اسانجا ذهين شاگرد
الطاف شيخ
سنڌ يونيورسٽي ۾ منهنجي ليڪچر بعد جن شاگردن مونکان سوال
پڇيا، مونکي حيرت ٿي ته انهن ۾ ڪيترا ڀيل ۽ مينگھواڙ ذاتين جا به هئا .... هو بيحد
سٺي انگريزي ۾ وڏي اعتماد سان ڳالهائي رهيا هئا.
ليڪچر بعد سنڌ يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ لنچ دوران منهنجي
ڀرسان ويٺل هڪ شاگرد نمائندي ۽ مشهور اديب شاعر عباس ڪوريجو کي چيم ته توهان وٽ سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ شيڊول ڪاسٽ جا به شاگرد آهن. مون اهو چوڻ وقت شايد حيرت جو به اظهار
ڪيو.
”سر! انهن قومن جا ماڻهو جن کي اسانجا ڪيترا مسلمان ۽ هندو هيٺاهيون
ذاتيون ٿا سمجھن، انهن ۾ تعليم عام ٿيندي وڃي. مختلف ڪاليجن ۽ اسان وٽ يونيورسٽي ۾
ڪيترائي مينگھواڙ، باگڙي، ڀيل، ڪولهي ..... ويندي اوڏ به گرئجوئيشن ڪري رهيا آهن
.....“ عباس هڪ ئي ساهيءَ ۾ ٻڌايو.
دل ۾ مون سوچيو ته خبر ناهي آئون اها ڳالهه ڇو ڪري ويٺس.
مونکان وڌيڪَ ڀلا ٻيو ڪنهن کي خبر آهي ته انهن ذاتين جا نوجوان ڪيڏو تعليم يافته ٿيندا
وڃن. هڪ دفعو مون وري ائين ئي سوال ڪيو:
”ڀلا ڪو اوڏ، ڀيل يا مينگھواڙ Ph.D تائين به پهتو آهي؟“
”سر اها خبر ناهي. پر مونسان گڏ ڪيترائي M.A ته ڪري رهيا آهن.“ عباس ٻڌايو
۽ دل ۾ مون سوچيو ته ڪنهن ڏينهن آرام سان فون تي هن کي ٻڌائيندس ته منهنجي ويجهڙائيءَ
۾ هڪ اهڙي مينگھواڙ شاگرد سان مُلاقات ٿي آهي جيڪو Ph.D ته آهي پر هاڻ هو ملائيشيا
جي آڳاٽي ۽ سڀ کان گهڻي عزت آبرو واري ”ملايا يونيورسٽي“ مان پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو
آهي.
”ڀلا عباس! انهن ذاتين مان ڪا ڇوڪري به گرئجوئيشن ڪري رهي آهي؟“
”آئون نٿو سمجھان. ٿي سگهي ٿو ڪا ڇوڪري به هُجي. منهنجي M.A واري ڪلاس
۾ ته ڪا ڪانهي.“ هن ٻڌايو۽ مون کيس کلندي چيو: ”خبر اٿئي توهان ته اڄ جي ڳالهه ٿا ڪريو
پر توهانکي حيرت ٿيندي ته آئون اڄ کان ڏهه ٻارنهن سالَ اڳ هڪ اوڏڻ ۽ هڪ مينگھواڙ ڇوڪريءَ
کي جرمنيءَ مان Ph.D ڪندو ڏسي چڪو آهيان. ۽ هاڻ ته انهن ذاتين جون خبر
ناهي ڪيتريون ڇوڪريون اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪيون هونديون.“
سنڌ يونيورسٽي ۾ هي ليڪچر ڏيڻَ کان مهينو ڏيڍ اڳ آئون ملائيشيا
جي شهرَ ڪوالالمپور ۾ هوس جِتي هڪ ڏينهن منهنجو هِتي جي پُراڻي ۽ اهم يونيورسٽيءَ
۾ وڃڻ ٿيو جنهن يونيورسٽيءَ مان مهاتير محمد، انور ابراهيم، موسيٰ حطام (اڳوڻو ڊپٽي
وزير اعظم) ۽ عبدالله احمد بداوي (اڳوڻي وزير اعظم) جهڙن اهم ماڻهن تعليم حاصل ڪئي
آهي. اڄ به اهي شاگرد خوش نصيب سمجھيا وڃن ٿا جن کي يونيورسٽي ملايا ۾ داخلا ملي ٿي.
اسان جي ملڪ جا به ڪيترائي شاگرد Ph.D ڪري رهيا آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
اسرا يونيورسٽي جو ليڪچرار ڪامران خواجه جيڪو ڪمپيوٽر سائنس
۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو آهي. ملير جو رهاڪو ممتاز خاصخيلي انهن ڏينهن ۾ Ph.D ڪري چڪو
هو ۽ هاڻ ڪوئيٽا ۾ پروفيسر آهي. عمر ڪوٽ جو اسلم ڀنڀرو، محمد عمير، جاويد لغاري ۽ حيدر
آباد جو هڪ مغل (هن وقت نالو ياد نه اٿم) مختلف سبجيڪٽن ۾ Ph.D ڪري رهيا
آهن .... ويندي سنڌ جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون هن يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ
تعليم پرائي رهيون هيون جيئن ته راحيلا شاهه نالي فزڪس ۾ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ليڪچرار
فضا قريشي بزنيس ائڊمنسٽريشن ۾ هئي. مزي جي ڳالهه اها ته اهي سڀ هتان يا ٻين ملڪن مان
ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري هاڻ ڊاڪٽوريٽ يعني Ph.D ڪري رهيا آهن. پر هن يونيورسٽي
۾ هڪ اهڙو به شاگرد هو جيڪو Ph.D هو ۽ اڃان وڌيڪ پوسـٽ ڊاڪٽوريـٽ ڪري رهيو آهي. هو
وزٽنگ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان اُتي آهي .... ۽ اهو شاگرد سنڌ جي ڪنهن پير مير، وڏيري
يا وزير سياستدان جو پٽ نه آهي پر ٽنڊو جان محمد جي هڪ ڏهاڙي تي پورهيو ڪندڙ ”سيروجي“
نالي غريب مينگهواڙ جو پٽ رامچند آهي. رامچند 6 اپريل 1977ع تي ٽنڊو جان محمد ۾ ڄائو
جِتان هن مئٽرڪ ۽ انٽر ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان سال 2000ع ۾ فزڪس ۾ M.Sc ڪئي. هن
ان ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ان بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سال 2008ع
تائين گورنمينٽ ڪاليج مٺي ۾ ليڪچرار ٿي رهيو. هن ٻڌايو ته انهن ڏينهن ۾ هن کي Ph.D ڪرڻ لاءِ
يونيورسٽي آف مساچُوسيٽ (University of Massachusetts) وارن اسڪالر جي آڇ ڪئي. هو آمريڪا جي سفارتخاني
۾ انٽرويو ڏئي ويزا وٺڻ لاءِ جنهن ڏينهن اسلام آباد پهتو ته ان ڏينهن اتي جي مئرٽ هوٽل
۾ ڌماڪو ٿيو ۽ في الحال ڪجهه ڏينهن لاءِ سڀ سفارت خانا بند ٿي ويا ۽ سندس اسڪالر ۽
ويزا رولڙي ۾ اچي وئي. ان بعد هن کي انگلنڊ طرفان هڪ اسڪالر جي آڇ ٿي. ”جنهن جي انٽرويو
۽ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي جيڪا تاريخ لکي وئي اها هڪ ڏينهن جي گئپ تي هئي. سو ظاهر
آهي ٽنڊو جان محمد کان اسلام آباد ان ئي ڏينهن ڪيئن ٿو پهچي سگهان!“ ڊاڪٽر رامچند مينگھواڙ
ٻڌايو.
”پوءِ ڀلا Ph.D ڪٿان ڪيانوَ؟“ مون پڇيو.
”ان لاءِ بعد ۾ مونکي چين طرفان اسڪالر ملي وئي“، ڊاڪٽر رام چند ٻڌايو،
”تان جي بيجنگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مان 2012ع ۾ Ph.D ڪري فارغ ٿيس.“
رام چند پهريون پاڪستاني آهي جنهن “Condensed Matter
Physics” ۾ Ph.D ڪئي آهي. هن سائنس جو واسطو ٿري ڊي (3D Animation) ۽ وڊيو گيمس
سان آهي ۽ اڄ ڪلهه ان فيلڊ ۾ ڏاڍي ضرورت آهي. آمريڪا، جرمني، چين ويندي انڊيا ۾ ته
ڪيترا ئي اهڙا Ph.D آهن جن
هن سبجيڪٽ ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي پر اسان وٽ ڊاڪٽر رامچند مينگھواڙ پهريون آهي. سندس
ان اهم سبجيڪٽ ڪري کيس ملائيشيا وارن نه فقط پاڻ وٽ وڌيڪَ پڙهڻ لاءِ اسڪالر ڏني آهي
پر کيس اسسٽنٽ پروفيسر به ڪري رکيو آهي.
دراصل اڄ ڪلهه نوڪري حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. جيڪڏهن
ڪو سمجھي ٿو ته هو جهڙي تهڙي گريڊ ۾ MBBS يا B.E ڪري نوڪري حاصل ڪري سگهندو
ته اهو هن جو خواب ئي سمجھو. اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن گرئجوئيٽ کي رزلٽ نڪرڻ سان نوڪري
ملندي هئي. هينئر ڪيترا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر يعني فقط MBBS ۽ B.E وارا سالن کان بيروزگار ويٺا آهن. ڪيترا ته ڳوٺن
۾ پرائمري اسڪول جا ٽيچر يا ڪلارڪ ٿيو پيا هلن. ڪو اهـڙو وقت هو .... جڏهن مون
1954ع ۾ هالا جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي هئي ته ان وقت مئٽرڪ پاس ڪندڙ کي ان ئي اسڪول
۾ پڙهائڻ لاءِ منٿون ڪيون وينديون هيون. انهن ڏينهن ۾ جيڪو شاگرد مئٽرڪ بعد فرسٽ ييئر
پري انجنيئرنگ يا پري ميڊيڪل ۾ داخلا وٺندو هو ته ان جا مائٽ چوندا هئا ته ڇوڪرو انجنيري
پيو پڙهي. يا ڊاڪٽري پيو پڙهي. هو صحيح چوندا هئا جو اهو شاگرد انٽر بعد انجنيئرنگ
يا ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺندو هو ۽ ڏڏ کان ڏڏ شاگرد به چئن سالن ۾ نه ته پنجن يا ڇهن
سالن ۾ گرئجوئيٽ ٿي واپڊا، ايريگيشن يا ڪنهن ٻئي کاتي ۾ يا سرڪاري اسپتال ۾ نوڪري حاصل
ڪري وٺندو هو پر هاڻ سڄي دنيا ۾ مختلف حالتون آهن.
پينانگ ۾ هڪ ملئي دوست وٽ رهڻ ٿيو. هن جي پٽ STPM (اسان واري انٽر
برابر) ڪري هاڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي. مون نينگر کي ڀاڪر پائي چيو ته:
? So
you want to be an Engineer
ڇوڪر کلندي چيو: ”انڪل اڃان ته منزل ڏور آهي. پهرين ته B.E ٿئي ۽ پوءِ
M.E .... ان بعد
دعا ڪريو ته انجنيئرنگ جي ڪنهن اهڙي فيلڊ ۾ Ph.D ڪريان جنهن جي Demand هجي ۽ مونکي
بهتر نوڪري ملي سگهي.“
منهنجي خيالَ ۾ هن جي اها سوچ صحيح هئي. اسان وٽ به ڪيترا
ان دورانديشي کان ڪم وٺن ٿا. ملائيشيا، جپان يا يورپ پاسي جيڪي پاڪستاني شاگرد سٺين
نوڪرين ۾ نظر ايندا آهن انهن ۾ ڪيترائي سنڌ جي ننڍڙن ڳوٺن جا هوندا آهن. ڇوڪريون پڻ
هونديون آهن. هنن سڀني جي ڪاميابي جو راز اهو هوندو آهي ته هنن ڪنهن اهڙي ڏکئي سبجيڪٽ
۾ Ph.D ڪئي آهي
جنهن جي اڄ جي دؤر ۾ ضرورت آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر رامچند مينگھواڙ کي به نه
فقط ملائيشيا وارا پر ساڳئي وقت جپان ۽ جرمني وارا به نوڪري ڏيڻ جي آفر ڪري رهيا آهن.
ٻاهرن ملڪن ۾ ڪيترائي سنڌ جا اوڏ پڻ وڏين نوڪرين تي نظر اچن
ٿا. نيوزيلئنـڊ جي مرچنٽ نيوي ۾ ڪنڊياري جو اوڏ ڪئپٽن امرچند بيحد مشهور آهي. تازو
دادو پاسي جي هڪ ڳوٺ راڌڻ جي سريش ڪمار اوڏ نيوزيلئنڊ مان بزنيس جي ڪنهن اهم سبجيڪٽ
۾ Ph.D ڪئي آهي.
ڪنڊرياري ۽ نواب شاهه پاسي جا ته ڪيترائي اوڏ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڏين نوڪرين ۾ آهن.
مون سان گڏ رامچند اوڏ ۽ نولراءِ اوڏ ڪئڊٽ ڪاليج ۾پڙهندا هئا. ٻنهي NED مان انجنيئرنگ
ڪئي ان بعد نول CSS جو امتحان ڏئي انڪم ٽئڪس کاتي ۾ ڪمشنر ٿيو ۽ رامچند
Ph.D ڪري آمريڪا
جي ڪولوراڊو يونيورسٽي ۾ پروفيسر ٿي رهيو. سندس پُٽَ هوائي جهازن جا پائلٽ آهن. رتو
ديرو جي مهر چند اوڏ جون ٻه ڌيئون سئيڊن ۾ ۽ هڪ ڊئنمارڪ ۾ آهي جن مان هڪ Ph.D ڪري رهي
آهي ۽ ٻه نوڪريون ٿيون ڪن. هي ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ ۾ هيون ته منهنجي جپان کان آيل ڏهٽن
کي سائنس ۽ انگلش ۾ ٽيوشن پڙهائينديون هيون. ڇا ته هوشيار هيون. لڳو ٿي ته هنن ايمانداري
۽ محنت سان پڙهائي ڪري هر امتحان پاس ڪيو آهي. ايمانداريءَ سان ٽيوشن پڙهائڻ ڪري هر
مائٽ هنن کي منٿون ڪندو هو.
اهڙي طرح پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ۾ ڪنڊياري جي پروفيسر
بسنت اوڏ جي انجنيئر پٽ لاءِ لکيو اٿم ته اڄ کان 12 سال اڳ هو جڏهن ڪنهن جاب لاءِ انٽرويو
ڏيڻ ويو ته انٽرويو وٺندڙ فائننس ڊائريڪٽر (جيڪو منهنجو سڃاڻو هو) کيس اهو چئي هن جو
انٽرويو وٺڻ کان انڪار ڪيو ته هو ”مهراڻ يونيورسٽي“ جو گرئجوئيٽ آهي.
”توهان سرـ! منهنجو فقط انٽرويو وٺو. نوڪري ڀلي نه ڏيو.“ نينگر چيو.
صاحب کي دل ۾ اچي ويو ۽ انٽرويو ورتائين ته ڏاڍو متاثر ٿيو
۽ يڪدم نوڪري جي آڇ ڪيائينس. جنهن ايمانداري ۽ وقت جي پابندي سان هي نوڪري ڪندو رهيو
ان مان سڀ آفيس وارا خوش هئا. سال کن کانپوءِ کيس سعودي عرب کان وڏي نوڪري جي آفر آئي
ته هن ڪراچي واري نوڪري تان استعيفا ڏني. آفيس وارن سندس سٺي ڪم ڪري هن کي ڏاڍيون منٿون
ڪيون. ايتريقدر جو ڊائريڪٽر صاحب مون وٽ هلي آيو ته ڪمپني وارا هن جو پگهار ٻيڻو ڪرڻ
لاءِ به تيار آهن. بهرحال ڇوڪرو ته پنهنجي سٺي مستقبل خاطر سعودي عرب هليو ويو ۽ هينئر
اڃان به بهتر Post تي آسٽريليا
۾ آهي پر مون دل ۾ سوچيو ته اهو ئي ڊائريڪٽر جنهن هن جو انٽرويو به نٿي ورتو سو هن
کي پاڻ وٽ رکڻ لاءِ کيس ۽ اسان سڃاڻن کي منٿون ڪري رهيو آهي. ان جو سبب فقط محنت ۽
ايمانداري سان تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پابندي ۽ سچائي سان ڊيوٽي ڏيڻ آهي. ولايت توڙي پنهنجي
ملڪ ۾ اڄ انهن غريب اوڏن، ڀيلن، مينگھواڙن جي ٻارن جي زندگي ٿو ڏسان ته هنن جي اسان
جي امير پيرن، وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جي ٻارن کان تمام بهتر، آسودي، مطمئن ۽ سڪون
ڀري آهي. هنن ننڍپڻ ۾ سو محنت ڪئي هاڻ هو نه رڳو پاڻ خوشحال آهن پر پنهنجن ٻارن جي
به صحيح طرح رهنمائي ڪري رهيا آهن.
سال 2007ع وارو زمانو ٿو ياد اچي جڏهن اوڀر يورپ جي آسٽريا
ملڪ جي گادي واري شهر ويئانا Vienna ۾ ”ڳوٺ مير جي لانڍي“ جو گورڌن داس نالي هڪ مينگھواڙ شاگرد رهيو ٿي،
هو سنڌ يونيورسٽي مان ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۾ M.Sc ڪري ويانا پهتو هو جِتي هن
2006ع کان 2010ع تائين رهي Ph.D ڪئي سندس ڊاڪٽوريٽ جو سبجيڪٽ هو ”وائرليس ڪميونيڪيشن“.
پاڻ اڄ ڪلهه ٻڌو اٿم ته ٽنڊو ڄام ائگريڪلچر يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي
سينٽر (ITC) آهي. بهرحال
اڄ ڪلهه ته ڪيترائي اهڙين ذاتين جا نه فقط شاگرد پر شاگردياڻيون ملن ٿيون جيڪي مختلف
اهم سبجيڪٽن ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيون آهن. يا Ph.D بعد نوڪري ڪري رهيون آهن. ظاهر آهي ته هنن سنڌ يونيورسٽي
۾ B.Sc ۽ M.Sc ڪرڻ دوران
پڪ Extraordinary پوزيشن
کنئي هوندي تڏهن ته هنن کي ولايت مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي هوندي نه
ته هنن غريبن جي ڇا مجال يا ڇا اثر رسوخ. ان کان علاوه هي شاگرد ايڏا ته ذهين ۽ محنتي
آهن جو ڳولي ڳولي ڏکي ۽ اهم سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪن ٿا. ان ڪري تعليم پوري ٿيڻ
تي هنن کي مختلف ملڪن مان نوڪري لاءِ آڇون اچيو وڃن. مينگھواڙ، اوڏ ۽ ڀيل ڇوڪرا ته
ڇا پر مونکي حيرت ٿيندي آهي ته انهن ذاتين جون ڇوڪريون به چونڊي چونڊي ڏکيو سبجيڪٽ
کڻڻ ٿيون ۽ پوءِ ڏينهن رات پڙهائي ۾ مشغول رهن ٿيون.
هِتي ان قسم جي ڇوڪرين مان هڪ شبنم مينگھواڙ جو ذڪر ڪندس
جيڪا مٺي ۾ ڄائي. مئٽرڪ حيدرآباد جي زيل پاڪ اسڪول مان ۽ انٽر زبيده گرلس ڪاليج مان
ڪيائين. ننڍي هوندي کان هوءَ هوشيار ۽ محنتياڻي هئي. ايتريقدر جو ٽنڊو ڄام ائگريڪلچر
يونيورسٽي مان B.Sc.
Hons ۾ هن ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ۽ کيس چانديءَ جو ميڊل مليو. ايم ايس سي Soil Science ۾ ڪيائين ۽ فرسٽ
ڪلاس فرسٽ پوزيشن آئي. 2007ع کان 2011ع تائين جرمني جي شهر Stuttgart ۾ رهي جِتي هن اتي جي هڪ آڳاٽي يونيورسٽي University of
Hohenheim مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس Ph.D ۾ به ساڳيو سبجيڪٽ
Soil
Science هو. جرمنيءَ جي هيءَ يونيورسٽي 1818 ۾ ٺهي يعني هيءَ يونيورسٽي ٻه سؤ سال
کن پراڻي آهي. اميد ته هن يونيورسٽي بابت تفصيل لاڙڪاڻي جو پروفيسر مختيار سمون ضرور
لکندو. هن يونيورسٽي جو هڪ ٻيو اهم گرئجوئيٽ عبدالغفار لڪن وال هن وقت ياد اچي رهيو
آهي. افغاني سياستدان عبدالغفار جيڪو 1980ع واري افغان حڪومت ۾ وزير به ٿي رهيو اهو
پڻ شبنم وانگر هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو جنهن ڪابل مان ائگريڪلچر سائنس ۾ M.Sc ڪرڻ بعد
هن يونيورسٽي مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي هئي.
هي مضمون لکڻ مهل مون شبنم کان حال احوال وٺڻ ٿي چاهيو. سندس
پتا گڻيش ٻالاڻي جنهن پنهنجي آتم ڪهاڻي ”منهنجي ڪهاڻي ـــ ڪجهه نئين ڪجهه پراڻي“ پڻ
لکي آهي ۽ 120 کن صفحن جو ڪتاب حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن وارن ڇپيو آهي، اسانجي دوست
وليرام ولڀ جو به واقفڪار آهي. مون وليرام کان فون نمبر وٺي گڻيش سان ڳالهايو ته هن
مونکي ٻڌايو ته سندس ٻي ڌيءَ نمرتا ڪماري به جرمني ويل آهي. مون کانئس شبنم جو نمبر
وٺڻ بدران نمرتا جو وٺي ساڻس جرمني ڳالهايو. هن ٻڌايو ته هوءَ ان يونيورسٽي ۾ نه آهي
جِتي سندس وڏي ڀيڻ شبنم هوندي هئي پر هوءَ جرمنيءَ جي هڪ ٻي مشهور ۽ جرمني جي ٽاپ جي
يونيورسٽي University
of Tubingen ۾ آهي. هيءَ يونيورسٽي مشهور هجڻ کان علاوه بيحد پراڻي به آهي جيڪا
1477ع ۾ ٺهي .... يعني ساڍا پنج سئو سال پراڻي آهي ۽ هن يونيورسٽي بابت اهو به لکندو
هلان ته هيءَ يونيورسٽي عام يونيورسٽين وانگر ڪئمپس جي شڪل ۾ ناهي پر سندس مختلف ڊپارٽمينٽ
۽ شاخون سڄي Tubingen شهر ۾ پکڙيل
آهن ۽ توهان کي شهر جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شاگرد نظر ايندو بقول نمرتا جي جرمنيءَ جي هن شهر
جو هر ٽيون ماڻهو يونيورسٽيءَ جو شاگرد آهي. نمرتا ٻڌايو ته هوءَ اَٺن ڀاءُ ڀيڻن ۾
ڇهون نمبر آهي ۽ سڀني ۾ هوشيار مڃي وڃي ٿي. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان مائڪرو بايولاجي
سبجيڪٽ ۾ M.Sc ڪيائين.
”اسان جي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هي ڊپارٽمينٽ نئون کليو هو جنهن
جي پهرين بئچ ۾ آئون پڻ هيس.“ نمرتا فون تي جرمني کان ٻڌايو، ”ان وقت اسين ڪل 25 اسٽوڊنٽس
هئاسين. ڪجهه ڇوڪريون به هيون جن مان بشرا پاٽولي ۽ عاتف پاٽولي سٺين نوڪرين ۾ آهن.“
نمرتا پاڻ M.Sc بعد سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي نوڪري ڪئي جتان هاڻ هوءَ
جرمني ۾ “Microbiological
Genetics” ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ پهتي آهي. سندس شادي ميرپور خاص جي هڪ وڪيل موهن سان
ٿي. کين ٻه پٽ آهن. آخر ۾ پڙهندڙن جي معلومات لاـءِ لکندو هلان ته نمرتا مينگھواڙ خوش
نصيب عورت آهي جيڪا جرمني جي هن تاريخي ۽ تمام مشهور يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري
رهي آهي جنهن يونيورسٽي جي گرئجوئيٽن سڀ کان گهڻا نوبل پرائيز حاصل ڪيا آهن. جِتي اسانجي
سڄي ملڪ جي فقط هڪ ڄڻي ڊاڪٽر عبدالسلام کي فزڪس ۾ نوبل پرائيز مليو اتي هن University of Tubingen جي ٻن گرئجوئيٽن
کي فزڪس ۾، پنجن کي ڪيمسٽري ۾ ۽ ٽن کي فزيالاجي (ميڊيسن) ۾ نوبل پرائيز ملي چڪو آهي.
ان ۾ ڪو بعيد ناهي ته ڪنهن ڏينهن ٻڌڻ ۾ اچي ته نمرتا جهڙي مينگھواڙ، ڊاڪٽر مونيڪا جهڙي
اوڏ يا ڪنهن ٻي ڀيل يا ڪولهي ڇوڪريءَ يا ڇوڪري کي نوبل پرائيز ملي رهيو آهي. آخر ته
ڏات ناهي ذات تي. اسان قاديانين لاءِ گهـٽ وڌ لفظ چئون ٿا پر پهريون نوبل پرائيز حاصل
ڪري جنهن شخص عبدالسلام پاڪستان جو مان وڌايو اهو ته قادياني هو. يا بنگالين لاءِ اسان
وٽ حقارت ڪئي وڃي ٿي پر ننڍي کنڊ ۾ جنهن شخص سڀ کان پهريون نوبل پرائيز حاصل ڪيو اهو
رابندر ناٿ ٺاڪور (ٽئگور) بنگالي ئي ته هو!.
No comments:
Post a Comment