Monday, September 28, 2015

اسان جو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري...! الطاف شيخ

اسان جو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري...!
الطاف شيخ

مون وٽ اي ميل ذريعي ڪيترائي خط اچن ٿا جن ۾ اسان جا نوجوان بيروزگاري بابت پنهنجي ڏُکَ  جو اظهار ڪن ٿا ۽ اها حقيقت به آهي  ته اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي آهي، خاص ڪري سرڪاري کاتن ۾ ايتريون نوڪريون نه آهن. سياستدان ۽ وزير پوري ڪوشش ۾ رهن ٿا ته ڪٿي ڪي خالي جايون نڪرن ته پنهنجن ورڪرن کي ڏئي منهن سرخرو ڪجي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجو نوجوان رڳو سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جو خواهشمند نظر اچي ٿو ۽ اسان وٽ ڪيترا کاتا PIA کان سنڌي ادبي بورڊ تائين ماڻهن سان Surplus ٿيا پيا آهن. ان هوندي به اسان جا وزير ۽ سياستدان کوٽي کوٽي ڪجهه نوڪريون ڪڍن ٿا، جن لاءِ  عام شڪايت اها آهي ته اهي ميرٽ تي ڏيڻ بدران پنهنجن مائٽن ۽ من پسند ماڻهن کي ڏنيون  وڃن ٿيون ۽ مٿن اها  به الزام تراشي آهي ته هو اهي نوڪريون پئسن تي وڪڻن ٿا.


جتي ميرٽ بدران پئسي جي سفارش تي نوڪري ڏني وڃي ٿي اتي هڪ طرف تعليم جي ستياناس ٿئي ٿي ته ٻئي پاسي نوڪريون حاصل ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ ڇڏيو ڏين. هو اهو جواز ڏئي رشوتون وٺڻ شروع ڪن ٿا ته هنن کي هيءَ سيٽ/نوڪري (مختياري ڪاري، روينيو ۾ ڪلارڪي يا ڪا ٻي) هيترا لک رپيا ڏئي ملي آهي.
مثال طور اهي  ماستر يا ماسترياڻيون جن کي سفارش يا پئسي جي بدلي نوڪري ملي ٿي اهي ڇا پڙهائي سگهندا؟. هنن ته خود به صحيح طرح نه پڙهيو هيو. هو ته اسڪول ۾ به اچڻ جي تڪليف نٿا ڪن. مجال آهي جو ڪو انهن جو نالو وٺي...... هر هڪ کي خبر آهي ته هي نالائق استاد فلاڻي وزير جو ماڻهو آهي.
ڳوٺ جو نالو نٿو لکان. ان جي هڪ رشوت خور آفيسر پئسا ڏئي يا اثر رسوخ هلائي پنهنجين شادي شده ۽ ٻارن وارين ٻن ڌيئن کي ماستريءَ جو آرڊر وٺرائي ڏنو. ڄاڻ سڃاڻ وارن حيرت کاڌي ته هنن نازن ۾ پليل ڇوڪرين کي نوڪريءَ جي ڪهڙي ضرورت هئي، جن جا مڙس به خوب پيا ڪمائين. خود ڇوڪرين به هلڪو ڦلڪو احتجاج ڪيو ته ڪير صبح جو ننڊ ڦٽائي اسڪول ويندو ۽ اهو ڪم سر انجام ڏيڻ ته هنن جي وس کان ٻاهر آهي. ان تي پاڙي جي هنن جهڙي هڪ ماسترياڻيءَ کين آٿت ڏيندي چيو: ”فڪر جي ڪا ڳالهه ناهي. اسڪول جي نوڪري ڪا نوڪري ناهي، بس پڪنڪ سمجهو. جنهن ڏينهن توهان جي موڊ ٿئي ان ڏينهن ڪچهري ۽ چانهه بسڪٽ کائڻ لاءِ اسڪول جو رخ ڪجو.“
منهنجو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪڏهن  ڪڏهن ٿو وڃڻ ٿئي پر مونکي پڪ آهي ته توهان نه فقط مونسان سهمت هوندئو پر توهان کي هن قسم جي ڳالهين ۽ تعليم جي تباهي جي شرمناڪ حالت جي ڄاڻ، وڌيڪ هوندي. هيءَ ڳالهه جنهن ۾ کڻي ڪجهه چرچي جو به حصو هجي پر حقيقت پنهنجي جاءِ تي آهي، هڪ ٻي پاڙي جي ساهيڙيءَ کين ٻارن کي پڙهائيءَ جو آسان ۽ آزمايل طريقو به ٻڌايو: ”پڙهائڻ ته مونکي به نٿو اچي،“ هن ٽهڪ ڏيندي کين چيو، ”مونکي ته اها به خبر ناهي ته ڀ ڀولڙي جي هيٺان ٽٻڪا آهن يا مٿان! پوءِ بورڊ تي لکڻ کان اڳ ٻارن کان پڇندي آهيان ته ٻارو ڀ ڀولڙي جي مٿان ٽٻڪا ٿيندا  يا هيٺان؟ ته ٻار ئي مونکي ٻڌائيندا آهن ته مِس هيٺان هيٺان...۽ آئون يڪدم هيٺ ٽٻڪا ڏئي ڇڏيندي آهيان.“
اها ته عام ڳالهه آهي ته ڳوٺن جا ڪيترا اسڪول بند ٿيا پيا آهن جيڪي Ghost اسڪول سڏجن ٿا يعني غيباتي اسڪول، جن ۾ نه ٽيچر نظر اچي ٿو ۽ نه شاگرد! ڪيترا اسڪول کليل آهن، ٻار اچن پيا پر ڪيترائي ماستر، خاص ڪري ماسترياڻيون ڊيوٽي تي اچن ئي ڪونه. اسانجي ڳوٺ ۾ اهڙين ٻن ماسترياڻين ٻڌايو ته هو فقط پهرين تاريخ تي پگهار وٺڻ وينديون آهن جن مان ڪجهه حصو هيڊماسترياڻي حوالي ٿيندو آهي جيڪا هنن جي اعليٰ آفيسرن کي دانهن ڏيڻ بدران مڪمل تحفظ مهيا ڪري ٿي. بهرحال هي ڪم هر ڳوٺ ۾ لڳو پيو آهي ۽ ان سسٽم کي ويزا سسٽم سڏيو وڃي ٿو جنهن ۾ ماسترياڻين ۽ هيڊماسترياڻيءَ جا ته موج مزا رهن ٿا پر اسان جا معصوم ٻار وڃن ٿا تعليم کان محروم ٿيندا.
اهڙين حرام جي آسان سرڪاري نوڪرين کي ڏسي اسانجو گهڻي ڀاڱي نوجوان اهڙين نوڪرين جا خواب ڏسي ٿو. يعني قابليت به نه هجي، نوڪري به ملي، اها به اهڙي جنهن ۾ آفيس ۾ وڃڻو نه پوي يا رشوت هجي، ۽ پوءِ جي پڪڙ ڌڪڙ ٿئي ته هنن کي بچايو وڃي يا بدلي ڪرائي وڃي! اسان وٽ اها سوچ ئي ڪانهي ته روزگار سرڪاري نوڪرين بنا به حاصل ڪري سگهجي ٿو. اها به ڄاڻ نه آهي ته تعليم الڳ شيءِ آهي ۽ هنر الڳ شيءِ آهي. ساڳي طرح رڳو ڊگريءَ جو پنو توهان کي قابل نٿو بڻائي پر توهان جو تخليقپڻو (creativity) ۽ صحيح ڄاڻ قابل ٿي بڻائي جيڪا توهان يونيورسٽي ۾ روزانو وڃي ڪلاس روم ۾ ۽ گهر اچي ڪتابن مان حاصل ڪئي آهي.
ملائيشيا جي شپ يارڊ جي اليڪٽرانڪ ڊپارٽمينٽ لاءِ ٻن ٽن انجنيئرن جي ضروت هئي. انٽرويو وٺڻ واري ٽيم ۾ مونکي به رکيو هئائون. آيل اميدوارن کان اهوئي سوال پڇيو ويو ته توهان کي رکڻ سان توهان اسانجي ڪمپنيءَ کي ڪهڙو فائدو ڏئي سگهندئو. اسانجي پاسي جو به هڪ  اميدوار هو. هو سوال جو جواب ڏيڻ بدران هر هر پنهنجي ڊگري ڏيکاري رهيو هو. مون سان گڏ ويٺل ملئي آفيسر کيس سمجھايو ته اها مونکي به خبر اهي ته توهان گرئجوئيٽ آهيو جو هتي اسان گهرايائي B.E وارا آهن پر اسان معلوم ٿا ڪرڻ چاهيون ته توهان پنهنجي فيلڊ ۾ ڪيترا ڀڙ آهيو ۽ ڪم جي ڄاڻ ۽ اعتماد رکو ٿا يا نه.
 پنهنجي انڊيا جي هڪ سفرنامي ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۾ هڪ ممبئي يونيورسٽي جي فريش گرئجوئيٽ بابت لکي چڪو آهيان ته هو جڏهن B.E اليڪٽرونس جي آخري سال ۾ هو ته ان وقت کان ممبئي جي سانتا ڪروز ريلوي اسٽيسن تي هو مختلف ديوتائن جا فريم وڪڻي رهيو آهي جنهن ۾ هن اليڪٽرونڪس circuits ۽ چپس ذريعي اهڙو سسٽم رکيو آهي جو بٽڻ کي دٻائڻ سان هڪ ٻئي پويان ڇهه ڀڄنون وڄن ٿيون. هو اهو ٽيپ رڪارڊر نما وڄڻ وارو فريم 500 رپئي ڏئي رهيو هو. زور ڀرڻ تي 400 تائين به وڪيائين ٿي. مون کيس چيو ته هو ڪا سرڪاري يا پرائيويٽ نوڪري ڇو نٿو ڪري؟
”ڇا فائدو؟،“ هن وراڻيو، ”هو مونکي ڇا ڏئي سگهندا. هتي آئون شام جو ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ هزار سوا رپيا ڪمايو ٿو وٺان ۽ هيءَ ”سرڪٽري“ جيڪا منهنجي ذاتي ايجاد آهي ان ۾ 50 رپين جو به سامان نه آهي.“
بهرحال آئون اهو نه چوندس ته ڪو اسانجي ملڪ جا شاگرد ڏڏ آهن. مهراڻ يا چانڊڪا يونيورسٽي، جن جي گرئجوئيٽن کي اسان جي ملڪ ۾ به ڪمتر سمجھيو وڃي ٿو، ايتريقدر جو هنن کي ڪڏهن ڪڏهن انٽرويو لاءِ به نٿو سڏيو وڃي، انهن جي انجنيئرن ۽ ڊاڪٽرن کي مون ملائيشيا ۽ جپان جي يونيورسٽين ۾ پڙهائيندي ڏٺوآهي. ٻنهي ملڪن جي مختلف اسپتالن ۾ چانڊڪا ۽ لياقت جا ڊاڪٽر آرٿوپيڊڪ سرجن، اسڪن اسپيشلسٽ، ويندي دل جي ڏکين آپريشنن جا سرجن آهن جن جو احوال پنهنجن ٻن تازن ڪتابن: ”هليو آ، هليوآ، ملائيشيا“ ۽ ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۾ ڏئي چڪو آهيان.
هڪ ڳالهه ضرور لکڻ چاهيندس ته ائين هرگز ناهي ته جپان يا ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نوڪريون ئي نوڪريون آهن. خاص ڪري سرڪاري نوڪريون ته نه برابر آهن. اسان وٽ ته PIA، ريلوي، KPT، پوسٽ کاتي جهڙيون نوڪريون به سرڪاري آهن پر ترقي يافته ملڪن ۾ اهي سڀ پرائيويٽ آهن. سرڪاري توڙي پرائيويٽ کاتن ۾ هر سال ڪي ايتريون نوڪريون نٿيون نڪرن جيترا يونيورسٽين، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ڪاليجن مان گرئجوئيٽ نڪرن ٿا. نه وري انهن ملڪن جا شاگرد نوڪرين جو آسرو ڪن ٿا. هو ٿوري گهڻي تعليم، لکڻ پڙهڻ خاطر حاصل ڪن ٿا باقي اسڪول يا ڪاليج جي ڏينهن ۾ تعين ڪريو ڇڏين ته هنن کي ڪو هنر سکي روزگار ڪمائڻو آهي ۽ هو اهو هنر دل وچان سان سکن ٿا.
ان ڏينهن گهوٽڪي مان هڪ پڙهندر جو فون آيو. هو نوڪري لاءِ پريشان هو. هن کي اها شڪايت هئي ته هو غريب آهي ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ هن وٽ نه پئسو آهي ۽ نه ڪنهن وزير لاءِ سفارش.
 ”ڇا پڙهيل آهين ۽ ڇا ڪرڻ چاهين ٿو؟ ۽ آيا ڪو هنر به اچئي ٿو؟“ مون پڇيومانس، جنهن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته هو انٽر پاس آهي، هنر ڪجهه به نٿو اچيس، هو ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ڪلرڪي چاهي ٿو.
 ان قسم جا فون يا خط ڪيترن ئي نوجوانن جا ملندا رهن ٿا. انهن سڀني ۾ اها ڳالهه ڪامن هوندي آهي ته ”اسان غريب آهيون، اسانجو ڪو وزير يا وڏو ماڻهو مائٽ ناهي.“ هنن جا ڏک ۽ شڪايتون پنهنجي جاءِ تي پر آئون اهو به سوچيندو آهيان ته گهوٽڪي، ٺلهه، قنبر جي ڪنهن نوجوان کي هنن جي خواهـش موجب حيدرآباد يا ڪراچي ۾ ڪا ڪلارڪي ملي به وڃي ته ڇا ان جي پگهار مان هنن جي رهائش، کاڌو پيتو، آفيس جو اوٽ موٽ جو ڀاڙو ۽ ٻين ضرورتن جو پورائو به ٿي سگهندو؟ کين اهو چوڻ تي ته ڪو هنر سکي پئو ته ڪلارڪي کان وڌيڪ ڪمائي سگهندئو، ڪيترن ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي اهو دليل ڏنو ٿي ته ”سائين مئٽرڪ (يا انٽر/بي اي) ڪرڻ بعد هاڻ ڪو اسان اليڪٽريشن يا واڍا ٿينداسين ڇا؟ اسان آفيسر ٿيڻ چاهيون ٿا.“ حيرت جي ڳالهه آهي جو اسان جا نوجوان پورهئي ۽ محنت مزدوري کي عيب ٿا سمجن. ۽ اڄ جي مقابلي جي دور ۾ جڏهن ته Ph.D ۽ M.E ڪرڻ بعد به نوڪريون ڏکيون ٿيون ملن، هو مئٽرڪ، انٽر يا B.A کي وڏي ڳالهه سمجھيو ويٺا آهن ۽ وڌيڪ پڙهڻ يا پورهئي ۾ دلچسپي نه رکڻ جو سبب غربت ٻڌائين ٿا.
پر اهو کوڙو به دل سان نٿو لڳي. ڪراچي ۾ سعودي قونصل وٽ ٻه واڍا ويهن ٿا. هڪ گمبٽ جو آهي ٻيو ٺٽي جو. اڄ ڪلهه 1200 رپيا ڏهاڙي وٺن ٿا. ان هوندي به هو ايڏو مشعول آهن جو ڪم لاءِ کين منٿون ڪرڻيون پون ٿيون. ٻيا واڍا جيتوڻيڪ 800 يا 900 وٺن ٿا پر هي گمبٽ ۽ ٺٽي وارا همراه هڪ ڏينهن ۾ عام واڍن کان ٻيڻو ۽ سٺو ڪم ڪن ٿا.
ڪلفٽن تي چائنا ريسٽورينٽ ۽ ان جي ڀرواري هوٽل تي ڪيترائي سکر ۽ گهوٽڪي پاسي جا بئرا ڪم ڪن ٿا. هڪ ڏينهن کين چرچي ۾ چيم ته دبئي يا سعودي عرب ڇو نٿا هليا وڃو؟ وراڻيائون ”سائين اسان لاءِ هتي به دبئي آهي. پگهار ۽ ٽپ مان ڪافي بچت ٿيو وڃي ۽ مهيني ٻئي ڳوٺ جو به چڪر هڻيو اچون.“
ڪتابن ڇپڻ واري هڪ همراهه جو نالو نه لکندس جنهن کان سڀ پڙهندڙ واقف آهن. هن پاڻ به انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪئي پر سرڪاري نوڪري ڪرڻ بدران ڇپائي جو ڪم سکيو، سخت محنت ڪئي ۽ اڄ تائين پورهئي ۾ رڌل رهي ٿو ۽ هو خوش آهي. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ هو پنهنجن ٻن ننڍن ڀائرن کي  ڪراچيءَ جي گذري واري علائقي جي هڪ پلمبر شاپ تي وٺي آيو. هنن کي چيائين ته اهو وساري ڇڏيو ته توهان گرئجوئيٽ آهيو. ۽ اهو به وساري ڇڏيو ته توهان وٽ ٿوري گهڻي زمين آهي. پاڻ کي زيرو سمجي هن دڪان تي مزدور ٿي ڪم ڪريو شوق ۽ دلچسپي سان سکندا وڃو.

حيرت جي ڳالهه آهي ته هنن ان ڳالهه تي عمل ڪيو ۽ نوڪرن ۽ هيلپرن وانگر مسترين سان گڏ سال کن پورهيو ڪندا رهيا. محنت ۽ سچائي سان گڏ هنن کي قدرت طرفان ذهانت به هئي. هنن انهن ٽن سالن ۾ ايڏا ته Contacts ٺاهيا جو ڪيترا بنگلن، دڪانن ۽ ويندي فارين قونصل خانن وارا کين سڌو فون تي گهرائڻ لڳا. هو پئسو بچائيندا رهيا. گذريل ٻن سالن کان هنن پنهنجو دڪان کوليو آهي جيڪو خوب هلي رهيو آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هو هنرمند آهن ۽ صبح جو هو پنهنجو دڪان سڀني کان اڳ کولين ٿا. منهنجي خيالَ ۾ اسان جي مايوس نوجوانن کي اهڙن Self Made ماڻهن کي به فالو ڪرڻ کپي. خود ترسي  (Self Pity)  بدران همت کان به ڪم وٺڻ کپي.  رڳو وزيرن ۽ سياستدانن جي ڏٽن پٺيان ڊوڙڻ نه کپي. ۽ اها ڳالهه سمجهڻ نهايت ضروري آهي ته تعليم صرف نوڪريءَ لاءِ حاصل نه ڪبي آهي، تعليم بنيادي طور تي عقل، فهم ۽ دانش لاءِ حاصل ڪري، پنهنجي زندگيءَ جي مقصدن کي طئه ڪرڻ لاءِ هوندي آهي، ان ڪري سڄي دنيا اندر وڌندڙ آباديءَ سبب هاڻ نوڪريون ملڻ جا امڪان گهٽبا ويندا ۽ جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو ته اسان جي ماڻهن کي مجبوريءَ ۾ هنر سکڻو پوندو، تنهنڪري مجبوريءَ بجاءِ جيڪڏهن اسان خوشيءَ سان هنر سکون ته هوند جياپو آسان ٿي پوي.

No comments:

Post a Comment