ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ
جون ڳالهيون....
الطاف شيخ
هي ڳالهيون پڪ توهان سان به
ٿينديون هونديون ۽ توهان به مون وانگر سفر ڪندا هوندئو يعني انگريزيءَ وارو Suffer.
اڪثر منجھند مهل جڏهن دل ٿوري دير
سمهڻ لاءِ چوندي آهي ته فون جي گهنٽيءَ تي ننڊ رفو چڪر ٿي ويندي آهي.
”آپ الطاف شيخ هين؟“ ٻئي طرف کان
هميشه ڪنهن ننڍي نيٽي ڇوڪريءَ جو آواز ايندو آهي.
”آپ ڪي دو منٽ لي سکتي هون“ اهو
چئي پوءِ هوءَ شروع ٿي ويندي آهي ته........ آئون فلاڻي انشورنس ڪمپني طرفان پئي
ڳالهايان ....... ڏسو نه انشورنس ڪرائڻ مان ڪيڏا نه فائدا آهن. ......خدا نخواسته
توهان جو موت ٿي پوي ته توهان جي ٻارن جي تعليم جاري رهي سگهندي ۽ جي توهان 55
سالن تائين جيئرا رهيئو ته توهان کي انشورنس ڪمپني هيترا لک روپيا
ڏيندي............ اسان چاهيون ٿا ته توهان سڪون جي زندگي گذاريو............“
وغيره وغيره.
آئون هميشه اهڙن فونن تي ڊگهي
ڳالهه ٻڌڻ بدران فون ڪندڙ ڇوڪريءَ کي يڪدم چوندو آهيان ته ”بيبي اجايو پنهنجو يا
منهنجو وقت نه وڃاءِ. آئون جنهن عمر ۾ آهيان ان ۾ انشورنس جي مونکي ضرورت ناهي ۽
نه توهانجي ڪمپني مونکي انشورنس ڪندي. “
ڪو زمانو هو.......... اڄ کان
چاليهه پنجيتاليههَ سال اڳ جڏهن انشورنس ڪمپني جي ايجنٽن جون مِٺيون مِٺيون
ڳالهيون ٻڌي اسان به انشورنس پاليسي خريد ڪئي هئي. پوءِ هر سال ايجنٽ مقررٿيل رقم اوڳاڙي
ويندو هو. ان وقت ڊالر جي قيمت چار روپيا هئي. پنجونجاهه سالن جي عمر تي پاليسي
مئچوئر ٿي ته جڏهن رقم ملي ته اسان جو روپيو ايترو ڪِري چڪو هو جو ڊالر سٺ رپئي
ملي رهيو هو ۽ سون جو اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو هو..... يعني فائدو ته ڇا
مُور به نصيب نه ٿيو. فائدو ٿيو ته انشورنس ڪمپني کي جيڪا اسان جهڙن کان هر سال پئسا
وٺي زمينون ۽ سون خريد ڪندي رهي. ان کان علاوه ان ايجنٽ کي به ٿيو جيڪو هر وقت
اسانکي اهو احساس ڏياريندو ٿي رهيو ته اسانجو وڏو همدرد آهي ۽ اسان جي فڪر ۾ سندس
هانءُ ٿو ڦاٽي. بعد ۾ خبر پئي ته هنن ايجنٽن کي جيڪي اسان جهڙا مرغا ڦاسائين ٿا،
انهن کي، هر سال اسان کان ورتل رقم جو ڏهه سيڪڙو ملي ٿو. بهرحال ان انشورنس جي ڪم
۾ ڪمپنين ۽ ايجنٽن جي وڏي ڪمائي آهي. وقت کان اڳ مرڻ تي، فقط وحيد مراد جهڙا خوش
نصيب ثابت ٿين ٿا جن کي جهٽ پٽ گهر ويٺي پئسا ڏيڻ سان انشورنس ڪمپني جي مشهوري ٿئي
ٿي ۽ ٻيا مرغا سولائيءَ سان ڦاسن ٿا. باقي توهان ۽ اسان جهڙن ماڻهن جي مرڻ تي
وارثن کي انشورنس ڪمپنيون جتيون گسرائين ٿيون.
اڄ ڪلهه ماڊرن دور آهي. شڪار ڳولڻ
لاءِ انشورنس ڪمپنيون مرد ايجنٽن کي گهر گهر موڪلڻ بدران هو فون ذريعي ماڻهن کي
ڪوڙڪين ۾ ڦاسائين ٿيون. ان ڪم لاءِ هنن روزگار جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ ڇوڪرين کي ايئرڪنڊيشنڊ
ڪمري ۾ وهاري، کين فون ڏئي ڇڏيا آهن ته سڄو ڏينهن مختلف ماڻهن جو ويٺيون مٿو کائو.
ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ جنهن جي آدم شماري هڪ ڪروڙ کان مٿي چئي وڃي ٿي ان ۾ جي هڪ
سيڪڙو به احمق هوندا ته معنيٰ هڪ لک کان مٿي Potential شڪار ٿيو، جنهن مان روزانو جي هڪ ماڻهو به هنن ڇوڪرين جي ڳالهين ۾
اچي وڃي ته سال ۾ 300 کان مٿي مرغا ڦاسي پيا!
فون ڪرڻ لاءِ هنن ڇوڪرين کي لسٽون
ڏنيون وڃن ٿيون جيڪي آرٽس ڪائونسل، ڪراچي جيم خانه ۽ گولف ڪلب جهڙن ادارن ۽ ڪلبن
کان انهن جي ميمبرن جون حاصل ڪيون وڃن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته هي ڇوڪريون توهان سان ڳالهائڻ
بعد پيار ڀري لهجي ۾ توهان کان توهان جي ڪجهه دوستن جا فون نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ عرض
ڪنديون. آئون ته هاڻ سندن پهرين جملي بعد پنهنجو فون بند ڪري ڇڏيندو آهيان يا صاف
صاف چوندو آهيان ته بابا آئون ستر سالن جو پوڙهو ماڻهو هاڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي آهيان.......
مونکي انشوئرنس وڪڻڻ تي ماڳهين توهانجي نئين نئين ڪمپني چالاڻو ڪري ويندي.
اڄ به فون آيو...... ڇوڪريءَ جي
ڳالهه يڪدم ڪٽيندي چيومانس: ”بابا ليڪچر نه ڏي مونکي پنهنجو پاڻ انشورنس ناهي
ڪرائڻو.“
”ڇو ڀلا سَر؟“
”ان ڪري جو منهنجي اڳيان پويان ڪير
ڪونهي. مري وڃڻ تي توهان کان پئسا ڪير وٺڻ ايندو؟“
پر ڇوڪري بنهه ڪا نود هئي. هونءَ
به انشورنس ڪمپني جا مالڪ ان ڪم لاءِ ان قسم جون ئي ڇوڪريون رکن ٿا جيڪي کجيءَ جي
جن وانگر توهان جي پچر نه ڇڏين. آخر چيومانس ”بيبي! آئون پاڻ انشورنس ڪمپني جو
مالڪ آهيان. آئون پاڻ شڪار ڳولڻ جا بندوبست ڪندو رهان ٿو، جو انشورنس واري فيلڊ ۾
وڏي ڪمائي آهي!“ ڇوڪريءَ کي شايد دل سان ڳالهه لڳي جو ٽهڪ نڪري ويس.
اڄ ڪلهه بئڪن وارن به ان قسم جون
بيروزگار ڇوڪريون وهاري ڇڏيون آهن جيڪي بئنڪ ۾ ايندڙ ويندڙ کي سڏي يا مليل لسٽ
مطابق، ماڻهن کي فون ذريعي، ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحون ڏين ٿيون.
”ڏسو نه! توهان کي پاڻ سان پئسا
کڻي هلڻ بدران فقط ڪارڊ کڻي هلڻو پوندو. توهان فقط خريداري ڪريو Payment بئنڪ ڪندي.“
ڪيترا سمجھندا آهن ته ڄڻ هو مفت ۾
ٿا شاپنگ ڪن. اها خبر ئي نه ته بئنڪ پنهنجي service جو به حصو رکي ٿي ۽ توهان کي مجبورن
ڳڻيل چونڊيل دڪانن تان ئي خريداري ڪرڻي پوي ٿي. بئنڪ وارا همراهه کي چريو بنائڻ
لاءِ چوندا: ”سائين هن ڪارڊ ڪري دڪاندار توهان کي ڇوٽ به ڏيندا!“ هاڻ هڪڙي شيءِ
جنهن جي قيمت دڪاندار هڪ سؤ رپيا لکي آهي اها هو توهان کي نوي رپين ۾ ڏئي ٿو ته
توهان خوش پيا ٿيو. پر خدا جا بندو! اها ئي شيءِ هڪ عام دڪان تان وڃي پُڇرايو ته
توهان کي 80 رپئي ملي ويندي ۽ جي کوري گارڊن
(بولٽن مارڪيٽ) يا آچر بازار هليا ويندئو ته ٿي سگهي ٿو ته اها ستر يا سٺ روپين ۾
به ملي سگهي ٿي.
هڪ دفعي منهنجي ۽ منهنجي هڪ ڪئپٽن
دوست جي هڪ اهڙي جهاز تي بدلي ٿي جيڪو هانگ ڪانگ ۾ بيٺو هو. اسان ٻنهي کي ڪراچيءَ
کان اوڏانهن وڃڻ لاءِ هيڊ آفيس وارن پاڻهي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ، ٽئڪسين جا ڀاڙا ڀرڻ ۽ هانگ
ڪانگ ۾ پهريان ٻه ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ ۽ ماني ٽڪي جي خرچ لاءِ اُڪا ڪئش پئسا ڏنا ته
وڻيوَ ته سادگي ۾ رهي پنهنجي لاءِ بچت ڪريو پر جي ڪنهن وڌيڪ اوچي هوٽل ۾ رهندئو ته
پنهنجي کيسي مان خرچ ڪجو. انهن ٻن ڏينهن بعد جهاز تي ڪمرا خالي ٿيڻ تي اسانکي ان
جهاز تي وڃي رهڻو هو جنهن کي هلائڻ لاءِ اسانکي موڪليو پئي ويو. منهنجي ساٿي ڪئپٽن
جنهن کي ڪريڊٽ ڪارڊ هو، اُن ذريعي ڏهه سيڪڙو ڊسڪائونٽ تي، ٽريول ايجنٽ کان ٽڪيٽ
حاصل ڪري هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي فون ڪري خوشخبري ٻڌائين. واندو ٿي آئون پنهنجي
ٽڪيٽ لاءِ ان دڪاندار وٽ پهتس ۽ چيومانس ته ”آئون ڪئش تي ٽڪيٽ خريد ڪري رهيو آ هيان......
قيمت ۾ ڪيتري ڇوٽ ڏيندين؟“ ظاهر آهي ڪئش تي ته توهان ڪنهن کان به خريداري ڪري سگهو
ٿا ڪريڊٽ ڪارڊ تي فقط انهن آڱرين تي ڳڻن وارن دڪاندارن کان. ٽڪيٽ وڪڻڻ وارن وٽ
ايئر ڪمپنين طرفان وڏيmargin مليل ٿئي ٿي. جنهن ٽڪيٽ جو سرڪاري اگهه هڪ لک رپيا رکيو وڃي ٿو اها هلي آيل هڪ
عام خريدار کي ستر يا اسي هزار ۾ به ڏيو ڇڏين جو سرڪار طرفان اوڌر تي ورتل ٽڪيٽ جا
پئسا کين (دڪاندارن کي) دير سان ملن ٿا. اهڙي طرح ڪريڊٽ ڪارڊ وارن جا پئسا به
بئنڪون دير سان پهچائين ٿيون. بهرحال ان ڏينهن دڪاندار اهو سوچي ته مون جهڙو گراهڪ
هٿ مان ٿو وڃي جو جنهن وٽ ڪئش آهي اهو ته هر دڪاندار وٽ وڃي سگهي ٿو، مونکي هن
ٽيهه سيڪڙو ڪميشن ڏني!
ڪيترا ڪريڊٽ ڪارڊ جي واکاڻ ۾ اهو
دليل ڏيندا آهن ته بابا ڪئش چوري به ٿي سگهي ٿي. اهڙن ماڻهن کي شايد ڪريڊٽ ڪارڊ جي
فراڊن جي خبر ناهي. اسان وٽ ته ٺهيو پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ به فراڊ پيا ٿين. مزي جي
ڳالهه اها ته انهن گورن کي سندن پڙهيل ڳڙهيل ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کان واقف گورا ته
ڇا پر اسان جا ايشيائي پيا ٺڳين. اهڙي ئي هڪ ماتلي جي همراهه بابت پنهنجي آمريڪا
جي سفرنامي ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن هن ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي
آمريڪا جي ماڻهن کي ٺڳيو.
بهرحال سنگاپورجهڙن ملڪن ۾ جتي امن
امان ۽ انصاف آهي، جتي ڏوهاريءَ کي معمولي ڏوهه جي به سخت سزا ملي ٿي، اتي جي رستي
تي توهان جو نوٽن سان ڀريل ٻٽون به ڪري پوي ته به ڪير هٿ نه لاهيندو. مالڪ کي ياد
اچڻ تي هو پويان قدم کڻي پنهنجي شيءِ صحيح سلامت کڻي سگهي ٿو. ڪريڊٽ ڪارڊ هڪ وڏي
سهوليت آهي....... فقط ان بزنيس مئن لاءِ جنهن کي پنهنجي ڪارخاني يا مِل لاءِ
روزانو مختلف قسمن جي شاپنگ ڪرڻي پوي ۽ هو نوٽن جا بنڊل کڻي هلڻ بدران فقط هڪ ڪارڊ
کڻي هلي....... يا ولايت ۾ امير ۽ پوڙهين عورتن لاءِ آهي جن کي نوٽ بدلائڻ يا ريجو
کڻڻ جي تڪليف نٿي ڪرڻي پوي! ۽ ولايت ۾ ذري گهٽ هر دڪان، هوٽل، پيٽرول پمپ وارو
ڪريڊٽ ڪارڊ قبول ڪري ٿو. ٽنڊوالهيار، سجاول يا سيوهڻ جي همراهه کي ڪارڊ رکڻ جي
ڪهڙي ضرورت؟! سواءِ غريب غربي ۽ بيوقوفن تي لئه رکڻ جي........ ويندي ڪراچي ۽
لاهور ۾ ڪيترا دڪان آهن جيڪي ڪريڊٽ ڪارڊ قبول
ٿا ڪن؟
هڪ دفعي جڏهن جهاز جي مرمت لاءِ آئون
هيلسنڪي (فنلنڊ) ويو هوس ته منهنجي جهازران ڪمپنيءَ خرچ پَکي هلائڻ لاءِ ڪريڊٽ
ڪارڊ منهنجي حوالي ڪيو هو جو مونکي فنلنڊ کان علاوه ڀروارن ملڪن: ڊئنمارڪ، سئيڊن ۽
ناروي ۾ به اچڻو وڃڻو پيو ٿي ۽ هڪ ئي وقت ٽن چئن ملڪن جو ناڻو رکڻ ڏکي ڳالهه آهي
يا هر ملڪ ۾ ڪير بدلائيندو رهي جو ڪڏهن صبح ڪوپن هيگن ۾ گذارڻو پيو ٿي ته شامَ ڀر
واري بندرگاهه مالمو (سئيڊن) ۾! ٻنهي جي وچ ۾ فقط اڌ ڪلاڪ جو سامونڊي سفر آهي. ان
کان علاوه ڪريڊٽ ڪارڊ ڪري مونکي رسيدون گڏ ڪرڻيون نٿي پيون. هر شيءِ جو اگهه ۽
نالو بئنڪ ذريعي ڪمپني کي پهچي ويو ٿي ۽ اهڙي طرح هو مونتي نظر رکي سگهيا ٿي ته
آئون هنن جو پئسو صحيح طرح خرچ ڪري رهيو آهيان. آمريڪا وانگر يورپ ۾ به هر دڪاندار
وٽ ڪريڊٽ ڪارڊ قبول ڪرڻ لاءِ بندوبست آهي...... باقي ذاتي زندگي ۾، پاڪستان جهڙي
غريب ملڪ ۾ رهي، ڇا اسان جهڙن ماڻهن کي ڪريڊٽ ڪارڊ رکڻ کپي؟ اسان جي ملڪ جا ماڻهو جن
جو سڄو پگهار پٽاٽا، بصر، ڪپڙن ڌئڻ جو صابڻ ۽ کار، ڇنل بوٽن کي موچيءَ کان ٽانڪا
هڻائڻ ۾ دف ٿيو وڃي. پر هو ڇا چوندا آهن ته ڀل ڀلانَ جو ڇيهه ناهي. اسان وٽ اهڙا
به شوقين ۽ ظاهري شان شوڪت رکڻ وارا ماڻهو آهن جيڪي Status
Symbol خاطر ٻن ٻن بئنڪن جا ڪريڊٽ ڪارڊ پنهنجي ٻٽونءَ
۾ کڻيو هلن. ڪالهه ئي هڪ همراهه آچر بازار ۾ مونکي ڏيکاريا جيڪو ٽماٽن ۽ ڌاڻي
ڦودني جي اگهه تي ڀاڄي واري سان بحث ڪري رهيو هو ته ڪجهه ته سستي ڪر. مون سندس
گولڊن ڪارڊ ڏسي چيو ته يار توکي ته لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ تي هجڻ کپي...ڇو جو ههڙيون
شيون اهڙن امير ماڻهن وٽ هجڻ کپن جن وٽ پئسو اڻ ميو هجي..... ۽ جنهن کي پئسي جو نه
پر وقت جو فڪر هجي. اسان جو ٽنڊو قيصر وارو ننڍپڻ جو ڪلاس ميٽ نور احمد نظاماڻي
اهڙن ماڻهن لاءِ چوندو آهي ته: “They are suffering from
surplus”
“پر يارو سچي ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا ۾
مهانگائي ايڏي وڌي وئي آهي جو وڏا وڏا امير ۽ سرپلس جا مريض به ٻه رپيا بچائڻ لاءِ
سبزي منڊين ۽ آچر بازارين ۾ ڦرندا وتن، اتي اسانجي بئنڪن ۾ نوڪري ڪندڙ ڪلارڪ
ڇوڪريون اسان جهڙي غريب ملڪن جي غريب ماڻهن کي ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جون دعوتون ڏيو،
هنن جي ڦٽن تي لوڻ ٿيون ٻُرڪين.
No comments:
Post a Comment