Friday, July 27, 2018

مورائي مراڪش ۾


مورائي مراڪش ۾!
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
”مان آهيان ته سئيڊش پر گذريل پنجويهن سالن کان ڊينمارڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ناروي ۾ رهان ٿي. پيشي جي حوالي سان مان نرس آهيان.“ جهاز اسٽاڪهولم Stockholm کان مراڪش Marrakech طرف تيزيءَ سان اڏري رهيو هو. جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل چوونجاهه سالن جي اين Ann مون کان پڇيو ته تون مراڪش ۾ ڪهڙي هوٽل ۾ رهندين ۽ ڪهڙيون جايون گهمڻ جو سوچيو ۽ رٿيو اٿئي؟ مون کيس هوٽل جو نالو ٽيمپو Tempo ۽ روڊ جو نالو ابوبڪر صديق ۽ عمر بن الخطاب ٻڌايو. اهو هوٽل حورنيج جي علائقي ۾ هو. پاڻ روڊ جو نالو ٻڌي يڪدم وراڻيائين ته منهنجو هوٽل ته ٻيو آهي پر روڊ ساڳيو آهي. سندس هوٽل جو نالو اماني Amani هو، جيڪو منهنجي هوٽل کان هڪ ٻن منٽن جي وکن تي هو.

Thursday, July 26, 2018

مجبورين يا بهتر مستقبل جي چڪر ۾ وطن ڇڏڻ


مجبورين يا بهتر مستقبل جي چڪر ۾ وطن ڇڏڻ
عبدالله عثمان مورائي
لڏپلاڻ ۽ پنهنجو وطن ڇڏڻ کي ٻن مختلف فيڪٽرز سان ڏٺو ويندو آهي، جنهن ۾ هڪ آهي پُش فيڪٽرPush Factor  ۽ ٻيو آهي پُل فيڪٽر Pull Factor
پُش فيڪٽر ۾ جيڪي سبب ڄاڻايا ويا آهن، انهن ۾ غربت، ڌرم جي آزادي نه هئڻ، ڪرپٽ يا بدعنوان حڪومت، ميرٽ جي لتاڙ يا سڀني انسانن کي هڪجهڙا موقعا نه هجڻ، تعليم جا گهٽ موقعا هجڻ، قبائلي جهيڙا، جنگيون، صحت جي سهولتن جو گهٽ هجڻ يا بلڪل به نه هجڻ ۽ آخر ۾ قدرتي ۽ ماحولياتي آفتون پُش فيڪٽر جي فهرست ۾ اچي وڃن ٿيون. ڳولڻ تي اچجي ته ٻيا به کوڙ سبب يا مثال ڳولي سگهجن ٿا.

Monday, June 18, 2018

ٽورانٽو ۽ ڊاڪٽر خليل لاکو - ذوالفقار شيخ


ٽورانٽو ۽ ڊاڪٽر خليل لاکو
ذوالفقار شيخ
ٻٽيهين آمريڪي صدر فرينڪلن روزويلٽ جي زال ۽ آمريڪا جي خاتون اول جو رتبو رکندڙ الينار روزويلٽ جيڪا خود هڪ سماج سڌارڪ، تعليمي ماهر ۽ ليکڪ پڻ هئي، تنهن چيو ته؛ “وڏا ذهن آئيڊياز تي بحث ڪندا آهن، وچٿرا ذهن واقعن تي بحث ڪندا آهن ۽ ننڍڙا ذهن ماڻهن تي بحث ڪندا آهن” ڀلي الينار جو مقصد ڇا به هجي پر پاڻ سندس ان نظرئي جي ابتڙ هلي ماڻهن کي بحث هيٺ آڻينداسين پوءِ پاڻ ڇو نه ننڍڙا ذهن ئي ليکجون. هتي مان آسڪر وائلڊ کي به ڄاڻائيندو هلندس جنهن ڪنهن دانشور چواڻي چيو ته؛ ”دنيا ۾ جيئرا ته سڀ هوندا آهن پر زندھ تمام گھٽ هوندا آهن، زندھ اهي هوندا آهن جيڪي رڳو پاڻ لاءِ نه بلڪ جڳ لاءِ جيئندا هجن.“ پاڻ هن سلسلي ۾ ماڻهن کي ته بحث هيٺ آڻينداسين پر اسان جي بحث جو موضوع اهي ماڻهون هوندا جيڪي رڳو پاڻ لاءِ ڪون ٿا جيئن بلڪ جڳ لاءِ هڪ وسيلو ۽ اسان جهڙن لاءِ اتساه جو سبب بنجن ٿا.

دبئيءَ جو سير - حيات علي شاهه بخاري


دبئيءَ جو سير
حيات علي شاهه بخاري
اهلاً و سهلاً مرحبا
دبئي پهچي جهاز مان لهي ضروري ڪارروائين مان واندا ٿي، بيگ کي هٿ ڪيوسين. ڇوڪري چيو ته نومي ڪلاڪ کانپوءِ اسان کي وٺڻ ايندو. ڪرسين تي ويهي رهياسين. اسان سان گڏ آيل مسافر وڃي چڪا هئا ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن فلائٽ جي وڃڻ جو وقت نه هو، ان ڪري ڪو مسافر نظر نه آيو. رڳو اسٽاف جا ماڻهو اچي ۽ وڃي رهيا هئا. آئون ڪرسيءَ تان اُٿي چهل پهل ڪرڻ لڳس ته جيئن وقت گذري. ۲۰ منٽن کانپوءِ منهنجي ڌيءَ ٻڌايو ته نومي اچي چڪو آهي. ٽرالي تي بيگ کي گهليندو ٻاهر نڪتس ته منهنجو فرزند نومي گاڏي جهليو بيٺو هو، ڀاڪر پائي ملڻ کانپوءِ گاڏي ۾ ويٺاسين. اسٽيئرنگ تي نومي جو ڪو دوست ذيشان نالي ويٺو هو، اخلاق سان مليو. ذيشان چيو ته ”انڪل سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو، ڇو جو ان تي به ساڍا چار سؤ درهم فائن آهي“ مون سيٽ بيلٽ ٻڌي سوچيو ته اڃا خيرن سان دبئي پهتا آهيون. سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ايڏو وڏو فائن، اڳتي ڏسجي ته قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙين تي ڪيترو فائن ٿو لڳي. گاڏي دبئي جي مختلف رستن تان ٿيندي هڪ هنڌ پهتي، جتي نومي جو دوست موڪلائي هليو ويو ۽ نومي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو. رات جا اٺ کن ٿيا هئا. چوڻ لڳو ته پهرين ماني ٿا کائون، ڪار دبئي جي عاليشان روڊن رستن تان هلندي رهي ۽ آئون دبئي جون وڏيون عمارتون ۽ رنگ برنگي بتيون ڏسندو رهيس. نومي ٻڌايو ته روڊ جي وک وک تي ڪئميرائون لڳل آهن، جيڪي اها چڪاس ڪن ٿيون ته ڪار ڊرائيو ڪندڙ ۽ سندس ڀرسان ويٺلن سيٽ بيلٽ ٻڌو آهي يا نه، ڪار جي رفتار ڪيتري آهي، ڊرائيونگ ڪندڙ موبائل تي ڳالهائي ته نه پيو يا ڪار ڊرائيو ڪندڙ گاڏي هلائيندي ڪجهه کائي ته نه پيو. نيٺ ڪار مختلف روڊن تان ٿي هڪ هنڌ بيٺي، جتي هڪ هوٽل هئي. نالو هئس ”ٽرڪ اڊه“ دبئي ۾ ڪار پارڪنگ جو وڏو مسئلو آهي. سو نومي اسان کي لاهي چيو ته اوهان ويهو ته ڪار پارڪ ڪري اچان. آئون ۽ منهنجي ڌيءَ هوٽل ٻاهران وڻن هيٺان رکيل ٽيبل تي ويهي رهياسين. نومي ڪار پارڪ ڪري ۱۵ منٽن کانپوءِ آيو. ويٽر کي مانيءَ جو آرڊر ڏئي ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين. ماني آئي کائڻ لڳاسين، اسان جي ٽيبل ڀرسان هڪ فيملي اچي ويٺي جن سنڌيءَ ۾ پئي ڳالهايو. لهجي مان پتو پيو ته سنڌي هندو فيملي آهي. اسان ماني کائي، چانهه چڪو پيتو، نومي بل ڏنو. مون اندازو لڳايو ته ٻوڙ جي هڪ ڊش، چئن نانن، سلاد، ڌونئري ۽ ٻن چانهين جو بل پاڪستاني رپين ۾ ٽي هزار رپين کان به وڌيڪ هو. خير پنڌ ڪندا ان جاءِ تي پهتاسين جتي ڪار پارڪ ڪيل هئي. ڪار ۾ ويهڻ شرط مون پهرين سيٽ بيلٽ ۾ پاڻ کي سوگهو ڪيو. هاڻي اسان جو رُخ ”دبئي مال“ ڏي هو. رات جو وقت هئڻ ڪري وڏيون عمارتون رنگ برنگي بتين سان ٻري رهيون هيون. ڪافي دير کانپوءِ دبئي مال پهتاسين. اُتي به گاڏين جي پارڪنگ لاءِ اٺ ڏهه فلور هئا، اسين منو ڪلاڪ ڪار پارڪ ڪرڻ لاءِ سڀني فلورن تي ڦرندا رهياسين. نيٺ هڪ ڪنڊ ۾ گاڏي بيهارڻ جي جاءِ ملي. گاڏي پارڪ ڪري تڙ تڪڙ ۾ مال ۾ داخل ٿياسين، لفٽ تي لهندا چڙهندا گرائونڊ فلور تي پهتاسين. اُتي مختلف جاين تان ٿيندي اڳتي وڌندا رهياسين، چئني پاسي مختلف شين جا شاپس هئا. نومي اُتان جو سونهون هو، اُهو اڳيان ۽ اسين پويان هزارين ماڻهو هئا مختلف ملڪن جا پر مون نوٽ ڪيو ته ٽوئرسٽن ۾ وڏو تعداد عرب ملڪن جي مردن ۽ عورتن جو هو. يورپ جي ملڪن جا ماڻهو به هئا ته ٻين ملڪن جا ماڻهو به هئا پر اهي تمام گهٽ.

Monday, April 23, 2018

ڪوريا جتي سَڳن سئوٽن سان شاديءَ تي قانوني بندش آھي - نصير اعجاز


ڪوريا جتي سَڳن سئوٽن سان شاديءَ تي قانوني بندش آھي!
نصير اعجاز
ڪوريا ۾ ھر ڪنھن کي انگريزي ٻولي نٿي اچي. تمام گھٽ ماڻھو، مرد ۽ عورتون انگريزي لکڻ، پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ ڄاڻن ـ ڪوريائي ماڻھن جا نالا به ڏاڍا ڏکيا، سو جِن ماڻھن، خاص طور چوڪرين جو واسطو پرڏيھين سان پوي ٿو، تِن انگريزي به سِکي ورتي آھي ته پنھنجي نالن کي به سَوَلو ڪرڻ لاءِ ھنن ڪو ھِڪ _ اکري انگريزي نالو به اختيار ڪري ورتو آھي ـ مثال طور گذريل ٽن سالن کان ڏکڻ ڪوريا ۾ گڏ ٿيندڙ دنيا جي صحافين کي مُلڪ گھمائڻ لاءِ مقرر گائيڊ ڇوڪرين منجھان سينئر گائيڊ جو اصل نالو ته ڪو ٻيو ھيو پر ھوءَ پاڻ کي شَيرون چَوءِ سڏرائيندي ھئي ته جيئن ساڻس مخاطب ٿيڻ ۾ صحافين کي ڏکيائي نه ٿئي ـ مان کيس گھمندڙ ڦرندڙ اينسائيڪلوپيڊيا سڏيندو ھئس ڇو ته کيس ڪوريا جي تاريخ، جاگرافي ۽ ٻين سمورن شعبن جي ايتري ته ڄاڻ ھئي جو بنا ڪنھن لکيل نوٽس جي لاڳيتو اسان کي ڪوريا جي باري ۾ احوال ڏيندي رھندي ھئي ـ جيئن ئي ڪوچ ھلڻ لڳندي ھئي ته شيرون مائيڪ ھٿ ۾ کڻي ڳالھائڻ شروع ٿي ويندي ھئي.

Sunday, April 22, 2018

ڪوريا جي روحاني گاديءَ جو سفر - نصير اعجاز


ڪوريا جي روحاني گاديءَ جو سفر
ماسڪ ڊانس -جنھن سان رئيسن جي ظلمن خلاف آواز اُٿاريو ويندو ھو
نصير اعجاز
جرنلسٽس ائسوسيئيشن آف ڪوريا پاران ھر سال جيان مارچ ۲۰۱۸ ۾ ڪوٺايل ورلڊ جرنلسٽس ڪانفرنس ۾ سٺ ملڪن مان آيل صحافين جو وفد چئن ڏينھن کان ڪوريا جا مختلف شھر ۽ تاريخي ماڳ گھمندو ستين مارچ تي جڏھن جيانگ سنگ Gyeongsang صوبي جي گاديءَ واري شھر اندونگ Andong جي حدن ۾ گھڙيو ته مون کي محسوس ٿيو ڄڻ مان پنھنجي روحاني مرڪز پھچي ويو آھيان ڇو ته ھن علائقي کي چيني فلسفي ڪنفيوشس جي پوئلڳ دانشورن جي ديس واري حيثيت حاصل آھي ۽ انھن ئي دانشورن جي تعليمات جو سموري ڪوريا ئي سماج تي اثر آھي ـ ھتان جي دانشورن جو جپان جي بيٺڪي راڄ کان آزاديءَ واري ويڙھه ۾ به وڏو ڪردار رھيو آھي ۽ اھو ئي ڪارڻ آھي ته ڏکڻ ڪوريا جي ڪرنسي نوٽن تي به ھتان جي دانشورن جون تصويرون ڇپيل آھن ۽ ھن علائقي کي ڪوريا جي روحاني گاديءَ جي حيثيت حاصل آھي ـ اندونگ ھونئن ته قبل مسيح جي زماني جو شھر آھي جڏھن ان جو نالو گوچانگ Gochang ھو، پر ويجھي تاريخ ۾ به ھن علائقي وڏا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن ـ ٻي عالمي جنگ جي نتيجي ۾ جپان کان جند ته ڇُٽن پر آمريڪا ۽ اڳوڻي سوويت يونين جي مفادن ۽ ڪوريائي اُپٻيٽ کي طاقت جي زور تي ورھائڻ سبب ۱۹۵۰ کان ۱۹۵۴ تائين جيڪا جنگ ھلي، تنھن ۾ ته اندونگ شھر توڙي آسپاس جو علائقو مڪمل طور تباھه ٿي ويو ھو ـ ڏکڻ ڪوريا وارن جيئن ۱۹۷۰ کان وٺي ترقيءَ جي نئين راھه اختيار ڪئي، تيئن ھن شھر کي به اھڙو ته ٺاھي ڇڏين جو ڪير نه چئي سگھندو ته ھيءُ شھر ڪڏھن تباھه به ٿيو ھو ـ

Monday, February 05, 2018

سنڌوءَ ڪناري گهاريل ڊسمبر جي آخري رات جي ڪٿا - رکيل مورائي

سنڌوءَ ڪناري گهاريل ڊسمبر جي آخري رات جي ڪٿا
رکيل مورائي
هيءَ ان ڏينهن جي شام هئي جيڪو ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ تي ان رات کي آڻيندو آهي، جيڪا رات نئين سال جي نئين سج کي جنم ڏيندي آهي.
هيءَ لهندڙ سج آهي. هارايل شام آهي مان ۽ منهنجو نوجوان دوست امداد سولنگي سنڌوءَ مٿان جڙيل ان پل تي بيٺا آهيون، جنهن پل جڙڻ کان اڳ، مورو ۽ دادو ٻه الڳ الڳ ملڪ لڳندا هئا، جن جي وچ مان هڪ درياهه وهندو هئو، جنهن درياهه جو جنم چون ٿا ته هماليه جبل جي وچ ۾ ٿيو هئو. جديد سائنسدانن ان ماڳ کي ” لداخ“  جي نالي سان ظاهر ڪيو آهي. ان درياهه کي سنڌو درياهه ڄاڻايو ويو آهي ۽ ان جي ڊگهين ڪٺارن تي مائي ڪلاچيءَ نالي اڏيل شهر جي ڪُک ۾ موجود سنڌو ساگر تائين اڏيل گهرن، شهرن ۽ ملڪن کي ۽ انهن جي تهذيب کي ”سنڌو تهذيب“ سڏيو ويو آهي.