ڪجهه ذڪر فرانس جي ناٽرڊيم گرجا گهر
جو
عبدالحي پليجو
پاڻ وٽ سگريٽ پيئندڙ شخص، سگريٽ نه پيئندڙ
ٻئي شخص جو ڪو خيال ئي ڪونه ڪندو آهي. هونئن به اسانجي معاشري ۾ رواداري ۽ سهپ گهٽ
آهي. اسان عورت ۽ ٻارن جو به جائز احترام ڪونه ٿا ڪريون، جڏهن ته معاشرو، اخلاقيات
۽ مذهب انهن ڳالهين لاءِ خاص هدايت ٿو ڪري پر خبر نه آهي ڇو اسان ائين ڪونه ٿا
ڪريون. ڪنهن حد تائين اسان انهن جي دل آزاري به ڪريون ٿا، پر يورپ ۽ استنبول ۾ مون
ٻارن ۽ عورتن لاءِ وڏي عزت ۽ احترام ڏٺو. ڪنهن مصروف روڊ تي سائي بتي ٻرندي به ڪو
ٻار يا عورت غلطيءَ سان روڊ ڪراس ڪيو ته سوين گاڏيون بيهي رهنديون، جيسين نه اهي
ٻار يا عورتون روڊ ڪراس ڪن. ڪنهن پوليس واري ٻار کي اتي بيٺل ڏٺو ته کڻي يا آڱر
کان وٺي ان کي روڊ ڪراس ڪرائيندو. ڪيڏو نه فرق آهي پنهنجي ۽ يورپ جي معاشري ۾!! ان
جا گهڻا ئي مثال آهن. پر توهان صرف هڪ ننڍو مثال وٺو. يعني پنهنجي ۽ يورپ جي پوليس
جو. يورپ ۾ پوليس ماڻهن لاءِ هڪ پيار ۽ محبت جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي هر ننڍو وڏو
عزت ۽ احترام سان ڏسي ٿو. وڏا ته ٺهيو پر ننڍا معصوم ٻار جڏهن صُبح سوير اسڪول
ايندي ويندي ڪنهن پوليس واري کي ڏسن ته ضرور کيس سلام ڪن. انگلينڊ ۾ ته ننڍا ٻار
پوليس وارن کي پيار مان چون ئي بوبي. جيڪي پڻ انهن ننڍڙن ٻارن لاءِ ٽافيون کيسن ۾
وجهيو گهمن ۽ هيلو هيلو ڪرڻ شرط يڪدم ٽافي ڪڍي کڻي ٻار کي ڏيندا ۽ انهيءَ جي
مقابلي ۾ پاڻ وٽ پوليس نفرت جو اهڃاڻ آهي، جنهن کي معاشري ۾ شديد نفرت سان ڏٺو ٿو
وڃي. ان حد تائين جو ڪنهن فلم ۾ ڌاڙيل ۽ پوليس جي مقابلي وارو سين هوندو ته ماڻهن
جي پوليس کان وڌيڪ انهيءَ ڌاڙيل سان همدردي هوندي. انهيءَ فلمي سين ۾ ڪنهن ڌاڙيل
جي گوليءَ سان جي ڪو پوليس وارو مري پيو ته سڄي هال ۾ تاڙين جا ٺڪاءُ ٿي ويندا.
انهيءَ مان اهو تاثر ٿو ملي ته غريب ۽ مسڪين عام ماڻهوءَ کي پوليس سان تِر برابر
به همدردي ناهي.




