ڪجهه ننگر پارڪر جي ڪولهين بابت
الطاف شيخ
گذريل مهيني آئون ڪجهه باگڙي، ڀيل، مينگھواڙ، ڪولهي ۽ اوڏ
فئملين سان ملڻ لاءِ انهن جي جھوپڙن ۾ ويس. ساڻن گڏ فوٽو ڪڍرائڻ واري ڳالهه منهنجي
فوٽوگرافر کي نه پئي وڻي ته آئون انهن جي وچ ۾ بيهي يا انهن سان گڏ کٽ تي ويهي فوٽو
ڪڍرائي رهيو آهيان. هڪ ڳوٺ جي وڏيري ته اهي فوٽو ڏسي مونکان حيرت مان پڇيو: ”سائين!
هنن جي ويجھو وهڻ سان توهان کي گِهن..... يعني دل ڪچي نه ٿي؟“
آئون ملائيشيا ۾ 45 سالن کان ايندو ويندو رهيو آهيان جن مان
ڏهه سال ته لڳاتار اتي جي ٻهراڙيءَ ۾ رهيو آهيان. اتي به هن قسم جون انڊيا کان آيل
هيٺانهيون ذاتيون رهن ٿيون پر اتي ته انهن سڀني کي اتي جا باقي ماڻهو جن جو درجو اسان
جي شاهن سيدن برابر سمجھيو وڃي ٿو، پاڻ جهـڙو سمجھن ٿا. انهن سان گڏ اٿن وهن ۽ کائين
پيئن ٿا. پوءِ اسان وٽ اسان جا مسلمان انهن کان نفرت ڇو ٿا ڪن يا انهن کي گهٽ ڇو ٿا
سمجھن؟ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهن هيٺين ذاتين جي ماڻهن سان اسانجي مسلمانن کان
وڌيڪَ اوچي ذات جا هندو نفرت ڪن ٿا. صدين کان ڪولهي، ڀيل، ميگھواڙ جهڙين ذاتين کي هندو
اوچ ذاتين طرفان اڇوت يعني جنهن کي نه ڇهجي، ليکيو وڃي ٿو. اسلام ڪوٽ جو جھونو وڪيل
وشنداس نهالچند پٻاڻي ٻڌائي ٿو ته ان بابت هندو ڌرم جي ڪنهن به ڌرمي پستڪ ۾ لکيل ناهي.
ٻين جي شيوا ڪرڻ شودرن جا ڪرم آهن. شودر جي معنيٰ اڇوت هرگز نه آهي. جڏهن ڪو جانور
اڇوت نه آهي ته پوءِ انسان، جيڪو اشرف المخلوقات يا سڀني ساهوارن ۾ اُتم آهي اهو اڇوت
ڪيئن ٿيو؟
برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر ڪم ڪندڙن جا ورڻ، درجا يا ڪلاس آهن.
جيڪو جهڙي ڪلاس جو ڪم ڪري ٿو اُهو انهي ورڻ، درجي يا ڪلاس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
ڄمڻ سان نه ڪو برهمڻ آهي، نه کتري، نه وئش ۽ نه وري ڪو سودر آهي. شريمد ڀڳود گيتا مطابق
برهمڻ جو پٽ ڄمڻ سان برهمڻ ڪونهي: جيڪڏهن هو پيءُ وانگر ڌرمي شاستر پاڙهڻ يا وديا سيکارڻ
جو ڪم ڪري ٿو ته برهمڻ آهي پر جيڪڏهن پاڙهڻ بدران واپار ڪري ٿو ته هو ”وئش“ يعني واپاري
آهي. لهاڻا جيڪي سروج ونسي گهراڻي جي شري رامچندر جي پٽ لَو جا اولاد کتري هئا اهي
جڏهن ڳئون پالڻ، پوک ۽ واپار ڪرڻ لڳا ته وئش سڏجڻ ۾ آيا. شودر هڪ ڪلاس جو نالو آهي
جنهن جي غلط معنيٰ ٻڌائي هنن کي اڇوت بڻايو ويو آهي ۽ کانئن نفرت ڪئي وڃي ٿي، سا ڳالهه
انسانيت ۽ ڌرم جي خلاف آهي. بقول وشنداس نهالچند جي اهي غلط خيال صدين کان مفاد پرست
برهمڻن ۽ ٻين اوچ ذات جي ماڻهن پنهنجي فائدي خاطر اٻوجهه ماڻهن جي مغز ۾ ويهاري ڇڏيا
آهن:
هونءَ ڏٺو وڃي ته انڊيا جي ڀيٽ ۾ اسانوٽ يعني اسان جي ملڪ
۾ مسلمانن توڙي هندن جي سوچ ۾ هاڻي ڪافي تبديلي ۽ سڌارو اچي رهيو آهي. ويندي مٿي بيان
ڪيل وڪيل صاحب وشنداس نهالچند جيڪو اوچي ذات جو هندو آهي هنن مظلوم قومن (ڀيل، ميگھواڙ،
ڪولهي، باگڙي وغيره) سان دلي همدردي رکي ٿو ۽ هن هنن جي درد جا داستان پنهنجي مختلف
ڪِتابن ۾ عوام اڳيان پيش ڪيا آهن. انهن سان گڏ گهڻي ڀاڱي اسان جي مسلمانن کي به هنن
سان نفرت ناهي ۽ نه وري ڪا بُڇان محسوس ڪن ٿا. هو هنن سان گڏ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين
۾ گڏ ويهي تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ گڏ گڏ نوڪريون ڪن ٿا. مونکي حيرت ٿي جڏهن مون باگڙي،
ڀيلن، ميگھواڙن سان گڏ ڪڍرايل تصويرون فيس بڪ تي ڏنيون ته ڪيترن ئي پڙهندڙن ۽ مٿانهين
ذات جي هندن ۽ مسلمانن نفرت جو اظهار ڪرڻ بدران پازيٽو ڪمينٽس لکيا ۽ منهنجو انهن قومن
جي ماڻهن سان گڏ هجڻ تي هنن خوشيءَ جو اظهار ڪيو. انهن comments ۾ ڪا هڪ به نيگيٽو راءِ انهن قومن خلاف نه هئي.
ايتريقدر جو اسان وٽ ڪيترا مسلمان پنهنجن ٻارن جا نالا انهن ڪولهي ۽ ڀيلن تان به رکن
ٿا جن هن ڌرتيءَ سان وفاداري ڪئي ۽ هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي بقا لاءِ پنهنجن جان به
ڏئي ڇڏي پوءِ اهو ئي هيمون ڪالاڻي هندو هجي يا روپلو نالي ڪولهي هجي. اسان جي اديب
دوست ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي سابق سيڪريٽري تاج جويو جي پٽ جو نالو پڻ روپلو آهي
... ”روپلو جويو“. تاج جويو کان پڇيم ته هن روپلو نالي جي چونڊ ڇو ڪئي؟ هن وراڻيو ته
ان ڪري جو روپلو ڪولهي جو ڪردار منهنجي نظرن ۾ اسان جي ڪيترن سيدن، پيرن ۽ هندن جي
برهمڻن، پنڊتن ۽ ٻاون کان وڌيڪَ بهتر ۽ ڌرتيءَ لاءِ وفادار رهيو آهي.
”پوءِ ڀلا ان نالي تي ته ڪيترن ئي اعتراض ڪيو هوندو.“ مون تاج جويو
کان پڇيو.
”ٻين ته نه پر اسڪول ۾ داخلا وقت ڪجهه ماسترن اعتراض ڪيو. انهن کي مون
چيو ته بابا هو منهنجو پٽ آهي. منهنجي مرضي ڪهڙو به نالو رکان. نالو ڪو هندو يا مسلمان
نه ٿيندو آهي. ائين ته بادل، گل، لڌو، اقبال هندن ۽ عيسائين جا نالا آهن ته مسلمانن
جا به.“
روپلي ڪولهيءَ ننگر پارڪر کان 15 ڪلوميٽر اتر اوڀر طرف ڳوٺ
ڪونڀاريءَ ۾ 1818ع ڌاري جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو شامتو ۽ ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي
هو. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد ٿر ۽ پارڪر سميت سنڌ جي مختلف علائقن کي انتظامي حوالي
سان حيدرآباد سان ملائي ڇڏيو پر پارڪر جي سوڍن ۽ ڪولهين انگريزي راڄ کي نه قبوليو.
انگريزن کين آڻ مڃرائڻ ۽ مٿن انتظامي حڪم نافذ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي. روپلي ننگر
پارڪر جي راڻي ڪرنجي سان شامل ٿي انگريزن خلاف بهادري سان وڙهيو ۽ گرفتاري بعد انيڪ
لالچن ۽ سختين باوجود کين راڻي ڪرنجي جو ڏس پتو نه ڏنو، جيتوڻيڪ ٻين سختين کانسواءِ
سندس هٿن جي ترين تي تيل رکي ڪپهه جون وٽيون ٺاهي ڏيا ٻاريا ويا پر هن وفادار ڪولهيءَ
انگريزن کي پنهنجي راڻي متعلق ڪجهه به نه ٻڌايو. انهي دور ۾ جڏهن اسان جي وڏن وڏن نوابن،
رئيسن ۽ راڻن ڌارئين انگريز حاڪم سان مصلحت ڪري جاگيرون حاصل ڪيون اتي هن هڪ مسڪين
۽ غريب ڪولهيءَ اهڙي آڇ کي ٺوڪر هڻي پنهنجو نالو ملڪ جي باوقار وفادارن جي لسٽ ۾ هميشه
لاءِ زندهه رکيو، جنهن تي اڄ به قوم فخر ڪري ٿي.
ڪولهي قوم جا ماڻهو ٿر جي شهرن ۽ ڳوٺن کان علاوه بئريج ايريا
۾ ضلعي ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، بدين ۽ حيدرآباد جي ٻهراڙين ۾ پوک ڪن ٿا ۽ اهي زميندارن
وٽ هاري آهن. ڪڇ صوبي کان آيل ڪولهي وڌيڪَ سُکيا آهن. اهي اڏاوت جو به ڪم ڪن ته ڪاروبار
به. ڪڇي ڪولهين مان ڏيپلي جي راما ٻائي مشهور ڀڳتڻ آهي جنهن کي ڪڇي ڪولهين کان علاوه
ڪيتريون ئي ڏيپلي، مٺي، اسلام ڪوٽ شهرن جي لهاڻن جون عورتون گرو مڃين ٿيون.
ٿرپارڪر جي مشهور ڪولهين مان عالمچند ڪولهي به هڪ آهي. هن
1922ع ۾ ننگرپارڪر ۾ جنم ورتو. سندس والد سروپچند ڪولهين جو چڱو مڙس ۽ انقلابي شخص
هو ۽ سندس واسطو ڪانگريس پارٽي سان هو. هُو ڪانگريس جي هلچل ۾ ڪجهه عرصي لاءِ جيل به
ويو. ننگر پارڪر ۾ ڪانگريس جي خرچ تي هريجن آشرم کليو، جِتي اڇوت قومن جا ٻار انگريزي
پڙهڻ لڳا. عالمچند شروعاتي تعليم ننگر پارڪر جي مڊل اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ مئٽرڪ
جو امتحان مٺي هاءِ اسڪول مان سال 1944ع ۾ پاس ڪيو. سال 1946ع ۾ عمر ڪوٽ ۾ انگلش ٽيچر
مقرر ٿيو. سال 1963ع ۾ يونين ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. فيلڊ مارشل ايوب خان جي
صدارتي اليڪشن ۾ هن مس فاطمه جناح کي ووٽ ڏنو جنهن ڪري سرڪاري آفيسر هن جي خلاف ٿيا
۽ کيس جيل موڪليو ويو.
سال 1966ع جي يونين ڪائونسل جي B.D اليڪشن ۾ عالمچند ڪولهي ميجارٽي
سان چونڊجي ويو. چيئرمين جي چونڊ ۾ راڻو اچل سنگهه سندس حريف هو پر ڪولهي ميمبرن جو
تعداد گهڻو هجڻ ڪري عالمچند چيئرمين چونڊجي ويو. 1971ع جي جنگ بعد هو ڀارت جي صوبي
گجرات لڏي ويو. هن جي وڃڻ بعد سندس ناٺي ٽيڪم ڪولهي، ڪولهين جي اڳواڻي ڪئي ۽ سال
1985ع ۾ هندو اقليت صوبائي سيٽ تي ايم پي اي چونڊيو ويو بعد ۾ 2007ع ۾ هو چئن سالن
لاءِ ناظم به رهيو.
ننگر پارڪر جي ڪولهين: عالمچند ڪولهي ۽ ٽيڪم ڪولهي جي ڳالهه
ٿي ڪجي ته هن ترجو هڪ ٻيو مشهور ڪولهي پارو مل ٿو ياد اچي. پارومل ڪولهي انٽر آرٽس
جو امتحان پاس ڪري پرائمري ماستر ٿيو. نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد سال 1985ع ۾ قومي
اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ لاءِ اقليت هندو سيٽ تي نامينيشن پيپر ڀريائين. ساڻس گڏ صوبائي
اسيمبلي جي سيٽ لاءِ سندس ساٿي ٽيڪم ڪولهي هو. ٻنهي جو اليڪشن نشان گلاس هو. ٻئي اميدوار
اڪثريت ووٽن سان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر بڻجي ويا. ٿر جي تاريخ ۾ اهو انوکو
مثال هو جو پوئتي پيل ڪولهي قوم جا ٻه ميمبر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ايوان تائين
پهتا.
پارومل ڪولهي 1985ع کان 1988ع تائين پاڪستان نئشنل اسيمبلي
جو ميمبر (MNA) رهيو. بعد
۾ بيماري سبب چالاڻو ڪري ويو.
No comments:
Post a Comment