Sunday, June 26, 2016

ننڍي کنڊَ ۾ ريلَ جي شروعات - الطاف شيخ

ننڍي کنڊَ ۾ ريلَ جي شروعات
الطاف شيخ
انگريزن جي ڏينهن ۾ 1853ع ۾ جڏهن بمبئي کان 34 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ٿاني (Thane) تائين پهرين ريل هلي ان وقت هندستان اڄ جي هندستان کان گهڻو وڏو هو جو ان ۾ اسانجو پاڪستان ۽ بنگلاديش به اچي ويو ٿي. سو هيءَ ٽرين انڊيا جي هڪ ڪنڊ ۾ شروع ٿي.... يعني اولهه واري حصي ۾.

مغل سراءِ ريلوي اسٽيشن - اسٽيشن الطاف شيخ

مغل سراءِ ريلوي اسٽيشن
انڊيا جي مشغول ترين اسٽيشن
الطاف شيخ
انڊيا جي مختلف شهرن: ممبئي، ڪلڪتي، دهلي، جيپور، مدراس (چينائي) امرتسر يا ٻين شهرن مان بنارس پهچڻ لاءِ توهان هوائي جهاز، بس يا ٽرين ذريعي پهچي سگهو ٿا. بنارس ۾ پهچڻ لاءِ توهان کي ورانسي (بنارس) جنڪشن يا مغل سرائي جنڪشن اسٽيشن تي لهڻ کپي. اگر توهان آگره/ تندلا کان اچي رهيا آهيو ته پوءِ مغل سراءِ اسٽيشن تي لهڻ بهتر آهي نه ته بنارس جنڪشن اسٽيشن تي لهڻ سڀ ۾ بهتر آهي. اها ئي ڳالهه توهان کي ٻيا به ٻڌائيندا. دراصل بنارس جي پوزيشن اسان جي حيدرآباد واري سمجھڻ کپي ۽ مغل سراءِ جنڪشن ڄڻ ته ڪوٽڙي جنڪشن آهي. هاڻ جيڪو ماڻهو بولان گاڏي ذريعي ڪوئٽا ۽ دادو وغيره کان ايندو ان لاءِ بهتر آهي ته ڪوٽڙي اسٽيشن تي لهي پوي جِتان رڪشا ۾ حيدرآباد هليو وڃي. باقي جيڪي خيرپور ۽ نوابشاهه کان اچي رهيو آهي انهيءَ لاءِ حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي لهڻ صحيح آهي.

Saturday, June 25, 2016

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ - الطاف شيخ

اسان وٽ مُون سائيٽنگ ۽ مُون فائيٽنگ
(چنڊ ڪيئن ڄمي ۽ وڌي ٿو)
الطاف شيخ
اسلامي مهينو نئين چنڊ جي ”نظر اچڻ“ سان شروع ٿئي ٿو. اسان وٽ ٻين مهينن جي شروع ٿيڻ تي ايڏي آنڌ مانڌ ۽ ڇڪتاڻ نٿي ٿئي جيڏي رمضان ۽ شوال جي مهيني جي پهرين تاريخ تي. ڇو جو رمضان مهيني جو چنڊ نظر اچڻ سان روزا شروع ڪيا وڃن ٿا ۽ پهرين شوال جي چنڊ تي عيد ملهايون ٿا. اسان جهڙي وڏي ايراضيءَ واري ملڪ ۾ اهو طئه ڪرڻ ۾ اڪثر وڳوڙ ٿئي ٿو ته چنڊ نظر آيو يا نه؟ پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ ڏينهن رمضان شروع ڪرڻ (يا عيد ملهائڻ) بدران ڪٿي هڪ ڏينهن اڳ ته ڪٿي هڪ ڏينهن دير سان شروع ڪيو وڃي ٿو. اسان وٽ چنڊ ڪٿي ڊزن کن مولوين کي دوربينن سان به نظر نه ايندو آهي ته ڪٿي، خاص ڪري اسانجي اتراهين علائقي جي ماڻهن کي، بنا دوربين جي نظر اچيو وڃي! اهڙن موقعن تي ماڻهن جي وات تي اها شڪايت هوندي آهي ته: ”اسان جي حڪومت سڄي ملڪ لاءِ رمضان لاءِ يا عيد لاءِ هڪ ڏينهن اڳواٽ اعلان ڇو نٿي ڪري“. ڪي وري چوندا آهن ته ”سائنس هيڏي ترقي ڪئي آهي حساب ڪري عيد جو ڏينهن اڳواٽ ڇو نه ٿو معلوم ڪيو وڃي جيئن عوام هڪ ئي ڏينهن تي روزا رکڻ شروع ڪري ۽ هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائي“. ڪي چوندا آهن ته: ”جيئن عيسائي هڪ تاريخ 25 ڊسمبر تي ڪرسمس ڊي ملهائين ٿا تيئن دنيا جا مسلمان هڪ ئي ڏينهن تي ’عيد‘ ڇو نٿا ملهائين“. ڪي ماڻهو اهو به چوندا آهن ته: ”ائين ڀلا ڇو آهي ته سعودي عرب ۾ هڪ ڏينهن اڳ عيد ملهائي وڃي ٿي ۽ ان جو اعلان به اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو پر اسان وٽ مولوي ڦڏو ڪري رمضان يا عيد ۾ دير وجهيو ڇڏين.“

ڊفرن پل، GT روڊ ۽ رڊيارڊ ڪپلنگ - نامو الطاف شيخ

ڊفرن پل، GT روڊ ۽ رڊيارڊ ڪپلنگ
بنارس جو سفر نامو
الطاف شيخ
بهرحال پاڻَ مغل سرائي جي ڳالهه پئي ڪئي جنهن جو فقط نالو اهو آهي باقي اتي نه مغل آهن نه سرائيون. حيدرآباد کان ڪراچي جڏهن سپر هائي وي ٺهي رهيو هو ته اطالوين (جن اهو روڊ ٺاهيو) روڊ ٺاهڻ جي مشينن جو گئراج توڙي مختلف شين جو اسٽور ۽ ورڪ شاپ نوري آباد ۾ ٺاهيو. آفريڪا ۾ ممباسا کان ڪمپلا (يوگنڊا) تائين، جڏهن انگريز ريلوي لائين وڇائي رهيا هئا ته هنن اڌ رستي تي گدام، اسٽور، ورڪ شاپ ۽ پنهنجي رهائش لاءِ بنگلا جنهن جاءِ تي ٺاهيا اهو پوءِ ايڏو وڏو شهر ٿي ويو جو اڄ اهو ڪينيا جي گادي جو هنڌ آهي. سندس نالو نئروبي آهي. اهڙيءَ طرح گنگا جي ساڄي ڪپر وارو هي شعر مغل سراءِ انڊيا جي ريلويز جي دل سمجھيو وڃي ٿو ۽ ريلوي يارڊ ۽ ريلوي ڪالونين ڪري مشهور آهي. هن شهر ۾ سورهن کن ريلوي ڪالونيون آهن.

Thursday, June 16, 2016

سياسي ليڊر ئي ملڪ ٺاهين ٿا - الطاف شيخ

سياسي ليڊر ئي ملڪ ٺاهين ٿا
بنارس جو سفرنامو
الطاف شيخ
بنارس جي ريلوي اسٽيشن ۽ هن شهر ۾ چوويهه ئي ڪلاڪَ لنگهندڙ ريل گاڏين جو سوچي ماضي ۾ هليو ٿو وڃان جڏهن اڄ کان ٻه صديون اڳ اسان جي ننڍي کنڊ توڙي ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ڪنهن شهر ۾ اڃا ريل جا پٽا نه وڇايا ويا هئا. هندستان ۾ پهرين ريل گاڏي 1853ع ۾ بمبئي کان ٿاني هلي..... يعني هيءَ ڳالهه انگريز جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پورن ڏهن سالن بعد جي آهي.

Friday, May 20, 2016

واشنگٽن ميٽروريل - ياسر قاضي

واشنگٽن ميٽروريل
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: ۳۶
ياسر قاضي
گذريل هفتي اسين هن سفرنامي جي 35هين ڀاڱي جي آخر تائين پُورو ڏينهن واشنگٽن ڊي سِيءَ جا اهم يادگار گھمندي، يُو ايس ڪيپيٽول جي تاريخي عمارت جي ٻاهران توڙي اندران وي آءِ پي ٽُوئر ڪرڻ کان پوءِ، سجَّ لهڻ کان ٿوري دير پوءِ ئي پنهنجي هوٽل (”ميرِيييٽ ريزيڊنسي“) ٿڪي ٽُٽي پهتا هئاسين. اها ڇنڇر 5 اپريل 2014ع جي شام هئي ۽ صبح کان وٺي جيڪو سفر، اڪرم الياس جي انسٽيٽيُوٽ ۾ سندس ليڪچر ٻڌڻ سان شروع ٿيو هو، اهو لنڪن ميموريل، ويتنام وار ميموريل، جارج واشنگٽن ميموريل ۽ يُونين ريلوي اسٽيشن کان ويندي يُو ايس ڪيپيٽول تائين پهتو ۽ مون پوئينءَ قسط ۾ اوهان سان احوال اوريو هو ته مُون جم مُوڊيءَ واري بريفنگ دؤران ننڊ جا جھُوٽا پئي کاڌا. ساڳيا جھُوٽا ۽ پنڪيون مُون کي يُو ايس ڪيپيٽول کان هوٽل تائين رستي ۾ پڻ جام آيا. هوٽل پهتاسين، لٽا مٽائي فريش ٿي پنهنجي هوٽل (”ميرِيييٽ ريزيڊنسي“) جي پاڙي ۾ ئي واقع چائينيز ريسٽورنٽ ۾ حلال ڪڪڙ کائڻ لاءِ آءٌ ۽ اشفاق آذر پنهنجي ٿڪل بُت کي زوريءَ گهلي وياسين. اها واهه جي جاءِ پاڙي ۾ ڳولهي لڌي هئي سين، جتي اڌ راتي يا ڪُمهلي بک کي مناسب پئسن ۾ سهڻي نموني بهلائي ٿي سگھياسِين ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ رهائش وارن سمُورن ڏينهن دؤران ان حلال چائينيز ريسٽورنٽ جو ڀرپُور فائدو حاصل ڪيوسين. هوٽل جي هڪ پاسي کان 200 کن قدمن تي اها ريسٽورنٽ هئي ته ٻئي طرف کان هوٽل جي بلڪل لڳو لڳ هڪ سُپر اسٽور هو، جتي اسان جي گروُپ ۾ شامل موالين کي نه فقط ٻيڙي، سگريٽ، سگار ۽ ”موکيءَ جو جام“ مناسب اگھه تي دستياب هو، بلڪه روز مرهه جي استعمال جي پڻ هر شئي ملندڙ هئي، جنهن ڪري ڪابه شئي وٺڻ لاءِ اسان کي گھڻو پري ڪونه ٿي وڃڻو پيو. واشنگٽن وانگر اها سهُولت اسان کي نيُويارڪ ۾ به حاصل رهي، جتي ”مينهاٽن“ جهڙي مصروف علائقي ۾ اسان جي هوٽل (”روزاويلٽ“) هئي، جنهن جو احوال اوهان هن سفر جي ايندڙ حصن ۾ پڙهندا. البته ”هوائيءَ“ توڙي ”ڪولمبيا“ ۾ اسان ان سهُولت کان محرُوم رهياسين. سو مُون ڳالهه پئي ڪئي حلال چائينيز ريسٽورنٽ جي، جتي ڪا ڊِيل آرڊر ڪري حلال ڪُڪڙ سان پيٽ ڀري واپس هوٽل آياسين ۽ ٿڪ سبب اهڙي ننڊ ڪئي سِين، جو وڃي ٿيا خيرَ! اڄ ويڪ اينڊ هو، پر هڪ مصرُوف ۽ ”هَل هَلان“ وارو ڏينهن گذارڻ سبب وِيڪ اينڊ جو احساس ئي ڪونه ٿي ٿيو. سڀاڻي جيتوڻيڪ اسان جي ٻي ڪا خاص سرڪاري مصرُوفيت ڪانه هئي، پر تنهن جي باوجُود ڏينهن صفا واندو به ڪونه هو، جو ڏينهن جو اسان کي ”نيُوزيم“ (”نيُوز ميُوزيم“) گھمڻو هو ۽ شام جو مختلف خاندانن پاران اسان منجھان ٻن ٻن ساٿين جي مان ۾ ڪيل رات جي مانيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مختلف گهرن جي مهمانيءَ جو مزو وٺڻو هو. رات جو ڀرپُور ننڊ ڪري صبح جو آرام سان اٿيس. آچر 6 اپريل 2014ع جو ڏينهن طلوع ٿي چڪو. لڳ ڀڳ 9 لڳي اٿي، اشفاق کي انٽرڪام ڪري اُٿاريم. معمول مُوجب ناشتو ڪري پوءِ ڪمري تي اچي تيار ٿياسين. اسان جنهن ڏينهن کان واشنگٽن ڊِي سِيءَ آيا هئاسين، ان ڏينهن کان بلڪه شايد ان کان به اڳ کان مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اسان کي ذري گھٽ روز ٿي چيو ته هُوءَ اسان کي ڊِي سِيءَ ۾ ”ميٽرو ريل“ تي ضرُور چاڙهيندي. ڪالهه ته هن پڪ سان اڄوڪي ڏينهن لاءِ چيو هو ته: ”اوهان کي ضرُور به ميٽرو تي چاڙهيندم!“ اسين سوا 10 لڳي صبح ڌاري هوٽل مان ”نيوزيم“ لاءِ نڪتاسِين. حالانڪه اسين ٽيڪسيءَ رستي به ”نيُوزيم“ وڃي ٿي سگھياسِين، ڇاڪاڻ ته نيُوزيم، ”پينسلويننيا ايوينيو“ تي ئي واقع آهي، جيڪو گھڻو پري ڪونه هو، پر جيئن ته مائي اينان کي اسان کي ميٽرو ريل جو سفر ڪرائڻو هو، تنهن ڪري اسين پنهنجي هوٽل کان پنڌ پنڌ، اڌ ڪلوميٽر کن پري ان جاءِ تي پهتاسين، جتي آچر واري ڏينهن ڀاڄين ۽ ٻُوٽن جي چَڪين جي ”اتوار بازار“ (سنڊي مارڪيٽ) لڳندي آهي. هن مارڪيٽ جو ڏيک لڳ ڀڳ ان آچر بازار جهڙو ئي هو، جهڙيُون بازارُون پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ لڳن ٿيون. فرق صرف اهو هو ته هتي لڳل اسٽال صاف سُٿرا هئا ۽ انهن تي ويٺل ماڻهُو، خوش لباس گورا هئا، نه ته باقي هن آچر بازار ۽ اسان وارين آچر بازارن ۾ ڊزائن يا ماڻهن جي رش جي لحاظ کان ڪوبه خاص فرق ڪونه ٿي لڳو. جيتوڻيڪ هي واشنگٽن جو بهار هو، پر اسان لاءِ جهڙوڪر سياري جو صبح هو. محسُوسات به ذري گھٽ اهڙي ئي هئي، جهڙوڪر اسين ڊسمبر يا جنوريءَ جي ڪنهن صبح جو اسلام آباد واريءَ جناح سُپر مارڪيٽ جي ٻاهران لڳل اسٽالن يا لاهور جي ڪنهن سبزي مارڪيٽ ۾ بيٺا اُس جي تڙڪي مزو وٺندا هجون. اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن ان سبزيءَ جي آچر بازار جي مختلف اسٽالن جا، توڙي ان جي اسٽالن سان گڏ بيهي پنهنجا يادگار فوٽوگرافس ڪڍرايا. نيُوزيم جو اڄوڪو دؤرو جيئن ته اختياري (آپشنل) هو، تنهن ڪري اسان منجھان ڪجهه ساٿي اڄوڪي هن سير ۾ اسان سان گڏ ڪونه هليا. مُون هڪ ريڊيو جرنلسٽ جي حيثيت سان سوچيو ته واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ صحافت سان واسطو هئڻ وارو ڪو اچي ۽ اهو نيُوزيم نه گھمي ته پوءِ ان جي هتي اچڻ جو ڪهڙو فائدو! سو آءٌ، اشفاق آذر، غزاله فصيح، ذوالفقار مهتُو، اڪرام الله، اسد علي حمزه، خالد خيشگي ۽ رياض برڪي نيُوزيم گھمڻ وياسين، باقي ٻه ٽي ساٿي اسان سان ڪونه هليا، شايد انهن جي ترجيحات ۾ اهو سير شامل ڪونه هو. مُون اوهان سان جنهن ريل سسٽم (ميٽرو ريل) جو ذڪر ڪيو، اهو واشنگٽنن ڊِي سِيءَ جو اهو لوڪل ريلوي نظام آهي، جيڪو گھڻو تڻو زيرِ زمين وڇايل آهي، جيتوڻيڪ ان جو ڳچ رستو زمين کان ٻاهر به آهي. اوهان واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ شهر اندر هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين سفر ڪرڻ گھرو ته روڊ رستي اهڙو سفر ڪرڻ سان گڏوگڏ، لوڪل ريل رستي به اهو سفر طئي ڪري سگھو ٿا، جنهن سان شهر جو روڊ ٽرئفڪ نظام بنهه متاثر ڪونه ٿو ٿئي ۽ زمين هيٺ ريل هر وقت هلندي رهي ٿي. هن سسٽم تحت هڪ ئي وقت ڪئين ريلُون شهر جي مختلف حصّن کان ڌار ڌار علائقن ڏانهن سفر ڪن ٿيون، جنهن رستي روزانو هزارين مسافر سهُولت حاصل ڪن ٿا. نيُويارڪ ۾ به اهڙو ريلوي سسٽم آهي، جتي ان کي ”سب وي“ چيو وڃي ٿو، جنهن جو ذڪر اسين نيُويارڪ واري ڀاڱي ۾ ڪنداسِين.

Thursday, May 19, 2016

تاريخَ جو مشهور مهاراجا - الطاف شيخ

تاريخَ جو مشهور مهاراجا.....
الطاف شيخ
بنارس کان ڏهه ٻارنهن ڪلوميٽر ٻاهر جنهن شهر سرناٿ (Sarnath) ۾ اسان بيٺا هئاسين ٻُڌن لاءِ مذهبي ۽ تواريخي شهر آهي جو سندن ڌرمي پيشوا گوتم ”ٻڌ“ بڻجڻ بعد يعني ڄاڻَ ۽ علمَ جي سجاڳي جي روشني حاصل ڪرڻ بعد هن شهر ۾ اچي پهريون واعظ ڪيو هو. اها عيسوي سن کان به ساڍا چار سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي. ان بعد سندس پوئلڳن يادگار خاطر هِتي ٿنڀا، ستوپ (Stupa)  ۽ ٺلهه وغيره ٺهرايا جن مان ڪجهه ثابت حالت ۾ ته ڪي ڊٺل حالت ۾ موجود آهن جن جي زيارت لاءِ انڊيا ۽ ٻاهر جي ملڪن جا ٽوئرسٽ ۽ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ اچن ٿا. اسان به اهي ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ ۽ اهو Feel ڪرڻ لاءِ آيا هئاسين ته هي شيون ڪيڏيون آڳاٽيون آهن! جيئن چوکنڊي جو ستوپ جيڪو گوتم جي مريد راجا اشوڪا عيسوي سن کان 300 کن سال اڳ ٺهرايو. هي اهو زمانو آهي جڏهن يونان کان سڪندر اعظم سنڌ ۽ ملتان تي اچي حملو ڪيو هو.... يعني حضرت عيسيٰ جي ولادت کان به ٽي صديون اڳ.