ڇٻر ۾ پير پاتو ۽ اسان جو ڀاڙَي ڪيل گائيڊ پنهنجو وقت پُورو ٿي وڃڻ ڪري اسان کي ان ڇٻر تي بيهي ئي هن عمارت جي حوالي سان جلدي جلدي ڪجهه ٻڌائڻ لڳو، ته جيئن هُو جلدي اسان کان موڪلائي وڃي سگھي ۽ وڃي زندگيءَ جا ٻيا ڪم ڪار ڪري سگھي، ڇاڪاڻ ته ترقي يافته دنيا جا ماڻهُو پنهنجي ڏينهن جي پَل پَل جي منصُوبه بندي ڪندا آهن ۽ هڪ ساعت به وڃائڻ ناهن چاهيندا. اسان داخلي دروازي کان مسَ داخل ٿي، ڪيپيٽول هل جي آڏو وڏيءَ ايراضيءَ تي ڦهليل پارڪ ۾ بيهي اهي تفصيل ٻُڌڻ لڳاسِين. ساڍن 16 ايڪڙن يعني 6.7 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي مُشتمل امريڪي ڪيپيٽول هِل جي عمارت 5 منزلن (فلورس) تي مُشتمل آهي، جيڪا امريڪي وفاقي سرڪار جي قانون ساز برانچ ۽ امريڪي ڪانگريس جي خاص جاءِ، ڪانگريس جي پارليماني هال (جتي ڪانگريس جا اجلاس ٿيندا آهن) ۽ ڪانگريس مين (ڪانگريس جي ميمبرن) جي چيمبرس تي مُشتمل عمارت آهي، جيڪا پنهنجي شاهي رعب، دٻدٻي ۽ شڪوهه سان امريڪي راڄڌانيءَ، واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ اهڙيءَ ريت ڳاٽ اُوچو ڪيون بيٺي آهي، جو واشنگٽن جي گھڻن تڻن روڊن تان گذرندي هن سهڻيءَ عمارت جو درشن پيو ٿيندو آهي. اوهان به اڪثر فوٽن، فلمن ۽ ٽيليويزن خبرنامن ۾ امريڪا جو ذڪر ٻڌندي، هن عمارت کي ضروُر ڏٺو هُوندو، ڇاڪاڻ ته هيءَ عمارت امريڪا جي سڃاڻپ بڻيل عمارتن منجھان هڪ آهي. ايئن سمجھو ته هي امريڪا جو ”پارليامينٽ هائُوس“ آهي. بالي وُڊ جِي مشهُور فلم ”ماءِ نيم از خان“ جو آخري منظر، جنهن ۾ شاهه رُخ خان ۽ ڪاجول، صدر اوباما سان ملندي ڏيکاريا وڃن ٿا، پڻ هن ئي عمارت آڏو فلمايو ويو آهي. واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي نيشنل مال جي انتهائي اوڀارِين ڇيڙي تي واقع ڪيپيٽول هِل جي هيءَ عمارت، ”امريڪي نِيئو ڪلاسِيزم“ جي اڏاوتي انداز ۾ تعمير ٿيل آهي، جنهن جو ابتدائي نقشو، برطانوي ـ امريڪي آرڪيٽيڪٽ، ”ڊاڪٽر وليم ٿارنٽن“ (ڄم: 20 مارچ 1759ع ـ لاڏاڻو: 28 مارچ 1828ع) ٺاهيو، جيڪو آرڪيٽيڪٽ هئڻ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر (طبيب)، مُوجد ۽ مصوّر پڻ هو. ٿارنٽن نه فقط هن عمارت جو نقشو تخليق ڪيو، بلڪه هن جي اڏاوت کان پوءِ کيس، ”آرڪيٽيڪٽ آف دي ڪيپيٽول“ جي عهدي تي به فائز ڪيو ويو. هن عهدي تي فائز رهندڙ عملدار تي هن عمارت جي مرمت، آپريشنز، واڌاري ۽ بچاءَ جُون اهم ذميواريُون هُونديُون آهن ۽ ”آرڪيٽيڪٽ آف دي ڪيپيٽول“، امريڪي وفاقي سرڪار جو ملازم هُوندو آهي. ياد رهي ته ”وليم ٿارنٽن“ کي امريڪا جي پهرين ”آرڪيٽيڪٽ آف دي ڪيپيٽول“ بڻجڻ جو اعزاز حاصل آهي. اهو به ٻڌندا هلو ته ”ڊاڪٽر وليم ٿارنٽن“ جو ڪيپيٽول هِل جو ٺاهيل نقشو هڪ مقابلي ۾ فائنل ڪيو ويو هو. اهو مقابلو تڏهوڪي امريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ”ٿامس جيفرسن“ (جيڪو بعد ۾ امريڪا جو صدر پڻ بڻيو) تجويز ڪيو هو، جنهن تحت امريڪا ۽ ٻين مُلڪن جي 10 باصلاحيت آرڪيٽيڪٽن پنهنجيُون ڊزائنز جمع ڪرايُون هيُون، جن مان ٿارنٽن جي ڊزائن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. هن مقابلي جي فاتح آرڪيٽيڪٽ لاءِ ان دؤر ۾ 500 امريڪي ڊالرن جو انعام ۽ ”آرڪيٽيڪٽ آف دي ڪيپيٽول“ جهڙي شانائتي عهدي جو اعلان ڪيو ويو هو، جيڪي ٻئي ٿارنٽن کي مليا.
”ڪيپيٽول هِل“ Capitol Hill USA جي عمارت جي اڏاوت، 18 سيپٽمبر 1793ع تي شروُع ٿي ۽ 7 سال مُسلسل جاري رهي 1800ع ۾ مڪمّل ٿي، يعني 19هين صديءَ جي شرُوعات هن اهم امريڪي سرڪاري عمارت جي اڏاوت جي پُوري ٿيڻ جي خوُشخبري ساڻ کنيُون آئي. هن عمارت جي بنيادي اڏاوت کان پوءِ ان اڏاوت ۾ سُڌارا ۽ واڌارا ٿيندا رهيا ۽ ان جي موجُوده خاص سُڃاڻپ بڻيل ان جو سهڻو گُبنذ پڻ بعد ۾ ان ۾ شامل ڪيو ويو. هن عمارت جو اوڀر مُنهن ۽ اولهه مُنهن ٻئي ان انداز ۾ ٺهيل آهن، جو هيءَ عمارت ٻنهي پاسن کان سُبتي ٿي لڳي ۽ ڪٿان به اُبتي نه ٿي لڳي، ڇاڪاڻ ته هن جو گُبنذ اڳيان توڙي پُٺيان هڪجهڙو ئي ڊزائن ٿيل آهي. اسين هينئر ان جي اولاهين پاسي (ويسٽ فرنٽ) کان بيٺل آهيُون، جيڪو عوام لاءِ کليل آهي، جنهن ڪري هن پاسي کان هر وقت عام ماڻهن جي رش رهي ٿي. عوام لاءِ کليل هن پاسي کان پري پري تائين مُختلف لان ٺهيل آهن ۽ هنن  ويڪرن ۽ ڦهليل لانس ۾ ڪنهن به ڪُنڊ کان بيهي هن عمارت سان فوٽو ڪڍرائبو ته هيءَ ديو هيڪل عمارت سڄي جو سڄي تصوِير ۾ ايندي. هن ئي اولاهين پاسي کان سامهُون ”جارج واشنگٽن ميموريل“ پڻ واضح طور تي ڏسي سگھجي ٿو. ڪيپيٽول هِل جي هن اولاهين پاسي کي ”ويسٽرن فرنٽ“ چئجي ٿو، جڏهن ته هن جو پريون پاسو (جتي اسان ٿوريءَ دير ۾ وڃڻ وارا آهيُون) کي ”اِيسٽرن فرنٽ“ چيو وڃي ٿو. اهو پاسو رڳو خاص شخصيتن (Dignitaries) جي اچ وڃ لاءِ مخصُوص آهي.
اسان کي ڪيپيٽول هِل بابت بنيادي ڄاڻ فراهم ڪري اسان جو گائيڊ اسان کان موڪلائي هليو ويو. اسين ڪيپيٽول هِل جي سامهُون وارا ڪئين باغ اُڪري هن عظيم الشان عمارت جي بلڪل سامهُون واري پڪي روڊ ۽ هن بلڊنگ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٺهيل ڏاڪن واريءَ جاءِ تي پهتاسِين ۽ هن پُرشڪوهه عمارت سان پنهنجيُون يادگار تصويرُون ڪڍرائڻ لڳاسِين. هر ڪنهن ڌار ڌار توڙي گرُوپ جي صُورت ۾، ڏاڪڻين تي ويهي، توڙي بيهي ڪئين تصوِيرون ڪڍرايُون. ڪيپيٽول هِل جي عمارت کي پُٺي ڏئي، جڏهن ان جي ڏاڪڻين تي بيهي تصويرون ٿي ڪڍرايُوسين ته ساڍن ٽنپهرن سجّ اسان جي سامهُون هو ۽ سجّ جي پيش منظر ۾ ”جارج واشنگٽن ميموريل“ جو سهڻو قدآور ٽاور بي حد خوبصُورت منظر پيش ڪري رهيو هو. اسان ڳچ وقت ڪيپيٽول هِل جي آڏو گذاريوسي. منهنجي ته هن سهڻيءَ عمارت جي تعميرات جي سُونهن مان اک ئي نه ٿي ڍاپي ۽ مان مُسلسل پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي هن جي خد وخال کي چتائي پئي ڏسندو رهيم، ويتر اهو احساس به دل ۾ پئي ٿيو ته ڇا هيءَ واقعي اها عمارت آهي؟ جنهن جُون تصويرُون ۽ فٽيجز آءٌ ننڍپڻ کان ڏسندو رهيو آهيان؟ اسان کي هن عمارت جي اندر به وي آءِ پي ٽُوئر ڪرڻو آهي، پر ان لاءِ هن عمارت جي پرئين پاسي (يعني اِيسٽ فرنٽ) کان هن جي اندر داخل ٿيڻو آهي، پر ان ٽُوئر جي ميزباني جنهن سينيئر اسٽيٽس مين، ”جم مُوڊيءَ“ کي ڪرڻي آهي، ان سان طئي ٿيل وقت ۾ اڃا اڌ مُنو ڪلاڪ هو، تنهن ڪري اسان جي سُونهيءَ مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اهو فيصلو ڪيو ته اسين تيسين يُونين ريلوي اسٽيشن (جيڪا اتان ڀرسان ئي هئي) هلي ڪافي پي وٺُون ۽ ڪجهه صبح کان جاري هَل هَلان جو ٿڪ لاهيُون. اسان کي وري واپس ڪيپيٽول هِل جي مُک دروازي تائين پهچڻ ۾ ڳچ وقت لڳي ويو، جنهن جي ڀرسان اسان جي ڪوسٽر بيٺل هُئي. ان وچ ۾ نڪرندي نڪرندي به گرُوپ جي صُورت ۾ توڙي انفرادي طور تي اسان ڪئين تصوِيرون ڪڍرايُون. ڪوسٽر ۾ ويهڻ سان ئي پنهنجو پاڻ موسيقيءَ جو دؤر شرُوع ٿي ويو. ڪوسٽر ۾ هڪ ننڍو سائُونڊ سسٽم ۽ مائيڪ لڳل هئي، جنهن جي مدد سان ڪجهه دير اڳ تائين اسان جي گائيڊ سوچينڪو اسان جي رهنمائيءَ لاءِ ڳالهايو پئي. هاڻي جيئن ته سوچينڪو وڃي چڪو هو ته اها مائيڪ اسان جي لاهور واري ساٿيءَ ضياء پهرين ذوالفقار مهتُوءَ کي پڪڙائي، جنهن پنهنجي نهايت سُريلي انداز ۾ مهدي حسن جي هڪ غزل جو هڪ مکڙو ۽ هڪ انترو جھُونگاريو. جنهن بعد غزاله فصيح رڙ ڪري چيو ته: ”ياسر به سٺو ڳائيندو آهي!“ ته سمُورن دوستن مُون کي ڳائڻ لاءِ زور ڀريو. اسان جي ڪوسٽر ڪيپيٽول هِل کان يُونين ريلوي اسٽيشن طرف مختصر سفر طئي ڪرڻ ۾ مصروف هئي ۽ مُون موقعي جي مناسبت سان مائيڪ ۾ ڪشور جو گيت ”يه دوستي هم نهين ڇوڙين گي... توڙين گي دم اگر، تيرا ساٿ نه ڇوڙين گي...“ جا ٻه ٻول جھُونگاريا. مُون اهي ٻه ٻول گنگنائي بس ئي مَس ڪيا ته پويان ڪنهن رڙ ڪري چيو ته ”هاڻي ذوالفقار ۽ ياسر گڏ ڳائين!“ اهو آئڊيا ته الائي ڪنهن جو هو، پر ان آئڊيا پيش ڪرڻ واري کان پوءِ سمُورن رڙيُون ڪري ذري گھٽ نعرا هڻي ان فرمائش کي زور ۽ شور سان اُچاريو ۽ پوءِ مهتُو صاحب ۽ مُون غلام عبّاس جو مشهُورِ زمانه گيت ”ايسي وه شرمائي، جيسي ميگھا ڇائي...“ ڳائڻ شرُوع ڪيو، جنهن کي سڀني دوستن ڏاڍو پسند ڪيو. اسان اڃا ان گيت جي استائي ۽ هڪ انترو مَس جُهونگاريو هو ته ايتري ۾ اسين يُونين اسٽيشن پهچي وياسِين ۽ آءٌ ۽ مهتُو اهو گيت ڳائيندي ئي ڪوسٽر تان لٿاسِين. ڪوسٽر مان لهڻ سان مائي اينان ڪوسٽر واري مان هٿ ڪڍيا، ڇاڪاڻ ته اها هڪ مخصُوص وقت تائين ڀاڙي ٿيل هئي، جيڪو وقت هتي پهچڻ شرط پُورو ٿي چُڪو هو. ڪوسٽر مان لهڻ سان اسان جا سڀئي ساٿي ته ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، پر آءٌ ۽ مهتُو جنهن ردم ۾ اچي ويا هُئاسُون، اهو ڪوسٽر مان لهڻ کان پوءِ به جاري رهيو ۽ اسان ٽنپهرن واريءَ ٿڌڙيءَ اُس ۾ به ”ايسي وه شرمائي“ جو ٻيو انترو ڳائيندي يُونين اسٽيشن جي عمارت اندر داخل ٿياسين. ”سُندر نينان ڪالي ڪالي... ان ۾ انڌيري... ان ۾ اُجالي... من ڪا چين چُراني والي... آنک جو ان سي ملائي... وه شاعر بن جائي.. گيت لکي اور گائي...“ ڏاڍو مزو آيو. اهي لمحا مُنهنجي لاءِ ئي نه پر ذوالفقار مهتُوءَ لاءِ به ڏاڍا يادگار هئا، ڇاڪاڻ ته هي ڳائڻ جي لحاظ کان انتهائي ڏکيو گيت آهي ۽ اسان جڏهن ان کي گڏ پئي ڳايوسي ته اسان ٻنهي جي هم آهنگيءَ ان جو لطف پئي وڌايو. اسان ان سهڻي گيت جِي جھُونگار سان يُونين اسٽيشن جي مُک عمارت اندر داخل ٿياسِين. يُونين اسٽيشن واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي مُک ريلوي اسٽيشن آهي، جيڪا واشنگٽن جِي لوڪل ميٽرو ريلوي سسٽم (جيڪو زيرِ زمين هلندو آهي) ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ کي مُلڪ جي ٻين حصّن سان ملائيندڙ ريلوي نظام، ”ايمٽريڪ“ جي جُنڪشن اسٽيشن آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسين جڏهن نيُويارڪ وينداسِين ته ايمٽريڪ جي ذريعي سفر ڪرڻ لاءِ هن ئي اسٽيشن تان ريل ۾ سوار ٿينداسِين.
يُونين اسٽيشن 1908ع ۾ ٺهي ۽ ان ئي سال استعمال ٿيڻ شرُوع ٿي، جڏهن ته 1981ع کان 1989 جي دؤران هن جي ٻيهر مرمت جو ڪم ٿيو، جنهن ۾ هيءَ جهڙوڪر نئين سئين ٿي وئي. يُونين اسٽيشن تان هر سال 50 لک 28 هزارن کان وڌيڪ مسافر ”ايمٽريڪ“ رستي سفر ڪن ٿا، جڏهن ته ”ميٽرو ريل“ رستي سفر ڪندڙ مُسافرن جو روزانو تعداد 32 هزار 456 آهي. هن اسٽيشن جو ٻئي مهاڀاري ويڙهه دؤران تمام وڏو استعمال رهيو، جڏهن هتان روزانو 2 لک مسافرن تائين به سفر ڪندڙن جو انگ رهيو. اهي ڏينهن يُونين اسٽيشن وٽان سفر ڪرڻ جا مصروُف ترين ڏينهن هئا. ”ڊينيئل هُڊسن برنهام“ (ڄم: 4 سيپٽمبر 1840ع ـ لاڏاڻو: پهرين جُون 1912ع) نالي امريڪي آرڪيٽيڪٽ، شڪاگو جي مشهُور آرڪيٽيڪچرل فرم، ”گراهام، اينڊرسن، پروبسٽ اينڊ وائيٽ“ جي مدد سان يُونين اسٽيشن جو نقشو ٺاهيو، جنهن ۾ ڪلاسيڪي آرڪيٽيڪچر جي رنگ کي لازمي طور تي شامل رکيو ويو. هن اسٽيشن جي اندرين سمُورن ٽرمينلس جا هال اڌ گول واريءَ ڇت (آرچ) جي انداز ۾ ٺهيل آهن. جيڪي هن اسٽيشن جي سُونهن ۾ واڌارو ڪن ٿا. اسين هن اسٽيشن جي اُترئين داخلي دروازي کان اندر گھڙياسِين ۽ داخل ٿيڻ سان ئي کٻي هٿ طرف وڌڻ لڳاسِين، جنهن پاسي ”اسٽار بڪس“ ڪافي شاپ هو. اسان مان هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پسند جي ڪافي اسٽاربڪس تان آرڊر ڪئي ۽ سامهُون لڳل انتظار وارين سِيٽن تي ويهي ڪافيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳاسِين. صبح کان اسان جي جيڪا مُسلسل هلچل جارِي هئي، ان هن وقت تائين ڏاڍو ٿڪائي وڌو هو. ان انتظار واريءَ جاءِ جي بلڪل سامهُون هڪ سووينيئر شاپ هو، جنهن تي آءٌ، اشفاق آذر ۽ ذوالفقار مهتُو وڃي سووينيئرن ۽ گفٽن جو جائزو وٺڻ لڳاسِين. هتي، جنهن شهر ۾ وياسِين ٿي، ان شهر جي مناسبت سان ئي گفٽس ۽ سووينيئر دستياب ڏٺاسِين. واشنگٽن ۾ به هر شرٽ، مگ ۽ ٻين گفٽس تي ”واشنگٽن“ جو نالو ۽ عمارتُون يا نشانيُون واضح طور تي نظر ٿي آيون، اهڙيُون شرٽُون، مگ ۽ ٻيا تحفا وري نيُويارڪ ۾ ڪونه ٿي مليا. نيويارڪ وارن تحفن تي وري نيُويارڪ جو نالو درج هو يا عمارتُون ڇپيل هيُون. ماڊلس، پيپر ويٽ توڙي شوپِيسز ۾ واشنگٽن ۾ ملندڙ تحفن ۾ ڪيپيٽول هِل، وائيٽ هائُوس، پينٽاگان ۽ واشنگٽن جي ٻين مشهُور ماڳن جا ماڊل عام جام دستياب هئا. اسان کي مائي اينان هن سفر دؤران گھڻين ئي ڳالهين جي حوالي سان ڏاڍو سٺو گائيڊ ڪيو. اها هن سفر ۾ چوندي رهي ته هِتان هُتان شاپنگ ڪري پيسا نه وڃائجو! ڇو ته هن سفر ۾ ڪولمبيا (مِزُوري) اهڙو ماڳ آهي، جيڪو هنن سمُورن شهرن کان سستو آهي، سو گھروارن ۽ دوستن لاءِ سُوکڙيُون وٺڻ لاءِ ”ڪولمبيا“ لاءِ پئسا بچائجو، باقي هر شهر جي ڪانه ڪا سُوکڙي ڀلي نشانيءَ طور هيڪڙ ٻيڪڙ وٺجو! سو اسان به سندس ان صلاح تي سربستو عمل ڪيو ۽ سندس اها صلاح چڱي ڀانئي سين. مُون ۽ مهتُوءَ ان سووينيئر شاپ تان رڳو اهو بيج ورتو، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ امريڪي جھنڊو هڪ ٻئي سان ڪراس ٿيل آهي، ته جيئن باقي امريڪي سفر دؤران ان کي پنهنجي ڪوٽ تي سجائي سگھُون ۽ خيرسگاليءَ جو خاموش پيغام ڦهلائي سگھُون. آءٌ ۽ اشفاق اسٽيشن جو پسار ڪرڻ لاءِ ان ٽرمينل ۾ گھڻو اڳيان هليا وياسِين ۽ اسٽيشن جي گهماگهميءَ جو حَظُ وٺڻ لڳاسِين. اهي شيڊيُول بورڊ، جن تي اچڻ توڙي وڃڻ وارين ٽرينن جو شيڊيُول ڊجيٽل انداز ۾ لکيو ٿي نظر آيو، انهن بورڊن کي به اهو ڄاڻڻ لاءِ پئي پڙهيوسِين ته هن وقت ڪٿان ڪٿان کان ٽرينُون آيُون آهن ۽ ڪيڏانهن ڪيڏانهن ٽرينُون وڃڻيُون آهن. موٽي آياسِين ته اسان جي ڪافي اچي چُڪي هئي. مُون حسبِ عادت ۽ حسبِ معمُول ”ڪيپيچينو“ ئي آرڊر ڪئي هئي. ”ڪيپيچينو“ هُجي ۽ اها به ”اسٽاربڪس“ جي ٻيو ڇا گھرجي!! ڪافي پي ڪجهه ٿڪ جي گھٽتائيءَ جو احساس ٿيو.

يُونين اسٽيشن کان ٻاهر نڪري اسان کي ڪيپيٽول هِل جي اوڀارين داخلي دروازي (اِيسٽ فرنٽ) تائين پنڌ اچڻو هو، ڇاڪاڻ ته ڪوسٽر وڃي چُڪي هئي. اسين يُونين اسٽيشن جي سامهُون وارو لان اُڪري رهيا هُئاسين ته گوريُن حسينائن جو هڪ جٿو اسان کي ڪراس ڪندي گذريو. منهنجي پويان ٿوري مفاصلي تي ايندڙ، ضياء رڙ ڪري چيو: ”او! خير هو جائي!“ جنهن تي مُون ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو ۽ مُون کان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويو. اسان هلندا رهياسِين. سامهُون ڪيپيٽول هل جي عمارت ويجھي ئي نظر پئي آئي. عمارت قدآور هئڻ سبب ايئن پئي لڳو ته ويجھي آهي، پر جيئن اسين ان طرف وڌندا پئي وياسِين ته اها اسان کان هورڙيان هورڙيان پري پئي ٿيندي وئي. ايئن اوهان سان به ٿيندو هُوندو ته ڪا اوچي عمارت يا ڪو جبل وغيره اوهان کي بظاهر ويجھو نظر ايندو هُوندو، پر اوهان جڏهن ان طرف سفر ڪندا هُوندا ته اهو اوهان کي پاڻ کان پري ٿيندو محسُوس ٿيندو هُوندو. اهو دراصل نظر جو دوکو هُوندو آهي، جيڪو اڳ ۾ اوهان کي ان ماڳ جي ويجھي هجڻ جو احساس ڏياريندو آهي. اسان جا سڀ ساٿي هڪ هڪ، ٻه ٻه، ٽي ٽي ٿي پاڻ ۾ ڳالهائيندا پئي آيا. سڀ کان اڳ اڳ ۾ آءٌ ۽ مائي اينان هُئاسِين. مُون کيس پنهنجي مستعديءَ ۽ ٿڪل نه هجڻ جو احساس ڏياريندي سندس قدم سان قدم پئي ملايو. اها ڪيپيٽول هِل جي عمارت، جيڪا يُونين اسٽيشن مان نڪرڻ مهل بلڪل سامهُون پئي نظر آئي، اها يُونين اسٽيشن جي داخلي دروازي کان گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ کان 2 ڪلوميٽر پري هئي. پُوري ڏينهن جا ٿڪل اسين، ڪيپيٽول هِل جي اِيسٽ فرنٽ تائين پهچندي پهچندي بي حال ٿي پياسين. ”ڪيپيٽول هِل“ جو هي پاسو گھڻيءَ رش کان بلڪل وانجھو ۽ خلاصو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي عام ماڻهن جي اچ وڃ ممنُوع آهي. اسان عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ عمارت جي هن پاسي کان به فوٽو ڪڍرايا. هاڻي اسان کي ڪيپيٽول هِل جي اندر داخل ٿي (جيڪو کوڙ سارين امريڪين جو به خواب هُوندو!) وِي آءِ پي ٽُوئر ڪرڻو آهي، جيڪو سينيئر اسٽيٽس مين جِم مُوڊِي اسان کي ڪرائڻ وارو آهي. ان کان اڳ جو اسين مُوڊِيءَ سان ملُون، مان اوهان کان موڪلايان. ڪيپيٽول هِل جي اندر جو احوال اوهان کي ايندڙ هفتي ڏبو، ڇاڪاڻ ته هن عمارت جي اندر به هڪ وڏو جهان آهي.

No comments:

Post a Comment