سرد جنگ وارا اصول ۽ اسان جي سنڌ!
عبدالله مورائي
”هن روڊ تي آءٌ هزارين دفعا آيو
ويو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي نوڪري هُتي هئي.“ منهنجي دوست ايوي Eyvi
جي پيءُ روڊ جي کاٻي پاسي ڪلوميٽر کن پري ڪجهه عمارتن ڏانهن
اشارو ڪندي ٻڌايو. اهي عمارتون هاڻي شاگردن جي رهائش طور ڪم اچن ٿيون. صبح سوير فجر
جو وقت هيو، هر طرف برف ئي برف هئي، روڊ تي گاڏيون نه هئڻ جي برابر هيون. ايوي جو پيءُ
گاڏي ڏاڍي پرسڪون طريقي سان هلائي رهيو هو، منهنجي جهاز ۾ اڃا ٻه ٽي ڪلاڪ هيا ۽ اسان
آئيسلينڊIceland جي شهر رئيڪجيوڪ Reykjavik
مان ڪيفلاوڪ Keflavik
طرف وڌي رهيا هئاسين، جتي اتان جو هوائي اڏو آهي. مون کانئس
پڇيو ته اوهان جي اتي ڪهڙي نوڪري هئي؟ چيائين ته جڏهن آمريڪن American
هتي آئسلينڊ ۾ هئا ته آءٌ انهن اڏن تي ائڊمنسٽريشن ۾ هئس. مون
وڌيڪ پڇيو ته آمريڪين جو هتي آئسلينڊ ۾ هئڻ سمجهه ۾ نه آيو. پاڻ وراڻيائين ته سندن
آئسلينڊ ۾ موجودگي روس خلاف سرد جنگ Cold
War جو حصو هيو ۽ جڏهن روس ٽٽو ته هتان آمريڪي هليا
ويا ۽ اهي عمارتون هاڻي ليفٽ اوورس Leftovers
آهن جن کي هاڻي شاگرد رهائش طور استعمال ڪن ٿا.






