Sunday, September 13, 2015

وائيٽ هائُوس جي آسپاس ڪجهه اهم يادگار ۽ عمارتُون - ياسر قاضي

وائيٽ هائُوس جي آسپاس ڪجهه اهم يادگار ۽ عمارتُون
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - قسط 33
ياسر قاضي
هن ”سفر ـ سار“ جي پوئين ڀاڱي ۾ اسان امريڪي صدارتي محل (وائيٽ هائُوس) ۽ ان جي سامهُون واقع ”پريزيڊنٽس پارڪ“ (صدارتي باغ) جو سير ڪيوسي ۽ ان جي باري ۾ خاصي ڄاڻ به ونڊيسين. ان کان اڳ جو اسين واشنگٽن ڊِي سِيءَ جا ٻيا ماڳ ڏسون ۽ گھمون، اچو ته وائيٽ هائُوس جي پاڙي ۾ واقع ڪجهه ٻين يادگارن (مُجسمّن) ۽ عمارتن کي به ڏسندا ۽ انهن جي باري ۾ ٿوري ٿوري ڄاڻ حاصل ڪندا هلُون، ڇو ته منهنجو هن سفر جي سار اوهان سان سَلڻ جو مقصد صرف پنهنجو رازنامچو ٻڌائڻ ناهي، پر هن تحريري سلسلي جو اصل مقصد انهن وَٿن جي باري ۾ اوهان تائين بنيادي ڄاڻ پهچائڻ پڻ آهي، جيڪي اسين ڏسُون يا گھمُون پيا، ڇاڪاڻ ته انهن جاين جي باري ۾ ڪتابي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سرزمين تي وڃي معروضي (زميني) حقيقتن سان انهن کي ڀيٽن کان پوءِ واري صُورتحال کي سَلڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.


اسين وائيٽ هائُوس جي سامهُون ”پريزيڊنٽس پارڪ“ ۾ ڳچ وقت گذاري، اوباما خلاف ٿيندڙ مُظاهرا ۽ احتجاج ڏسندي، پارڪ جي اوڀر طرف هلڻ شرُوع ڪيوسي ته ان پارڪ جي آسپاس ڪن يادگار مُجسمّن اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. وائيٽ هائُوس جي آسپاس ڪي يادگار مُجسما ”لفاييٽي پارڪ“ ۾ ۽ ڪي ”پريزيڊنٽس پارڪ“ ۾ واقع آهن، جن منجهان هڪ ”جرنل روچانبيو جو مُجسّمو“ به هو، جيڪو فرانسيسي شاهي مهم جُو ۽ فرانس جي فوج جي سابق ڪمانڊر ”جرنل ڪومٽي ڊِي روچامبيو“ (ڄم: پهرين جُولاءِ 1725ع ـ لاڏاڻو: 10 مئي 1807ع) جي يادگار طور سندس جاح ۽ جلال واري شبيهه تي تخليق ڪيو ويو آهي، جنهن کي 1780ع کان 1782ع تائين، 5 هزار 500 امريڪي انقلابي فوجين جي مدد ۽ اڳواڻيءَ لاءِ، فرانسيسي صدر جي سرڪاري نمائندي جي حيثيت ۾ فرانس مان امريڪا موڪليو ويو هو. 1781ع ۾ امريڪي انقلاب واريءَ جنگ دؤران، يارڪ ٽائُون ۾ امريڪا جي فتح ۾ روچامبيو جي ڏاهپ، اورچائيءَ ۽ جوان مرديءَ جو وڏو هٿ هو. هن مُجسمي ۾ سندس شبيهه ان رعب واري انداز ۾ ٺهيل آهي، جو ڀاسي ٿو ته هُو پنهنجيءَ فوج کي ڪا هدايت ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندس ساڄو هٿ اڳيان وڌيل آهي ۽ کيس فرانسيسي فوجي لباس پهريل آهي. ان ئي مُجسّمي جي حصّي طور ٻه ٽي ٻيُون شبيهُون به جُڙيل آهن، جيڪي بظاهر ان وڏي مُجسمي جي فائُونڊيشن (بنياد) جي آسپاس بيهاريل ڏيکاريل آهن. انهن منجهه هڪ عورت جي شبيهه به آهي، جنهن جي کاٻي هٿ ۾ ٻه جهنڊا پڪڙيل ڏيکاريا ويا آهن. هن زائفاڻي شبيهه کي ”اتحاد“ جي علامت طور تخليق ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري هن مُجسمي کي چئبو به ”يُونٽي“ آهي. هي ٻه جهنڊا امريڪا ۽ فرانس جي علامت طور سندس هٿ ۾ ڏنا ويا آهن، جيڪي امريڪا ۽ فرانس جي ٻڌيءَ کي ظاهر ڪن ٿا.
هنن مُجسمن ۽ يادگارن ۾ ٻيو يادگار، ”جرنل جيڪسن جو مُجسمّو“ آهي، جيڪو پڻ ان ئي پسگردائيءَ ۾ ”ليفاييٽي پارڪ“ ۾ ڪرُ کنيو بيٺو آهي. هي مُجسمّو امريڪا جي ستين صدر ”ميجر جرنل اينڊريُو جيڪسن“ (ڄم: 15 مارچ 1767ع ـ لاڏاڻو: 8 جُون 1845ع) جي ياد ۾ ٺهرايل آهي. هُو امريڪي رياست ”فلوريڊا“ جو ”ملٽري گورنر“ ۽ امريڪي فوج جو ڪمانڊر به رهيو ته امريڪا پاران، امريڪي انقلابي جنگ، ”ڪرِيڪ“ جنگ، 1812ع واري جنگ ۽ پهرين سيمينول جنگ (فلوريڊا جي فتح واري جنگ) ۾ امريڪي فوج جي قيادت ڪيائين. هُو امريڪي فوج جي سرواڻيءَ واري ذميواريءَ کان سبڪدوش ٿيڻ کان 13 سال پوءِ امريڪا جو صدر بڻيو. هن مُجسمي ۾ جرنل اينڊريُو هڪ گھوڙي تي ويٺي جنگ وڙهڻ واريءَ حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ گھوڙو پڻ پنهنجي پونين ٻن ٽنگن تي بيٺي پنهنجين اڳين ٻن ٽنگن سان دشمن تي حملي ڪرڻ واريءَ پوزيشن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هي اولهه رُخو مُجسّمو پتل جو ٺهيل آهي، جڏهن ته گھوڙي توڙي جرنل اينڊريُو جو رُخ چبُوتري جي مُقابلي ۾ ٿورڙو ڏکڻ پاسي (وائيٽ هائُوس طرف) مُڙيل ڏيکاريو ويو آهي. هن مُجسمي جي چئن پاسن کان چار توپُون به رکيل آهن. ٻُڌايو ويو ته هي اُهي ئي توپون آهن، جيڪي پينساڪولا ۽ فلوريڊا جي جنگين ۾ جيڪسن پاڻ استعمال ڪيُون هيُون ۽ اهي بارسلونا جي هٿيار ساز ڪارخاني ۾ ٺهيُون هيُون. هنن چئن توپن جا نالا به ڄاڻايل آهن، جيڪي (هڪ) ”ايل ايسٽرو“ (1773ع) (ٻه) ”اپولو“ ـ 1773ع (ٽي) ”ايل ايٽزا“ ـ 1748ع ۽ (چار) ”ايل ايگيڪا“ ـ 1748ع آهن. هي مُجسّمو ڊسمبر 1852ع ۾ ٺهيو هو. هن مُجسمي ٺاهڻ لاءِ مُجسمي ساز هن جاءِ تي ئي اسٽوڊيو ۽ بٺو ٺاهي ورتو هو، جتي هن فائنل مجسّمي ٺاهڻ کان اڳ ان جا ڪجهه آزمائشي سيمپل پڻ ٺاهيا هئا. خاص طور گھوڙي جي مُجسّمي ٺاهڻ کان اڳ هن ان جا 6 سانچا ٺاهيا. هي سڄو مُجسّمو 10 سانچن جي مدد سان تخليق ڪيو ويو، جنهن منجھان 6 سانچا گھوڙي جي شبيهه ۽ 6 سانچا جرنل جيڪسن جي شبيهه ٺاهڻ ۾ ڪتب آيا. هن مُجسّمي جو ڪل وزن 15 ٽن آهي. هن مُجسمي کي 8 جنوري 1853ع تي اورلِينس جنگ جي 38هين سالگرهه جي موقعي تي عوام جي نالي ڪيو ويو ۽ عوامي نماءَ لاءِ کوليو ويو.
ان ئي پسگردائيءَ ۾ پولينڊ جي مشهور عسڪري انجينيئر ۽ فوجي ڪمانڊر، ”جرنل ڪوسيوزڪو“ (ڄم: 4 يا ڪن لکتن مُوجب 12 فيبرورري 1746ع ـ لاڏاڻو: 15 آڪٽوبر 1817ع) جي ياد ۾ جوڙايل سندس پتل جو مُجسّمو به شامل آهي، جيڪو 1910ع کان وٺي عوام جي نماءَ لاءِ وائيٽ هائُوس جي پاڙي ۾ ”ليفاييٽ پارڪ“ ۾ موجُود آهي. هي فوجي جرنيل هو ته پولينڊ جو، پر سندس به امريڪا جي انقلابي جنگ ۾ حصّو رهيو، جنهن ڪري کيس امريڪا ۾ به قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. امريڪي انقلابي جنگ دؤران مُک جاين، خاص طور ”ويسٽ پوائنٽ“ ۾ سندس قلعي بنديءَ جي هنر سبب امريڪا کي هن جنگ ۾ سوڀ نصيب ٿي ۽ هن اهم جنگ جي ڪاميابيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندڙن ۾ ڪوسيوزڪو جو نالو پڻ خاص سڃاڻپ طور ڳڻيو ويو. هي مُجسّمو به امريڪي عوام توڙي سرڪار پاران سندس مڃتا جو دليل آهي. ”ليفاييٽي پارڪ“ جي اوڀر ڏکڻ واريءَ ڪُنڊ تي نصب ٿيل هن مُجسّمي ۾ ڪوسيوزڪو کي برِاعظمي (ڪانٽينينٽل) لباس پهريل آهي ۽ سندس ساڄي هٿ ۾ هڪ نقشو آهي، جنهن ۾ نيُويارڪ جي سارگوٽا قلعي جي قلعي بنديءَ جو منصُوبو آهي. ڪوسيوزڪو جي مُجسّمي جي بلڪل هيٺان هڪ کليل پرن واري باز جي شبيهه ٺاهي وئي آهي. هي باز پنهنجن چنبن ۾ هڪ جهنڊي، هڪ حفاظتي شِيلڊ ۽ هڪ تلوار کي جھليو ويٺو آهي، ۽ اهو شاهين انهن جي حفاظت ڪرڻ جي علامت طور ڏيکاريو ويو آهي. هي باز دنيا جي گولي تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي ۽ جنهن جاءِ تي ويٺل آهي، اهو حصّو امريڪي نقشي وارو حصو آهي، يعني رعب ۽ شڪوهه جي علامت بڻيل هي شهباز امريڪا جي حفاظت تي معمُور ڏيکاريو ويو آهي. هُونءَ به سڄيءَ دنيا ۾ باز کي فتح توڙي عزم ۽ وَلولي جي نسبت ۽ علامت سمجھيو ويندو آهي. امريڪي سرڪار ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي لوگو (خاص نشان) ۾ پڻ هڪ شهباز ڊزائن ٿيل آهي، جنهن جي هڪ چنبي ۾ 13 تِيرَ (طاقت جي علامت طور) ۽ ٻئي چنبي ۾ هڪ ٻُوٽو (پيداوار ۾ پاڻ ڀرو هئڻ جي علامت طور) ڏيکاريل آهي. ”جرنل ڪوسيوزڪو“ جو، هي مُجسّمو جنهن ٺُلهه تي بيٺل آهي، ان جي اڳيان واري حصّي تي ته ذڪر ڪيل باز جي شبيهه بيٺي آهي، جڏهن ته هن جي ساڄي ۽ کاٻي، ٻنهي پاسن کان ٻه ٻه پولش (پولينڊ جا) سپاهي ڏيکاريل آهن، جيڪي پڻ جنگي ايڪشن ۾ آهن. هڪ پاسي وارن مجسمّن ۾ ٻه ڄڻا ان انداز ۾ ڏيکاريل آهن، جو ڄڻ هڪ ويٺل فوجي زخمي هجي ۽ ٻيو سندس مدد ڪرڻ لاءِ بيٺل هجي. هن پسگردائيءَ جي ڪن ٻين مُجسّمن ۾ جرنل شرمن جو مُجسّمو، ”نيوي يارڊ ارنس“ (بحري ڪُونڊو)، ”جرنل وون اسٽيُوبن جو مُجسمو“، ”فرسٽ ڊويزن مانيُومينٽ“ وغيره شامل آهن.
وائيٽ هائُوس جي ڏکڻ واريءَ سَڻڪ سان وائيٽ هائُوس جي اوڀر ۾ هلڻ لڳبو ته ٻه ڏاڍيُون سهڻيُون عمارتُون وائيٽ هائُوس جي قطار ۾ ڏسڻ وٽان آهن. انهن عمارتن مان هڪ عمارت ”اِيسنهوور ايگزيڪٽو آفيس“ ۽ ٻي ”يُو ايس ڊپارٽمينٽ آف ٽريزري“ (امريڪي خزاني واري کاتي جي هيڊ ڪوارٽر) واري عمارت آهي، جيڪي ٻئي وائيٽ هائُوس جي ڀرسان آهن.
فرانسيسي سلطنت واريءَ اڏاوت جي طرز تي جُڙيل”اِيسنهوور ايگزيڪٽو آفيس“ جي عمارت، ”وائيٽ هائُوس“ جي اولهه ۾ واقع آهي ۽ 1871ع کان 1888ع جي وچ ۾ جُڙي ۽ اڄڪلهه امريڪي ”جنرل سروسز اينڊ ايڊمنسٽريشن“ جي انتظام هيٺ اچي ٿي، پر مُون کي ته هيءَ عمارت پهرينءَ نظر ۾ ڏسڻ سان ڀارتي رياست جئه پُور ۾ جُڙيل عمارتن جي طرز تي ٺهيل لڳي. هن عمارت جو نقشو مشهُور امريڪي آرڪيٽيڪٽ، ”الفرڊ بُلٽ مُليٽ“ (ڄم: 7 اپريل 1834ع ـ لاڏاڻو: 20 آڪٽوبر 1890ع) ٺاهيو، جنهن جي حصّي ۾ ٻين به متعدد امريڪي سرڪاري عمارتن جي ڊزائن تخليق ڪرڻ جو اعزاز پڻ آيو. هن عمارت کي اڳ ۾ ”اسٽيٽ وار اينڊ نيوي بلڊنگ“ ۽ ”اولڊ ايگزيڪٽو آفيس بلڊنگ“ به چيو ويندو رهيو آهي. پينسلوينيا ايوينيوو ۽ نيُويارڪ ايوينيُو جي پاڻ ۾ ڪٽيندڙ ڪُنڊ تي ٺهيل هن عمارت اندر امريڪي صدر توڙي نائب صدر جي ايگزيڪٽو آفيس جي سمُوري عملي جا دفتر موجُود آهن. هن عمارت ۾ ڪل 566 دفتر (ڪمرا) موجُود آهن. اوهان گذريل باب ۾ وائيٽ هائوس جي تاريخ پڙهي ته اهو 19هين صديءَ جي بلڪل آخر ۾ ٺهيو. ان حساب سان هيءَ عمارت ان کان به آڳاٽي تعمير ٿيل آهي. هن عمارت جي اڏاوت کان پوءِ گھڻن سالن تائين هيءَ دنيا جي سڀ کان وڏي ايراضيءَ تي مُشتمل، وڏي ۾ وڏي سرڪاري آفيس جو اعزاز رکندڙ عمارت هئي، جنهن جي رڳو پَٽ جي پکيڙ 10 ايڪڙ آهي. اڄ به وائيٽ هائُوس ۾ ڪم ڪندڙ کوڙ سان آفيسرن جا اصل دفتر ”اِيسنهوور ايگزيڪٽو آفيس“ ۾ آهن. هن بلڊنگ کي  4 جُون 1969ع تي ”امريڪي نيشنل رجسٽر آف هسٽارڪ پليسز“ (اين آر ايڇ پي) ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته  11 نومبر 1971ع تي ”امريڪي نيشنل هسٽارڪ لينڊ مارڪ“ (قومي ورثي ۾ شامل عمارت) طور سُڃاتو ويو.
”يُونائيٽيڊ اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ آف ٽريزري“ (امريڪي ٽرريزري کاتي) جي صدر دفتر جي عمارت، امريڪي وفاقي حڪومت جي ناڻي واريءَ وزارت جي ايگزيڪٽو آفيس ۽ هيڊ ڪوارٽر آهي، جتي ملڪي ناڻي جو سمُورو حساب ڪتاب طئي ٿيندو آهي ۽ ناڻي سان مُتعلق ڪم ڪار انجام ڏنو ويندو آهي. هي کاتو 2 سيپٽمبر 1789ع تي وجُود ۾ آيو، جڏهن ته هيءَ عمارت 1836ع کان 1842ع جي وچ ۾ تعمير ٿي. جيئن ته هيءَ عمارت مختلف وِنگس جي صورت ۾ مختلف مرحلن ۾ ٺهي، تنهن ڪري هن جا نقشا به مختلف آرڪيٽيڪٽس ٺاهيا، جن ۾ ”رابرٽ مِلس“، ”ايمِي بِي ينگ“، ”اليگزينڊر ايڇ. بؤومين“، ”عيسى روجرس“ ۽ ”الفرڊ بِي مُليٽ“ شامل آهن (الفرڊ جو ذڪر پاڻ مٿي ڪري آياسُون، جنهن مٿي ذڪر ڪيل ”اِيسنهوور ايگزيڪٽو آفيس“ جو نقشو پڻ ڊزائن ڪيو.) هن جي اڏاوت جو انداز ۽ نقشو ”نِيئو ڪلاسيڪل“ طرز جو آهي. هن عمارت کي 11 نومبر 1971ع تي ”امريڪي نيشنل رجسٽر آف هسٽارڪ پليسز“ (اين آر ايڇ پي) ۾ ۽ ساڳئي ئي تاريخ تي ”امريڪي نيشنل هسٽارڪ لينڊ مارڪ“ (قومي ورثي) ۾ شامل ڪيو ويو. هن عمارت جي سامهُون امريڪا جي باني ابن (فادرس آف دي نيشن) منجھان اهم شخصيت، امريڪي خزاني جي پهرين مملڪتي سيڪريٽريءَ ۽ امريڪي فؤج جي سينيئر آفيسر، ڪمال جي مُقرّر ۽ اسٽيٽس مين، ”اليگزينڊر هيملٽن“ (ڄم: 11 جنوري 1755ع يا ڪن روايتن مُوجب 1757ع ـ لاڏاڻو: 12 جُولاءِ 1804ع) جو پتل جو ٺهيل مُجسّمو پڻ نصب ٿيل آهي، جيڪو هتي 1923ع کان بيٺل آهي.
اسين انهن ٻنهي عمارتن جو نظارو ڪندا، يُو ايس ٽرريزري عمارت جي ٻن پاسن کان ان جو جائزو وٺندا، پهرين پُٺ، پوءِ پاسو ۽ آخر ۾ ان جي اڳ وٽ اچي بيٺاسِين. هيءَ اها جاءِ هُئي، جتان اسان کي ”ڪيپيٽول هِل“ بلڪل سامهُون (ٽريزري آفيس کان پاسيرو) نظر اچي رهيو هو، جيڪو ٿوريءَ دير کان پوءِ اسان جي منزل هو. اسان مان گھڻن دوستن کي فريش ٿيڻ جي ضرُورت پيش آئي ته اسان جي گائيڊ سوچينڪو اسان کي سامهُون ”دي هيملٽن“ (هوٽل ۽ ريسٽورنٽ) طرف اشارو ڪندي چيو ته اوهان مان جنهن جنهن کي پنهنجن وارن ۽ مُنهن جي دَز صاف ڪري اچڻي آهي، اهو ان ريسٽورنٽ مان فريش ٿي اچي. لڳ ڀڳ سڄي سنگت ”دي هيملٽن“ جو رُخ ڪيو. هن ريسٽورنٽ جا ان وقت (ٽنپهرن ڌاري) نه فقط اندريان ڊائننگ هال ماڻهن سان ڀرپُور هئا، بلڪه ٻاهر به جيتريُون به ڇٽيُون لڳل هيُون ۽ انهن جي هيٺان جيتريُون به ڊائننگ ٽيبلُون سينگاريل هُيُون، اهي لڳ ڀڳ سمُوريُون ماڻهن سان ڀريل هُيون. اسان کي ڪي 15، 20 منٽ لڳا ۽ اسين ”دي هيملٽن“ ۾ اندر وڃي، مختصر پر چڱي نموني هوٽل جو پسار ڪري آياسين، جتي اندر گھڙڻ سان ٽنپهرن جو نه پر رات جو احساس پئي ٿيو. لائِيو ميُوزڪ سان ماڻهن آرٽسٽڪ انداز ۾ لائيٽنگ ٿيل ڊائننگ هالس ۾ شام جي چانهه ۽ ڪافيءَ جو مزو پئي ورتو. اسين هٿ منهن ڌوئي ٻاهر آياسين ته ان ريستوران ”دي هيملٽن“ جي عين سامهُون اسان جي ڪوسٽر بيٺل هئي، جنهن ۾ چڙهي اسان پنهنجي ايندڙ منزل ڏانهن اُسهڻ لاءِ ويٺاسِين. ويهڻ کان پوءِ پنجن ڏهن منٽن ۾ محسُوس ڪيوسين ته اسين سمُورا ساٿي پُورا آهيون. اسان ۾ کُٽل آهن ته اسان جي سُونهي، مائي اينان (مسز اين هارٽمين)، اسان جو لاهور وارو دوست ذوالفقار علي مهتُو، لاهور وارو ٻيو سنگتي، ضياء ۽ هڪ ٻه ٻيا ڄڻا.. ڪنهن اسان جو توجّهه ڇڪايو ته مهتُو ۽ مائي اينان روڊ جي پرئين پار ”دي هيملٽن“ واريءَ ڪُنڊ تي يُو ايس ٽريزري کاتي جي عمارت جي سامهُون ڪجهه سيڪيورٽي اهلڪارن سان بحث ۾ مصرُوف هئا ۽ ٻنهي (مائي اينا ۽ مهتُوءَ) جي چهرن تي واضح طور تي پريشانيءَ جا تاثرات هئا. اسان ڪوسٽر تان لهي ڏٺوسي ته اهي سيڪيورٽي اهلڪار مهتُوءَ جا ڪي ڪاڳر پَٽ چيڪ ڪري رهيا هئا ۽ سندس ”دنيا نيُوز“ واري ڪئميرا اهلڪارن جي قبضي ۾ هئي. اسين انهن اهلڪارن ۽ مهتُوءَ وارن کان ڪجهه پرڀرا / روڊ جي اورين پار بيٺل هُئاسِين. اسان سان اسان جو بخيل گائيڊ سوچينڪو به بيٺو هو، جنهن ڪَٽ پئي کاڌا ته: ”مُون کي دير ٿي ٿئي... هي ڪهڙن ڏچن ۾ ڦاٿا پيا آهن...“ وغيره وغيره... اصل ۾ سوچينڪو جو تعلق ان قسم جي ماڻهن مان هو، جيڪي ٻين جي مجبُوريءَ کي به نظرانداز ڪندي، ڪنهن کي به اڪوموڊيٽ ڪرڻ جي زحمت ناهن ڪندا. اصل ۾ ٿيو هيئن هو جو مهتوءَ وائيٽ هائُوس ۽ ٻين حساس امريڪي تنصيبات جي جيڪا وڊيوگرافي پئي ڪئي، اها بنا اجازت جي پئي ڪئي (اهڙين حساس عمارت جي ڪنهن به چينل لاءِ وڊيو گرافيءَ لاءِ اڳواٽ لکتي اجازت جي ضرُورت هُوندي آهي، جيڪا مهتُوءَ وٽ ڪانه هُئي) ظاهر آهي ته هي ”ريڊ زون“ (سخت چڪاس وارو علائقو) هو ۽ مختلف سيڪيورٽي اهلڪارن مهتُوءَ جي ان نقل ۽ حرڪت کي ڪافي دير کان نوٽ پئي ڪيو، جنهن جي ڪري هنن کيس بالآخر اُتي جھلي ورتو ۽ سندس ڪئميرا توڙي پاسپورٽ ضبط ڪري ورتو هئائُون. هن اهلڪارن کي اهو ٻڌايو ته: ”آءٌ پاڪستاني صحافي آهيان ۽ هتي ايڪسچينج پروگرام تحت آيو آهيان.“ مائي اينان به ساڻن پنهنجو تعارف ڪرايو ته: ”آءٌ امريڪي سرڪاري اداري، اِيسٽ ويسٽ سينٽر جي ملازم آهيان ۽ هن گرُوپ سان گڏ سُونهي آهيان. آءٌ هن جي ضمانت ٿي ڏيان!“ پر تنهنجي باوجُود به گھڻي دير کان هي اهلڪارن هنن ٻنهي کي جھليو بيٺا هئا ۽ شايد وڌيڪ پُڇا ڳاڇا لاءِ پنهنجي بيورو وٺي وڃڻ جو ارادو پئي رکيائُون. اها ڏاڍي مُشڪل صُورتحال هئي. ان مان نڪرڻ لاءِ مائي اينان شايد پنهنجي سينيئرس کي ڪال ڪري صُورتحال کان آگاهه ڪيو، جن منجھان ڪنهن امريڪي سيڪيورٽيءَ جي ڪن اعلى اختيارين سان ڳالهايو، جنهن کان پوءِ ضرُوري تصديق کان پوءِ ته هي بي ضرر ماڻهُو آهن ۽ مهتُوءَ جي اهڙِي وڊيوگرافيءَ سان امريڪا کي ڪوبه نقصان ڪونه پهچندو، امريڪي سيڪيورٽي اهلڪارن سندن جان ڇڏي، سو به اُها ريڪارڊيڊ ٽيپ ضبط ڪري... ان سڄيءَ جھڳجھڳان ۾ اينان توڙي ذوالفقار جا ڪي 40 منٽ، مُنو ڪلاڪ لڳي ويو، پر هُو جڏهن ڪوسٽر طرف آيا ته واشنگٽن جي هيڏيءَ ٿڌيءَ موسم ۾ به سندن ڪنپٽين کان پگھر روان هئا ۽ سندن چهري تي بي انتها پريشانيءَ جا واضح تاثر محسُوس پئي ٿيا. ڳالهه به ايڏي سنگين ئي هُئي. جي مائي اينان اسان سان امريڪي نمائندي طور موجُود نه هجي ها، ته اڳ ۾ ته وجھن ها مهتُوءَ کي ڪاٺ ۾، پوءِ پيا ڪندا رهنس ها پُڇا ڳاڇا! اڳي ئي اسين پاڪستاني چورين ۽ ڌوڪا دهيءَ جي حوالي سان خوار، ويتر جو ههڙي پڪڙ ڌڪڙ ٿئي ته صاف سُٿرن شعبن سان وابسته پاڪستاني به بليڪ لسٽ ٿي وڃن! غلطي ذوالفقار جي هُئي، جو هُو واشنگٽن کي لاهور سمجھي ۽ وائيٽ هائُوس کي شاهي قلعو سمجھي شُوٽنگ ۽ ”ايس او ٽِيز“ رڪارڊ ڪرڻ ۾ شرُوع ٿي ويو. سوچيو هُوندائين، ڪنهن پڇيو ته کيس پريس جو ڪارڊ ڏيکاري ڇڏيندم، ته اچي ويندو داٻي ۾! پر کيس به خبر پئجي وئي هُوندي ته ”هي ريڊيو پاڪستان نه پر ريڊيو واشنگٽن آهي!“
ڪوسٽر ۾ ويٺاسِين. سوچينڪو کي پيٽ ۾ وڪڙ ان ڪري پئي پيا جو کيس اسان سان گڏ ”ڪيپيٽول هِل“ هلي، ان جي پارڪ ۾ بيهي ڪيپيٽول هِل بابت بنيادي معلُومات ڏئي ”9 ـ 2 ـ 11“ (نو دو گياره) ٿيڻو هو ۽ پوءِ ڪيپيٽول هِل جي اندر جو وي آءِ پي ٽُوئر اسان کي سينيئر پارليامينٽيرين جم مُوڊيءَ سان ڪرڻو هو، سو هنن ان جھڳ جھڳان دؤران پئي سوچيو هُوندو ته: ”اُٺ لنگھي ويو، پر پُڇ ڪونه ٿو لنگھي سگھي!“

اسين ڪوسٽر تي امريڪا جي سڀ کان وڏي ايوان، ”ڪيپيٽول هِل“ پهتاسين، جتي امريڪا سميت پُوريءَ دنيا جي حوالي سان وڏا وڏا فيصلا ٿيندا آهن. هي امريڪا جو اعلى ترين ايوان آهي. ڪيپيٽول هِل جيترو ٻاهران سُهڻو ۽ شاهي شڪوهه سان ڀرپُور آهي، اندران ان کان به ڪئين ڀيرا وڌيڪ سهڻو ۽ ڪشش وارو آهي، جيڪو اندران توڙي ٻاهران اوهان کي ايندڙ هفتي گھمائيندم.

No comments:

Post a Comment