Monday, September 28, 2015

اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون ....؟ الطاف شيخ

اسان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيون ....؟
الطاف شيخ

1980ع ڌاري مُني بيگم نالي بنگالي ڳائڻي اسان وٽ ٽاپ تي هئي. ويتر اسان جي هڪ پيٽارين ساٿيءَ ساڻس شادي ڪئي سو اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي اولڊ بئائز ائسوسيئيشن (Petarian) جي هر فنڪشن ۾ هنجو هجڻ لازمي ٿي پيو. سندس گهڻا تڻا غزل مئه، مئخاني ۽ ساقيءَ مطابق هئا. ملائيشيا وڃي رهيس ته اتي به پاڻ سان مُني بيگم جا ڪئسٽ کڻي ويو هوس جيڪي ڊرائيونگ ڪرڻ وقت ٻڌندو رهيس ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آفيس جا ڪم ڪندڙ ملئي مرد يا ڇوڪريون گڏ هونديون هيون ته انهن کي به انهن غزلن جو ترجمو ڪري پيو ٻڌائيندو هوس. انهن مان هڪ غزل چٽي طرح ياد اٿم ته ان ۾ شاعر مئه (شراب) لاءِ پنهنجي چاهت جو اظهار هن ريت ڪري ٿو ته ”پيئندي پيئندي جي مري وڃان ته به ائين نه سمجھجو ته منهنجي خواهش پوري ٿي.“ هو تاڪيد  ٿو ڪري ته ”مرڻ بعد منهنجي جسم کي شراب سان غسل ڏياري پوءِ مونکي دفن ڪجو.“


آئون ڪجهه مني بيگم جي مٺي سر تي ته ڪڏهن شاعر جي فلسفي تي واهه واهه ڪندو رهيس ٿي پر منهنجي آفيس جا ملئي حيرت کائيندا رهيا ٿي. پر پوءِ چڱو جو جلدي ملئي زبان سکڻ ۽ ملئي ماڻهن سان گهڻو اٿڻ وهڻ جي ڪري مون کي يڪدم اها ڳالهه سمجهه  ۾ اچي وئي ته شراب ۽ شباب جون ڳالهيون ته فقط اسان جي شاعريءَ ۾ آهن جنهن تي گهڻو اثر فارسي شاعريءَ جو آهي...... يعني ان زماني جي فارسي شاعريءَ جو........... امام خمينيءَ جي انقلاب بعد ته اهڙي  شاعري ايران مان به غائب ٿي وئي آهي.... ظاهر آهي جان هر هڪ کي پياري آهي. نه رڳو امام خمينيءَ مسلمانن کي ياد ڏياريو ته شراب خبيث شين جي ماءُ آهي پر سائنس به اهو ثابت ڪيو ته شراب اها ڏوهن جي بيماري آهي جيڪا بوتل ۾ ملي ٿي ۽ اسان پئسا ڏئي خريد ڪريون ٿا. يعني ان جي پيئڻ جي مزي کان وڌيڪ نقصان گهڻا آهن. ملئي شاعري ته شروع کان شراب ۽ شرابي ماڻهوءَ کان آجي رهي آهي. هنن جي اڳيان شراب ۽ سوئر جي ڳالهه ڪرڻ به هڪ مسلمان کي نه جڳائي پر اسان جي ملڪ ۾ مسلمانن ۾ اهڙا مثال جام ملندا ته هو يورپ جي هوٽلن ۾ سڄي سڄي رات شراب ته پيئندا رهندا پر نيرن تي هئم يا بئڪن (سوئر جي گوشت) کي ڏسي بئري کي چوندا ته هي ڇا آهي....... توکي خبر ناهي ته اسان مسلمان آهيون......!؟
يهان خون پيتي هين لوگ سبهي
مين تو پهر بهي شراب پيتا هون ساقي
جهڙا شعرَ ٻڌي اسان کي ته ڀلي سرور اچي پر هن پاسي ملائيشيا ۾ توڙي جپان ۾ رهندڙ مسلمان اسان لاءِ اهو ئي سوچين  ٿا ته اسين ڪهڙا مسلمان آهيون. ملائيشيا يا جپان جا نه رڳو مسلمان پر غير مسلمان به شراب يا سگريٽ نوشي کي سٺي ڳالهه نٿا سمجهن. هو ان لاءِ هميشه شرمساري محسوس  ڪن ٿا..... شراب نوشي جهڙين بڇڙاين کي اسان وانگر  ڳائين وڄائين ڪونه ٿا. جيسيتائين خون پيئڻ جو سوال آهي ته جپان جهڙن ملڪن ۾ ته خون يا قتل جهڙي شيءِ ته پري جي ڳالهه آهي پر معمولي چوريءَ جو واقعو به تمام وڏي ڳالهه ٿو ٿئي. اهڙا شعر ٻڌي ملئي ماڻهو حيرت کائيندا هوندا ته پاڪستان ۾ امن امان جي حالت ته ڪا صفا بدتر آهي جو سڀ پيا خون پيئن! ڪراچي جهڙي شهر ۾ جتي روزانو درجن کن قتل پيا ٿين ۽ جھلجي هڪ به نٿو ته ان حالت کي توهان ڀلا ڇا  سڏيندئو؟
بهرحال چڱو جو مونکي اها ڳالهه يڪدم سمجھه ۾ اچي وئي ۽ اهڙي قسم جي گانن جو ترجمو ٻڌائڻ ته ڇا مون گانا ٻڌڻ به ڇڏي ڏنا...... حق تي ملائيشيا جي ملئي ماڻهن مونکي حيرت مان ڏٺو ٿي ته  آئون ڪهڙي قسم جو مسلمان آهيان! دراصل ان قسم جي ڳالهين تان اسانکي جڏهن ملائيشيا يا ٻئي پاسي سعودي عرب جا ماڻهو چون ٿا ته ”توهان ڪهڙي قسم جا مسلمان آهيو؟! ” ته اسان ٿڌي دماغ سان سوچڻ بدران ڪاوڙ ۾ اچيو وڃون. بس اسان جي دماغ ۾ فقط اُهو اُٺُ ويٺل آهي ته پاڪستان اسلام جي نالي ۾ ٺهيو آهي سو اسان جهڙو ٻيو ڪو مسلمان هوندو ئي ڪونه. اسان ڀلي شِرڪ جهڙا گناهه ڪريون ته  به اسان جي هر شيءِ واهه واهه ۽ اسان جو هر عمل عين اسلامي.
اسان مغرب وارن کي گاريون ڏيون ٿا پر مون ڏٺو آهي ته اسان کان اتي جا ماڻهو بهتر مسلمان آهن. اسان مسلمان گهرن ۾ پيدا ٿيڻ تي پاڻ کي مسلمان پيا سڏرايون پر اها تڪليف نٿا وٺون ته اسلام ڇا آهي بس اسان هي نعرو هڻي ته پاڪستان جو مطلب ڇا ”لَا اِلٰهَ اِلَّا اللهُ“، سمجهون ٿا ته اسان پاڪستاني مسلمان ته دنيا  جي مڙني مسلمانن کان اتم آهيون پوءِ ڪم ڀلي اسان جا جڏا هجن. پر هڪ يورپي، انگريز يا آمريڪن گورو يا شيدي جڏهن مسلمان ٿئي ٿو ته هو اسلام کي چڱي طرح سمجھي مسلمان ٿئي ٿو ۽ هن کي اسلام جي ڄاڻَ اسان کان وڌيڪ رهي ٿي. اسان به هڪ ملائيشيا ۾ ۽ ٻيو تعليم دوران سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ جي مسجدن ۾ اتي جي نو مسلم گورن جا ليڪچر ٻڌي اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪئي.
سئيڊن جي شهر مالمو جي هڪ نو مسلم گوري کي پاڪستان ڏسڻ جو شوق ٿيو جيئن هو مسلمان کي آئيڊل حالت ۾ ڏسي سگهي. ظاهر آهي هن جي دماغ ۾ اهائي ڳالهه هئي يا ٻڌندو رهيو ٿي ته هي ملڪ نج اسلامي آهي. واپس ورڻ تي مون کانئس سندس Views پڇيا. مون کي پڪ هئي ته هن کي اسان وٽ اسلام Ideal حالت ۾ نظر  آيو هوندو پر مونکي حيرت ٿي  جڏهن هن ملڻ شرط مونکي چيو ته ”الطاف! هي ڇا چڪر آهي؟“
”ڇا مطلب!“ مون حيرت مان پڇيو.
”ڏس نه! آئون جڏهن عيسائي هوس ته مون لاءِ ٽي خُدا هئا: هولي فادر هولي سن ۽ هولي گھوسٽ. مون ان کي ڇڏي توحيد اختيار ڪئي يعني اسلام اهو ٿو ٻڌائي ته هن ڪائنات جو مالڪ هڪ الله آهي. هو ئي ڏئي ٿو هوئي بخشڻهار آهي ۽ هن کان ئي دل جو مرادون گهرجن. پر توهان ڪهڙا مسلمان آهيو جو توهان کڻي  هر ڪنهن کي داتا، غريب نواز، گنج بخش ۽ مشڪل ڪشا بنايو آهي. فقط ڪراچي ساحل تي ڇهه ست داتا ڏٺم جن کي ماڻهو  پوڄي رهيا هئا ۽ کانئن دل جو مرادون گهري رهيا هئا. ڇا اهو شرڪ ناهي ۽ ڇا مسلمانن کي اها خبر ناهي  ته اسلام ۾شرڪ جو ڏوهه بخشش نٿو ٿي سگهي!؟
بهرحال ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان اسلامي نقطي نگاهه کان غلط ڪريون ٿا پر پنهنجي پر ۾ اسان اهوئي سمجھون ٿا ته اسان صحيح ٿا ڪريون، ڇو  جو پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي اردگرد پاڻ جهڙن ٻين کي به ائين ڪندو ڏسي سمجھون ٿا ته سڀ ٺيڪ ٿي رهيو آهي. ملائيشيا ۾ رهڻ جي شروعاتي ڏينهن جي هڪ ٻي غلطي ياد ايندي اٿم ته ڏاڍي شرمساري  محسوس ڪندو آهيان.
ملائيشيا ۾ اچي ڪناري جي نوڪري ڪرڻ کان اڳ 15 سال کن سمنڊ تي جهاز هلائيندو رهيس. انهن ڏينهن ۾ سڀ کان وڏي وندر انڊين فلمون  هيون. بيروت، طرابلس کان ممباسا، زئنزبار ۽ ڪولمبو رنگون کان پينانگ سنگاپور جي سئنيما هالن ۾ انڊين فلمون هلنديون هيون ۽ اسان جي ڪئبنن ۾ تن ڏينهن جي مشهور فلم ائڪٽريسن: وحيدا رحمان، آشا پاريک، ساڌنا جهڙين جون تصويرون هونديون هيون. پوءِ 1980ع ڌاري راجيش کنا جي زال ڊمپل ڪپاڊيا، سري ديوي، جيا پراڌا  وغيره هيون. ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري لاءِ اچڻ وقت آئون سنگاپور ۾ ٻه ڏينهن کن رهي پوءِ ملاڪا پهتس. سنگاپور ۾ ڪتابن جي هڪ دڪان تي مونکي فلم ائڪٽريس ريکا جو هڪ وڏو پوسٽر مليو جيڪو ملاڪا پهچي گهر  جي ڪچن ۾، دريءَ جي سامهون واري ڀت تي هڻي ڇڏيم، جنهن کي ٻاهران  لنگھندڙ هر هڪ ڏسي سگهيو ٿي. مون به ڄاڻي واڻي اتي هنيو هو ته جيئن هي پوسٽر ٻيا ڏسي داد ڏين. ڇو ته ايڏي وڏي تصوير ۽ اهڙي سٺي ۽ ٿلهي آرٽ پيپر تي مون دنيا جي ڪنهن به شهر ۾ ڪنهنجي گهر يا دڪان تي نه ڏٺي هئي.
بهرحال منهنجي ملئي پاڙيسرين داد ته نه ڏنو پر حيرت ضرور کاڌي ... ۽ اها حيرت ان ڳالهه تي ته ”هي پاڪستان جا ڪهڙا مسلمان آهن!“ ڇو جو ٻن ٽن هفتن ۾ مونکي خبر پئجي وئي ته ملئي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ فقط گلن جون تصويرن هڻن ٿا. ملئي ڳوٺن ۾ نه توهان کي ڪتو نظر ايندو نه گهر ۾ ڪنهن ساهواري جي تصوير هوندي. اڄ ڪلهه اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ملائيشيا ۾ نظر اچن ٿا...... انهن لاءِ يا جيڪي وڃڻ وارا آهن انهن لاءِ ضروري سمجھيم ته هي لکان جيئن هو خيال رکن. ان لاءِ هو هميشه هيءَ حديث ٻڌائيندا آهن، ته: ابوهريرهه رضه کان روايت آهي ته الله جي رسول (صلعم) فرمايو ته : فرشتا ان گهر ۾ داخل نٿا ٿين جتي بت ۽ تصويرون رکيل آهن“.  مسلم 1364
هڪ ٻي ڳالهه ياد اچي وئي. اسين پاڪستاني مسلمان ڳالهه  ڳالهه تي چونداسين: ”لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ“.
 هڪ ڏينهن منهنجي ملئي دوست مونکي چيو ته ”مسٽر الطاف! هي ڇا آهي. فقط لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ جي ته معنا آهي ”ڪا قوة ناهي بچائڻ واري“. فقط ايترو چوڻ ڪفر آهي. پاڻ کي پوري آيت: ” لَا حَوۡلَ وَلَا قُوَّةَ اِلَّا بِااللهِ الۡعَلِيّ الۡعَظِيۡمِ“ پڙهڻ کپي جنهن جي معنيٰ ٿي ”ڪا قوة ناهي بچائڻ واري، سواءِ الله جي، جيڪو عظيم تر آهي.“


No comments:

Post a Comment