ڇا ڪبوتر توهانجو به پير ۽ مرشد آهي؟
الطاف
شيخ
نواب شاهه جو عزيز لاکو ڪراچي ۾ ان
علائقي ۾ رهي ٿو جنهن ۾ آئون رهان ٿو. منهنجي ساڻس ڪئنٽونمينٽ بورڊ ڪلفٽن واري
عمارت ۾ سکر جي انجنيئر عابد شاهه جي آفيس ۾ اوچتو ملاقات ٿي. هو منهنجي لکڻين مان
بيحد متاثر ٿي لڳو ۽ مون سان ملڻ لاءِ بيتاب هو. ان ئي ڏينهن هو مونکي گهر اچي
ڪجهه ڪتاب ۽ ڪيڪ به ڏئي ويو.
هينئر مونکي عزيز لاکو ياد اچي
ويو. مون کيس ٽيليفون ڪيو. خير عافيت معلوم ڪرڻ بعد مون يڪدم پڇيو ”عزيز! ايئر گن
اٿئي؟“
عزيز لاءِ اهو هڪ عجيب سوال هو.
جواب بدران هن حيرت مان پڇيو: ”سائين خير ته آهي؟“
”يار توهان جي هتي وڏي فئملي آهي
تنهنجي ڀائرن يا سالن جي ڪنهن ٻار وٽ ايئر گن هوندي ؟“
عزيز جي شادي اسان جي همعمر ۽
واقفڪار نوابشاهه جي محمود خان ميمڻ جي گهران ٿي آهي. محمود صاحب بئنڪر ٿي رهيو.
هن اسان جي ڳوٺ هالا جي نئشنل بئنڪ ۾ به ڪجهه سال نوڪري ڪئي. عزيز لاکي جي والد
وانگر محمود ميمڻ صاحب به پنهنجن ٻارن (ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين) کي خوب پڙهايو جن مان
ڪجهه ڪراچيءَ ۾ ئي نوڪري ڪن ٿا.
عزيز وري کلندي پڪ ڪئي ۽ چيو
”سائين ڪنهن کان پڇي ٿا وٺون پر ايئر گن جي توهان جهڙي اديب کي ڪهڙي ضرورت پئي؟“
مون بنا سبب ٻڌائڻ جي ايئر گن حاصل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهي. جو مونکي پڪ هئي ته سبب ٻڌائڻ بعد شايد ئي ڪو پاڪستاني
مسلمان خاص ڪري سنڌي منهنجي مدد ڪندو. نٽائڻ جي باوجود عزيز مون کي سبب ٻڌائڻ لاءِ
مجبور ڪرڻ لڳو.
”يار ڳالهه ٻڌ! مونکي ڪبوتر
(پاريهر) مارڻا آهن.“
”سائين ڪمال ٿا ڪريو. ڪبوترن کي ڪو
ماربو آهي ڇا؟! انهن غريب پکين کي ته پاڻ اَنُ پاڻي ڏجي جو هو دعائون ٿا ڪن. هو
اسان کي نقصان ئي ڪهڙو ٿا پهچائين“ عزيز چيو.
”عزيز! نقصان جو نه پڇ. اسانجي گهر
جون ٻئي گهٽيون وِٺين سان ڀري ڇڏيون اٿن. سڄي رات ڪار مٿان ٿا هنگن. هڪلي هڪلي
ٿڪجي پيو آهيان پر صفا نٿا ٽرن“
عزيز کلندو رهيو، هِتان هُتان جون
ڳالهيون پڇندو رهيو. رات جي ماني ڊفينس ڪلب ۾ ساڻس گڏ کائڻ لاءِ دعوت ڏيندو رهيو،
پر ايئر گن هٿ ڪري ڏيڻ واري ڳالهه کان لنوائي ويو. مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه نه
هئي. آئون سمجھي ويس ته عزيز منهنجو سچو پرستار ضرور آهي پر هو مونکي ڪبوتر مارڻ ۾
ڪا مدد نه ڪندو ۽ نه ڪو ٻيو سنڌي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اسانجي مرحوم دوست
ابراهيم سومري جي ننڍي پٽ معظم جي شادي هئي. هن شاديءَ تي، خاص ان ڪري به هلي ويس
ته اتي ابراهيم جي پٽن کان علاوه هن جا ڪيترا ڀائيٽا، ڀاڻيجا ڪراچي ۽ ڳوٺ شاهه
پنجو کان اچي نڪرندا. ڪيترا ته پوليس ۾ به آهن. آئون کين ننڍي لاڪون سڃاڻا ۽ هو
مونکي سڳو چاچو سمجھن ۽ منهنجي هر ڪم کي سرانجام ڏيندي خوش نصيبي سمجھن. مونکي پڪ
هئي ته هنن مان ڪنهن وٽ ايئر گن ضرور هوندي يا ڪنهن نه ڪنهن کان هٿ ڪري ڏئي
سگهندا. هڪ ٽيبل تي پوليس جو DSP ممتاز سومرو ۽
ڊاڪٽر مسعود سومرو ويٺا هئا.
”ڳالهه ٻڌو ڪا ايئرگن ملي سگهندي؟“
مون کانئن پڇيو.
”انڪل خير مان؟“ هنن حيرت مان
پڇيو.
”بابا ڪبوترن ڏاڍو تنگ ڪيو آهي.
روز وِٺين سان گهر ڀريو ڇڏين. هر دريءَ جي مٿان ۽ ايئرڪنڊيشنر پويان آکيرا ٺاهي
پڪي residency وٺيو ويٺا آهن.“
”پر انڪل ماريون نه“ ممتاز چيو.
”ته پوءِ ڀلا ڇا ڪريان؟ ڇهه مهينا
ته لٺ سان هڪليو اٿمان ته به موٽيو اچن.“
”ڪبوتر هڪ دفعو گهر ٺاهي وهي ٿو ته
پوءِ کڻي ڇا به ڪريو هو پنهنجا ڪک نه ڇڏيندو.“ مسعود چيو.
”اها ته ڏاڍي ٻڌايئي. تنهنجي معنيٰ
آئون صحيح ٿو ڪريان. کين مارڻ ئي کپي“ مون چيو.
”انهن کي ڀڄائڻ جو هڪ ئي طريقو
آهي،“ ممتاز چيو، ”جتي جتي ڪبوتر وهن ٿا اتي ڪوڪا لڳل ڪاٺ جا تختا رکرائي ڇڏيو ته
هو ويهي نه سگهندا.“
اها idea مونکي پسند آئي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو سوچيم. تجربي خاطر مون ٻن درين
مٿان ڪوڪن سان جھنجيل تختا رکرايا. ٻه چار ڏينهن ڪبوتر اتي وهڻ بدران ڀتين تي ٿي
ويٺا ۽ ڪوڪن مٿان ڪک رکندا رهيا ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد هو تختين مٿان سڪون جون
ننڊون ڪرڻ لڳا ۽ لڳاتار وِٺيون لاهڻ لڳا.
دراصل ٻه سال کن اڳ جڏهن اسان هن
گهر ۾ اچي رهيا هئاسين ته نه اسانجي گهر نه پاڙيوارن گهرن جي ڇت تي ڪو ڪبوتر نظر
آيو ٿي. پوءِ اسان جي بلڪل ڀرواري گهر ۾ رهندڙ وڏي عمر جي عورت جيئن ئي ڳوٺان
پنجاب کان موٽي ته هن اچڻ سان اسان واري ڪامن ڀت مٿان پکين جي پيئڻ لاءِ پاڻي سان
ڀريل ٺڪر جو پيالو ۽ سندس گهر جي مين گيٽ مٿان ٻاجھريءَ جو پاٽوڙو رکيو. پهرين
جھرڪيون، ڪانگ ۽ ڪٻرون ٺونگا هڻنديون رهيون ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪبوتر به اچڻ شروع
ٿي ويا.
مون سمجيو ته شايد ڪا سُکا پوري
ڪرڻ لاءِ هي ڪم ڪو ٻه ٽي ڏينهن هلندو پر هي هفتي پويان هفتو هلندو رهيو. سندن نوڪر
هر ٽئي چوٿين ڏينهن ڏهه ڪلو کن ٻاجھر وٺي اچڻ لڳو ۽ پوڙهي پنهنجن هٿن سان ڏينهن ۾
ٽي چار دفعا گيٽ مٿان انُ رکڻ لڳي. آهستي آهستي ٿي ڪبوترن جو تعداد وڌڻ لڳو. ظاهر
آهي هتي فري لنچ هلي رهي هئي. هونءَ انهن ڪبوترن کي ڪچري جي ڍير تان اَنَ جو ڪَڻ
ڪَڻ ڪري چونڊڻو پيو ٿي ۽ سڄي ڏينهن ۾ ڪو هڪ دفعو به مس سندن گُجي ڀري ٿي ....۽ هاڻ
هتي پاٽوڙو خالي ٿيڻ تي يڪدم اَنَ سان
ڀرجي ويو ٿي. نه رڳو اوسي پاسي جي گهٽين جا
پر پري پري کان بکايل ڪبوتر اچڻ لڳا. پڪ انهن مان ڪجهه واپس ورڻ بدران،
اَنُ ملڻ واري گهر ۽ پاڙي ۾ رهندڙ اسان جي گهرن ۾ رات گذارڻ ۽ هميشه لاءِ رهڻ لاءِ
آستانو ٺاهڻ لڳا. جيڪي ڇَڙا هئا انهن کي آرام سان ساٿي ملي ٿي ويو ۽ نه رڳو رهڻ
لڳا پرمزي سان ازدواجي زندگي (فئملي لائيف) گذارڻ لڳا. مهيني ٻن ۾ آنا ۽ پوءِ انهن
مان ٻچا ڦٽڻ لڳا. اسانجي گهرن جون اندريون گهٽيون وٺين سان ڀرجڻ لڳيون. سڀ کان
پهرين مون دانهون ڪيون ۽ پوڙهيءَ جي پٽ کي مسجد ويندي سمجھايم ته ڪبوترن جو تعداد
وڃي ٿو وڌندو ۽ سندن وٺين ۽ پرن ۾ نه رڳو گندگي آهي پر بيماريون پڻ آهن.
”صحيح ٿا چئو. اسان وٽ ته ٽي
گاڏيون آهن. صبح جو اٿي ڏسندا آهيون ته وِٺين سان ٿڦيون پيون هونديون آهن. امان
ڪبوترن کي اَنُ ڏيڻ کي خير جو ڪم ٿي سمجي. هاڻ اسان به ڪبوترن مان بيزار ٿي پيا آهيون
۽ اسانجي چوڻ تي هوءَ هاڻ سڄي ڏينهن ۾ هڪ دفعو اَنُ ٿي رکي“.
مون کيس سمجھايو ته پهرين ڳالهه ته
هنن جي لاءِ هتي اَنُ رکڻ بند ڪيو وڃي. جيڪڏهن هوءَ ان کي خير جو ڪم سمجي ٿي ته گهٽيءَ
جي ڪنڊ تي خالي پلاٽ آهي اتي اَنُ ڇٽي اچي جيئن اتي کائين ۽ نوان ايندڙ اوڏانهن
وڃن ۽ هتي پنجن مهينن کان Settlers کي اسان آهستي
آهستي ڪري ڀڄايو ڇڏيون.
دراصل ڪبوتر اسان لاءِ بيحد حساس
پکي آهي. اسان ننڍا هوندا هئاسين ته اسانجي ڏاڏي جنهن جي تعليم فقط الحمد ۽ ٽي قل
ياد هئا، اها پنهنجي اعتقاد يا وهم ۽ وسوسي مطابق اسانکي چوندي هئي ته جيئن مسلمانن
۾ سيد ڀلارا آهن تيئن پکين ۾ ڪبوتر سيد پير آهن. هوءَ مونکي ڪانگن ۽ جھرڪين کي
غليل ۽ پوـءِ ڪجهه وڏو ٿيڻ تي ايئر گن سان مارڻ جي ته موڪل ڏيندي هئي پر ڪبوترن کي
اڏائڻ کان به منع ڪندي هئي. نه فقط اسانجي ڏاڏي پر اسانجي سڄي ڳوٺ جي ماڻهن جي اها
سوچ ۽ عقيدو هو. اٺين ڪلاس ۾ جڏهن موڪلن ۾ مون وٽ خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ نوشهري
فيروز جو بشير وسطڙو ڪلاس ميٽ هالا گهمڻ آيا ته اسان ايئر گن کڻي شهر کان ٻاهر
پيرن جي باغ وٽ پٽ تي ويٺل ڪبوترن کي ڇِرا ٿي هنيا ته رستي تان لنگھندڙن مان پهرين
هڪڙي ۽ پوءِ ٻئي اسان کي ڏاڍي دٻ ڪڍي: ”ڇورا ڪير آهيو؟ ڪبوترن کي ٿا ماريو؟“ ۽
اسان توبهه ڪري گهران اچي نڪتا هئاسين. اها سمجھو ته اڌ صدي اڳ جي ڳالهه هئي. اڄ
جي ماڊرن۽ سائنسي دور ۾ حج يا عمري تي ويندو آهيان ته پنهنجي ڳوٺ ۽ زال جي ڳوٺ
دادوءَ جون ڪجهه عورتون مونکي سندن حق ۾ دعا گهرڻ بدران چونديون آهن ته سندن پاران
ڪلو ٻاجھر جو وٺي مديني واري مسجد جي ڪبوترن کي کارائجانءِ. اهو ڪم مون لاءِ
ناممڪن هوندو آهي ۽ جيڪي ڪندا آهن انهن کي عرب شرطا (پوليس وارا) دڙڪا ڏيندا رهندا
آهن. اهو ڪم نه فقط اسان سني مسلمانن ۾ آهي پر شيعن ۾ پڻ عام آهي. يعني اسان جي
ننڍي کنڊ جي سڀني ماڻهن ۾ آهي.
پنهنجي ايران واري سفرنامي ”ايران
ڏي اڏام“ (ايران ڪي دن) ۾ۡ لکي چڪو آهيان ته ايران جي شهر مشهد ۾ امام علي رضا جي
روضي تي اسان جي گروپ ۾ موجود هڪ ملتاني پوڙهيءَ پاڻي جي سبيل جي ڇت تي ويٺل ٻن
ڪبوترن کي ڏسي پنهنجي ڪراڙي مڙس کي هڪ هڙ ڏني ۽ ڪبوترن ڏي اشارو ڪيو. هن هڙ کولي
ان ۾ موجود اڌ ڪلو ٻاجھر سبيل واري ڪمري جي ڇت تي اڇلائي. ٻه ڪبوتر پهرين ئي موجود هئا. هِتان هُتان کان ٻيا به چار پنج
ڪبوتر اڏامي آيا ۽ اَنُ چڳڻ لڳا. پري بيٺل هڪ ايراني گارڊ هي سڀ لقاءُ ڏسي رهيو
هو، هو اسان ڏي وڌيو ۽ ڪبوترن کي ان ڏيڻ واري ملتاني پير مرد کي پنهنجي زبان ۾ ڪجهه
چئي ويو. اسان سمجھيو ته هن پوڙهي جو شڪريو مڃيو هوندو ته هن ملتان کان ٻاجھري جي
هَڙ کڻي هتي جي بکايل ڪبوترن کي اچي کارائي آهي ۽ پڪ اهي (يعني ڪبوتر) دعائون ڪندا هوندا ته اهڙي شخص جي مَنَ جو
مرادون پوريون ٿين. پر پوءِ اسانجي فارسي ڄاڻندڙ گائيڊ اسانکي ٻڌايو ته ايراني
گارڊ ملتانيءَ کي دڙڪا ڏئي ٻڌائي رهيو هو ته هتي جي انتظاميه اسان پاڪستانين تي
سخت ڪاوڙيل آهي ته هو ههڙن هنڌن تي اچيو ڪبوترن کي ٻاجھري ڏين جيڪي پوءِ نمازين
مٿان وٺيون لاهيندا وتن. هن چيو ته توهان پاڪستاني جيڪڏهن ان کي هروڀرو خير جو ڪم
ٿا سمجھو ته وڃي ڪنهن پارڪ ۾ پکين کي اَنُ ڏيو. هتي ڇو ٿا گند پکيڙيو.........
ان قسم جي غلطي يا بيوقوفي مونکان
به هڪ دفعو ٿي هئي. هيءَ اسي واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن آئون ملائيشيا جي شهر
ملاڪا ۾ رهندو هوس. اسانجي گهر جي اڳيان سمنڊ (Malacca
Straits) جو ڪنارو هو ته پٺيان گھاٽو جنگل. سڄو ڏينهن
جنگل مان مختلف رنگن جا خوبصورت پکي اسانجي گهر اڳيان ساهي پٽڻ لاءِ گئراج جي ڀتين
تي اچي وهندا هئا. مونکي خيال آيو ته ڇو نه گهر اڳيان ان ڦٽو ڪندو رهان جيئن اڃان
به وڌيڪ پکي اچن. اَنُ ڏيڻ تي رنگين پکين ۾ ته واڌارو نه ٿيو پر ڪبوترن ۾ ضرور
ٿيو. آئون به ان ڳالهه جي پچر ڇڏڻ بدران ويس اَنُ ڇٽيندو ۽ ڪبوترن جو تعداد ويو
وڌندو. پاڙي اوڙي جا ملئي ۽ چيني به حيرت کائڻ لڳا ته هي ڪري ڇا پيو. مونکي به
جلدي ئي ان گند جو احساس ٿيو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ممبئي جو هڪ ڪئپٽن نندڪر اسانجي
گهر آيو جنهن گهر اڳيان ڪبوترن کي چڳندو ڏسي ٽوڪ طور مونکي چيو:
”مسٽر الطاف هي ڇا! چئبو ته
پاڪستان ۽ انڊيا جا مسلمان کڻي يورپ يا آمريڪا ۾ هجن پرڪبوتر پالڻ جو شوق نه
ڇڏيندا!“ اهو ٻڌي مونکي ڏاڍو شرم آيو ۽ پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته هتي جا ملئي
مسلمان ان کي خراب ڳالهه ٿا سمجھن جو ڪبوترن مان ماڻهن کي، خاص ڪري ٻارن کي،
ڪيتريون ئي بيماريون لڳن ٿيون. ڪئپٽن نندڪر جي ڳالهه صحيح هئي ته اسان مسلمانن کي
ڪبوتر پالڻ يا انهن کي ان کارائڻ جو ڏاڍو شوق آهي.
ممبئي ۾ دادر ريلوي اسٽيشن کان وي
ٽي (وڪٽوريا ٽرمينس اسٽيشن جيڪا هاڻ ڇترپتي شيواجي اسٽيشن سڏجي ٿي) وڃي رهيو هوس.
منهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ ممبئي يونيورسٽيءَ جو شاگرد مون ٽوئرسٽ کي پنهنجي شهر ممبئي
جي اهم عمارتن ۽ علائقن بابت ٻڌائي رهيو هو. ”سئنڊهرسٽ“ اسٽيشن يا ”ڪري روڊ“
اسٽيسن وٽ، جھڳين واري علائقي ڏي اشارو ڪري هن چيو ”سر هتي گهڻي ڀاڱي مسلمان رهن
ٿا“ مون کي افسوس ٿيو ته يورپ جهڙين عمارتن جي شهر ممبئي ۾، مسلمانن جي معاشي حالت
ڪا سٺي ناهي. مون غور سان چوڌاري نظر ڊوڙائي ته انهن ٽِين ۽ ڪکائين ڇتين مٿان
ڪيترائي نوجوان لٺ ذريعي پنهنجن ڪبوترن کي سڏي رهيا هئا ۽ ڪيترن انهن جڳهين مٿان
ڪاٺ جا پڃرا ٺهرائي ڇڏيا هئا جيڪي ڪبوترن سان سٿيا پيا هئا.
اسان نئين صدي ۾ پهچي ويا آهيون پر
اسانکي ڄاڻ نه آهي ته پکين ۽ جانورن مان انسان ذات کي ڪيتريون ئي بيماريون لڳن
ٿيون جن مان ڪجهه وچڙندڙ پڻ آهن. اسان وٽ نه فقط وڏا پاڻ پر هو پنهنجن ٻارن کي به
ڇڏي ڏيندا ته پيا ڪڪڙين، ڪبوترن ۽ طوطن کي ڀاڪر پائين ۽ چميون ڏين. ڪنهن کي کڻي
سمجهاءِ ته هو يڪدم گورن يعني يورپين ۽ آمريڪن جو مثال ڏيندو ته اهي به گهر ۾ ڪتا
ٻلا رکيو ويٺا آهن.
هاڻ اسان جي ماڻهن کي ڪير سمجھائي
ته اهي گورا پاليل جانور کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪن ٿا. هنن کي
باقاعدگي سان اوچيون دوائون پيارين ٿا ۽ ٽُڪا (Vaccination) هڻائين ٿا ۽ هو هنن جي صحتمند کاڌي ۽ اعليٰ قسم جي شئمپو ۽ صابڻن
تي جيڪو خرچ ڪن ٿا اهو اسان جي امير گهرن جي سڪيلڌن ٻارن تي به نٿو ٿئي. شايد
ڪيترن کي اها خبر به نه هجي ته دنيا ۾ سڀ کان گهڻا پاڳل ڪتن جا چڪيل سنڌ ۾ آهن ۽
اها به حقيقت آهي ته آفريڪا جي ملڪن جي اسپتالن ۾ به ڇتي ڪتي ۽ نانگ بلائن جي چڪن
جون سيون ۽ دوائون هونديون پر اسان وٽ نه آهن. هائيڊرو فوبيا جو مريض علاج نه ٿيڻ
ڪري تڙپيو تڙپيو مريو وڃي پر گهٽين ۾ ڪرفتي پکيڙيندڙ، بيمار ۽ رول ڪتن کي ختم ڪرڻ
لاءِ ڪو بندوق کڻندو يا ميوسنپل وارا انهن کي زهر ڏيڻ لاءِ اٿندا ته اسان جي پاڙي
جون پوڙهيون انهن کي سوين پِٽون ڏينديون.
دراصل اسان وٽ ماڻهن کي ميڊيڪل جي
ڄاڻ به ته نه آهي. ڪهـڙين ڳالهين ۾ ڪهڙا جراثيم آهن جيڪي انسان جي صحت تي اثر ڪن
ٿا...... ڪا خبر ناهي. ڪبوترن جي وِٺين ۾، خاص ڪري جڏهن هو سُڪيو وڃن ته انهن جو
ٻُورو (Powder) هوا ۾ اڏامي ٿو
۽ ان جي ڀرسان لنگھندڙ جي ساهه کڻڻ سان ڦڦڙن م داخل ٿئي ٿو. اهو ڪيترن ئي بيمارين
جو سبب بڻجي ٿو. ڪبوترن جي وِٺين، ڇڻيل کنڀن ۽ مئل ٻچن مان پيدا ٿيندڙ فنگس (Fungus) ۽ جراثيمن مان ٽي بيماريون عام آهن. سڀ کان
گهڻي Histoplasmosis آهي. هن ۾ ڪڏهن علامتون نظر اچن ٿيون ته
ڪڏهن فِلو جهڙي بيماري ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن بيماريءَ ۾ تمام گهڻو بخار، نمونيا ۽ موت به اچي ٿو.
امتحانن دوران لنڊن ۾ جنهن فلئٽ ۾
ڪئپٽن مخدوم ۽ آئون رهندا هئاسين ان جي سالياني صفائي ڪرڻ وارن اهو چئي ان جي
بُخاري (چمني) صاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ان ۾ ڪبوترن جو پراڻو آکيرو آهي ۽ وِٺيون
صاف ڪرڻ لاءِ هنن جي ڳري في آهي جو انهن سُڪل وِٺين مٿان پهريون جراثيم ختم ڪرڻ
واريون دوائون هڻڻيون پونديون.
آغا خان اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو
ته اسان وٽ هِسٽو پلاسموسز بيماري تمام عام آهي خاص ڪري ڪبوتر پالڻ وارن ۽ وڪڻڻ
وارن ۾. ڪيترن حالتن ۾ موت به درپيش آيو آهي پر مريضن جو ڪبوترن جي ڪرفتي ڏي ڌيان
وڃڻ بدران هو اهوئي سمجھن ٿا ته هنن کي موسم جي تبديليءَ ڪري بخار ٿيو آهي.
ڪبوترن جي وٺين مان لڳندڙ هڪ
بيماري Cryptococcus آهي. هيءَ بيماري پڻ ڪبوترن جي وِٺين مان
نڪرندڙ فنگس مان لڳي ٿي، جيڪا ساهه ذريعي انسانن ۾ داخل ٿئي ٿي. ان کان علاوه Psittacosis ۽ Toxoplasmosis بيماريون پڻ
عام آهن. جپان جهڙا ملڪ جتي عوام جي صحت جو تمام گهڻو خيال ڪيو وڃي ٿو اتي جي هڪ
ڊاڪٽر ٻڌايو ته ماڻهن کي جيڪڏهن خبر پوي ته ڪبوترن جون وِٺيون ڪيڏو خطرناڪ آهن ته
هو انهن جي صفائيءَ کان وڌيڪ ڪبوترن کي مارڻ جي تقاضا ڪن.
ڪبوترن جي منفي خاصيت اها به آهي
ته هنن جي واڌ تمام گهڻي آهي ۽ جيڪڏهن هنن کي گهر ويٺي کائڻ لاءِ اَنُ ملندو رهي
ته هنن جي ڄم جي رفتار اڃان به وڌيڪ ٿيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو آني مان ڦٽل ٻچا
جيئن ئي هفتي ٻن جا ٿين ٿا ته هو ٻيا آنا لاهڻ شروع ڪريو ڏين. ڪبوترن جي ماهر
بايولاجسٽ جي ٻڌائڻ مطابق ڪبوترن جي سڄو سال breeding لڳي رهي ٿي. هو هر دفعي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٻچا ڏئي ٿو. ڪبوترن جو هڪ
بالغ جوڙو سال ۾ ڇهه دفعا ٻه ٻه ٻچا پيدا ڪري ٿو. اصل ۾ ته ان کان به گهڻا ڏئي ٿو
پر ڪجهه ننڍي هوندي مري وڃڻ ڪري سراسري جي ٻه ٻچا سمجيا وڃن ته سال ۾ 12 کن ٻچا
ٿيا جيڪي ڇهه جوڙا ٿيا ۽ اهي به پهرين سال هڪ هڪ ٻچو ڏين ٿا. يعني سال ۾ ويهارو کن
پکي ٿي ويا. ان حساب سان جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ پنج جوڙا ڪبوترن جا رهن ٿا ته اتي هڪ
سال ۾ 100 کن ڪبوتر ٿي ويا. ڪيترن ملڪن ۾ ڪبوترن جي واڌ ويجھ گهٽائڻ لاءِ انهن جا
آنا ضايع ڪيا وڃن ٿا يا پلاسٽڪ جا آنا رکيا وڃن ٿا جيئن ڪبوتر رڳو دل خوش ڪرڻ لاءِ
آري تي وهن باقي ڪبوترن جو تعداد نه وڌي.
بهرحال هي ڪبوترن جي ڳالهه ان ڪري
کڻي ويٺس ته جيئن اسان جي ماڻهن کي احساس ٿي سگهي ته ڪبوتر پالڻ جهڙيون ڳالهيون
جيڪي اسان وٽ غلط نٿيون سمجھيون وڃن پر دنيا انهن ڳالهين تي اسان تي کلي ٿي.
ڪيترون ڳالهيون اهڙيون به آهن جن کي اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن کڻي اسلامي رنگ ڏنو
آهي جيتوڻيڪ اسان جي ان جهالت تي نه فقط عرب پر ملائيشيا جهڙن ملڪن جا مسلمان به
اسان تي چٿرون ڪن ٿا. هو اهو ئي چون ته پکي يا ڪو جانور پالڻو اٿئو ته ان جي صحيح
طرح پرگھور لَهو. هن کي هائيجنڪ ڪنڊيشن ۾ رکو، هنجي رهائش وارو پڃرو يا جاءِ کي
صاف سٿرو رکو، هن جي ڪرفتي هر وقت صاف ڪندا وتو ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ پاڙيوارن لاءِ
بيماريون پيدا نه ڪريو.
پڙهندرن کي شايد تجسس هجي ته پوءِ
مون ڇا ڪيو..... ڪبوترن مان جان ڪيئن ڇڏايم. لٺ سان ته هڪلي هڪلي ٿڪجي پيو هوس هاڻ
ايئر گن هٿ ڪرڻ لاءِ جستجو ۾ هوس جيڪا منهنجي ڪنهن واقفڪار وٽ هوندي به هن ڪبوترن
کي مارڻ جو ٻڌي نٽائي ٿي ڇڏيو. اوچتو هڪ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج مان پڙهيل رينجرس جي SP جو ٻڌم ته ڪراچي بدلي ٿي آيو آهي. فون ڪيومانس ته هڪ ڪم ڪندين؟
”ڀائيجان توهان رڳو حڪم ڪريو“
وراڻيائين.
”ايئرگن ڪا هٿ ڪري ڏي پر مارڻا
ڪبوتر آهن“ مون اهو چئي يڪدم چيومانس”هاڻ ڪبوترن جو پاسو نه کڻجانءِ.“
”سوال ئي نٿو پيدا ٿئي“ هن جواب
ڏنو ۽ شامَ جو هڪ سپاهي هٿان ايئرگن موڪلي ڏنائين.
ايئرگن هٿ ۾ کڻي اٺين نائين ڪلاس
جا ڏينهن ياد اچي ويا. دٻيءَ مان ڇيرو ڪڍي ايئرگن ۾ لوڊ ڪرڻ لاءِ ان کي وچ تان
موڙڻ جي ڪوشش ڪيم. ڏاڍو زور لڳرائين.
Something wrong with this gun .... مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پر نه ..... اها منهنجي غلط فهمي هئي. ايئرگن
ساڳي هئي جنهن کي 15 سالن جو الطاف ته ڏاڍي آساني سان موڙي سگهيو ٿي پر هاڻ ستر
سالن جي پوڙهي الطاف ۾ اها طاقت نه رهي هئي جو ايئرگن جي اسپرنگ خلاف زور ڏئي
آساني سان لوڊ ڪري سگهي. بهرحال ٿورو گهڻو زور ڏيڻ سان اهو مرحلو ته طئه ٿيندو
رهيو. نشانو چٽڻ مون لاءِ ڪو مشڪل نه هو. ايس پي صاحب اجائي 100 ڇيرن جي نئين دٻي
موڪلي، پنج ڇهه ڇيرا به ڪافي هئا. هيڏي ساري ڪبوتر تي ٽيهه چاليهه فٽن تان نشانو
چِٽڻ ڪهڙي ڏکي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ خاص ڪري مون لاءِ ....... جنهن ڪاليج جي ڏينهن ۾
22. (پوائنٽ ٽو ٽو) جي رائفل سان نشاني بازي ۾ هميشه انعام کٽيا هجن. پيٽارو ۾ رائفل
شوٽنگ ۾ مونکان بهتر فقط پهرئين بئچ جو خواجا گهنتر نبي انصاري (ڪِٽ نمبر 26) هوندو
هو. ڪاليج جو جو حوالدارچوندو هو ته Shoot to
Kill ...... يعني
هر فائر نشاني تي لڳڻ کپي ۽ اسانجو نشانو هميشه Bull ۾ لڳندو هو يعني اندرين ننڍڙي گول جي وچ ۾.
بندوق هٿ ۾ کڻڻ ۽ ڪبوترن کي شوٽ
ڪرڻ کان اڳ اهو ضرور سوچيم ته شام تائين ڪبوترن جو ڍير ٿي ويندو جن کي اڇلڻ جو مسئلو
ضرور ٿيندو. مونکي تيونس جو عرب دوست عياض ياد اچي ويو جيڪو سئيڊن جي يونيورسٽي ۾
منهنجو ڪلاس ميٽ هو..... هو ڪبوتر کائڻ جو شوقين هو. ڪوپن هيگن ريلوي اسٽيشن جي ڇت
جي گارڊرن ۾ ڪبوترن کي ڏسي هن جو هميشه وات پيو پاڻي ٿيندو هو. اڄ هو هتي هجي ها
ته آئون اڇلڻ کان بچي وڃان ها. هو ذبح ڪري پنهنجي لاءِ فريز ڪندو وڃي ها.
اسان وٽ ڪبوترن جو هڪ ٺڪاڻو نه هو.
ڪجهه ايئرڪنڊيشنر پٺيان فئملي لائيف گذاري رهيا هئا ته ڪجهه خانه بدوشن وانگر درين
۽ انهن مٿان ڪانسن تي. آئون ٽي چار ڏينهن صبح شام فائر ڪندو رهيس ڪو به فائر خالي
نٿي ويو. هر فائر تي يا دريءَ جو شيشو ڀڳو ٿي يا ايئرڪنڊيشنر جي ٻاهرين چادر ۾ سوراخ
ٿيو ٿي. ٺڪاءَ تي في الحال ڪبوتر ڀڄي ويا ٿي. هڪ ٻه دفعو ته ٺڪاءَ تي ڪنهن ڪبوتر
اهڙو ڀڙڪو ڏنو جو مونکي لڳو ته ان کي گولي لڳي آهي ۽ پاڙي واري جي ڇت تي وڃي
ڪرندو. پر اهو ساڳيو هڪ اڇي کنڀ وارو وري شامَ جو نموندار ٿيو ٿي. بهرحال بندوق جي
ٺڪاءَ، دريءَ جي شيشي ڀڄڻ يا ايئرڪنڊيشن جي ٻاهرين ٽين جي پليٽ ۾ ڌڪ لڳڻ جي آواز ڪري
خوف کان هنن آهستي آهستي ٿي پنهنجين جاين تي موٽڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو پر منهنجي هٿ
ڏڪڻ ڪري مئو هڪڙو به نه. دل کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڻ کي اها ئي آٿت ڏنم ته چڱو جو ڪنهن
ڪبوتر کي گولي نه لڳي، زخمي ٿيل کي ڪير سير وجھي ها ۽ مئلن کي ڪير وڃي ڪچري جي ڍڳ
تي اڇلي اچي ها. ان کان علاوه منهنجا ڪيترا دوست جن لاءِ ڪبوتر پير مرشد آهي اهي
به ڏک ڪن ها.
The Tail End: هي مضمون
اخبار ۾ ڏيڻ کان اڳ هڪ دفعو پڙهي ڏٺم ته اهو محسوس ٿيو ته هڪ ليکڪ جي حسابَ سان
مون ڪبوترن سان انصاف نه ڪيو آهي. هن جي فقط منفي ڳالهين تي لکيو اٿم. سچ هي آهي ته
ڪبوتر ڪو اهڙو ويل پکي به نه آهي. ان کان خراب ته ڪانگ پکي آهي. شڪل ۾ به خراب ته
افعالن ۾ به بڇڙو. ڪڙميءَ جي ٻار کان ماني ڳڀو ڦرڻ وارو، بند ٿيل ٿيلهين کي ڦاڙي
ان جو ڪچرو چوڌاري پکيڙڻ وارو هوندي به سچي ڳالهه اها آهي ته اسان ننڍي کنڊ جا
ماڻهو هن کي به پيارو پکي سمجھون ٿا. تڏهن ته چئون ٿا ته ”آءُ ڪانگا ڪڍي تو ڏيان
جان جگر جيرو“..... يا ....”ڪاگا چن چن کَيو ماس..........“ وغيره. ان حساب سان ته
ڪبوتر هڪ خاموش طبيعت، ڪڏهن به ڪنهن سان جھيڙو نه ڪرڻ وارو، ڪڏهن به ڪنهن ٻار کان
شيءِ نه ڦرائڻ وارو، ٻئي کي پاڻ جهڙو شريف سمجھڻ وارو (سامهون بندوق جھلي بيهوس ته
به شڪ نه ڪندو ته اڳلو منهنجي جان پٺيان آهي)، پاڻ کان ننڍي پکين سان به صلح سان
رهڻ وارو پکي آهي. ان ڪري ڳيري وانگر هن کي به امن جو پکي سڏين ٿا.
اي ميل، ڪوريئر سروس ۽ پوسٽل
ڊپارٽمينٽ کان اڳ پيار جا پيغام کڻي وڃڻ ڪبوتر جو ئي ڪم هوندو هو. تڏهن ته 1956ع
جي فلم دلا ڀٽي ۾ صبيحا ڪبوتر کي چٺي ڏئي چوي ٿي:
”واسطا اي رب دا ـــ تون جاوين وي ڪبوترا،
چٺي ميري ڍول نو پجاوين وي ڪبوترا“
هن غريب پکيءَ کان نه فقط ٽپاليءَ
جا ڪم ورتا ويندا هئا پر ڪي ڪي عاشق هن تي خاص حڪم صادر ڪندا هئا ته سندن چٺي
پهچائڻ ۾ سستي کان ڪم نه وٺجان، جان هلي وڃي ته به چٺي محبوب کي ملڻ کپي..... ذرا
ملاحظه فرمايو هي شعر:
”وڃ ڪبوتر چهنب ۾ کڻي پرينءَ ڏي پيغام
متان چڳين چانور تو لاءِ پاڻي به آ حرام
ويهي نه رهجانءِ وڻڪار ڏسي، وڃجانءِ تيز تمام
هن غريب جا سلام، ساري ڏج سڄڻ کي.
ڪن حالتن ۾ ڪبوتر کي اوڏانهن
موڪليو ويو ٿي جتي هن جي جان جو خطرو هو. هن ان خطري کان عاشق کي آگاهه به ڪيو ٿي ته
اهو ڪم ڪندي منهنجا پر ڪترجي ويندا.....
خط ڪبوتر ڪس طرح لي جائي بامِ يار پر
پَر ڪترني ڪو لگي هين، ڪينچيان ديوار پر
پر عاشقن وٽان هن کي اهوئي حڪم صادر
ٿيو ٿي ته خط محبوب تائين هر صورت ۾ پهچڻ
کپي.
خط ڪبوتر اس طرح لي
جائي بامِ يار پر
ڪه خط ڪا مضمون هو پرون پر، پر ڪٽين ديوار پر
ڪيترن ملڪن ۾ هن پکيءَ جا خوبصورت Statues نظر اچن ٿا. لنڊن جي پڪاڊلي سرڪس ۽ ٽوڪيو جي ائينو پارڪ اڳيان
ڪبوتر جا ولر اَنُ کائيندي نظر ايندا. شايد ولايت ۾ ڪبوترن کي ڏسي اسان وٽ ڪراچيءَ
۾ سنڌ سيڪريٽريٽ واري چوراهي تي ڪبوترن کي اَنُ ڏنو وڃي ٿو. پر يارو فرق اهو آهي
ته هوڏانهن ولايت ۾ اهڙن هنڌن کي روزانو رات جو جراثيم ڪش دوائون هاري ڦوهاري سان
فرش صاف ڪيا وڃن ٿا. اسان وٽ ڇهه ڇهه مهينا ٿيو وڃن ٺلهي ٻهاري سان به وٺيون صاف
نٿيون ٿين!.
No comments:
Post a Comment