اندرُ ساڙڻ جهڙيون ڳالهيون
الطاف شيخ
اسان جي ملڪ جي ٽي وي چئنلن تان ڪي
عجيب قسم جا ٽرڙا، شرمناڪ ۽ چڙ ڏيارڻ وارا اشتهار ڏنا وڃن ٿا. مزي جي ڳالهه اها ته
اسان جا اٻوجھه سنڌي هر ڳالهه تي خوش ٿي تاڙيون وڄائيندا وتن. جيئن اڳ ۾ هڪ ڪالم ۾
هڪ سنڌي فنڪشن بابت لکيو هوم ته راڳي اسٽيج تي بيهي ڳائي رهيو هو:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو
اڪيلڙا.........
هيٺ هال ۾ ويٺل مرد توڙي عورتون ۽
نوجوان خوشيءَ مان تاڙيون وڄائي رهيا هئا. ڪي همراهه ته ميوزڪ جي ٿاپ تي نچي به
رهيا هئا.
”ڪمال آهي!“ مون دل ۾ سوچيو، ”هي
ته روئڻ جو مقام آهي.......... هن ۾ تاڙيون وڄائڻ ۽ خوشيءَ مان نچڻ جي ڪهڙي ڳالهه
آهي؟! ڳائڻ وارو اسان جي سنڌ جي ماروئڙن جو ڪيڏو نه ڏک ڀريو داستان ٻڌائي رهيو آهي:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو
سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا........
اسانجا درويش ماڻهو راڳ جي پيغام
کي سمجھڻ بدران ان جي ميوزڪ تي خوش ٿيو پيا نچن.
پاڻ ٽي وي جي اشتهارن جي ڳالهه ڪري
رهيا هئاسين. ان ڏينهن ڳوٺ ۾ هڪ مائٽ جي گهر ٽي وي ڏسي رهيو هوس ته ڪنهن چانهه جو
اشتهار هليو جيڪو لڳو ٿي ته گذريل ٻن ٽن مهينن کان هلي رهيو آهي جيڪو وقت آئون
ٻاهر هوس، ڇو جو ان اشتهار جي شروع ٿيڻ تي منهنجي ميزبان جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ
ڌيءَ ۽ پٽ به سُر ملائڻ لڳا:
سنڌي ماڻهو شهزور ڪچهريءَ جا
هو آهن مور ڪچهريءَ جا،
سنڌ جي ثقافت ڪچهري ڪچهري .......
منهنجو ميزبان ۽ سندس هڪ ٻه آيل
دوست به ان اشتهار کي ڏسي، يعني ان ۾ ماڊلن کي سنڌي ڊريس ۾ ڳائيندو ۽ نچندو ڏسي گد
گد ٿيڻ لڳا. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ”ٻڏي مرڻ جو مقام آهي“ مون چيو.
”ڇو سائين، ڇو سائين! ڪچهري ته اسان سنڌين جي
ثقافت آهي“ مهمانن مان هڪ وراڻيو.
خبر ناهي ڇو اها غلط فهمي اسان سنڌين
جي دماغ ويٺل آهي يا ويهاري وئي آهي ته سنڌي ماڻهو ڪچهري جا مورَ آهن! گذريل صديءَ
جي اڌ تائين جيسين اڃان ٽي وي چئنل، فون سسٽم ۽ انٽرنيٽ عام نه ٿيا هئا تيسين خبر
چار، واءُ سواءُ ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو طريقو ملڻ جلڻ ۽ ڪچهري هوندو هو. ۽ اها ڪچهري
دنيا ۾ جتي ڪٿي عام هوندي هئي... نه فقط ايشيائي ملڪن جا ماڻهو ڪچهريءَ جا مور ۽
شهزور هُئا پر يورپ ۽ آمريڪا جا به.......... ڇو جو معلومات حاصل ڪرڻ ۽ وقت گذارڻ
لاءِ اها ئي سستي ۽ عام وندر هُئي.
جيئن جيئن معلومات حاصل ڪرڻ جا
طريقا وڌڻ ۽ بهتر ٿيڻ لڳا، ماڻهن انهن ڏي ڌيان ڌرڻ شروع ڪيو. اڄ هر ڪو گهر ويٺي
ڀرواري شهر ۽ ملڪ جي ته ڇا پر سڄي دنيا جي معلومات ٽيليفون، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ ذريعي
حاصل ڪريو وٺي، نه ته اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ به جڏهن اسان ننڍا هُئاسين ته شام
جو واڪ ڪري بس اسٽاپ تي وڃي آيل ماڻهن جون خبرون ٻڌندا هئاسين ۽ پوءِ گهر وارن کي
۽ ٻئي ڏينهن اسڪول جي دوستن کي وڏي چشڪي سان ٻڌائيندا هئاسين.
ڳالهه اها آهي ته اهو زمانو هو به
وندر جو. اڄ ڪلهه مهانگائي ۽ معاشي حالتون اهڙيون ڏکيون ٿي پيون آهن جو ڪيترا ٻه
ٻه نوڪريون ٿا ڪن. ڪنهن کي ويهي ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ جو ئي وقت ناهي. ٻي ڳالهه ته اڳ
۾ ته ويهي هڪ ٻئي کان موسم ۽ ملڪ جو حال وٺبو هو..... پروليون، ڳجھارتون ۽ راڳ
ٻڌبا هئا.......... پر هاڻ راڳ ٻڌڻ لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ ڏهه ڏهه ٽي وي چئنل کليا
پيا آهن پوءِ ڪچهرين ۽ اوطاقن ۾ بقول ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي، اسانجا مرد ويهيوLoose
Talk ٿا
ڪن، گندا چرچا ۽ گار گند ٿا ڪن، نتيجي ۾ وقت جي بربادي هڪ طرف ٿئي ٿي ته هڪ ٻئي
لاءِ رنجشون الڳ پيدا ٿيون ٿين ۽ اهڙين ڪچهرين بعد هرڪو سونڍجي اٿي ٿو.
بهرحال اڄ ڪلهه ڪو گورو انگريز هجي
يا پنجابي، پٺاڻ، پارسي يا مدراسي، بنگالي، تامل...... هر هڪ پنهنجي نوڪري، ڌنڌي ڌاڙي
۽ محنت مزدوريءَ ۾ مشغول آهي ۽ رهڻوئي پوي ٿو جيئن هو چار پئسا ڪمائي پنهنجي ۽
پنهنجي ٻارن جي زندگي بهتر بڻائي سگهي. سنڌي ماڻهن به اوطاقون ۽ ڪچهريون ڇڏي ڏنيون
آهن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان سنڌين ۾ ڪجهه اهڙا ٽوٽي ۽ غير ذميوار آهن
جيڪي ڪنهن پورهئي يا ٻني ٻاري جو فڪر ڪرڻ بدران سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويٺا آهن. سندن
زالون ۽ ٻچا ٻار ڀلي بک پيا مرن پر هو موالي دوستن يارن سان اسٽان وارين هوٽلن تي
چانهين جا دور پيا ڪندا. يمن ۽ جبوتي جهڙن ملڪن ۾ به اتي جا ڪيترا آلي موالي سڄو
ڏانهن ڪات (هڪ وڻ جا پن جن ۾ نشو ٿئي ٿو) چٻاڙيندي نظر ايندا آهن. سو سڄو ڏينهن
هوٽلن تي ويهي چانهيون پيئڻ ۽ لوز ٽاڪ ڪرڻ کي ڪچهريءَ جو نالو ڏيئي اسان خبر ناهي
ڇو فخر محسوس ڪيون ٿا. ڇا ان ڳالهه کان اسان ڪن لاٽار ڪنداسون جيڪا اسانجي ملڪ جا
ماڻهو چون ٿا ته ”پشاور کان ڪراچي باءِ روڊ ويندي هرماڻهو ڪم ۾ مشغول نظر اچي ٿو پر جيئن ئي سنڌ
صوبي ۾ داخل ٿجي ٿو ته صبح پهر به مرد ڪانڀ ٻڌيو هوٽلن تي ويٺا چانهيون پيئن ۽
ڪچهري ڪن. سج پيو مٿي چڙهندو هي ويندا ڀتين کي پاسا ڏيندا.........
ڇا ان ٽوٽپڻي کي اسان ڪچهري ٿا
سڏيون ۽ ڇا ان تي اسان سنڌين کي فخر هئڻ کپي؟ ......... ۽ ڌاريان جيڪي اسان کي
اهڙين ڳالهين سان منسوب ٿا ڪن ڇا هو اسان کي شاباس ٿا ڏين يا ٽوڪ طعنو ٿا هڻن؟ ............
ڇا توهان پنهنجن ڀائرن يا سوٽن ماساتن کي ڪچهريءَ ۾ وقت وڃائيندو ڏسي خوش ٿيندئو
يا کين محنت مزدوري، پورهيو ۽ پڙهائي کي وقت ڏيڻ جي تلقين ڪندئو؟ هو ڇا چوندا آهن
ته سج مٿي چڙهي ويو هو پر هڪ همراهه رستي تي ننڊن ۾ غرق هو. ڪنهن واٽهڙوءَ هن کي
اٿاريو ٿي ته ٻئي منع ڪندي چيس: ”ادا ڇو ٿو ستل کي جاڳائين .... ٿي سگهي ٿو هو
آزاديءَ جو خواب ڏسي رهيو هجي“
ان تي پهرين چيس: ”جي اها ڳالهه
آهي ته پوءِ هن کي ضرور اٿارجي جيئن فقط خواب ڏسي خوش ٿيڻ بدران سجاڳ ٿي آزاديءَ
لاءِ جدوجهد ڪري ته سٺو اٿس.“
سو اسان جي مردن توڙي عورتن ۽ ٻارن
کي پنهنجو وقت ان قسم جي Loose Talk ۾ ضايع ڪرڻ
بدران اهو وقت ڪنهن سڦل ڪم ۾ لڳائڻ کپي. اهو وقت پنهنجن ٻارن کي ڏيڻ کپي جيئن هو
ايندڙ زماني جي Challenges کي منهن ڏيئي سگهن. دشمن ته
اهوئي چاهيندا ته اسان ڪجهه سکڻ ۽ پنهنجي زندگي بهتر بنائڻ بدران ڪچهري جي نالي ۾
بيڪار ڳالهين تي بحث مباحثا ۽ غلط سلط ۽ اخلاق کان ڪريل چرچن تي ٻهه ٻهه ٿيندا
رهون. انگريز، جن چانهه جو رواج اسان وٽ آندو اهي ته شملي ۽ دارجلنگ جي ٿڌ ۾ شام
جو هڪ ڪوپ گرم چانهه جو پي ٿڌ کان، ڪجهه دير لاءِ ئي صحيح، نجات حاصل ڪندا هئا ۽
اسان اونهاري ۾ ٽاڪ منجهند جو به ويٺا چانهيون پيون. ڇا اها به اسان جي ثقافت آهي
جو چانهين جا اشتهار سڀ کان گهڻا سنڌي اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چئنلن تي ٿا اچن!!
هتي هي SMS لکڻ ٿو چاهيان جيڪو اسانجي هڪ يونيورسٽي جي پروفيسرياڻيءَ منهنجي مٿي
ڳالهه تان سهمت ٿي مون ڏي موڪليو آهي. هن کي پڻ هر وقت ان ڳالهه جو ڏک رهي ٿو ته
اسانجا شاگرد ۽ عام ماڻهو هوٽلن تي ويهي وقت برباد ڪن ٿا. لطيفو هن ريت آهي جيڪو ٿي سگهي ٿو ڪنهن غير سنڏيءَ اسان تي چٿر
طور ٺاهيو هجي جيئن اسان پٺاڻن يا ٻين تي ٺاهيندا وتون...بهرحال اسان لاءِ سوچ ۽
فڪر جي خوراڪ مهيا ڪري ٿو....
هڪڙا ٻه سنڌي جنت ۾ ويا پر انهن کي
اتي ڏاڍا موچڙا مليا....
ڇو...؟
ڇو جو جنت ۾ هنن ملائڪن کي چيو ته ”سائين
جنت ته ڀلي آهي پر سنڌ سنڌ آهي.... صبح کان سڄي جنت گهمي گهمي ٿڪجي پيا آهيون پر
ڪٿي ڪا هوٽل ئي ڪانهي جتي ويهي چانهه پيون ۽ ڪچهري ڪريون“
Readers’
Comments
جناب الطاف صاحب، السلام عليڪم،
ڪاوش (اربع، 21 نومبر) ۾ توهان جو ڪالم پڙهيم. توهان سنڌين
بابت جيڪي لکيو آهي، اهو سورنهن نه پر ويهه آنا صحيح لکيو آهي. عام طرح چيو ويندو آهي ته سنڌي قوم مهمان نواز قوم آهي، پر سچ پڇو ته منهنجا ٻار ته مون کي چون ٿا ته سنڌي اول درجي جي
ڊڄڻي قوم آهي، جيڪا هر حمله آور جي اڳيان هٿيار
ڦٽا ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي آهي. پوءِ اهو حملو لڙائي جي صورت ۾ هجي يا ڪنهن vision جي صورت ۾ هجي.
لڙاين بابت ته اسان جي تاريخ اسان
کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿي، پر اسان جي vision بابت ڃا چئجي. اسان ڀل ڪليرا ٿي پاڪستان جي لاءِ 1943 ۾ سنڌ
اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرايو، پر اهو ڪونه ڏٺو ته ڇا پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪا لڏ پلاڻ ٿيندي (جنهن ۾ هندو، جن وٽ تعليم به آهي ۽ نوڪريون ب آهن، لڏي ويندا) ته ڇا اسان سنڌي مسلمانن ۾ انهن جي جاءِ والارڻ جيتري تعليم صلاحيت ۽ تجربو آهي
يا نه؟ يقينا اسان وٽ انهن
ٽنهي شين مان ڪابه شئي ڪانه ھئي ۽ نڪو ڪو انهن ٺهراءُ پاس ڪرائڻ وارن انهيءَ ڏس ۾ ڪا
تياري ڪئي. نتيجو اهو ٿيو ته تعليم جي ماهرن،
صلاحيت وندن ۽ تجربيڪارن جا ڪٽڪ اچي لٿا ۽ اسين اوهڙي جا اوڙها رهجي وياسون ۽ اڃا
تائين به اوهڙا ئي آهيون. بلڪہ ڏيهون ڏينهن بد تر ٿيندا وڃون.
اسان جي ڪاهل هجڻ جا ڪيترائي مثال، جيڪي منهنجي ذاتي
مشاهدي ۾ آيا آهن، تن بابت هيٺين ريت بيان ڪريان ٿو.
1. منهنجي هڪ دوست جو ڪڪڙين جو فارم گهاري (ضلعو ٺٽو) ۾ هو.
آئون ساڻس گڏجي ويندو هوس. اتي سنڌي مزور ڪم ڪندا هئا، جن جي هو اڪثر شڪايت ڪندو
هو ته هو ڪم چور آهن. اول ته ڪم صحيح ڪون ٿا ڪن، ٻيو ته اڪثر غير حاضر به رهن ٿا، جنهن ڪري ڪڪڙين جي سنڀال
نٿي ٿئي. هنن کي جڏهن به پگھار ملين ٿو ته وڃيو هوٽلن تي پان کائين،
چانهيون پيئن ۽ فلمون ڏسن. جڏهن پئسا کٽندن ته پوءِ ڪم تي ايندا. هن نيٺ تنگ ٿي، بنگالي مزور رکيا، جيڪي صحيح طرح ڪم ڪن پيا.
2. انهي سلسلي ۾ مون کي اهو تعجب ٿيندو آهي ته ٺٽو ۽ دادو ضلعا
ته ڪراچيءَ ويجهو آهن ۽ پاڪستان کان اڳ اتي جا ماڻهو آسانيءَ سان اچي تعليم به
حاصل ڪري سگھيا ٿي ۽ نوڪريون به ماڻي سگھيا ٿي، ڇو ته اهي ٻئي ڪراچي ضلعي ۾ شامل
هئا. هونئن به سڄي سنڌ ريل توڙي رستن ذريعي ڪراچيءَ سان سلهاڙيل هئي، ان جي باوجود
اسان ڪراچيءَ کان لاتعلق رهياسون ۽ ٻين لاءِِ ميدان خالي ڃڏي ڏنوسين.
اڄ فٽ پاٿ تي ويٺل هڪ فروٽ واري کان خبر پئي ته هو جيڪب آباد جو سنڌي آهي. مون
جڏهن حيرت جو اظهار ڪيو ته ٺهه پهه چيائين، ماڻهو ڪشمير کان هتي اچن پيا، اسان جيڪب آباد
کان آيا سون ته انهي ۾ ڪهڙي ڳالهه ٿي پئي. مون کيس چيو ته مرحبا. ٻين کي به گھرايو
ته اهي به اچي هتي روزگار ڪمائين. ڪاش! اسان جا سنڌي ليڊر 1943 کان وٺي سڄي سنڌ
مان ماڻهن کي اچي آباد ڪن ها ته اڄ اسان جو هي حشر نه ٿئي ها.
3. سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽيون قوم پرستن جي لاءِ fuel جو ڪم ڏين ٿيون، جنهن سبب اتي جي تعليم بابت ٿورو لکيو گھڻو
سمجهندا. منهنجو پٽ مهراڻ ۾ پڙهندو هو. اتي 3 سال ضايع ڪري، ڪراچيءَ ۾ SZABIST مان M.C.Sڪيائين. اتي ڪجهه سنڌي ڃوڪرا اچي داخل ٿيا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڇڏي هليا ويا، چي هتي ته پڙهڻو پوي ٿو. اسان سمجهيو ته پنهنجن
سنڌين جو انسٽيٽيوٽ آهي، ائين ئي پاس ٿي وينداسون.
4. سنڌي زميندار سدائين قرض ۾ جڪڙيل هوندو آهي ۽ هاري به، پر
پنجابي هاري نه صرف خوشحال هوندو آهي، بلڪ زميندار کي قرض به ڏيندو آهي.
ڪنهن به هڪ ڏينهن جي سنڌي اخبار کڻي ڏسو ته روزانه ڪيترا خون ٿيندا
رهن ٿا، هڪڙا ته برادرين جي پاڻ ۾ دشمنين سبب ته ٻيا وري ڪارو ڪاريءَ سبب. ۽
انهيءَ ۾ روز به روز واڌارو پيو ٿئي. چري ڪيئن، چي ويران وير وڌ.
وڌيڪ ڇا لکان. ٿورو لکيو گھڻو سمجهندا.
ظفرالحق
ميمڻ، ٽنڊوالهيار
No comments:
Post a Comment